هند ۽ سنڌ جي اديبن جو
محبوب شاعر
مشتاق باگاڻي
سچڙي،
سادڙي ۽ سٻاجهڙي سڀاءُ وارو اسانجي راڻي ليکڪ رکيل مورائي ٻهراڙيءَ وارو پورهيت
سماج ۾ هڪڙي غريب هر هاريءَ جي گهر اکڙيون کوليون. اسانجا ڪکاوان گهر ۽ جڏيون جهوپڙيون
اسانجي پهرين پناهه گاهه هوندي آهي. ڍنگرن جي واڙ يا لوڙهن جي آغوش ۾ سڏڪندي ۽ ٿڌا
ساهه ڀريندي مسڪين مائرون پنهنجي ٻارڙن کي سپني سان لائي ساهه وانگر سانڍيندي پيار
سان پالينديون آهن. انهن ابهم ٻارڙن کي ڪانبن ۾ کنيو کيٽن مان کر چونڊيندي ۽
واليون ميڙيندي ڏسبيون آهن. ڪوسي ٿڌي مٽيءَ جي ٿلهن تي اهي ٻار بانبڙا پائيندي جڏهن
هلڻ سکندا آهن ته اهو گهر ٻهڪڻ ۽ چهڪڻ لڳندو آهي. گهر ۾ ٿانو مليندي، اڱڻ ٻهاريندي،
ڪپڙا ڌوئيندي، ڇيڻا سُڪائيندي، سئا مينهن، ڳئون يا ٻڪريون ڏهندي، کير ولوڙيندي اهي
ٻار پنهنجي مائرن سان ولهڙندا رهندا آهن، هو سياري ۾ جڏهن ڦٽيون ميڙڻ ۽ انهاري ۾
لابارو ڪرڻ وينديون آهن ته اهي ٻار مائرن سان گڏ هلندا آهن.