ديدار حسين سمون
ناصر قاضي
روحن
کي تازگي ڏيندڙ ڪلاڪار
آ ويندس اتي، سونھن آھي جتي
موسيقي هڪ اهڙو ميڊيم آهي، جنهن جي اظهار لاءِ هر لب گنگنائيندو آهي
۽ ويتر غزل وري موسيقيءَ جي دل آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ جا جذبا ڌڙڪندڙ آهن. جتي موسيقيءَ
کي اهلِ دل ۽ باذوق ماڻهو پسند ڪري ٿو، اتي موسيقيءَ جي زبان ۾ آلاپجندڙ غزل جا مداح
به ڳڻپ کان ٻاهر آهن. قديم زماني کان سنڌ موسيقي ۽ تصوف جو گهوارو رهي آهي ۽ ان حوالي
سان سنڌ ڏيهان ڏيهه پنهنجو پاڻ مڃايو آهي.
پر سنڌ جي سهڻي سر زمين غزل جي گائيڪيءَ جي حوالي سان به دنيا ۾ سرس ۽ سوڀاري
رهي آهي ۽ ماضي توڙي هن وقت به سنڌ جا سريلا ڪلاڪار غزل جي ميڊيم کي غزل جي لوازمات
پٽاندر، پوري انصاف سان ڳائين ٿا، پوءِ خواهه اهو غزل ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪهڙي به لهجي
جو ڇو نه هجي.