; سنڌي شخصيتون: علامه، محمد امين مگسي ملنسار، منظور ڪوهيار، ميھڙ، دادو، گلشن حديد، ڪراچي،
Showing posts with label علامه، محمد امين مگسي ملنسار، منظور ڪوهيار، ميھڙ، دادو، گلشن حديد، ڪراچي،. Show all posts
Showing posts with label علامه، محمد امين مگسي ملنسار، منظور ڪوهيار، ميھڙ، دادو، گلشن حديد، ڪراچي،. Show all posts

03 February, 2021

علامه محمد امين مگسي

علامه محمد امين مگسي

ملنسار، بردبار ۽ علم جو ڀنڊار

منظور ڪوهيار



ڪي ماڻهو ٻين جي زباني تعارف جا محتاج هوندا آهن، ۽ ڪي وري  پنهنجي خوش زباني ۽ خوش خلقي جي ڪري. پنهنجو تعارف پاڻ هوندا آهن.

ڇھ ست سال اڳ محمد امين مگسي سان پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ڪنهن ٽياڪڙ جي ذريعي نه، پر سندس خوش خيالي ۽ خوش علمي جي ڪري ٿي هئي . ٿيو ائين جو گلشن حديد  فيز ون جي پٺاڻ جي هڪ هوٽل تي چانھ پئي پيتم، ته اتي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ ڳوٺائي دوست سهيل مڪاني جي لاڙڪاڻي مان اوچتو موبائل فون تي ڪال آئي ۽ پڇيائين، ته: ”افغان ڪير آهن؟...“