ظفر ڪاظمي
ناميارو چترڪار
دارا ابڙو
جنوريءَ جي ۱۲
تاريخ صبح جا ۶ ٿيا هئا، فون جي گهنٽي وڳي.
خبر نه آهي ته ڇو مون کي اُن وقت فون جي گهنٽيءَ جو آواز، ڪنهن اڻ وڻندڙ انديشي جي
آمد ۽ ڪنهن وڏيءَ پيڙا جي پرُوڙ جو پيغام پئي لڳو! رسيور ڪن تي رکي خاموشيءَ سان انتظار
ڪرڻ لڳس. ٻئي طرف کان آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي پُٽَ زاهد دارا (جانيءَ) جو آواز آيو:
”بابا...“ مون جواب ۾ هڪدم وراڻيو: ”جاني! مٺا... خير ته آهي؟“ ڀريل آواز ۾ وراڻيائين:
”بابا... سائين ڪاظمي صاحب جن پيالو پي ويا... اوهان هينئر ئي سندن گهر پهچو.“ مون
کيس دلداري ڏيندي چيو ته: ”اوهان فڪر نه ڪريو... آءٌ هينئر ئي نڪران پيو.“ فون بند
ڪري فليٽ مان نڪري، رڪشا وٺي يار جي آخري ديدار لاءِ سنڌ ميوزيم ڏانهن روانو ٿي ويس.