; سنڌي شخصيتون: استاد، انورالدين، جتوئي، مشھور، نعت، خوان، در، محمد، ڪمال،
Showing posts with label استاد، انورالدين، جتوئي، مشھور، نعت، خوان، در، محمد، ڪمال،. Show all posts
Showing posts with label استاد، انورالدين، جتوئي، مشھور، نعت، خوان، در، محمد، ڪمال،. Show all posts

21 August, 2013

استاد انورالدين جتوئي - در محمد ڪمال

استاد انورالدين جتوئي
مشھور نعت خوان
در محمد ڪمال
استاد انورالدين جتوئي نعت مصطفىﷺ پڙهندو هو ته انور ۽ انوار بابت منهنجو تصور، انتهائي پختو ٿيو. ساڻس پهرين ملاقات کان اڳ، استاد حافظ محمد بخش ڳالهيون ڪندو هو ته رئيس سيف الدين خان جتوئي راڳ جو ڏاڍو ڄاڻو آهي ۽ اھو چوندو آھي ته راڳ جي اها محفل، جنهن ۾ استاد انور جتوئي ڳائي، اها رنگ ئي پنهنجو ڇڏيندي هئي. حافظ صاحب سان گڏجي رئيس سيف الدين جتوئي جي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جڏهن ويس ته حافظ صاحب رئيس سيف الدين جتوئي بابت پڇا ڪئي ته خبر پئي، ته سيف الدين جتوئي ٺٽي پنهنجي زمين تي ويو آهي ۽ استاد انور جتوئي به سُنگ سميت ساڻس گڏ ويو آهي. ائين استاد انورالدين سان ملاقات جو شوق رهيو. ٻارهين ربيع الاول تي درگاهه مشوري شريف ۾ ميلاد جي جلسي دوران نعت خوان نعتون پڙهندا رهيا، اوچتو اعلان ٿيو ته هاڻي استاد انورالدين جتوئي حضور سرور ڪائنات ﷺ جي شان ۾ نعت شريف پڙهندو. ٻيا سڀ نعت خوان ڍڪيل مٿي سان نعت پڙهندا رهيا، پر استاد انور الدين جتوئي مٿي تي هٿ جو نيرو رومال ٻڌي نعت پڙهڻ آيو.