; سنڌي شخصيتون: هري، درياڻي، دلگير، سنڌي، ٻهڳڻو، شاعر، ڊاڪٽر ،جڳديش، لڇاڻي،
Showing posts with label هري، درياڻي، دلگير، سنڌي، ٻهڳڻو، شاعر، ڊاڪٽر ،جڳديش، لڇاڻي،. Show all posts
Showing posts with label هري، درياڻي، دلگير، سنڌي، ٻهڳڻو، شاعر، ڊاڪٽر ،جڳديش، لڇاڻي،. Show all posts

14 April, 2015

هري درياڻي دلگير - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي

هري درياڻي دلگير
سنڌيءَ جو ٻهڳڻو شاعر
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
شمار ٿئي ٿو چڱن شاعرن ۾ اڄ دلگير
ڪمال آهي سو ”بيوس“ ۽ نياز پارن جو
هري گرڏنومل درياڻيءَ جو جنم ۱۵ جون ۱۹۱۶ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هڪ عامل خاندان ۾ ٿيو، هن ابتدائي تعليم سرڪاري اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي ايس سي، ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پوءِ اين اي ڊي انجنيئرنگ  ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اِي BE سيول ڊگري حاصل ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هري دلگير سن ۱۹۵۸ع ۾، ورهاڱي کان پوءِ سڄا سارا يارهن سال پاڪستان ۾ رهڻ بعد سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، ڀارت آيو، هوائي جهاز مان لهندي، پهرين بمبئيءَ پوءِ پونا پهتو ۽ پوءِ آديپور اچي وسائي. سن ۱۹۵۹ع کان تولاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تي رهي سن ۱۹۷۹ع ۾ رٽائر ڪيو.