سيد اڪبر
سنڌ جو بيباڪ جاکوڙي ڪردار
قادربخش طالباڻي
۲۰۰۳ع جون جي ۲۷ تاريخ تي لاڙ خطي جو اديب
سيد اڪبر هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ ان کي ڏهه سال گذري چڪا آهن، پر مان ان عرصي
کي ڏهن گهڙين کان به گهٽ محسوس ڪريان ٿو. اڪبر سان منهنجي پرپٺ ڏيٺ ويٺ ٿي، اسان هڪ
سياسي ڌر سان هئاسون، اسان جي ملاقات آمهون سامهون ڀٽ شاهه جي نگري ۾ ٿي، جتي آل سنڌ پ ٽ الف جي عهديدارن جي چونڊ
ٿيڻي هئي. اڪبر شاهه سيڪريٽري جي عهدي تي اميدوار بيٺو. سندس مقابلو مشهور شخصيتن محمد
يونس ڀٽو (شهدادڪوٽ) ۽ محمد حسين ڪاشف چنبڙ سان هو، پر هو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو.
ڪاميابي بعد قائد استاد جان محمد جمالي کان پوءِ
تقرير ڪري، هن پوري هائوس تي وڏو اثر وجهي ڇڏيو. ان وقت سندس عمر ۲۹ سال هئي، سندس اکين جي چمڪ
۽ گجندڙ آواز سڀني ميمبرن کي ملهه وٺي ڇڏيو. ۱۹۷۲ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ خيرپور ميرس ۾ ڊويزنل هال ۾ در محمد اوستي جي استادن
کي خطاب وقت اڪبر اسٽيج سيڪريٽري جو فرض انجام ڏنو ۽ جمالي صاحب جن جي غير موجودگي
۾ هن بهترين ڪارروائي هلائي استادن مٿان ڌاڪو
ڄمايو. ان تقرير وقت محمد حسن باجاري پر جوش مدلل تقرير ڪري اوستي صاحب جاوڻ وڄائي
ڇڏيا، جنهن ۾ حسن باجاري کي نوڪري تان هٿ کڻڻا پيا، هو ماستري ڇڏي سياستدان ٿي ويو.
ان جلسي جو حڪومت تي وڏو اثر پيو، وزير اعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽو صاحب حيدرآباد سرڪٽ
هائوس ۾ پهچي جان محمد جمالي صاحب جن سان ڳالهيون ڪري سنڌ جي پرائمري استادن جا مطالبا
منظور ڪري ورتا. اها هئي ابتدا اڪبر شاهه جي سيڪريٽري جي عهدي جي، جنهن تي استادن ۾ وڏي سرهائي ۽ هلچل مچي وئي.