عبدالستار سمون
شرناءِ جو با صلاحيت وڄتڪار
ناصر مقصود گل
شرناءِ سنڌي ثقافت جو قديم ساز
رهيو آهي، قدامت جي نظر سان ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هن ساز جي استعمال جا اهڃاڻ اڄڪلهه يا
چند سالن اڳ کان نه بلڪه عربن جي فتح واري زماني کان ڏسجن ٿا. تاريخ جي پراڻن پنن کي
اٿلائڻ مان سڌ پوي ٿي ته عربن جي سنڌ تي مسلط ٿيڻ وقت ڪجھه ميراثي وڄتڪار ٽولن جي صورت
۾ دهل شرنائيون وڄائي، جھمريون هڻي، عرب حڪمرانن جي آجيان ڪئي هئي. انهيءَ وقت کان
وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ شادين مرادين کان علاوه
به سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاهن تي ملهائجندڙ ميلن توڙي ملاکڙن ۽ ٻين خوشيءَ جي موقعن
تي دهلن ۽ شرنائين جو واڄو خوشين جي علامت هئڻ سان گڏوگڏ ثقافت جو حصو رهيو آهي.