; سنڌي شخصيتون: سائين، شيوارام، تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ، شاهد حسين تيوڻو،
Showing posts with label سائين، شيوارام، تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ، شاهد حسين تيوڻو،. Show all posts
Showing posts with label سائين، شيوارام، تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ، شاهد حسين تيوڻو،. Show all posts

08 April, 2017

سائين شيوارام - شاهد حسين تيوڻو

سائين شيوارام
تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ
شاهد حسين تيوڻو

ٺاروشاهه جيڪو هڪ تاريخي شهر رهيو آهي. ۽ هي شهر ماسٽر چندر جو ساز ۽ آواز به رهيو آهي ته هي ساڳيو ئي شهرهن وقت تعليمي ماهر استاد سائين شيوا رام جو شهر به آهي. سائين هن وقت ڪامياب ۽ ڀلوڙ استاد جي وڏي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ سائين هن وقت جي ايس ٽي جي حيثيت سان سرڪاري عهدي تي مقرر آهي. ۽ پنهنجي بي لوث محنت ۽ ايمانداريءَ سان اڄ به سرڪاري اسڪول اندر شاگردن کي علم جي نور سان روشناس ڪري رهيو آهي.