; سنڌي شخصيتون: حڪيم، هاليپوٽو، سامي، ميمڻ،
Showing posts with label حڪيم، هاليپوٽو، سامي، ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label حڪيم، هاليپوٽو، سامي، ميمڻ،. Show all posts

13 August, 2013

حڪيم هاليپوٽو - سامي ميمڻ

حڪيم هاليپوٽو
سامي ميمڻ
علم، عمل ۽ ڏاهپ اهڙي ماڻهوءَ وٽ هوندي وڏو فخر محسوس ڪندا آهن، جيڪو کين وڏي عزت ۽ اهميت سان سينگاري ٺاهي پنهنجي قوم ۽ وطن جي نصيب کي سنوارڻ لاءِ صحيح ۽ وقتائتو استعمال ڪندو آهي. اهڙي عمل کانپوءِ تبديلي اڻٽر ٿي پوندي آهي. پوءِ ته جهرجهنگ ۾ چنگ به انقلابي سُر وکيريندا آهن، ڌنارن جون جهونگاريل وايون به جنگ جا طبل وڄائينديون آهن ۽ چوڌاري نڌڻڪو ۽ بي واهو بڻيل پورهيت ماڻهو ظلم خلاف وِهه جو ڍڪ ۽ لُڪن ۾ رُڪ بڻجي ويندا آهن.