ولي محمد طاهرزادو
حفيظ قريشي
محترم ولي محمد طاهرزادو، سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب جي مخلص خدمتگارن منجهان
هڪ وڏو نانءُ آهي.
اصل ۾ هڪ مهان داستان گو هو، جنهن وٽ سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لهجي جي لفظن
جا اکٽ انبار به هئا. ڪچهريءَ جي ڪوڏئي هن سڄاڻ سگهڙ وٽ ”رات کُٽي وڃي پر بات نه کٽي“
واري ڏات ۽ ڏانءُ هئڻ سان گڏ کيس سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ جو وڏو
اونو رهندو هو. انڪري هن جي لکڻين ۾ ٻولي ۽ محاوري سان گڏ، تاريخ ۽ ثقافت جو گهرو سنٻنڌ
نظر ايندو. سنڌي ادبي بورڊ پاران ترت نروار ٿيڻ واري ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ جي منڍ ۾ هن اهڙو تاريخي وچور ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هن جي سگهڙائپ واري
فڪر جو تاڃي پيٽو سنڌ جي قديم تاريخ سان مليل آهي. ان ريت هو پنهنجي سماج جي بقا جو
سوال تاريخ ۽ ثقافت سان ڳنڍيندي نظر اچي ٿو.