اداڪار عبدالحسين ساريو
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
سنڌ جي مٽيءَ اسان کي هميشه ٽيلينٽ ڀريا فنڪار ڏنا آهن، جيڪي پنهنجي فن
سان سنڌي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺا آهن. اهڙن ئي فنڪارن مان لالا عبدالحسين ساريو به
هو. هن اسٽيج تي بي شمار ڊراما ڪيا. جڏهن ته هن جو استاد شهنشاهه عباس هو. اهڙيءَ طرح
اسٽيج ۾ هن خوب نالو ڪمايو. پر جڏهن ڪي ٽي اين آيو ته هن اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ
شروع ڪيا ۽ مڃتا ماڻيندو ويو. پر ۲۰۰۷ع
۾ هن کي تيز بخار ٿيو. جنهن آخر تائين هن جي جِند ڪو نه ڇڏي.