; سنڌي شخصيتون: مسرور، پنائي، لفظ، ساھ، وجھندڙ، شاعر، وزير، فرها ، سولنگي،
Showing posts with label مسرور، پنائي، لفظ، ساھ، وجھندڙ، شاعر، وزير، فرها ، سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label مسرور، پنائي، لفظ، ساھ، وجھندڙ، شاعر، وزير، فرها ، سولنگي،. Show all posts

19 August, 2013

مسرور پنائي - وزير فرهاد سولنگي

مسرور پنائي
لفظن ۾ ساھ وجھندڙ شاعر
وزير فرهاد سولنگي
شاعري اندر جي اظهار جو هڪ اهڙو لطيف فن آهي جيڪو قدرت جي طرفان ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو آهي. شاعري ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھه نه آهي هيءَ اها ڏات آهي جيڪا اندر جي احساسن، ڪيفيتن، سماجي ڏاڍاين، اوڻاين، چڙهاين ۽ حالتن جي اثر هيٺ پلجي ٿي. اسان جي سنڌ اهڙن ڏات ڌڻين سان ڀري پئي آهي جن شاعري کي اندر جي اُڌمن جي اظهار جو وسيلو سمجهيو آهي.
مسرور پنائي ساهتي پرڳڻي جو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال نهايت عمدي انداز سان ڪيو آهي. مسرور پنائي جي شاعريءُ ۾ ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ٿيل آهي. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد جڳھه والاري ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ گيت جي صنف تي طبع آزمائي ڪندڙ شاعرن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جن ۾ بردو سنڌي، استاد بخاري، مير محمد پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. سائين مسرور پنائيءَ کي به ان صف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس گيتن ۾ ڳوٺاڻيءَ ٻوليءَ جو حسن، ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال، تشبيهون، استعارا ۽ اصطلاح، سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. هي اُهو شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ لفظن جا گُل ججهي مقدار ۾ ڀريا آهن.