ديوان ليلارام ”خاڪي“
[۱۸۶۷ع – ۱۹۴۱ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي ”غزل“ جي تاريخ ۾ ديوان
ليلارام ”خاڪي“ وطن مل ٽيڪواڻيءَ کي خاصي شهرت حاصل آهي. سندس جنم حيدرآباد سنڌ ۾،
۱۳ آڪٽوبر ۱۸۶۷ع تي ٿيو. سندس پتا بلڪل مسڪين هو؛
جنهن ڪري مکي ڌنراج مل پنهنجي خرچ سان کيس پڙهايو. ليلارام منڍ کان وٺي محنتي هو. ۱۵ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ ۽ ورنيڪيولر
سنڌي فائينل جا امتحان گڏ پاس ڪري، ٽي ورهين سانده جيڪا به سرڪاري نوڪري ڪچيءَ طرح
پئي مليس، سا ٻئي ڪيائين.