راما ٻائي
تولارام سوٽهڙ
هند سنڌ جا ڪيترا سنت ۽ صوفياڻي مت جا صاحبَ، ڌڻيءَ جي يادگيريءَ ۾، جيون
تياڳي رب کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجو سمورو وقت عبادت ۽ انسانيت جي خدمت کي حياتيون ارپيندا
رهيا آهن. انهن مان هڪ راما ٻائي پڻ هئي. پاڻ سال ۲۰۱۳ع جي پهرئين ڏينهن صبح جو ۵
وڳي ڌاري هن فاني دنيا مان
ديهانت ڪري ويئي.
راما ٻائيءَ جو جنم ڀارت جي گجرات صوبي ۾ واڳڙ علائقي جي ڳوٺ کڙِير ۾
۱۹۲۹ع ڌاري، لاڌارام ڪڇيءَ جي گهر ۾ ٿيو. ننڍيءَ ڄمار
۾ ئي جوڳ وٺي، پوڄا شروع ڪيائين. ان دوران اُن وقت جي مشهور سنت ’سوامي رامداس‘ (۱۸۸۴- ۱۹۶۳ع)
کي هن پنهنجو گرو بڻايو.