; سنڌي شخصيتون: سرڪش سنڌي - منظور ڪلهوڙو

13 March, 2012

سرڪش سنڌي - منظور ڪلهوڙو


سرڪش سنڌي
هڪ شخص به اهڙو شخص هجي....
منظور ڪلهوڙو/لاڙڪاڻو
سرڪش سنڌي جيڪو منهنجو پاڙيسري هو. پرائمري پاس ڪرڻ تائين مون کي اها خبر نه هئي. پوءِ جڏهن مان شيخ زيد هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس ته هڪ ڏينهن منهنجي هڪ دوست، رستي سان ويندڙ ان شخص ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن جي چهري تي خوبصورت ٺهندڙ ڏاڙهي، ٺهڪندڙ ڊگهو قد، ڳاڙهي ڳٽول رنگت رکندڙ ۽ سهڻيون سهڻيون سنڌي ٽوپيون پائيندڙ بابت ٻڌايو ته هي سرڪش سنڌي آهي، جيڪو سنڌ جو وڏو شاعر آهي. اڳتي هلي جڏهن سنڌي ادب ۽ قوم پرست سياست سان شناسائي ٿي، تڏهن سرڪش سنڌيءَ جي روح جي گهرائين سان سرجيل شاعري، پنهنجي اندر جي آواز جو اظهار محسوس ٿي. پوءِ اهو سرڪش سنڌي نا آشنا نه رهيو، پر هن جا غزل، گيت، وايون ۽ آزاد نظم شايع ٿيڻ کان اڳ، هن جي زباني ٻڌڻ جا اڪثر ڪري اعزاز اسان پارن کي به حاصل ٿيندا هئا! جڏهن هو ”من“ چئي ملندو هو ۽ اسان جي اصرار ۽ ڪڏهن ڪڏهن ضد تي ڪو نئون غزل، گيت ۽ نظم ٻڌائي، اسان جي مٿن تي ٻاجهاري ۽ شفيق استاد جيان پنهنجا هٿ ڦيري، پنهنجي والهانه شفقت جو اظهار ڪري اڳتي وڌندو هو ته اسان به پاڻ کي ادبي معتبر سمجهي، ڦونڊ ۾ ڦونڊجي ويندا هئاسين. اڄ کان پوءِ هاڻي جڏهن هن کي منهنجون اکيون شيخ زيد ڪالوني ۾ پسي نه سگهنديون، تڏهن مون کي ياد ٿو اچي ”سن“ جو اهو سفر، جيڪو سائين سرڪش اسان سان ڪيو هو ۽ اسان سن اسٽيشن کان وٺي سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي تائين، خوشيءَ سان پيرين پنڌ ڪيو هو ۽ سائين سرڪش اسان جي اصرار تي پنهنجي شاعري....


شرڪ ناهي منهنجو من، ڪافر ڪوٺيو، ڪڇبو رهبو.
مان ۽ سِنڌو آهيون سن، ڪافر ڪوٺيو، ڪڇبو رهبو.
سنڌ صحيفو، سنڌ ايمان، سنڌ مقدر، سنڌ ڀڳوان،
سنڌ آ ساهه ۽ سنڌ بدن، ڪافر ڪوٺيو، ڪڇبو رهبو.
ٻڌائيندو رهيو. ڪافر ٿجي جو ڪوڙ ڳالهائجي، ان ڪجهه ڪلوميٽرن جي پيدل سفر ۾ سرڪش صاحب جي شاعري ٻڌندي، نه ته ڪنهن کي ٿڪاوٽ جو احساس ٿيو ۽ نه وري ڪنهن کي بوريت محسوس ٿي. پر شام جي وڳڙي ۾ هن پنهنجي ننڍپڻ جي ڏکن، تڪليفن، غربت واري عرصي ۽ پنهنجي عالم دين والد متعلق ٻڌائي اسان کي نه صرف حيران ڪري ڇڏيو، پر هميشه لاءِ پنهنجو عاشقانه مداح ۽ گرويدو بڻائي ڇڏيو. مزاحمت، بيباڪي، ارڏائپ، بهادري ۽ سچائي سرڪش سنڌيءَ جو ئي ڏانءُ هو. ان جو ثبوت ان جي سياسي رهبر سائين جي ايم سيد جيان هن جي به جذباتي طبيعت هئي. ان طبيعت جي آڌار ئي سرڪش سنڌي، سنڌ جي ٻين اديبن کان پاڻ کي مختلف رکندو آيو. هو سنڌ جي انھن اديبن جي سٿ جو ساٿي هو، جن جي سياسي وابستگي واضح هئي ۽ سرڪش سنڌي آخري دم تائين ان سياسي، نظرياتي فلاسافي ۽ اسڪول آف ٿاٽ سان منسلڪ رهيو. ڇو ته هو هڪ بيباڪ ۽ مزاحمتي شاعر سان گڏوگڏ سنڌي قوم جو فرد به هو ۽ سنڌ ۽ سنڌي قوم جون سماجي حالتون ڏسندي، هن نه صرف ان دردن، درمانن.... جي اظهار لاءِ شاعريءَ کي پنهنجي اظهار جو موثر ذريعو بڻايو پر عملي ۽ سياسي جدوجهد ۾ به سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻ ضروري پئي ڄاتو. ان ڪري ئي هو پنهنجي ڪتاب ”جوڻيون جيءَ جهان جون“ حصو ٻيو ۾ لکي ويو آهي ته؛ ”رڳو ٻه ادبي ويچار ته سڀ ڪجهه نه آهن. سڄي سنڌي قوم جي جياپي، روزگار، صحت ۽ هميشه خوشحال رهڻ لاءِ اديبن کي ٻيون به ڪوششون وٺڻيون پونديون. ڇو ته سنڌي قوم سياستدانن توڙي سنڌي اديبن وٽ مذاق بڻجي وئي آهي ۽ اسان جا اديب هاڻي ڪاڍُڙ سرايون بڻجي ويا آهن. نه سڄڻ کي آسرو نه دشمن کي ڀئو. ته پوءِ نيٺ اهڙن اديبن جو قومي ڪارج يا ادبي ڪارج ڇا ٿو رهي. سرڪش سنڌي به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عاشق ۽ شيدائي هجڻ سان گڏوگڏ، سنڌ جي قلم واري قبيلي جي انهن پهرين فردن ۾ شامل هو، جيڪي سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جا متوالا هئا ۽ آهن. سرڪش سنڌي پنهنجي زندگي ۾ جتي وڏا وڏا داد ۽ شهرت ماڻي، اتي هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض جو شڪار رهيو. پر هن جي شاعري سنڌ جهڙي ڏاهپ ڀري ڏات، ارڏائپ، اڇي اجري، جرڪندڙ، روح گرمائيندڙ، جدوجهد، مزاحمت ۽ بيباڪيءَ لاءِ اتساهڻ جو ذريعو رهندي. سائين سرڪش تو کي ٻي ڪهڙي ڀيٽا پيش ڪجي؟ دل چوي ٿي؛ تو کي تنهنجي نظم مان ئي ڀيٽا پيش ڪجي...
هڪ شخص به اهڙو شخص هجي،
جو اڀ تي چنڊ جو رقص هجي،
هر پرهه جي هِير به گهور ٿئي،
ڪو لال گلاب جو تازو گل،
ڪنهن چيٽاکيءَ جو سنڌوءَ ۾،
۽ سنڌو سِير به گهور ٿئي،
ڪا ذات نه جنهن وٽ ذات هجي،
پر پوءِ به ها ڪا ذات کٽي،
هي ڏيهه به ڏيئا ڏيئا سڀ،
هت باک ڦٽي ۽ رات کٽي،
هر ڏاهپ توڙي ڏات کٽي،
هڪ شخص به اهڙو شخص هجي،
جو اڀ تي چنڊ جو رقص هجي.







مزاحمتي شاعريءَ جو دور پورو ٿيو!
ساجد چانڊيو
زندگي  ۽ موت، ٻئي شانائتا،
هر گهڙي سرڪش، بڻجي گهارجان.
آزادي، حسن، پيار، عشق، ڌرتيءَ سان وفا جو تمنائي شاعر سرڪش سنڌ جي تاريخ جي اتهاس ۾ پنهنجو پاڻ کي ”سچ جي اُس ۾ اگهاڙو“ بيهاري ويو! مزاحمت جو ڪينرو جيڪو وٽس سچل کان خليفي نبي بخش وٽان ٿيندو پهتو. هُن ان جي ورلاپ جي صدائن سان سنڌ جي آزاديءَ جي سين در در تي هنئي ۽ چارڻ بڻجي چنگ چوريندي چوريندي اڄ ڌرتي ماتا جي هنج ۾ آرامي وڃي ٿيو آهي. هن پهرين آڪٽوبر 1939ع تي سنڌ جي جيد، عالم دين مولوي عبدالله چانڊئي جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ هوش سنڀاليندي ئي ننڍي عمر ۾ فارسي، عربي پڙهي ورتائين ۽ قرآن شريف جو حفظ ڪيائين. معلم ٿي ڪيترن هنڌن تي پڙهايائين. بي. اي، بي ايڊ تعليم حاصل ڪري استاد ٿيو. 1971ع  ۾ جيئن جو ڪوٽڙي جي ريلوي اسٽيشن تي ڪراچيءَ ڪنهن ڪم سانگي ويندي ريل مان لٿو ته ڪن غير سنڌين ٿڌ سبب مچ ٻاريو هو. جيئن مچ جي ويجهو ويو ته انهن غير سنڌين جي تعصب پرستاڻي رويي منجهس سنڌيت جو جولان اڀاريو ۽ سرڪش انهن استحصالي قوتن خلاف ٿي بيٺو. جيئن جو سنڌ جي عاشق صادق سائين جي. ايم سيد سان سندس شناسائي ٿي ته هن وري پنهنجو پاڻ کي فنا في السنڌ ۽ فنا في السيد ڪيو.
اڏولتا، بحر ريز گفتگو، صدين جي گهاون کائڻ باوجود به موهن جي دڙي جهڙي اڏولتا تاڻي بيٺل وجود جهڙو سرڪش، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين ”سنڌ سان وفا“ واري مقصد کي مقرر ڪيو. حسن، عشق، پريت، آزادي، امن، عالم انسانيت ۽ وطن پرستي سندس وجود جي سرشت جي هر نس نس ۾ موجود ڏسڻ ۾ اينديون رهيون:
پٽ پارت ٿئي، هر پارت ٿئي،
هن ڌرتي، ڌرتي وارن جي.
ڀٽ تي ڇڙيل ڀٽائيءَ جي دنبوري جي سُرن جو ساکي سرڪش، ان آواز جو پڙاڏو بڻجي ڪينرو ڪلهي تي رکي سنڌ جي جهرجهنگ جو پنڌ ڪري سنڌ جي وجود جي سلامتيءَ لاءِ چارڻ بڻجي صدائون هنيون. هيءَ جيڪا اڄ سنڌ سان سنڌ جي ماڻهن جي شناسائي آهي. ان ۾ سرڪش جي ٻولن سان سرمد، احمد ۽ سڄڻ سنڌي جي ٻُرندڙ آواز جو ڪيترو حصو آهي. سو   اڄ به انهن آلاپن جي ورلاپن ۾ بخوبي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
هن ڌرتيءَ جا او راڄ ڌڻي،
تون رت ۾ ريٽو ٿي ايندين،
مان ڇيرين کي ڇمڪائينديس.
ـــــ
ديس ڌرتيءَ لاءِ ورهندي مارجان،
تون سوين ڏيئا ڀتين تي ٻارجان،
گيت آزاديءَ جا گونجن جيئن ئي،
کير جي گهاگهر قبر تي  هارجان.
ڄڻ ته سرڪش ڀٽائي، تمر، اياز، تنوير، استاد جي محفل ۾ ويهي سنڌ جي دردن جي درمانن ڪرڻ لاءِ ڦرهيءَ تي سبق پرايو هجي ۽ تاريخ جي اڻموٽ ڪردار جيئن ساڳئي فڪر ۽ فلسفي کي جيئندان ڏنو هجي. سرڪش سنڌ جي تاريخ جو تت آهي.  جنهن جو آواز تختِ دار تي توڙي محبوب جي ڀاڪرن ۾ هڪ جهڙي سرڪشي تاڻي دشمن جي هوڏ تي هُڏي ڏيئي تاريخ جو سبق پڙهائيندي ڀاسجي ٿو ته:
منصور ٿيءُ نه ٿيءُ  منصور جو مدو ته نه ٿي،
سرمد جو ساٿ ڏيئي نه ڏئي اورنگزيب جو ته نه ٿي.
شيخ اياز ڪٿي لکيو هو ته: ”هر جينئس پنهنجي دور کان گهڻو وقت اڳ پيدا ٿيندو آهي.“ اسان جهڙين غلام قومن، جنهن جي نفسيات به غلام ده ٿي ويل هجي. اتي واقعي به سرڪش جهڙا جينئس پنهنجي دور کان گهڻو اڳ پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن جي سڃاڻپ صدين پڄاڻان ايندڙ ٽهيون ڪنديون آهن. جيئن ڪالهه مرشد لطيف کي مومن بزرگ سمجهندڙ اسين سنڌي اڄ کيس عالم انسانيت جي فڪري قافلي جي علمبردار جي حيثيت سان سڃاڻي سنڌ پرستي جو امام سمجهون ٿا.
سرڪش هلندڙ ۽ ايندڙ دور جو سچ آهي، جنهن کي ڪنوارن کيتن کان ويندي نوجوان پريت ۽ عشق جي پهرين اٿندڙ سياندڙي جي لهر جڳ ۾ جهرمر جهرمر ٿي ڳائيندي. سنڌؤ  جي اندر هلندڙ سڙهه جي ڦرڙاٽن جهڙو سنگم رکندڙ سرڪش جي گفتار صدين جي گفتگو بڻجي سنڌ جي فضائن ۾، دلين جي ڪينواسن تي آزاديءَ جي انڊلٺي رنگن اڀارڻ جو سبب بڻجندي.
”پيار ۽ آزادي، ڪير نه چاهيندو!“
گهٽا جو ڀٽ تي گرجي گرجي برسڻ ۽ ان ۾ راسوڙي جي ول جو نڪري ڦليار جي ڦلن جي پوشاڪ ڍڪڻ جهڙي خوبصورت خيالن جي اڻندڙ هن مزاحمتي شاعر جي سرشت اڄ هميشه لاءِ ڌرتي جي دامن ۾ آرامي آهي. پر وقت ڦيرو کائيندو، آزاد سنڌ جي فضائن، جن جو سرڪش تمنائي هو ۾ سرخ ڦريرو جهوليندو ۽ تڏهن، جڏهن پيار ۽ آزاديءَ تي بندشون نه هونديون. تڏهن سندس ڏات اوهيرا ڪري چندن ڦل جو واس ڏيندي رهندي.
ڌرتي! تنهنجو ڏن به ڏاڍو ڳرو آهي
تون جوانن کي،
پاڻ وٽ رهائي
سندس کٽون واپس ڪري پئي ڇڏين!
سرڪش، سنڌ، سچائي ۽ سونهن جو ٻيو نانءُ هو. هُو سنڌ مٿان سرگهور ڪندڙ عاشق ۽ سنڌ جي سيد جي فڪر جو پوئلڳ هو. هُن پنهنجي سموري حياتي سيد ۽ سنڌ جي نانءِ ڪئي. سرڪش جو سنڌ ۽ سن جي سيد سان عجيب عشق هو. ان عشق ئي کيس ويرانين جا پنڌ ڪرايا ۽ جبل جهاڳرايا. ان عشق ۾ سرڪش سسئي بڻجي پيو، ۽ سنڌ جي پنهونءَ جهڙي عوام سان هن جيئن مرڻ جو ناتو جوڙيو. سرڪش جيڪو هيو ته چانڊيو پر هن ذات کي پنهنجي ڏات ۾ گم ڪري ڇڏيو هو. هُو پنهنجي نانءَ جيئن واقعي به سرڪش هو. ڪينسر جو موذي مرض يارنهن سالن کان سندس زندگيءَ اڏوهيءَ جيئن ختم ڪندو رهيو، پر هُن ڪڏهن به هنن سٽن جيان موت کان هار نه مڃي ته:
موت   جي   ڀي   عشق  هو  ۽  زندگي  ڇڏيو  نه  ٿي،
هُو شخص ڀي ته ڇا هُيو! جو عاشقي ڇڏيو نه ٿي.
سرڪش جنهن کي موت پنهنجي ڀاڪر ۾ ته ڀڪوڙي ورتو، پر موت پوءِ به کيس مات ڏيئي نه سگهيو. سرڪش ڪڏهن به ناهي مرڻو. جيسين سندس شاعري ۽ فڪر موجود آهي. سرڪش جي هر سٽ مزاحمت سان ڀرپور ۽ ڌارين تي ڪنهن وار کان گهٽ نه هئي. هُو هميشه پنهنجي شاعري گجندڙ آواز ۾ ڳائي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو. هُو جڏهن به سن جي اسٽيج تي قومي گيت ڳائڻ لاءِ مٿي ايندو هو ته سيد جا ”ڏنگا ٻار“ هن ڏاهي ڏاتيار مٿان فدا ٿي پوندا هئا. توڙي جو سندس اندر ٻه اڌ هو، پر سدائين منهن تي مرڪ رکي پيو مرڪندو هو.
قبر تي پيل گلن جهڙا، نه خوش آهيون نه غم آهي،
اڙي  او  زندگي  تنهنجو، اهو ڪهڙو ڪرم  آهي.
سرڪش جو وڇوڙو، سنڌي قوم لاءِ ڪنهن سڪتي کان گهٽ ناهي. اسان سرڪش جي وڇڙڻ تي پاڻ کي ڇورو ڇنو پيا سمجهون.
نيٺ سرڪش مئو، چار ڳوڙها ڳڙيا،
او زمانا اٿي دوست پرچاءِ تون. (سرڪش)

No comments:

راءِ ڏيندا