; سنڌي شخصيتون: ڀڳونتي ناواڻي

03 February, 2015

ڀڳونتي ناواڻي

ڀڳونتي ناواڻي

سنڌ هند جي ڪوئل



سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره، سنڌوءَ جي نياڻي، ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم، ۱ فيبروري ۱۹۴۰ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. پرائمري تعليم ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلس اسڪول مان حاصل ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، ۱۹۴۸ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ بمبئي هلي وئي. پهرين ڪملا گرلس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئيءَ مان ۱۹۵۷ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين.

ڀڳونتي ناواڻيءَ وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون هيون ۽ ڀڳونتي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر هئي.


ڀڳونتيءَ کي ڳائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. ان وقت سندن گھر ۾ ريڊيو نه هوندو هو. پر سندن گھر جي هيٺان هڪ گھر ۾ ريڊيو هو ۽ جڏهن به ريڊيو تي ڪو گيت ٻڌندي هئي ته يڪدم ٻڌڻ جي شوق ۾ ڊوڙ پائي ان گھر ۾ ويندي هئي. ان کان سواءِ اسڪول ۾ جيڪي بيت ۽ نظم پڙهيا ويندا هئا، اهي هر وقت گھر ۾ وڏي آواز سان ڳائيندي رهندي هئي. سمورو وقت گهر ۾ ڳائڻ سبب ماءُ جا دڙڪا ۽ ڳالهائڻ به سهڻا پوندا هئس.

هن سنگيت جي باقاعدي ڪنهن استاد کان تعليم نه ورتي، پر سنگيت اسڪولن ۾ تعليم ورتائين. سال کن ديوڌر ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ ۽ ٻه سال کن نکل گھوش ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ به تعليم حاصل ڪيائين. عملي سکيا Indian Peoples Theater Association مان ورتائين. ان وقت ننڍي کنڊ جو وڏو ڪهاڻيڪار خواجه احمد عباس ان اسڪول جو صدر هوندو هو. ان کان سواءِ بمبئي يوٿ ڪوائر ۾ به وقت بوقت سنڌي، مراٺي، گجراتي، هندي ۽ اردوءَ ۾ ڳائيندي هئي. ان وقت سنجيو ڪمار، بلراج ساهني ۽ اي ڪي هنگل به ان ۾ حصو وٺندا هئا. اهو ۶۸-۱۹۶۷ع جو زمانو هو. ڪڏهن ڪڏهن لتا منگيشڪر به ساڻن شريڪ ٿيندي هئي. ميوزڪ ڊائريڪٽر سنيل چوڌري انهن پروگرامن جي هدايت ڏيندو هو.

ڀڳونتي ناواڻيءَ، ڊرامن ۾ آرٽسٽ طور به ڪم ڪيو. سندس ڀائر ايشور ۽ نند به ساڻس اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندا هئا. ايشور ته ان وقت بهترين آرٽسٽ ليکبو هو. ڀڳونتيءَ شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي ”آٿيلو“ (سنڌي) ۾ ڪم ڪيو ۽ آل انڊيا مقابلي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. ان کان سواءِ هڪ سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي ڪناري“ ۾ هيروئن جو رول ادا ڪيائين. ان فلم ۾ سنڌيت جو پرچار ڪيو ويو هو. اها سندس پهرين ۽ آخري فلم ثابت ٿي. ان بعد مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر هيمنت ڪمار هن کي هڪ هندي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر هن اها آڇ قبول نه ڪئي.

ڀڳونتيءَ پهريون پروگرام گوبند مالهيءَ جي قائم ڪيل ”سنڌي ڪلاڪار منڊل“ ۾ ڏنو. ابتدا ۾ هنديءَ ۾ ڳائيندي هئي. بنگالي فلم ڊائريڪٽر رتوڪ گھٽڪ هڪ دفعو گوبند مالهيءَ کان شاهه ۽ سچل جو فلسفو ٻڌڻ کان پوءِ هن کي اتساهه ڏياريو ته هندي فلم لائين ۽ سنگيت سان جڙيل رهڻ ڪري ممڪن آهي ته گوبند مالهي وڏو فلم ڊائريڪٽر ۽ ڀڳونتي ناواڻي به پلي بئڪ سنگر ثابت ٿئي، پر شاهه ۽ سچل جو ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هن ڇوڪريءَ معرفت سنڌ کان لڏي آيل ۽ هندوستان ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي ۽ سندن نئون نسل سنڌ ۽ شاهه کي سڃاڻي وٺن ۽ پنهنجي ”سنڌيت“ کي قائم رکن. انهيءَ کان پوءِ ڀڳونتيءَ ۽ مالهيءَ ٻنهي پنهنجو ڌيان صرف ئي صرف سنڌي سنگيت کي ڏنو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. شاهه، سچل سرمست گورڌن ڀارتي، هوندراج ’دکايل‘، پرڀو ’وفا‘، واسديو نرمل، ڪرشن راهي، نارائڻِ شيام، شيخ اياز، موتي پرڪاش ۽ ٻين جي شاعري کي ڳايائين. هن جا ڳايل ڪرشن راهيءَ جا ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڏوهيڙا/ بيت ايترو ته مقبول ٿيا، جو هر هنڌ کيس انهن جي ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ويندي هئي. هن جي پرسوز آواز ۾ وطن سنڌ جي محبت ۽ سڪ موجود هئي.

ڀڳونتي ناواڻيءَ سوين گيت، ڪلام، لاڏا، ڀڄن، مزاحيه گيت رڪارڊ ڪرايا، جن ۾ ريڊيو تي ڳايل، هز ماسٽر وائس، ايڇ ايم وي، لانگ پلي رڪارڊ ۽ ڪيسٽون شامل آهن. هن کي شاهه جو ڪلام ”ڏني ڪا ماءُ سورن جي، پينگھي ۾ لولي ادا“ ڏاڍو پسند هو ۽ اڪثر بي ساخته جھونگاريندي رهندي هئي.

ڀڳونتي هند ۽ سنڌ ۾ هڪ جيتري مقبول هئي. آل انڊيا ريڊيو معرفت کيس هند ۽ سنڌ مان وڏي تعداد ۾ خط ايندا هئا. هن ذري گھٽ سڄي هندستان ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. جوڌپور (راجستان) کان گوهاٽيءَ (آسام) تائين ۽ دهليءَ کان بئنگلور تائين جنهن به شهر يا وستيءَ ۾ سنڌين جا پنج گھر به هئا، ته ڀڳونتي ۽ سندس ڪلاڪار منڊل کي دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو. هوءَ دبئي، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، جڪارتا، منيلا، ٽاپئي (فارموسا) ۽ لنڊن ۾ رهندڙ سنڌين جي دعوت تي ڪيترا ڀيرا اتي فن جي مظاهري لاءِ ويئي. جنم ڀومي سنڌ مان به کيس ڪيتريون دعوتون مليون، پر ويزا نه ملڻ سبب نه اچي سگھي. هن کي ڀٽ شاهه، درازا، نصرپور، شڌاڻي درٻار، سيوهڻ، اڏيري لال تي وڃي ڳائڻ جي ڏاڍي سڪ هئي. ان کان سواءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ساڌٻيلي ۽ ٻين شهرن کي ڏسڻ جو به ڏاڍو چاهه هئس. هن جا پسنديده سنگيتڪار: بلو، سي راڻي، سي ارجن ۽ سي لکميچند هئا. سندس گيتن جي اڪثر ڪمپوزيشن ميوزڪ سي لکميچند ڏني آهي، جيڪو پاڻ به سٺو ڳائڪ هو.

هن پنهنجي ساٿي گوبند مالهيءَ سان گڏ هند ۾ سنگيت ۽ ڊرامن ذريعي سنڌيت جو وڏو پرچار ڪيو. هن گوبند مالهيءَ جي صلاح تي سنڌي ڪلامن کي جديد طرز تي ڊسڪو تي به ڳايو. ”پيرين پوندي سان، چوندي سان“ شاهه جو ڪلام هن جو هر هر ٻڌڻ جهڙو هو. هن لاڳيتو پنج پنج ڪلاڪ به ڳايو. هوءَ پهرين سنڌي ڳائڻي هئي، جنهن ڪافي مخالفتن کي برداشت ڪري سنگيت کي بچائڻ جا جتن ڪيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن جي پسنديده شخصيت گوبند مالهي هو. هوءَ چوندي هئي ته مٿس گوبند مالهيءَ جي مهر ۽ ڇايا نه هجي ها ته هوءَ ڪامياب فنڪاره نه ٿي سگھي ها. ڀڳونتي ناواڻيءَ، گوبند مالهيءَ جي رهبريءَ ۽ هدايت ۾ سنڌيت جي عيوضي طور هند ۽ دنيا ۾ پاڻ ملهائي، سنڌيت جو شان اوچو رکيو.

ڀڳونتي ناواڻيءَ جو امر آواز سنڌي نرتڪي انيلا سندر جي سنڌي نرتيه بئلي ”سنڌيت جي سرهاڻ“ ۾ به موجود آهي. ڀڳونتيءَ سڄي عمر شادي نه ڪئي ۽ چوندي هئي ته هن آرٽ ۽ موسيقيءَ سان شادي ڪري ڇڏي آهي. هوءَ هندوستان جي پهرينءَ صف جي گائڪن ۾ شمار ٿيندي هئي. ڪجهه عرصي لاءِ بمبئيءَ ۾ اعزازي طرح اسپيشل ايگزيڪيٽو مئجسٽريٽ به رهي. پر هن جي من جو لڳاءُ سنڌي موسيقيءَ سان ساهه جي آخري تند ٽٽڻ تائين قائم رهيو.

سنڌ جي هيءَ بي بها نياڻي ۴۶ سالن جي ڄمار ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۸۶ع تي، سنڌي سنگيت کي ڇورو ڇنو ڪري وئي.

 (انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا)


 

ڀڳونتِي ناواڻِي

سِنڌُين جي سِڪِيلڌِي گائِڪا

ڀڳوان داس ساگر (سنڌ)

ڪير آهي؛ جنهن کي سنگِيت سان لڳاءُ ڪونهي؟ ڪير آهي؛ جنهن جو مُوسيقي سان من نٿو لڳي؟ ڪير آهي؛ جنهن کي ڳائڻ پسند نه هجي؟ اهڙو ڪوبه ڪون هوندو جيڪو مُوسيقي کي نه چاهيندو هجي، جنهن کي سنگِيت سان لڳاءُ نه هجي، جنهن کي ڳائڻ نه وڻندو هجي. مُوسيقي ته روُحُ جي غِذا آهي، اُهو سنگِيت ئي آهي جنهن سان اسُکُ آتما کي سُڪون ملي ٿو، بي آرام روُحُ کي راحت ملي ٿي، ڀٽڪندڙ من ٺِڪاڻي  لڳي ٿو، سنگِيت سان ته فطرت کي به بي پناھ پيارُ آهي.

جيڪڏهن اسين تاريخ جا ورق ورائي ماضِيءَ ۾ جهاتِي پائي ڏسنداسين ته پروڙ پوندي ته، ڪِن مُحبَ انسانن مُوسيقيءَ سان به محبوب جهڙو  پيارُ ڪيو، فنا ٿيڻ جي حَد تائين چاهِيو، پنهنجي سڄي حياتِي موسيقيءَ کي ارپي، سنگِيت جو حصو بڻجي ويا، جن سڀ ڪجه سنگِيت کي ئي ڪوٺيو، جن لاء موسيقي ئي سڀ ڪجھ هئي.

اهڙين انمول شخصيتن ۾ اَمَرُ آوازُ ڀڳونتِي ناواڻِيءَ به هڪ هُئي. ڀڳونتِي ناواڻِي جنهن سنڌيءَ مُوسيقيءَ کي پنهنجو جِيون ارپي ڇڏيو، جنهن سنڌي مُوسيقيءَ لاء پاڻ پتوڙيو، پنهنجو سُکُ ۽ آرام ڦِٽَائي بي آرام روُحَن کي قرار بخشيو، جنهن پنهنجي خُوشنما مُرڪ ۽ مڌُر ۽ ڪوئِل جهڙي مٺڙي آوازُ سان پنهنجي ٻُڌندڙن کي موهيو،

جيڪا سِنڌُين جي سِڪِيلڌِيءَ ڳائِڪا ۽ سنڌيءَ سنگِيت جي لتا جي حوالي سان مشهور آهي.

اها سِڪِيلڌِيءَ ڳائِڪا، ڀڳونتِي ناواڻِيءَ

 ۱ فيبروري ۱۹۴۰ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. پرائمري تعليم ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلس اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ ۱۹۴۷ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، ۱۹۴۸ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏ بمبئي هلي وئي. پهرين ڪملا گرلس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئيءَ مان ۱۹۵۷ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڀڳونتي ناواڻيءَ وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون هيون ۽ ڀڳونتي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر هئي. ڀڳونتيءَ کي ڳائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. ان وقت سندن گھر ۾ ريڊيو نه هوندو هو. پر سندن گھر جي هيٺان هڪ گھر ۾ ريڊيو هو ۽ جڏهن به ريڊيو تي ڪو گيت ٻڌندي هئي ته يڪدم ٻڌڻ جي شوق ۾ ڊوڙ پائي ان گھر ۾ ويندي هئي. ان کان سواءِ اسڪول ۾ جيڪي بيت ۽ نظم پڙهيا ويندا هئا، اهي هر وقت گھر ۾ وڏي آواز سان ڳائيندي رهندي هئي. سمورو وقت گهر ۾ ڳائڻ سبب ماءُ جا دڙڪا ۽ ڳالهاءُ به سهڻا پوندا هئس. هن سنگيت جي باقاعدي ڪنهن استاد کان تعليم نه ورتي، پر سنگيت اسڪولن ۾ تعليم ورتائين. سال کن ديوڌر ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ ۽ ٻه سال کن نکل گھوش ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ به تعليم حاصل ڪيائين. عملي سکيا Indian Peoples Theater Association/ IPTA مان ورتائين. ان وقت ننڍي کنڊ جو وڏو ڪهاڻيڪار خواجه احمد عباس ان اسڪول جو صدر هوندو هو. ان کان سواءِ بمبئي يوٿ ڪوائر ۾ به وقت بوقت سنڌي، مراٺي، گجراتي، هندي ۽ اردوءَ ۾ ڳائيندي هئي. ان وقت سنجيو ڪمار، بلراج ساهني ۽ اي. ڪي. هنگل به ان ۾ حصو وٺندا هئا. اهو  ۶۸-۱۹۶۷جو زمانو هو. ڪڏهن ڪڏهن لتا منگيشڪر به ساڻن شريڪ ٿيندي هئي. ميوزڪ ڊائريڪٽر سنيل چوڌري انهن پروگرامن جي هدايت ڏيندو هو.

ڀڳونتي ناواڻيءَ ڊرامن ۾ آرٽسٽ طور به ڪم ڪيو. سندس ڀائر ايشور ۽ نند به ساڻس اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندا هئا. ايشور ته ان وقت بهترين آرٽسٽ ليکبو هو. ڀڳونتيءَ شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي ”آٿيلو“ (سنڌي) ۾ ڪم ڪيو ۽ آل انڊيا مقابلي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. ان کان سواءِ هڪ سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي ڪناري“ ۾ هيروئن جو ڪردار ادا ڪيائين. ان فلم ۾ سنڌيت جو پرچار ڪيو ويو هو. اها سندس پهرين ۽ آخري فلم ثابت ٿي. ان بعد مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر هيمنت ڪمار هن کي هڪ هندي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر هن اها آڇ قبول نه ڪئي. ڀڳونتيءَ پهريون پروگرام گوبند مالهيءَ جي قائم ڪيل ”سنڌي ڪلاڪار منڊل“ ۾ ڏنو. ابتدا ۾ هنديءَ ۾ ڳائيندي هئي. بنگالي فلم ڊائريڪٽر رتوڪ گھٽڪ هڪ دفعو گوبند مالهيءَ کان شاهه ۽ سچل جو فلسفو ٻڌڻ کان پوءِ هن کي اتساهه ڏياريو ته هندي فلم لائين ۽ سنگيت سان جڙيل رهڻ ڪري ممڪن آهي ته گوبند مالهي وڏو فلم ڊائريڪٽر ۽ ڀڳونتي ناواڻي به پلي بئڪ سنگر ثابت ٿئي، پر شاهه ۽ سچل جو ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هن ڇوڪريءَ معرفت سنڌ کان لڏي آيل ۽ هندوستان ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي ۽ سندن نئون نسل سنڌ ۽ شاهه کي سڃاڻي وٺن ۽ پنهنجي ”سنڌيت“ کي قائم رکن. انهيءَ کان پوءِ ڀڳونتيءَ ۽ مالهيءَ ٻنهي پنهنجو ڌيان صرف ئي صرف سنڌي سنگيت کي ڏنو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. شاهه، سچل سرمست گورڌن ڀارتي، هوندراج ’دکايل‘، پرڀو ’وفا‘، واسديو نرمل، ڪرشن راهي، نارائڻِ شيام، شيخ اياز، موتي پرڪاش ۽ ٻين جي شاعري کي ڳايائين. هن جا ڳايل ڪرشن راهيءَ جا ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڏوهيڙا/بيت ايترو ته مقبول ٿيا، جو هر هنڌ کيس انهن جي ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ويندي هئي. هن جي پرسوز آواز ۾ وطن سنڌ جي محبت ۽ سڪ موجود هئي.

ڀڳونتي ناواڻيءَ سوين گيت، ڪلام، لاڏا، ڀڄن، مزاحيه گيت رڪارڊ ڪرايا، جن ۾ ريڊيو تي ڳايل، هز ماسٽر وائس، ايڇ.ايم.وي، لانگ پلي رڪارڊ ۽ ڪيسٽون شامل آهن. هن کي شاهه جو ڪلام ”ڏني ڪا ماءُ سورن جي، پينگھي ۾ لولي ادا“ ڏاڍو پسند هو ۽ اڪثر بي ساخته جھونگاريندي رهندي هئي. ڀڳونتي

هند ۽ سنڌ ۾ هڪ جيتري مقبول هئي. آل انڊيا ريڊيو معرفت کيس هند ۽ سنڌ مان وڏي تعداد ۾ خط ايندا هئا. هن ذري گھٽ سڄي هندستان ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. جوڌپور (راجستان) کان گوهاٽيءَ (آسام) تائين ۽ دهليءَ کان بئنگلور تائين جنهن به شهر يا وستيءَ ۾ سنڌين جا پنج گھر به هئا، ته ڀڳونتي ۽ سندس ڪلاڪار منڊل کي دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو. هوءَ دبئي، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، جڪارتا ، منيلا، ٽاپئي (فارموسا) ۽ لنڊن ۾ رهندڙ سنڌين جي دعوت تي ڪيترا ڀيرا اتي فن جي مظاهري لاءِ ويئي. جنم ڀومي سنڌ مان به کيس ڪيتريون دعوتون مليون، پر ويزا نه ملڻ سبب نه اچي سگھي. هن کي ڀٽ شاهه، درازا، نصرپور، شڌاڻي درٻار، سيوهڻ، اڏيري لال تي وڃي ڳائڻ جي ڏاڍي سڪ هئي. ان کان سواءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ساڌٻيلي ۽ ٻين شهرن کي ڏسڻ جو به ڏاڍو چاهه هئس. هن جا پسنديده سنگيتڪار: بلو، سي راڻي، سي. ارجن ۽ سي. لکميچند هئا. سندس گيتن جي اڪثر ڪمپوزيشن ميوزڪ سي.لکميچند ڏني آهي، جيڪو پاڻ به سٺو ڳائڪ هو. هن پنهنجي ساٿي گوبند مالهيءَ سان گڏ هند ۾ سنگيت ۽ ڊرامن ذريعي سنڌيت جو وڏو پرچار ڪيو. هن گوبند مالهيءَ جي صلاح تي سنڌي ڪلامن کي جديد طرز تي ڊسڪو تي به ڳايو. ”پيرين پوندي سان، چوندي سان“ شاهه جو ڪلام هن جو هر هر ٻڌڻ جهڙو هو. هن لاڳيتو پنج پنج ڪلاڪ به ڳايو. هوءَ پهرين سنڌي ڳائڻي هئي، جنهن ڪافي مخالفتن کي برداشت ڪري سنگيت کي بچائڻ جا جتن ڪيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن جي پسنديده شخصيت گوبند مالهي هو. هوءَ چوندي هئي ته مٿس گوبند مالهيءَ جي مهر ۽ ڇايا نه هجي ها ته هوءَ ڪامياب فنڪاره نه ٿي سگھي ها. ڀڳونتي ناواڻيءَ، گوبند مالهيءَ جي رهبريءَ ۽ هدايت ۾ سنڌيت جي عيوضي طور هند ۽ دنيا ۾ پاڻ ملهائي، سنڌيت جو شان اوچو رکيو. ڀڳونتي ناواڻيءَ جو امر آواز سنڌي نرتڪي انيلا سندر جي سنڌي نرتيه بئلي ”سنڌيت جي سرهاڻ“ ۾ به موجود آهي. ڀڳونتيءَ سڄي عمر شادي نه ڪئي ۽ چوندي هئي ته هن آرٽ ۽ موسيقيءَ سان شادي ڪري ڇڏي آهي. هوءَ هندوستان جي پهرينءَ صف جي گائڪن ۾ شمار ٿيندي هئي. ڪجهه عرصي لاءِ بمبئيءَ ۾ اعزازي طرح اسپيشل ايگزيڪيٽو مئجسٽريٽ به رهي. پر هن جي من جو لڳاءُ سنڌي موسيقيءَ سان ساهه جي آخري تند ٽٽڻ تائين قائم رهيو. سنڌ جي هيءَ بي بها نياڻي ۴۶ سالن جي ڄمار ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۸۶ع تي دم ڌڻيء حوالي ڪري، سنڌي سنگِيت ۽ سِنڌُين کي الوداع چئي وئي.

 

(هفتي وار  سنڌي اخبار ”سِنڌي اَحوال“ ڀارت ۾ ۲ فيبروري ۲۰۲۲ع تي شايع ٿيل)


 

ڀڳونتي ناواڻي

محمد رمضان شورو

ھند، سنڌ ۾ مشهور سنڌي فنڪارا ڀڳونتي ناواڻي پھرين فيبروري ۱۹۴۰ع تي مصري شاھ امام رضويءَ جي نگري نصرپور سنڌ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو جسو مل ناواڻي ۽ ماءُ جو نالو وشني ٻائي ناواڻي ھو.

ڀڳونتي ناواڻي اڃا سنڌ ۾ ابتدائي تعليم جي شروعات ڪئي، ته ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي ويو، جنھن ڪري سندس خاندان سنڌ مان لڏي بمبئيءَ ھليو ويو، جتي ھن ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪملا گرلس ھائي اسڪول بمبئيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.

ڀڳونتي ناواڻي موسيقيءَ جي تعليم ديو گھر ميوزڪ اسڪول ۽ ارون سنگيت وڌيالا مان حاصل ڪئي. موسيقيءَ جي وڌيڪ سکيا پيپلز ٿئيٽرس گروپ جي ڪنو گوش ۽ ڪنو رائي کان حاصل ڪئي.

ڀڳونتي ناواڻي ڪافي ڪلام، لوڪ گيتن، سھرن، لاڏن، ڀڄنن سميت موسيقيءَ جون سڀ صنفون ڳايون ته فلمن لاءِ پلي بيڪ سنگنگ به ڪئي، کيس "سنڌي ڪوئل" جو خطاب ڏنو ويو.

ڀڳونتي ناواڻي پنھنجي ڪيريئر جي شروعات آل انڊيا ريڊيو کان ڪئي، جتي کيس بلو سي راڻي، چندرو آتما، سترام روھڙا، پروفيسر رام پنجواڻيءَ جھڙين شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، ھن مھيندر ڪپور سميت مختلف فنڪارن سان گڏ ھندي فلمن لاءِ ڊوئيٽ ڳايا.

ڀڳونتي ناواڻي "جھولي لال"، "سنڌوءَ جي ڪناري" سميت مختلف فلمن ۾ اداڪاري به ڪئي، پلي بيڪ سنگر طور سندس ٻين مشهور فلمن ۾ لاڏلي، ھو جمالو، شل ڌيئر نه ڄمن، ھل ته ڀڄي ھلون، ڪنور رام، پرديسي پريتم وغيره شامل آھن، سندس مشهور ڪلامن ۾:

*پيرين پوندي سان، چوندي سان، رھي وڃ رات ڀنڀور ۾.

*جيئي منھنجي سنڌ، مان ته گھوريان پنھنجي جند، پنھنجي اباڻي وطن تان.

*سمان ڄام سلطان منهنجي ذات مھاڻي، مڇيون روز ماريون، ڏنڀرا ڏيھاڙي.

*ڏسو عاشقن جا انصاف، ڏين سر گھوري گھوري.

*اچ موٽي منھنجا چنيسر.

*جوت ڪٿي آھي.

*سنڌ ديس جي ڌرتي.

*تنهنجي گنج ۾ آ ڪمي ڪانه.

*آيو ڙي مزمان

*پيڪين ھلي ويندي سانءِ

وغيره شامل آھن.

ڀڳونتي ناواڻي انڊيا جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت مختلف ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، مشهور سنڌي علمي، ادبي شخصيت گوبند مالهيءَ جي قائم ڪيل "ڪلاڪار منڊل" سان لاڳاپيل رهي، ان جي مختلف پروگرامن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين ته "مھمان"، "گستاخي معاف"، "تنھنجو سو منھنجو"، "ديش جي للڪار" سميت مختلف پليز ۾ اداڪاري به ڪيائين، ڀڳونتي ناواڻي ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۸۶ع تي وفات ڪئي.

 

(محمد رمضان شورو جي فيسبڪ وال تي ۳ فيبروري ۲۰۲۵ع تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا