ڊاڪٽر عابده طاهراڻي
اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان!
واحد پارس هيسباڻي
هن دنيا جي گولي تي روزانو ڪيترائي
ماڻهو ڄمن ٿا ۽ ڪيترا ئي مري وڃن ٿا، ڪائنات جو هي چرخو صدين کان ان ئي انداز ۾ هلندڙ
آهي. چون ٿا ته ڪنهن جي مري وڃڻ سان وقت نه ٿو رڪجي، پر مان ائين چوندو آهيان ته ڪي
ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن، جن جي وڇوڙي جي خبر وڄ جيان ڪرندي محسوس ٿيندي آهي
۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ وقت بيهي ويو هجي، ڪائنات جا رنگ ڌيما ڌيما ٿي ويا هجن، پنهنجي
آس پاس ۾ هڪ وڏي کوٽ، هڪ وڏو خال محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، دل جي ڪيفيت بلڪل ئي عجيب ٿي
ويندي آهي.