; سنڌي شخصيتون: ڪيسوٻاءِ، سوڍو، ماڻهو، منجهه، مٽي، ڪيئن، مهڪي، خليل، ڪنڀار،
Showing posts with label ڪيسوٻاءِ، سوڍو، ماڻهو، منجهه، مٽي، ڪيئن، مهڪي، خليل، ڪنڀار،. Show all posts
Showing posts with label ڪيسوٻاءِ، سوڍو، ماڻهو، منجهه، مٽي، ڪيئن، مهڪي، خليل، ڪنڀار،. Show all posts

22 August, 2013

ڪيسوٻاءِ سوڍو- خليل ڪنڀار

ڪيسوٻاءِ سوڍو
ماڻهو منجهه مٽي ڪيئن مهڪي
خليل ڪنڀار
”ڌرتي اسانکي نيٺ اوڳاڇي ڇڏيو..“
اهي لفظ راڻي رتن سنگهه جي پوٽي سنڌ ڇڏڻ ويل چيا هئا، جنهن کان ايئرپورٽ تي موڪلائڻ وارو اڪيلو سورهيه بادشاه جو پٽ هو. اسلام ڪوٽ جي پاسي ۾ موجود ارجن سنگهه ٺڪر به جڏهن سموري ڳوٺ سميت لڏي رهيو هو ته گهوڙي جي رڪاب ۾ پير وجهي پوئتي نهاريائين ته اهو چئي رهي پيو ته، ”ڏاڏي ري گوئاڙي رُڙي ڪو ڇڏان..“ يعني ڏاڏي جو وطن سُڃو ڪونه ڇڏيندس.
هئي وطن ڇڏڻ جي ويرا آئي،
۽ ساٿ به سنبري بيٺو هو،
ٿيا نيڻ ميارون ميران جا،
۽ چنڊ به اُڀري بيٺو هو،
پيا ڌرتي جا هئا ڇيهه ڇڄي،
۽ ڏونگر ڏيئي جيئن ٻريو پئي،
ڪيسوٻاءِ ڄڻ ساهه ٿڌي سان،
سوڍي رت جو ڍڪ ڀريو پئي!