; سنڌي شخصيتون: گنو، سامتاڻي، رومانوي، ڪهاڻي، دور، ڊاڪٽر، جڳديش، لڇاڻي،
Showing posts with label گنو، سامتاڻي، رومانوي، ڪهاڻي، دور، ڊاڪٽر، جڳديش، لڇاڻي،. Show all posts
Showing posts with label گنو، سامتاڻي، رومانوي، ڪهاڻي، دور، ڊاڪٽر، جڳديش، لڇاڻي،. Show all posts

14 August, 2013

گنو سامتاڻي - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

گنو سامتاڻي
رومانوي ڪهاڻيءَ جو هڪ دور
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
گنو سامتاڻي، رومانوي دور جو ٽيون اهم ڪهاڻي نويس آهي، جيڪو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪهاڻي نويس واري حيثيت مڃائي چڪو آهي. ورمانوي دور جا پهريان ٻه ڪهاڻي نويس آهن ؛موهن ڪلپنا ۽ لعل پشپ. ڀارت جي ورهاڱي کان پوءِ پيدا ٿيل ان ٽه-مورتيءَ ادب ۾ ڪافي نالو ڪڍيو. سندن ناموس هند سان گڏ، سرحد جي هن پار سنڌ ۾ به پکڙيل آهي. موهن ۽ لعل جي مشابهت ۾ گني جو جيتوڻيڪ ادبي ذخيرو گهٽ آهي پر سنڌي ادب ۾ هو ڪهاڻي، نويس طور هن ننڍي کنڊ جي هڪ اهم دستخط بڻجي اڀريو.