; سنڌي شخصيتون: گلزار علي خان سانگھڙائي

04 February, 2016

گلزار علي خان سانگھڙائي

گلزار علي خان سانگھڙائي

سدا حيات ۽ ڪلاڪار خانصاحب استاد

ناصر مقصود گل



مولا علي عليه السلام جن جو فرمانِ عاليشان آهي ته: ”هڪ عالِم جو موت، پوري عالَم جو موت آهي“ ڇاڪاڻ ته هڪ علم وارو انسان، جڏهن هي جهان ڇڏي پنهنجي خالقِ حقيقي سان وڃي ملندو آهي ته پنهنجي پٺيان پوريءَ دنيا کي سوڳوار ڇڏي ويندو آهي. جيڪڏهن مولا علي عليه السلام جي هن قول جي گهرائيءَ تائين وڃجي ته ان جو مقصد اهوئي آهي ته علم کي اهڙي فضيلت ۽ درجو حاصل آهي، جو جڏهن هڪ علم وارو انسان هِن جهان مان هن جهان ڏي روانو ٿيندو آهي ته اڻ گھڙيءَ ڄڻ ته سندس فيض کان پورو عالَم محروم ٿي ويندو آهي. علم وارا انسان فرد واحد هوندي به اهڙن ادارن مثل هوندا آهن، جيڪي ڏات ۽ فن جي ڪري سدائين قدر دان ماڻهن جي دلين ۾ آباد هوندا آهن، اهي ماڻهو جهڙيءَ ريت جيئري ماڻهن جون دليون جيئاريندا رهندا آهن، اهڙيءَ ريت سان مُئي پڄاڻان سموري ديس کي اداس ڪري ويندا آهن.


اڄ ڏهين مئي آهي ۽ هي ڏينهن موسيقيءَ جي هڪ عالم ۽ با ڪمال ڪلاڌڻيءَ جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. ڏهين مئي سنڌي سنگيت نگر لاءِ ڏکارو ڏهاڙو آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ کان ٺيڪ هڪ سال اڳ سنڌي سنگيت گهر ۾ هڪ ڪوهيارل ڪاڻ ڪوهياريءَ ڪهرام مچايو هو، مالڪوسَ ماتم ڪيو هو، درٻاري دانهون ڪيون هيون، سورٺ سڏڪا ڀريا هئا، سرمنڊل جون تارون ڇيهون ڇيهون ٿي پيون هيون ۽ طبلي جي ٻنهي پاسن شاهيءَ بجاءِ پنهنجي سِر ۾ خاڪ وڌي هئي، سريلن سازن روڄ راڙي سان، زارو قطار هنجون هاري هڪ محبوب سان موڪلاڻي ڪئي هئي. سال اڳ هن ڏينهن تي سنگيت جي گلزار ۾ سوڳوار تڏو پٿارجي ويو هو، سال ۲۰۱۴ع جي اڄوڪي ڏينهن سنڌي ڪلاسيڪي راڳ جي سرموڙ راڳيءَ، سـُـرَن جي بادشاهه ۽ طبع جي فقيرَ، سانگھڙائي سپوتَ، خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ پنهنجون اهي اوجاڳيل اکيون هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيون هيون، جن اکين سنگيت جي سڪ ۽ موسيقيءَ جي محبت ۾ ٻاهتر سالن (۱۹۴۲ع کان ۲۰۱۵ع تائين) کان اوجاڳا اورانگھيا هئا. خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائي هن پريم جي پنٿ جو سفر ڪٿان کان شروع ڪيو، ڪهڙا ڪشالا ڪاٽيا، ڪهڙيون تڪليفون چاهه سان چشمن تي چايون، اچو ته سندس جيون تي هڪ نظر ڌريون.

خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ جو اصلوڪو ديس ننڍي کنڊ جي رياست راجسٿان هو. راجسٿان ڀارت جي ٻيو نمبر وڏي رياست آهي، جنهن جي پکيڙ ۳ لک ۴۲ هزار چورس ڪلوميٽر (اتر- اولهه) ٿيندي. هيءَ راجپوتن جي سرزمين آهي، جن لڳ ڀڳ هڪ هزار سال راجسٿان تي حڪومت ڪئي هئي. هنن سمورن ٻاهرين سان مهاڏا اٽڪايا ۽ ڀوري سامراج سان جنگيون جوٽيون هيون. راجپوتن ريگستاني علائقي ۾ وڏا وڏا قلعا چتورڳڙهه، جوڌپور، جيسلمير وغيره ٺاهيا. راجائن ۽ ٺڪرن جي نالي سان سڃاپجندڙ هن  رياست جي موسيقيءَ جي تاريخ به ان جيتري ئي قديم آهي، جيتري هن رياست جي قدامت آهي. ان حوالي سان ڪيترائي موسيقار گھراڻا هن رياست سان تعلق رکن ٿا، جن گھراڻن جي انمول فردن، مانائتن موسيقارن پاڻ ولوڙي، ننڊون ۽ آرام تياڳي، محنتون ۽ رياض ڪري، سرن ۾ ساهه وڌو هو ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويا.

هن سر زمين سان تعلق رکندڙ موسيقارن ۽ ڪلاڪارن جي گھراڻن مان هڪ ’ قريشي گھراڻو‘ پڻ ايامن کان هتي آباد هو، هن گھراڻي سان وابسته ڪلا ڌڻين جي جيڪڏهن ڪٿا ويهي ڪبي ته ڪتاب ڀرجي ويندا. راجسٿان جي قريشي راڳي گھراڻي مان پنهل جي قافلي جيان عنبير جي سرهاڻ جهڙن سرن جي خوشبوءِ پکيڙيندڙ فردن جو هڪ ٽولو پنهنجي اصلوڪي ديس راجسٿان مان لڏي پلاڻي پهرين پنجاب جي شهر بهاولپور ۽ پوءِ سنڌ ۾ پاڻ سان گڏ سر ۽ ساز جي ڪيميا کڻي آيو، اُن گھراڻي جا املهه هيرا خانصاحب استاد رحيم بخش خان (استاد گلزار علي خان جو چاچو)، خانصاحب استاد الاهي بخش خان (استاد گلزار علي خان جو والد صاحب) ۽ باڪمال ڪٽنب جا ٻيا فرد سنڌ ۾ اچي پهريان ٽنڊي ڄام، تنهن بعد کپري ۽ ان بعد مستقل طور سانگھڙ ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏي ويٺا ۽ اسان سنڌين جي اها خوشبختي چئبي جو اهي انمول راڳي هميشه لاءِ سنڌ جا ئي ٿي ويا.

ڪلا جي ان قريشي گھراڻي ۾ موسيقيءَ جي ازلي اوشاق ۽ امر آواز جي مالڪ خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ پڻ جنم ورتو، جنهن جي سريلي آواز جي گونج راجسٿان کان سانگھڙ يعني هند کان سنڌ تائين پهتي ۽ اسان کي پڪ آهي ته اها پيڙهين تائين گونجندي رهندي.  سنڌ جي ان ئي سدا سريلي ڏاتيار گھراڻي جو باڪمال ڪلاڪار  خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ ۱۹۴۲ع ڌاري پنهنجي وقت جي تمام سگھاري سارنگي نواز خانصاحب استاد الاهي بخش خان جي گھر ۾ عالم ارواح جا ننڊاکا نيڻ کولي دنيا جو ديدار ڪيو. سندس تربيب هڪ موسيقار گھراڻي ۾ ٿي، ان ڪري ننڍپڻ کان وٺي سندس ٻاراڻا ٻاتا ٻول آلاپ ۽ سريلا ساز سندس رانديڪا بڻجي ساڻس گڏ گڏ رهيا. استاد گلزار علي خان سانگھڙائي موسيقيءَ جهڙي مٺڙي مڌ جو پياڪ ته ننڍ پڻ کان ئي ٿي ويو هو، پر عملي طور تي باقاعدگيءَ سان بهاولپور ۾ خانصاحب استاد بندي علي خان جي حضور ۾ حاضر ٿي، سندس سرپرستيءَ هيٺ سرن جي سوغات حاصل ڪيائين. تاريخ جي ورقن اٿلائڻ سان ان ڳالهه جو پتو پڻ پوي ٿو ته خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائي گائيڪيءَ کان اول پنهنجي باڪمال چاچي خانصاحب استاد رحيم بخش خان سان سنگت ۾ طبلو پڻ وڄايو.

خانصاحب استاد گلزار علي خان سانگھڙائي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي هڪ مڪمل اداري جي حيثيت رکندو هو، هو ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي هر صنف جهڙوڪ: خيال، ٺمري، گيت، تراني، ڪافي جي گائيڪيءَ ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو. استاد گلزار علي خان سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي حوالي سان هڪ مڪمل ۽ منفرد مقام ماڻي ورتو هو. آئون هن مضمون تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ جڏهن نامياري ليکڪ، ريڊيو جي تمام سگھاري براڊڪاسٽر، پروڊيوسر ۽ ريڊيو حيدرآباد جي اسٽيشين ڊائريڪٽر محترم نصير مرزا سان ملاقات ڪئي ته اهو ڄاڻي مون کي تمام گھڻي حيرت ٿي ته ننڍي کنڊ جي سگھارن سنگيتڪارن ۽ ڪلاسيڪل ڪلاڪارن ۾ شمار ٿيندڙ استاد گلزار علي خان سانگھڙائي شهرت جي شوق کان ايترو ته اڻ واقف هو، جو هن ريڊيو جي دنيا ۾ ڪافي عرصو بعد ۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ قدم رکيو هو، جڏهن ته ڪيترائي سندس همعصر ۽ همعمر سنگيتڪار پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، آل انڊيا ريڊيو جي اسٽوڊيوز جي ريڊيائي لهرن تان پاڻ مڃرائي چڪا هئا.

استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ پنهنجي فن جي فيض سان ڪيترن ئي شاگردن کي فيضياب پڻ ڪيو، جيڪي اڄ سنڌي موسيقيءَ ۾ اهم جڳهه والارين ٿا، سندس شاگردن ۾ استاد عنايت علي خان (پٽ)، استاد ولايت علي خان (پٽ)، رجب گلزار علي خان (پٽ)، اختيار خشڪ، سيد وزير علي شاهه، نظر محمد، حافظ اسماعيل ۽ ٻين جا نالا شمار ڪري سگھجن ٿا. پاڻ فني زندگيءَ کان علاوه عام زندگيءَ ۾ عملي طور تي به  پنهنجي ذات ۾ درويشياڻين وصفن ۽ صوفياڻين صفتن سان سرشار هو. پاڻ هڪ ڪلاسيڪل ڪلاڪار هجڻ سان گڏ زندهه دل شخصيت جو مالڪ پڻ هو، حوالي سان پنهنجي تڏي تي هر ايندڙ ويندڙ جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪندڙ ۽ محبتي ميزبان پڻ هو.

استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ کي سندس ڪيل عمر ڀر جي فني پورهئي جي عيوض سال ۱۹۸۴ع ۾ ’استاد منظور علي خان ايوارڊ‘، سال ۲۰۱۰ع ’شاهه لطيف ايوارڊ‘، ۱۹۹۵ع ۾ ’آل سنڌ سنگيتڪار ائسوسيئيشن، شڪارپور‘ (آسا) پاران ايوارڊ، ’استاد گلزار علي خان ايوارڊ‘، ’سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ‘ پاران ’مادرِ وطن ايوارڊ‘ سميت ٻيا به ڪيترائي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ ۽ موسيقيءَ جي مداحن پاران اڻ ميون محبتون ۽ مڃتائون پڻ مليون.

سنڌ جن هن سگھاري سنگيتڪارَ، قربائتي ڪلاسيڪل ڪلاڪارَ، گڻائتي گلوڪارَ، استاد گلزار علي خان سانگھڙائيءَ پنهنجي زندگيءَ جون ٻاهتر بهارون ماڻي، ۱۰ مئي ۲۰۱۴ع تي، پنهنجن محتبي مداحن کان هميشه لاءِ جدا ٿيندي، سرگمن کي سوڳوار ڪري، راڳ کي روئڻهارڪو ڪري، ويراڳ کي ويڳاڻو ڪري، آلاپن کي الوداع ڪري ۽ سونهاريءَ سنڌ کي هميشه لاءِ خدا حافظ چئي راهه ربانيءَ طرف راهي ٿيو.

۱۰ مئي: پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان)


 

استاد گلزار علي خان

ويا اوهري اوءِ، مون کي ڇڏي ماڳهين

بخشڻ مهراڻوي

هڪ دفعي ڀوڳن ۾ چيو هئائين ته، ”يار! هاڻ ٻڌڻ وارا رهيا ئي ناهن، سڀ وڃي سرڳواسي ٿيا، دل چوي ٿي هاڻي انهن وٽ وڃان ۽ وڃي اتي ڪي راڳ رنگ جون محفلون سجايان“. هن جي انهيءَ ڀوڳ ۾ هڪ ارمان ۽ ناقدري جو بي پناھ ڏک سمايل هو.

راجسٿان جي وارياسين ڀِٽن تان بک، ڏک، اڃ ۽ رُڃ مان سفر ڪري سنڌ جا وڻ وسائيندڙ ۽ سنڌ ۾ رهجي ويل اڪيلو ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو پارکو، سُر سنگيت جي دنيا جو بادشاھ گائيڪ خان صاحب استاد گلزار علي خان سانگهڙائي غريبي ۽ مسڪيني حال ۾ اسان کان جدا ٿي ويو.

ويا اوهري اوءِ، مونکي ڇڏي ماڳهين،

جڳن جا جڳ ٿيا، تئان نه موٽيو ڪوءِ،

گوندر ماريندوءِ، ويچاري! وين جو.

(شاھ)

اهو ۸۰ جو ڏهاڪو هو، پنهنجي سئوٽ ۽ فقيراڻو مزاج رکندڙ، انسان دوست شاعر سائين معصوم سانگهڙائيءَ جي معرفت استاد گلزار علي سان پهرين ملاقات ٿي هئي ۽ پوءِ تعلق جو اهو وڻ ايترو گهاٽو ٿي ويو، جو زندگي جون ڪيتريون بهارون ۽ خزائون سندس ٻاجهاري طبيعت، نياز ۽ نوڙت واري سڀاءُ جي گهاٽي ڇانوَ هيٺ گذاريم. سانگهڙ ۾ منهنجي بابا شيهد فقير محمد رحيم مهر جي قائم ڪيل الفقراء پريس تي ۽ ڪڏهن استاد گلزار جي سانگهڙ شهر ۾ سندس گهر ڀرسان جوڙيل ننڍڙي ڪوٺيءَ واري آستاني تي استاد سان اڻ ڳڻيون رهاڻيوڻ ۽ ڪچهريون منهنجي زندگيءَ جي يادگار ورقن ۾ اڄ به سانڍيل آهن. اڄ استاد گلزار علي خان کي ياد ڪندي لفظن لکڻ کان اڳ لڙڪ لڙي ٿا اچن. لکندي لکندي دير دير تائين يادگيرين جي جهان ۾ گم ٿي ٿو وڃان. وري جڏهن موٽان ٿو ته لڳاتار هڪٻئي پٺيان ايندڙ ساروڻين جي گهنگهور گهٽا ۾ ڇيڙو وڃائي ٿو ويهان ته ڳالھه ڪٿان شروع ڪريان.

عمر ڪوٽ لڳ صوفي آباد ۾ حضرت صوفي صادق فقير جي عرس مبارڪ تي موسيقي جي وڏي محفل ٿيندي هئي، هڪ دفعي استاد ۽ اسان به وڃي پهتاسين. موسيقي جي محفل ۾ بهترين گائڪ لاءِ انعام به رکيل هئو، جنهن جو جج ڪلاسيڪي موسيقي جو وڏو پارکو سائين جڙيل شاھ هو. فنڪارن ۾ مرحوم استاد دين محمد شيخ ۽ استاد گلزار علي خان ۾ چوٽيءَ جو مقابلو هئو. ٻڌندڙ به ڏاڍا سريلا ۽ سڌ ٻُڌ وارا ويٺل هئا، پر پوءِ دين محمد شيخ کي ايوارڊ جو اعلان ٿيو، مون ڏٺو ته ويٺلن ان فيصلي تي شديد رد عمل ڏيکاريو پر استاد گلزار علي جي مُک تي مرڪ سجايل هئي. اسٽيج واري محفل کان پوءِ صوفي فتح علي جي اوطاق تي رات جو دير سان وري فرشي محفل ٿي جتي دين  محمد شيخ، جڙيل شاھ، شفيع فقير ۽ ٻيا به موجود هئا، استاد گلزار علي جڏهن راڳ ڇيڙيو ته هر پاسي کان واھ  واھ جا هوڪا هئا، راڳ جي پڄاڻي تي نهايت سادگي سان سائين جڙيل شاھ کي ڏسندي عرض ڪيائين: ”قبلا نالو رکو“ (مطلب ته جيڪو راڳ ڳايو اٿم، ان جو نالو ٻڌايو) سڀ چپ، ڪٿان به ڪو آواز نه آيو، استاد پنهنجون آليون اکيون کڻي محفل مان اٿيو ۽ پاڻ سان ٿيل نا انصافيءَ جو پاڻ ڳائي وڄائي جيڪو احساس ڏياريو هئائين، اها محفل اڄ به مونکي ياد آهي. آئون اعتراف ڪندو هلان ته هي جيڪا ٿوري گهڻي هڪ ننڍڙي قطري جيتري موسيقي جي ڄاڻ اٿم، سا به استاد گلزار علي جي شفقت، عنايت ۽ محبت آڌار مون کي پلئه پئي. ڪڏهن ڪڏهن الفقراء پريس تي آئون وڏن گوين جون ڪيسٽ وڄائيندو هئس ته استاد گلزار علي گائيڪي جي سمورين باريڪين بابت ڄاڻ ڏيندو هو. ڪومل، تيور سُر ڪهڙا آهن، اُترانگ، ۽ پوروانگ ڇا آهي، باجي جا ڪيترا سبڪت آهن، ماترائون ڇا آهن، وڄت جو ٺِيڪو ڪيئن ۽ ڪيترين ماترائن تي ٻڌل آهي، وڄت جا ڪيترا قسم آهن، ورجت سُر ڇا کي چئبو آهي، ڪهڙا راڳ ستن ۽ پنجن سُرن جا آهن، سمپورن راڳ ڇا آهي ..... مطلب ته سندن مهربانين جو اڄ به آئون احسان مند آهيان.

هڪ دفعي سوچيم خانصاحب جي ڪا ڪيسٽ مارڪيٽ ۾ ناهي، هڪ پروڊڪشن ڪمپنيءَ جي همراهه سان ڳالهايم، هن حامي ڀري پر مسئلو استاد گلزار علي کي راضي ڪرڻ جو هئو. مون جڏهن ڪيسٽ جو ذڪر ڪيو ته استاد چيو ته پرائيويٽ ڪمپنين وارن وٽ اڳي به ويو هئس پر اتان جو ماحول سمجھه ۾ نه آيو، ان ڪري اڌ ۾ ڇڏي موٽي آيس، ڪمپني وارا چون ٿا ته اڳواٽ ٺهيل ٽريڪ تي ڳايو، سو اسان فقيرن کان ڪٿان ٿو اهو ڪم ٿئي. مون چيو ته سائين پاڻ ٽريڪ کانسواءِ رڪارڊنگ ڪنداسين. بهرحال مشڪل سان راضي ڪري ميرپور خاص اسٽوڊيو پهتاسين، اسٽوڊيو جي رڪارڊنگ انجنيئر تقاضا ڪئي ته گائڪ کي مخصوص ڪمري ۾ ۽ باقي سازندن کي الڳ الڳ ويهاري رڪارڊنگ ٿيندي. جيئن تيئن ڪري رڪارڊنگ شروع ڪئي سين ته استاد اڌ ۾ ڪلام ڇڏي ڏنو. اسان پريشان ٿي وياسين ته الائي ڇا ٿيو ، چئي؛ ”يار، سازندن کان سواءِ اها ڪيفيت ئي نٿي جڙي، پاڻ کان ڪم زور آهي“. نيٺ اسٽوڊيو جي وڏي ڪمري ۾ هڪ هنڌ ويهاري رڪارڊنگ ڪئي سين. سازندن ۾ مشهور سارنگي نواز مرحوم خان صاحب مجيد خان، ۽ طبلي تي مرحوم منور حسين هو. استاد جڏهن شيخ اياز جو غزل ”ميلي ۾ تون تنها، تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟“ ڳايو پئي ته سندس اندر جي اڪيلائي جو سمورو درد آواز ۽ آلاپ ۾ اوتجي آيو. مون محسوس ڪيو ڄڻ استاد گلزار علي پنهنجي آتم ڪٿا کي پيو ڳائي. سرسوتي هندو ميٿالوجي ۾ فائن آرٽس جي ديوي آهي، شيخ اياز جي انهيءِ غزل جو هڪ بند آهي:

سرسوتي جي مندر ڀرسان بيٺو واجهائين،

ڪنهن لئه ترسي تنهنجي ويڻا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟

”ويڻا“ يا ”وينا“ هڪ ساز آهي، استاد گلزار علي خان پنهنجي حياتي جا آخري ڏهاڙا ان وينا جي درد ڀرئي آلاپ جيان گذاريا. سندس ڳائڪي جو ايڏو سارو علم ۽ جان ڪاري (ڄاڻ) ائين ٿي لڳو، ڄڻ سرسوتي جي مندر ڀرسان واجهائيندي گذريو هجي. زندگي جي ميلي ۾ تنها رهجي ويل روح کي اسان سندس عاشق پيا پٽيون ٻڌندا هئاسين. استاد پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ نهايت ماٺيڻو، نياز، نوڙت، صبر ۽ شڪر وارو ماڻهو هو، راڳداري جي حساب سان استاد گلزار علي کي اُهي راڳ به ياد هئا، جيڪي هاڻوڪي دور ۾ سواءِ هندستان جي، پاڻ وٽ هتي شايد ئي ڪنهن کي ياد هجن، راڳ جئي جئي ونتي، لِلِت، ايمن ڪلياڻ، آساوري، جونپوري، درٻاري، هنڊول، اهيرڀيرو ۽ اهڙا ٻيا سنگيت پرڪاش جا ٺاٺ، راڳ راڳڻيون، خيال، بندشون، ٺمريون ۽ ڪافيون ڳائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. اڪثر آئون کانئس فرمائش ڪري راڳ ايمن ڪلياڻ مان ٺمري ”ماني نه پيا موري باتين رسيلي، هون تو پيا تيري بنتي ڪرون.......“ ٻڌندو هئس. اڄ جڏهن استاد گلزار علي خان اسان کان وڇڙي ويو آهي ته اسان جون آليون اکيون ”بنتي“ (منٿون) ڪنديون رهجي ويون آهن، استاد اسان سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي، سندس ماٺ ٿي ويل آواز راڳ جي دنيا جي ڪيترن سُرن ۽ آلاپن سميت پنهنجي اولاد ۽ اسان پيار ڪندڙن کي يتيم ڪري ويو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا