; سنڌي شخصيتون: سخي، عبدالرحمان، قريشي، نقشبندي، ڏِٺا، ماءُ، جِنين، ڏِٺو، پرين، ڊاڪٽر، ولي، محمد، کٽياڻ،
Showing posts with label سخي، عبدالرحمان، قريشي، نقشبندي، ڏِٺا، ماءُ، جِنين، ڏِٺو، پرين، ڊاڪٽر، ولي، محمد، کٽياڻ،. Show all posts
Showing posts with label سخي، عبدالرحمان، قريشي، نقشبندي، ڏِٺا، ماءُ، جِنين، ڏِٺو، پرين، ڊاڪٽر، ولي، محمد، کٽياڻ،. Show all posts

10 August, 2013

سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي - ڊاڪٽر ولي محمد کٽياڻ

سخي عبدالرحمان قريشي نقشبندي
مون سي ڏِٺا ماءُ، جِنين ڏِٺو پرينءَ کي
ڊاڪٽر ولي محمد کٽياڻ
انساني تاريخ گواهه آهي ته عالم انساني ۾ عزت ۽ شرف جون منزلون انهن هستين کي عطا ٿيون، جن انسانن کي درسِ هدايت ڏنو، انهن جي صحيح رهنمائي فرمائي، انهن کي صراطِ المستقيم جو رستو ڏيکاريو ۽ پُرخلوص ساٿ نڀايو، پوءِ نه صرف مخلوق خداونديءَ انهن جي عزت ڪئي، پر خداوند تعاليٰ جل شانَہٗ انهن هستين کي وَرَفعنَا لَکَ ذِکرَڪ جي فيض مان حصو عطا فرمايو. اُهي ئي پاڪ هستيون آهن، جن کي الله رب العزت پنهنجي وليءَ ڪامل ٿيڻ جو شرف بخشيو، اُهي ئي مرد قلندر آهن، جن جي لاءِ شيطان به اهو تسليم ڪيو ته مان انسانن کي صراط المستقيم جي رستي کان گمراهه ڪندس، سواءِ رب پاڪ جل شانَہٗ جي اطاعت گذار ۽ مخلص هستين جي.