; سنڌي شخصيتون: سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي، عبدالغفور سنڌي، نظير حيات سيوھاڻي، عبدالستار درس، سيد اعجاز علي شاھ رضوي،
Showing posts with label سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي، عبدالغفور سنڌي، نظير حيات سيوھاڻي، عبدالستار درس، سيد اعجاز علي شاھ رضوي،. Show all posts
Showing posts with label سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي، عبدالغفور سنڌي، نظير حيات سيوھاڻي، عبدالستار درس، سيد اعجاز علي شاھ رضوي،. Show all posts

18 April, 2015

سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي

سيد ثابت علي شاهه

[۱۷۴۰ع – ۱۸۱۰ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



سيد ثابت علي شاه ولد سيد مدار علي شاه، ميراڻي دور ۾ سنڌي زبان جو هڪ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۱۴ محرم الحرام ۱۱۵۳ هه مطابق ۱۷۴۰ع تي ٿي آهي. خاص ڪري ”مرثيه“ جي صنف ۾ ته سندس نالو سر فهرست آهي. پاڻ اصل ملتان (پنجاب) جو هو. زندگيءَ جو وڏو حصو سيوهڻ شريف ۾ گذاريائين، جتي ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾، ۲۷ ربيع الثاني ۱۲۲۵ هه مطابق ۱۸۱۰ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ جيتوڻيڪ پڪو شيعو هو ۽ شيعن حاڪمن (ميرن) جو خاص ماڻهو هو. تڏهن به عقيدت جي لحاظ کان چئن يارن سڳورن ۽ بادشاه پير دستگير سيد عبدالقادر جيلانيؒ جن جي شان ۾ مداحون به چيون اٿس. نموني طور سندس هڪ ”مرثيه“ مان چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون.