علامه آءِ آءِ قاضي
هڪ وڏو عالم
مدد علي سنڌي
اڄ
جڏهن، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن ڏاڍي چپ چپات ۾ لنگهي ويندو، ته
وڌيڪ هي عظيم انسان ياد ايندو. ڄامشوري ۾، سنڌ يونيورسٽي جي نگريءَ ۾ لياقت ميڊيڪل
يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ
بورڊ، جهڙا ادارا موجود آهن ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌيالاجي جي پويان، وڻن جي
جهنڊ ۾، هن سنڌ يونيورسٽيءَ نگريءَ جو باني، علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي اهليه مدر
ايلسا سان گڏ ابدي آرام ۾ ستل آهي. هن عظيم شخص امداد علي امام علي عرف علامه آءِ
آءِ قاضي جي لازوال خدمتن جو احساس ڪير شخص ڪري يا نه، ته انهيءَ سان ڪوئي فرق هر
گز نٿو پوي ڇاڪاڻ ته دنيا جي عظيم انسان، جن وٽ هڪ مقصد، هڪ نصب العين هوندو آهي،
اهي جڳ پرواھ ڪرڻ کانسواءِ ئي پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ ديوانگيءَ جي حد
تائين ڪم ڪندا رهندا آهن. علامه صاحب، جنهن اڄ کان ۶۳ ورهيه اڳ، هن ڄامشوري جي بيابان ۾ سال۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽائون شپ جو سپنو بطور وائيس ڍانسلر ڏنو هو. هن صاحب بعد
۾ ۱۹۵۴ع ۾ پهريون ميڊيڪل ڪاليج ۽ سنڌ
يونيورسٽي آباد ڪرڻ جو سپنو ساڀيا ڪري ڏيکاريو، جيڪو اڄ ڄامشوري سنڌ يونيورسٽي،
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ شاھ
لطيف يونيورسٽي خيرپور جي شڪل ۾ اسان جي آڏو آهي.هن ان ئي مرد قلندر جي اڄ ۵۰ هين ورسي آهي، ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي نگريءَ ۾ آباد تعليمي ادارن جي
شاگردن، نه استادن، نه وري اتان جي اڪابرين کي احساس ته تاريخ جو ڪيڏو نه وڏو
ماڻهو، اڄ هتي ستل آهي.