پروفيسر غفور احمد
ھڪ دؤر جي پڄاڻي
مجاهد چنا
ان ڏينهن ۲۶ ڊسمبر تي فاران ڪلب ڪراچي ۾ موجوده امير جماعت اسلامي
پاڪستان جي اڪيلي پٽ طلحه حسن جي وليمي جي تقريب اڃا پُڄاڻي تي ئي ڪو نه پهتي هئي ته
رات جو ۹ وڳي
هڪ ساٿي موبائل ميسيج ذريعي اها دل ڏکائيندڙ خبر ٻڌائي ته بزرگ سياستدان ۽ جماعت اسلامي
جو نائب امير پروفيسر عبدالغفور احمد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. مون کي
يقين ڪو نه پئي آيو ڇو ته ڪجهه گهڙيون اڳ ۾ ئي سندن فرزندن طارق فوزي، شعيب ۽ پوٽي
برادر حسن حماد سان ساڳي تقريب ۾ ملاقات ٿي هئي. مسلسل هلندڙ پيغام ۽ فون تي خبر جي
تصديق ٿي. حقيقت ۾ مرحوم هڪ دينداريءَ، شرافت، سادگي، حق گوئي، ڪردار ۽ امانت و ديانتداري
جو مثالي نمونو هئا. جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته پروفيسر غفور احمد پاڪستاني سياست جو
هڪ روشن ستارو هئا ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو. مٿي جيڪي به مون ان جي ذات جي متعلق
القاب چونڊيا آهن اهي منهنجي نظرن ۾ اڃا گهٽ آهن. واقعي ڪنهن ڏاهي صحيح چيو آهي ته
پروفيسر غفور احمد قرون اولى جو مسلمان هو. پاڻ پنهنجي ڦوهه جواني کان عمر جي آخري
حصي تائين رب جي رضا، انسان ذات جي خدمت ۽ اقامت دين جي جدوجهد لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا.
پڙهندڙن لاءِ اسان هن ڪالم ۾ مرحوم جي حياتي جي ڪجهه گوشن جو ذڪر ڪنداسين!