; سنڌي شخصيتون: نور محمد لاکير - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

03 April, 2011

نور محمد لاکير - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


نور محمد لاکير (1845ع – 1937ع)
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جو سچو سپوت ۽ همدرد، نور محمد ولد ميان محمد سجاول لاکير، تعلقي ڏوڪري (لاڙڪاڻو) جي ڳوٺ چڪرو ۾ 21 شعبان 1261هه مطابق 16 سيپٽمبر 1845ع تي تولد ٿيو. سندس والد پرائمري استاد هو؛ جيڪو ملازمت دوران تعلقي ڪڪڙ جي ڳوٺ ”جمعو لاکير“ ۾ لڏو لاهي وڃي ويٺو. نهايت باوقار ۽ سچو سنڌي مسلمان هو. پينشن تي پهچڻ بعد، زمين جو ٽڪرو وٺي، باقي حياتي اتي ئي گذاريائين. کيس ٽي پٽ هئا، جن مان نور محمد اورچ ۽ ذهين هو؛ جنهن ڪري کيس پڙهڻ لاءِ پهريائين پنهنجي نظر هيٺ آندائين. جتان چار درجا سنڌي پاس ڪرائي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ مئٽرڪ تائين پڙهايائينس. ان کان پوءِ سردار محمد يعقوب جي ذاتي دلچسپيءَ سان، ”مير علي مراد اسڪالر شپ“ وٺي عليڳڙهه مان بي - اي ۽ بعد ۾ قانون جي سنڌ (LL.B) وٺي، حيدرآباد دکن ۾ پنهنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏجي وڪالت شروع ڪيائين.

 
ٻه شاديون ڪيائين، پر پڇاڙيءَ تائين پٽيلو اولاد ڪو نه ٿيس. کيس دکني آب هوا ڀانءِ نه پئي؛ جنهن ڪري ڪجهه وقت بعد واپس وطن وريو؛ ۽ خيرپور رياست ۾ جج مقرر ٿيو. عهدو ته وڏو مليس، مگر سندس طبيعت سرڪاري ملازمت ۾ نه لڳي. پوءِ حيدرآباد ۾ وڪارت کي باقاعده پيشو بڻايائين. محنت ۽ اورچائيءَ سان خوب نالو ڪڍيائين. سندس طبيعت غريبن جي واهر ڪرڻ ۽ مسلمان ٻارن جي تعليم لاءِ آتي هئي. ويتر آنر ايبل رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي (1878ع – 1924ع) جهڙي مخلص جو ساٿ مليو؛ جنهنڪري تعليمي خدمتن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪيائين. نتيجو اهو نڪتو، جو حيدرآباد (سنڌ) جهڙي مرڪزي شهر ۾، 1924ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول ۽ 1925ع ۾ هاسٽل  قائم ڪري ورتائين. پوءِ ته پنهنجي ذاتي مفادن کي پاسيرو رکي هن خير جي ڪم ۾ راتيان ڏينهان رڌل رهيو. مسلمان شاگردن کي، سرنديءَ وارن کان اسڪالر شپون به وٺي ڏنائين.
پاڻ جتي تعليم جي ميدان ۾ ايتري قدر سرگرم پئي نظر آيو، اتي سياسي لحاظ کان قومي خدمتن کي به ترجيح ڏيندو آيو. انهيءَ سلسلي ۾، 1923ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر به منتخب ٿيو. سندس اها آخري تمنا هئي، ته حيدرآباد شهر ۾ ”مسلم يونيورسٽي“ قائم ڪرايان. مگر افسوس جو حياتيءَ بقاءُ نه ڏنس؛ جنهن ڪري 3 ذوالقعد 1356هه مطابق 22- آگست 1937ع تي حيدرآباد ۾ ئي وفات ڪيائين. وصيت موجب کيس مسلم هاسٽل حيدرآباد جي احاطي اندر دفنايو ويو.

حوالا
(1) – حيدرآباد شهر اندر 1275هه (1858ع) ۾ گورنمينٽ اي – وي اسڪول قائم ڪيو ويو هو؛ جنهن کي 1934ع ۾ نور محمد جي ذاتي ڪوششن سان ”سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس“ ذريعي، عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، صاحبزادي آفتاب احمد صاحب جي صدارت هيٺ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، جيڪو اڳتي هلي ”نور محمد هاءِ اسڪول“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
(2) – شاگردن جي رهائشي سهولتن لاءِ 1344هه (مئي 1925ع) ۾ هن هاسٽل جو بنياد پيو؛ ۽ ساڳئي سال سيپٽمر ۾ عمارت بالڪل تيار ٿي، جيڪا پهرين آڪٽوبر کان باقاعده استعمال هيٺ آئي. سندس افتتاح بمبئي جي تڏوهڪي گورنر ليسلي ولسن (Leslie Wilson) ڪيو هو.




No comments:

راءِ ڏيندا