; سنڌي شخصيتون: صوفي جي ايم ڪانڌڙو، حافظ ممتاز احمد ابڙو، طارق عزيز شيخ، عبدالجبار آزاد منگي، پاويل جوڻيجو،
Showing posts with label صوفي جي ايم ڪانڌڙو، حافظ ممتاز احمد ابڙو، طارق عزيز شيخ، عبدالجبار آزاد منگي، پاويل جوڻيجو،. Show all posts
Showing posts with label صوفي جي ايم ڪانڌڙو، حافظ ممتاز احمد ابڙو، طارق عزيز شيخ، عبدالجبار آزاد منگي، پاويل جوڻيجو،. Show all posts

10 August, 2013

مخدوم بلاول

شهيد مخدوم بلاول رحه

سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

صوفي جي ايم ڪانڌڙو



هر دور ۾ حق پرستن تي امتحان ۽ آزمائشون اينديون رهنديون آهن، حق ۽ باطل جي پرک ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي پر لالچ انسان کي اهڙو ته انڌو بنائي ڇڏي ٿي جو هن کي نه دين جي خبر رهي ٿي نه ڌرم جي، نه چڱي جي نه ئي بري جي تميز رهي ٿي. تاريخون پڙهي ڏسبيون ته هر دور ۾ علماءِ سوءِ دين جو غلط استعمال ڪندي، ڪيترن نيڪ دل درويشن تي واجب القتل جون فتوائون جاري ڪيون ۽ اهي حق جا راهي شريعت محمدي جو پاس رکندي جام شهادت نوش ڪندا ويا، منصور، شمس، تبريزي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم بلاول رحه اهڙين سازشن جو نشانو بنيا. مخدوم بلاول رحه جي زندگي تي هڪ نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ جو خون ناحق وهايو ويو هو.