; سنڌي شخصيتون: سليم بچاڻي - فقير محمد ڍول

08 February, 2013

سليم بچاڻي - فقير محمد ڍول

سليم بچاڻي
سڄاڻ شاعر جو اوچتو وڇوڙو
فقير محمد ڍول
هي، جنهن سليم جو اڄ ذڪرِ خير هتي ٿي رهيو آهي، سو مغل سلطنت جو شهزادو سليم ته يقيناً ڪو نه هو، پر دوستن جي دلين جو شهزادو ضرور هيو.

ٽنڊي الهيار جي نامياري فيملي، ’بچاڻي‘ خاندان جي هِن چشم چراغ پنهنجي پيڙهيءَ جي پَرِ پارِي ۽ پاڻ کي سماجي ڪارڪن ۽ صوفي مسلڪ سان واڳيل رکيو. هُن جا وڏا ته ٽنڊي الهيار جي حوالي سان وڏا سماج سُڌارڪ ٿي گذريا آهن، جن ۾ خانصاحب ڇُٽل بچاڻي هجي يا حاجي محمد اسماعيل بچاڻي هجي، سندن ٽنڊي الهيار لاءِ تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪنهن به ماڻهن کان لڪل ناهن. اهڙن ادارن لاءِ سندن ڏنل پَٽَ ۽ ڇَٽَ، اڄ به اُتي جي ماڻهن جي اکين تي آشڪار آهن. پوءِ مدرسه دارالعلوم هجي، پرووينشل هاءِ اسڪول هجي، زناني اسپتال هجي يا ايس ايم هاءِ اسڪول جي لاءِ مالي معاونت هجي. ڪهڙي ڪهڙي ڪم جو ويهي ذڪر ڪجي، ڪيترن غريبن ۽ پورهيتن جي نياڻين جا بار پڻ پنهنجين نياڻين جي بار جيان فرض سمجهندي، لوڪان لڪائي ادا ڪرڻ جو هُنر به سليم بچاڻيءَ جي وڏي پيڙهيءَ تي ختم. وري يانصيب... هاڻوڪي پيڙهي وري سياسي پيڙهي آهي ۽ گهٽايو اُنهن به ڪونهي، اِها پيڙهي به ستار بچاڻي، ذوالفقار صومي بچاڻي ۽ آپا شمشاد بچاڻيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ادبي ڪم جي حوالي طور، هن ئي پيڙهيءَ جو فضل احمد بچاڻي، سنڌي ٻوليءَ جو نشانبر ليکڪ ۽ مترجم ٿي گذريو آهي، جنهن تي به سنڌ کي سدا ناز آهي.
خير پاڻ کي هتي ٽنڊي الهيار جي سُهڻي، سيبتي، صوفي منش ۽ سُڄاڻ شاعر سليم بچاڻيءَ جو تڏو وڇائڻو آهي. ڇا ته قربائتو شخص هو. مزي جي ڳالهه ته، هر ڌُر وٽ قابلِ قبول هو، سنڌي هجي، مهاجر هجي، پنجابي يا پٺاڻ هجي، هر ڪنهن جي اَک جو تارو ۽ هر ڪنهن کي پيارو هو، توڙي جو پاڻ ڪَنڊن جي سيج تي سُمهي رات اُڪاريندو هو. ٽنڊي الهيار ۾ ڪو به ڪاڄ هجي، ڪنهن به ڌُر جو هجي، سياسي هجي، سماجي هجي، ادبي يا ثقافتي هجي، شادي مرادي هجي يا مرڻو پرڻو، سَڏ مليو يا پڙاڏو سندس ڪَنين پيو ته، اکيون پير ڪري پهچڻ جو هُنر کيس ڪو سُتيءَ ۾ مٺيءَ ماءُ ڏئي ڇڏيو هو. سليم سان پهرين ملاقات جو قصو پوءِ ٿا کڻون، اُن کان اڳ آخري ملاقات جو حال ڏيڻ ضروري آهي. آخري ملاقات هن ئي مهيني فيبروري ۲۰۱۳ع جي پهرين تاريخ ۽ جمعة المبارڪ جي ڀلاري ڏينهن پياري دوست ۽ ڀاءُ فقير محمد انڙ جي شاديءَ ۾ ٿي ۽ اجهو هُو پنهنجي يَگاني يار ۽ پنهنجي عاشق يا معشوق مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ سان گڏ محفل ۾ جلوه افروز ٿيو ۽ گهوٽ سان گهڙي کن ويهي اچي، اسان سان شاديءَ جي مهمانن جي آجيان ۾ بيهي رهيو. سائين مرتضيٰ ڏاڏاهي، مسڪين سمون، عنايت اُنڙ، شاهنواز ارباب، خان محمد جروار، نصير نهڙيو ۽ ٻيا دوست، اسين سڀ مهمانن جي آجيان سان گڏ سليم جي گلن جهڙي گفتگو کي ٻڌي رهيا هئاسون ۽ سندس ٽهڪ هئا، جيڪي ڄڻ ته جَلترنگ هئا. سندس ڳالهيون ۽ گفتگو ۽ لب و لهجي کي جيئن جيئن پيو سارجي، تيئن تيئن اکين مان آب ازخود پيو هارجي... هاءِ هاءِ... ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو، مُنهن موڙي وڃي مِٽيءَ منجهه سُتا. اسان جي هِن هينئين جي هار، شهزادي سليم بچاڻيءَ جون ڳالهيون ته ڪيئي آهن، جيڪي هِن هينئين تي هر هر هُرن پيون... اُن ڏينهن به شهزادن جيان فرمان جاري ڪيائين ته؛ ”ٽنڊي الهيار جي اديبن جهڙا اديبَ دنيا ۾ ڪٿي ڪو نه ملندا. سڀ هڪٻئي کان وڏا ڏاها ۽ وڏا اُستادَ...“ مون ساڻس سُر ملايو؛ ”ان ڪري ئي ته آئون ٽنڊوالهيار ڇڏي ٽنڊي ڄام وڃي ويٺو آهيان.“ مسڪين وچ ۾ مرڪندي ڳالهايو؛ ”سليم صاحب توهان هميشه اسان سڀني سان ڏاڍي ڪندا آهيو، پر ڌار ته اوهان به اسان کان ناهيو. شاعر اوهين به آهيو، سي به صاحبِ ڪتاب شاعر.“ يڪدم ٽهڪ ڏنائين ۽ وراڻيائين؛ ”نه ادا نه... پاڻ وارن ڳوٺائي شاعرن جا لَڇڻ ڏسي، مون شاعري ڪڏهوڪي ڇڏي ڏني، اعتبار نٿو اچيوَ ته ڏاڏاهي صاحب کان پڇي ڏسو. منهنجو سلطاني گواهه سائين هميشه هَڪيو حاضر اٿوَ... ۽ اسان سڀني ۾ ٽهڪ ڦهلجي ويا ۽ سڀني بيٺلن جا مُک اڻ ميُن مُرڪن سان سٿجي ويا هئا ۽ ڪالهه مون سندس تڏي تي ۽ ڪُلهي ڪانڌي ٿيندي، الاءِ ڪيترن مُکن کي لُڙڪن سان سليم کي آخري سفر تي الوداع ڪندي ڏٺو. تنهن گهڙيءَ ئي پياري نصير مرزا جو ميسيج به اچي سليم جو ڪُلهي ڪانڌي ٿيو هو؛ ”فقيرَ، سُهڻي سليمَ کي ياد ڪري دل بيچين ٿي ويئي آهي... الا.. الا.. الا...“ ۽ پوءِ رات جو دير سان وري جو نصير موبائل تي سليم جو درد سلڻ لاءِ ڪال ڪئي ته، اسان ٻنهي جا لفظ ۽ اکيون لُڙڪ لُڙڪ .... ۽ لُڙڪ در لُڙڪ.... ۽ پوءِ نصير ڪال ڪٽيندي آخري جملو اجهو هي چيو: فقيرَ، لڳي پيو سليمُ اُتي ناهي، هِتي پاڻ سان اچي ويٺو آهي.“
هاڻ سليم سان پهرين ملاقات... ۽ الاس! آئون هِن گهڙيءَ ڪيڏو نه تڪليف ۾ آهيان، جو مون کي ساڻس ٿيل پهرئين مُکا ميلي جو قصو ئي ياد ناهي، ته اُهو ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيو. ها، پر اهو يقين اٿم ته جڏهن به ۽ جتي به سليم سان پهريون ڀيرو مُکا ميلو ۽ عليڪ سليڪ ٿي، ته اُتي سائين مرتضيٰ ڏاڏاهي ضرور موجود هوندو ۽ اُن جي معرفت ئي ملاقات ٿي هوندي... اڙي هان... ۽ هيءَ به ڪيڏي نه حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته، سليم سان آخري مُلاقات ۾ به ڏاڏاهي صاحب موجود هو، ته پوءِ اِها ئي شايد پهرين ملاقات به هئي ته آخري به...
ڏاڏاهي صاحب تڏي تي ڳالهه ڪئي ته، ٻي فيبروري تي يعني وفات کي ٻه راتيون اڳي سندس ڀاڻيجيءَ جي شاديءَ واري ڀَتَ ۾ پئي چيائين؛ ”سائين حياتيءَ تي ڪهڙو ڀروسو، اجهو ڪنهن ڏينهن دروازو ڀڃي سليم جي لاش کي ڪڍڻو پوندوَ.“ ۽ ٿيو به ائين. سا گهڙي ڪا ڳالهه قبولجڻ واري گهڙي هئي ۽ مون کي اِها ڳالهه به ياد آهي، ته ۲۲ ڊسمبر ۲۰۱۲ع جي شام ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي سڏ ۾ سڏ ڏيندي، هُن ٽنڊي الهيار جي ڊپٽي ڪمشنر سيد مهدي شاهه سان گڏ، ايڪتا جي ڏهاڙي کي ملهائڻ لاءِ هڪڙو ثقافتي شو به ڪرايو هو ۽ اُن ۾ هُن نصير کي به سڏ ڏنو هو، پر نصير وري حيدرآباد ۾ اُن ئي رات اڳواٽ رٿيل مچ ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ڪري نه اچي سگهيو. ٻئي ڏينهن فون تي پڇيومانس ته؛ ”ڀلا پروگرام خير جو ڪيئن ٿيو؟“ ته خوشيءَ مان چيائين؛ ”ڏاڍو سٺو ٿيو، توقع کان وڌيڪ سٺو.“ مون چيو؛ ”ڀلا ڪمپيئرنگ ڪنهن ڪئي؟“ روايتي نموني وڏو ٽهڪُ ڏيندي چيائين؛ ”سليم بچاڻيءَ ۽ نصير نهڙيي.“ مون چيو؛ ”واهه واهه“ ته يڪدم وڌيڪ کلندي چيائين؛ ”ڪالهه تائين سنڌ نه پر دنيا اندر نصير مرزا نمبر ون ڪمپيئر هو، پر رات کان نمبر ون رڳو سليم بچاڻي، ٻيو ٿيو خير.“ هُو اهڙا ئي مذاق ڪندو هو ۽ ڪالهه رات سچ پچ اسان سڀن دوستن کان اڳي نمبر ون کڻي وڃي، پنهنجي اباڻي قبرستان ’ڪُنڍي جي وَسي‘ ۾ ابدي آرامي ٿيو.

1 comment:

  1. بھترين يادون ـــ ( منظور ڪالرو)

    ReplyDelete