; سنڌي شخصيتون: سائين نٿومل مورواڻي، ڀون سنڌي، غفار کوسو،
Showing posts with label سائين نٿومل مورواڻي، ڀون سنڌي، غفار کوسو،. Show all posts
Showing posts with label سائين نٿومل مورواڻي، ڀون سنڌي، غفار کوسو،. Show all posts

14 August, 2013

سائين نٿومل مورواڻي

سائين نٿومل مورواڻي

ڀون سنڌي



لاڙ جو بدين ضلعو، جتي صوفي منش مخدوم محمد زمان لنواري واري جي آخري آرامگاهه آهي. هن ئي خطي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد دودو سومرو خاڪ پاڪ ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جي نالي کان اڄ به ڌرتيءَ جا دشمن ڪَنبن ٿا ۽ گهري ننڊ مان ڇِرڪ ڀري اُٿن ٿا. ڪيڏاري کي سرجيندڙ خليفو نبي بخش ۽ شاعر محمد صديق مسافر هتي ئي اَبدي آرامي آهن. هن ئي خطي ۾ سنڌ جو سُگهڙ ۽ لطيف جو شيدائي، محمد طالب لوهار ۽ ميرن جي مور، مير غلام محمد خان ٽالپر جو مقبرو آهي، جنهن علم وسيلي جهالت خلاف جنگ جوٽي. اُنهن عظيم ۽ مَهان هستين جي ساڳي مٽيءَ مان هڪ اهڙي انسان به جنم ورتو، جنهن جا ٻولَ اڄ به هتي جي ديس واسين جي رُوح ۾ رَچيل آهن، اُهو ڀلوڙ انسان ٻيو ڪير نه، پر لاڙَ جو لاڏلو، سائين نٿومل مورواڻي هو.