استاد منظور علي خان
اربيلو استاد
ممتاز مرزا
انسان
پنھنجي حياتي ۾ ڇا ڇا نٿو ڏسي! ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌي سڻي ٿو ۽ ڪيئن انھن
ڳالھين کي پٺي پويان اڇلي سڀ ڪجھه وساري ائين ڄڻ ڪجھه نه ٿيو ھجي. زندگي جو ڊوڙ ۾
شامل ٿي وڃي ٿو. جيڪڏھن سوچجي ته انسان جي اھا خوبي به آھي ھو سڀ ڪي جھٽ پل ۾
وساري ويھي نه ته ھيءَ دنيا جا ٽڪساٽ ۽ جنسار ھوند ڪڏھن به نه ھجن ھا پر اھڙن حالن
جي باوجود، ڪي ڪي گھڙيون اھڙيون ٿينديون آھن جي وسارڻ جي ڪوشش ڪجي ته به نه وسرن.
اھڙي ئي ھڪ ساعت ۾ سيپٽمبر ۱۹۸۰ تي
آئي آءُ صبح جو ساڍي نوين بجي ڪراچي ٽي وي تي سچل سرمست جي عرس بابت پروگرام ”سچل
سارو سچ“ جي ايڊيٽنگ ۾ مشغول ھئس جو حميد آخوند جو نياپو مليو ته مان ھن سان فون
تي ڳالھايان، فون ڪيم چيائين؛ ”استاد منظور علي خان رات گذاري ويو.“
مون کي
يقين نه آيو.
چيائين؛
”جي تعزيتي پروگرام ڪريو ته مان به شرڪت ڪندس.“