; سنڌي شخصيتون: ڏوڪري جيوئي - خالد ڪنڀار

07 January, 2014

ڏوڪري جيوئي - خالد ڪنڀار

ڏوڪري جيوئي
ٿر جو هڪ هڏ ڏوکي ڪردار
خالد ڪنڀار
ٻروچاڻو ٻار ته هئي. انهيءَ ڪري هن جي مِزاج ۾ اُهي ٻروچن واريون ارڏايون ۽ اونرايون به هيون. هن جي اندر ۾ اها همٿ به هئي. جنهن همٿ ۾ پنهنجي حق لاءِ اٽڪي پوڻ ۽ وڙهي وٺڻ واري سگهه هئي. انهيءَ حق ئي ڏوڪري جيوئي چانڊياڻيءَ کي قادرداد رند سان اٽڪائي وڌو. قادرداد رند، ڏوڪري جيوئي چانڊياڻيءَ کان ڪجهه پئسا اڌارا کنيان هئا، جيڪي موٽائي ڪو نه ڏنا هئا. اها ڳالهه ايتري پراڻي به ڪونهي. ڏوڪري جيوئي هي ملڪ ٺهڻ کانپوءِ به ست اٺ سال جيئري هئي. تڏهن اڃا قادرداد رند ايڏو وڏو سرياد ڪو نه هو، جيڏو هينئر آهي. ٿي سگهي ٿو صمد ڪاڇيلي کان پوءِ سنڌ ۾ انبن جو وڏي ۾ وڏو باغ قادرداد جو ئي هجي. اهي پئسا نه ملڻ جي ڪري ڏوڪري جيوئي قادرداد تي ڪيس ڪري وڌو. اهو ڪيس ته ٿي ويو پر ڪورٽ سڳوريءَ ۾ اهو ڪيس ڪيترا سال ڪو نه هليو. ڏوڪري ڇا ڪيو جو ڏينهن ڏٺي جو ڏيئو ٻاري مٿي تي رکي سڌي هلي وئي ڪورٽ اندر. جج چيو؛ ”امان ڇا آهي؟“ هن ورندي ڏني؛ ”ابا! هتي ڏينهن ڏٺي جو اوندھ لڳي پئي آهي. انهيءَ ڪري ڏِيئو ٻاري کڻي آئي آهيان.“ پوءِ ڪيس هلڻ شروع ٿيو ته قادرداد ڏوڪري وٽ هلي آيو. چيائين؛ ”پئسا وٺ، ڪيس تان هٿ کڻ.“ تڏهن ڏوڪري چيو؛ ”ابا! پئسا هاڻ جج جي روبرو وٺنديس.“ پوءِ ڏوڪري جج جي روبرو پئسا ورتا. وري جو وقت ڦيرو ڏنو ته ڏوڪري جيوئي جي ئي ڏير شجاع محمد انهيءَ ئي قادرداد رند کي گهوڙي تي ڏوڪري جي موجوده قبر سان لڳو لڳ ٽي سؤ ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ هينئر قادرداد جو انبن جو وڏو باغ آهي. انهيءَ شجاع محمد، اسحاق ميمڻ کي پوڻا ٽي سؤ ايڪڙ زمين چپ وڍيل اُٺ تي به ڏني هئي.


ورند خان جي وڇوڙي کانپوءِ، هوءَ وڏو اڇو گهگهو پائيندي هئي. جيڪو ٻروچڪو ڪلچر آهي. جڏهن به ڪنهن جو گهر وارو مرندو آهي، انهيءَ جي موت کانپوءِ هو سڄي زندگي اڇو گهگهو ئي پائيندي. هن ڪڏهن ورند خان کانپوءِ اهو گهگهو تن تان ڪو نه لاٿو. ورند خان جي وڇوڙي کانپوءِ هن جي حصي ۾ ٻه آنا زرعي زمين آئي. جيڪا نَو سؤ ايڪڙ آهي. نه ته وڏي ورند خان وٽ ميرن جي دور ۾ به پنجويهه هزار ايڪڙ تي رک هئي، جيڪا پوءِ جڏهن انگريزن سروي ڪئي، ته لڏو اچي دڙيلي ۾ لاٿو. هونئن ته دڙيلو ملاح هو، جيڪو هاڪڙي دريا جي اوجن واري ڏينهن ۾ هاڪڙي مان مڇي ماريندو هو پر پوءِ هِي ٻروچ آيا ته، انهيءَ کان پوءِ دڙيلو چانڊين وارو سڏجڻ لڳو. هاڻ ورند خان جو ڳوٺ سڏجي ٿو. انگريزن پنهنجون مڏيون به اتي اچي هنيون هيون. اڃا اتي ئي ورند خان جي ڳوٺ سان لڳو لڳ تروٽ جو کوهه به موجود آهي، جتان سڄو تر پاڻي پيئندو هو. ۽ تروٽ جي بنگلي جا نشان به موجود آهن. اتي اچي انگريزن مڏيون لاٿيون ته عمرڪوٽ مان جيڪي پٿر نشان هڻڻ لاءِ کڄي ايندا هئا. انهن ۾ سؤ اُٺ ورند خان جا به هلندا هئا. انهيءَ جي ڪري اها زمين وري به هنن کي ئي انگريزن ڏني. انهيءَ جي وراثت مان گهر واري جي کاتي ۾ صرف ٻه آنا؛ نَو سؤ ايڪڙ آئي. باقي ڀائرن، سئوٽن ۽ ٻين رشتيدارن کي ملي. انهيءَ مان هاڻ ايڪڙ به هنن وٽ ڪونهي، باقي جيڪا مائي جيوئي جي کاتي ۾ آئي، اها زمين اڃا تائين موجود آهي. اها زمين هوءَ اڪيلي سنڀاليندي هئي. هن جو هڪڙو پٽ هو پر اهو بيمار رهندو هو. ٻني جي سار سنڀال کان پوءِ سڄي ڳوٺ جي گهر گهر ويندي هئي. هاڻ ته ورند خان جي ڳوٺ ۾ ڪجهه گهر وڃي بچيا آهن. پر انهن ڏينهن ۾ پورو راڄ ويٺل هوندو هو. هر گهر ۾ وڃي پڇندي هئي؛ ”اڄ ڇا پچايو آهي؟“ جي ڪنهن جي گهر جو چُلهو ٻرندو نه ڏسندي هئي، ته پاڻ پنهنجي گهوڙيءَ تي سِيڌو کڻي اچي، انهن کي رَسائيندي هئي. هو هر گهر جي لوڙهي جو ڍِينگهر به هئي، ته هر گهر ۾ رهندڙ هر فرد جي ماءُ به هئي. اها ڏوڪري جيوئي جڏهن انبن جو باغ لهندو هو ته، انهيءَ مان پهرين چوٿين پتي راڄ جي ڪڍندي هئي. اهو گهر گهر ورهائيندي هئي. هن جو راڄ ئي هن جو گهر هو. جن ڏوڪري کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، اهي چون ٿا ته؛ ”جيڪڏهن هن وٽ ڪم ڪندڙ کي ڪير نوڪر چوندو هو، ته اها ڳالهه ڏوڪري کي ڪو نه وڻندي هئي. انهيءَ تي ڪاوڙبي هئي. چوندي هئي ته، هِي منهنجا نوڪر نه پر منهنجا ٻچا آهن.“
جڏهن ٿر ڏڪارن ۾ ڏتڙجي دربدر ٿيندو هو، ته انهيءَ جي منزل ڏڪار ۾ ڳوٺ دڙيلو هوندو هو. جتي ڏڪار جي ڏتڙيلن کي ٻن ويلن جي ماني جيوئي جي بلي هئي. چون ٿا سڄو ڏينهن چانورن جون ديڳيون پيون پچنديون هيون. انهن ڏينهن ۾ ساريون به جام ٿينديون هيون. انهن چانورن ۾ خوشبوءِ هوندي هئي. انهن ٿرين مان ڪيترائي اچي ڏوڪري جيوئي جي ڳوٺ دڙيلي ۾ مستقل ويهي رهيا. ٻيا به ڪيترائي ٿر جا ماڻهو ڏڪار ۾ جيوئي جو مال چاريندا هئا. ڏوڪري وڏي سخي هئي. جڏهن ڏوڪري جو پٽ وڃي مالڪ حقيقي سان مليو، ته گهڻو عرصو اڪيلي زمين سنڀاليائين پر جڏهن اوسي پاسي کان قبضي جي سر سر ٻڌائين ته حيدرآباد ۾ وڃي انهي وقت جي ڪمشنر سان ملي. انهيءَ کي سڄي ڳالهه ٻڌايائين، پوءِ اهو ڪمشنر دڙيلي مائي جيوئي وٽ آيو. انهيءَ تي هن پنهنجي زمين هڪ ٻن سالن لاءِ سرڪار کي مقاطعي تي ڏئي ڇڏي. پوءِ زمين مقاطعي تي هئي. هر سال هن کي مقاطعي جا پئسا پوسٽ جي معرفت ملندا هئا. ڪجهه عرصو رکي پنهنجي ڀائيٽي بچل خان کي وٺي آئي. پوءِ انهيءَ سان گڏجي ٻني سنڀاليندي هئي. پر جيستائين گهوڙي تي چڙهڻ جهڙي هئي، اوستائين ٻنيءَ تان ڦيرو ڏيندي ئي ڏيندي هئي. آخر ۾ سڄي ٻني پنهنجي ڀائيٽي جي نالي ڪري وئي. هاڻ انهيءَ جو خاندان اها ٻني سنڀالي ٿو. هن وقت به ڳوٺ ورند خان چانڊيو موجوده ورند خان انهيءَ ڳوٺ جو راڄ راکو آهي. هن ۾ تمام گهڻي سادگي مون پهرين ملاقات ۾ ئي ڏٺي.

خير پوءِ ڏوڪري جيوئي ڳوٺ ۾ مسجد به ٺهرائي، پاڻ حج به ڪري آئي، اتان ٻه کجيءَ جا وڻ کڻي آئي، جيڪي اڄ به مسجد جي آڳند ۾ لڳل آهن. جنهن کي ڏسندي هر ڳوٺاڻو ڏوڪري جيوئي کي پنهنجي اڇي گهگهي سان کجين وٽ ويٺل ڏسي ٿو. انهن ئي کجين ۽ مسجد جي ڀر ۾ شهيد علي خان رند قبرستان ۾ مدفون آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا