آغا عبدالستار جان سرھندي
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
پير بخش پياسي
ڇهين اپريل جي ڀيانڪ ۽ دکدائڪ سياهه رات هئي، ٽنڊومحمدخان جي پرڪيف ۽ خاموش
مڌهم روشني ۾ ڪائنات جي هر هڪ شيءِ پنهنجن پنهنجن آشيانن ۾ آرامي هئي، ائين ٿي لڳو
ڄڻ گهر، مسجدون، مندر ۽ عمارتون سڀ ننڊاکڙي جي گهيرٽ ۾ ورتل هجن، اچانڪ ابر ۾
اهاءِ ٿيو، ماٺيڻي ماحول ۾ هيبت طاري ٿي ۽ دهشت جي دونهن سان سارو شهر دونهاٽجي
ويو. فضا ۾ گجگوڙ ٿي، وحشت سان سارو ماحول دهلجي ويو، وڄ ڪڙڪي ڪنهن جو ڪنڌ ڪريو رڻ
گجيو راڙو ٿيو. مجال هئي جو ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ سري هجي. ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪوبه
نڪري نظاري نروار نه ٿيو. بي رحم بادل گرجندو رهيو. انهيءَ گوڙ ۽ گهمسان جي حالت ۾
هڪ معصوم دنيا جي ”عيش و عشرتن“ کان بي نياز هڪ الهڙ شهزادي وانگيان دنيا جي حرص و
حوس کان آزاد رات جي گهلندڙ ٿڌڙيءَ هير ۾ هڪ اڏامندڙ پکي جيان پنهنجا پر سيريندو
تارن جي جهرمٽ سان اکيون ملائيندو پنهنجي ڌن ۽ مستيءَ ۾ مگن پنهنجي وڳر کان وڇڙي
بي راهه روي جي ڪيفيت ۾ وڻ جي هڪڙي ٽاريءَ کان اڏري مٺڙيون ٻوليون ٻوليندو، پنهنجي
آکري جي ٻي ٽاري ڏانهن موٽي رهيو هو ته يڪا يڪ واٽ ويندي هڪ رهزن ۽ ظالم شڪاري جي
بي رحمانه ۽ بزدلانه گولين جي بک ٿي ويو ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنائين، هي بهار جي ٽڙيل
مکڙي جا گل مس ٿي هئي. تنهن ريٽي رت جي هن راند ۾ پاڻ ملهائي بنا ڪنهن احتجاج ۽
عذر جي پنهنجي عزيزن، قريبن دوستن ۽ ٽنڊومحمدخان جي شهرين کي جدائي جو اهڙو گهرو
داغ ۽ پيار جي اهڙي پيڙا ڏئي ويو، جنهن جا زخم اڄ به ڳاڙهي گلاب جي رتول رنگ جيان
هر دل ۾ تادم تازا قائم ۽ دائم آهن.