مراد صاحب
فقير محمد ڍول
اهو اکر ’صاحب‘ ٺهيو ئي ڪو ’مراد صاحب‘ لاءِ هو. سندن نالو ’صاحب‘ کان
سواءِ اُچارڻ ۾ نه زبان کي مزو اچي نه ڪنن ۾ رَسُ گُهلي، بلڪ اڃا کڻي ايئن چئجي ته
جيئن نه ڪِن ماڻهن جي هِن جهانِ رنگ و بُوءِ مان موڪلائي وڃڻ کان پوءِ سندن گهرُ، درُ
۽ ترُ به ٻُسو لڳندو آهي، تيئن مراد علي مرزا جهڙي اسان جي نشانبر نثرنگار جو نالو
به ’صاحب‘ کان سواءِ اُچارڻ ۾ ٻُسو پيو لڳندو آهي، تنهن ڪري پاڻ ته، کين سڏيون ئي
’مُراد صاحب... اسان جي مراد صاحب جو نالو سنڌ جي نشانبر ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، ورهاڱي
واري وڍ تي ملم پاشيءَ لاءِ قدرت واري اسان سنڌ وارن کي جيڪا ليکڪن جي کيپ سنڌي ادب
لاءِ عطا ڪئي، تن ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، گرامي صاحب، اياز قادري، ع.ق.شيخ،
غلام رباني آگرو، جمال ابڙو، ماهتاب محبوب، تنوير عباسي، قمر شهباز، امر جليل، امداد
حسيني ۽ ٻيا به ڪيئي شامل آهن، پر جيڪڏهن انهي لسٽ ۾ مراد صاحب جهڙي لکڻ واري ماڻهوءَ
جو نالو شمار نه ڪبو ته اِها فهرست يقيناً نامڪمل رهندي.