سيد حسام الدين راشدي
سنڌ جو محب وطن تاريخدان
رکيل مورائي
سنڌ جو هاڪارو عالم ۽ وطن دوست تاريخدان سيد حسام الدين راشدي هن ڌرتيءَ جو اهو سدورو پٽ هو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار
سنڌ جي اهڙي تاريخ سيهڙڻ، سموهڻ ۽ لکڻ ۾
وقف ڪئي، جنهن تاريخ ۾ نه رڳو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو شان، وقار ۽ اعليٰ مرتبو لڪل
هئو پر ان ۾ سنڌ جي شاندار تهذيب، ثقافت ۽ اعليٰ قدر به لڪل هئا ته وري عام ماڻهن
جي حقيقي بهادري، وطن دوستي توڻي وطن لاءِ ڏنل قرباني ۽ ان ۾ آيل تڪليفن جو ذڪر به
ٿيل هو.