; سنڌي شخصيتون: پروفيسر، ڊاڪٽر، سيد، وڏل، شاھ، عطاء الله، بخاري، ايگريڪلچر، يونيورسٽي، ٽنڊوڄام،
Showing posts with label پروفيسر، ڊاڪٽر، سيد، وڏل، شاھ، عطاء الله، بخاري، ايگريڪلچر، يونيورسٽي، ٽنڊوڄام،. Show all posts
Showing posts with label پروفيسر، ڊاڪٽر، سيد، وڏل، شاھ، عطاء الله، بخاري، ايگريڪلچر، يونيورسٽي، ٽنڊوڄام،. Show all posts

22 August, 2013

ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ - عطاء الله بخاري

پروفيسر ڊاڪٽر سيد وڏل شاھ
پروفيسر عطاء الله بخاري،
ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام
خانداني پسمنظر
بخاري/ حسيني ساداتن جي سلسلي مان، نقوي سيد آهن. امام علي نقيءَ جي اولاد ۾ ڏهين پيڙهيءَ ۾ سيد جلال الدين حسين شريف الله الملقب شير شاھ سرخ  بخاري سن ۶۴۰ ھ ۾ بخارا کان سنڌ ۾ آيو ۽  بکر ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. سندس اولاد مان ٻه فرزند پڻ بخارا کان سنڌ ۾ آيا پر واپس هليا ويا. سيد جلال سان گڏ آيل ڀاءُ سيد جمال شاھ پشين بلوچستان ۾ وڃي سَڪونت اختيار ڪئي، سندس اولاد اتي وڏي حيثيت وارو آهي. سيد جلال الدين بکر جي هڪڙي وڏي امير سيد بدرالدين جي نياڻي سان نڪاح ڪيو، ان بيبيءَ جي بطن مان پنج پٽ ٿيا جن مان سيد احمّد ڪبير کي ٻه فرزند سيد جلال الدين شاھ (ثاني) المعروف جهانيان جهان گشت ۽ سيد صدرالدين راجو قتال پيدا ٿيا. سيد صدرالدين جي مزار دهليءَ ۾ آهي ۽ جهانيان جهان گشت اُچ شريف ۾ پنهنجي ڏاڏي سيد جلال الدين جي ڀَر ۾ دفن ٿيل آهي.