ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
موتين جهڙو ماڻهو
محمد سليمان وساڻ
زندگيءَ
۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان
محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر
سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ هڪ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي
آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاءَ جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي
سان لاڳاپيل رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا
سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو
آهي انساني زندگيءَ سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ
سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ، شاهه لطيف جي ان بيت جي جيان آهي، جنهن ۾
لطيف چيو آهي ته؛ ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي“. بهار جهڙي شخصيت ۽
سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ
جو اڄ ۴ جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين
۹ فيبروري تي به جنم ڏينهن جون
واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ ۹ فيبروري ۱۹۴۲ع لکيل آهي.