; سنڌي شخصيتون: نياز همايوني، تاج جويو، اياز عالم ابڙو، طارق عزيز شيخ، حسيب ناياب منگي، علي نواز آريسر،
Showing posts with label نياز همايوني، تاج جويو، اياز عالم ابڙو، طارق عزيز شيخ، حسيب ناياب منگي، علي نواز آريسر،. Show all posts
Showing posts with label نياز همايوني، تاج جويو، اياز عالم ابڙو، طارق عزيز شيخ، حسيب ناياب منگي، علي نواز آريسر،. Show all posts

08 April, 2017

نياز همايوني


نياز همايوني
(متوفي ۳ جنوري ۲۰۰۳ع)



گاڏي کاتي حيدرآباد جي ان مصروف علائقي ۾ اوائلي واڻڪين جائين ۽ ڪجهه خوبصورت ماڙين جي پاڙي ۾، گاڏين جي گيراجن ۽ ڊينٽنگ پينٽنگ وارن جي ٺڙا ٺوڪي جي گهيري ۾ هُل هنگامي ۽ گوڙ شور کان بي نياز، نياز همايوني جو اهو فليٽ منهنجي لاءِ نهايت اتساهڪ رهيو، جتي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ تمام وڏي لائبريري هئي، جتي رکيل الماري ۾ علم ۽ ادب جو وڏو دَفينو (ڄڻ ته هڪ گهاگهر ۾ ساگر سهيڙيل هجي). مون پنهنجي حياتي جي حوالن ۾ سائين نياز همايوني سان تمام ٿورڙين ملاقاتن ۾ گهڻو مانُ پاتو ۽ سرت ۽ ساڃاهه آهر ڄاڻ پرائي.