; سنڌي شخصيتون: حاجي، نثار، بزمي، عوام، اوجھل، سريلو، آواز، ناصر، قاضي،
Showing posts with label حاجي، نثار، بزمي، عوام، اوجھل، سريلو، آواز، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label حاجي، نثار، بزمي، عوام، اوجھل، سريلو، آواز، ناصر، قاضي،. Show all posts

06 August, 2013

حاجي نثار بزمي - ناصر قاضي

حاجي نثار بزمي
عوام کان اوجھل هڪ سريلو آواز
ناصر قاضي
سرلتا ۽ ڏات هڪ اهڙو تحفو آهي، جيڪو قدرت طرفان ڪجھه چونڊ ماڻهن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن کي خدا طرفان ڏات نصيب ٿيندي آهي، اهي پنهنجي سڀاءَ ۾ ماٺيڻا ۽ عاجز هوندا آهن، هن سونهاري سنڌ ۾ پڻ ڪيترائي اهڙا ڏات ڌڻي ۽ ڪلا ڌڻي پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن فن جو عروج ڄاڻندي به پنهجو پاڻ کي لڪل رکيو آهي. هڪ چوڻيءَ ته ”هر ميويدار وڻ هميشه جھڪيل هوندو آهي.“ وانگر ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري سان تعلق رکندڙ حاجي نثار بزمي به وڏو ڪلا ڌڻي ڪلاڪار آهي، جيڪو پنهنجي رنگ ۽ درويشاڻي انداز سان سنڌي موسيقيءَ جي خاموشيءَ سان خدمت ۾ مشغول آهي، بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي، بنا ڪنهن موٽ، مڃتا ۽ شهرت جي هو سنڌي موسيقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. ايتريقدر جو نثار بزميءَ جهڙي سچي ڪلاڪار فن سان سچائي ۽ محبت جو ثبوت ڏيندي ڪڏهن به هن فن کي روزگار جو ذريعو ناهي بڻايو. جيئن ته هر سچي آرٽسٽ يا فنڪار جي پنهنجي خودي هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته سچ ۽ سوڀيا ڪڏهن به ڪنهن آڏو جھڪندي ڪونهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو نثار بزميءَ جهڙو استاد ڳائڻو هن دؤر جي اليڪٽرانڪ ميڊيا کان اوجھل رهيو آهي، فقيري ۽ درويشي طبيعت سبب راڳ سان روح کي ريجھائڻ سندس ڪرت رهي آهي.