; سنڌي شخصيتون: نسيم احمد کرل - رپڙائي ممتاز ملاح

16 September, 2012

نسيم احمد کرل - رپڙائي ممتاز ملاح


نسيم احمد کرل
سنڌ جو برک ڪھاڻيڪار
رپڙائي ممتاز ملاح
سنڌ سونهاريءَ جي ڪک مان ڪيترن ئي بزرگن، ولين،  عالمن، مفڪرن، ڏاھن، اڪابرن، مجاھدن، شاعرن، ڪھاڻيڪان ۽ ٻين ھستين جنم ورتو آھي، انهن منجھان سنڌ جو ناليوار ڪھاڻيڪار نسيم احمد کرل به ھڪ آھي، نسيم احمد کرل سنڌو درياءَ جي ڀر، ڪامن، سنگرن، ٻيرن ۽ پيروئن جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گھر ۾ ۲۹ جون ۱۹۳۹ع ۾ جنم ورتو، نسيم احمد کرل ھڪ ارڏو ۽ برک ڪھاڻيڪار ھو.


ھن ڪھاڻين ۾ سنڌ جي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جي حقيقي ترجماني ۽ منظرڪشي ڪئي آھي، نسيم ڪھاڙيءَ کان ڪوڏر تائين، اجرڪ کان ٽوپيءَ تائين، وڏيري کان ڪمدار تائين، زميندار کان ھاريءَ تائين، ٻني کان ٻاريءَ تائين، ڍنڍ کان درياءَ تائين ۽ درياءَ جي ھن پار تائين لکيو آھي. ھو سنڌ جي چند ڪھاڻيڪارن سان گڏوگڏ سنڌ جي چند وڏن زميندارن ۽ وڏيرن مان به ھڪ ھو، ھن جي وڏيرڪيءَ ۾ وڏائي ۽ ٺٺ ھرگز نه ھو، ھن جي زمينداري پڻ شفاف ۽ ايمانداريءَ واري زمينداري ھئي، ھارين جي ڏک سک کي چٽيءَ ريت سمجھندو ھو، نسيم احمد کرل صاحب علائقي جا ننڍا توڙي وڏا فيصلا اٽل انصاف سان ڪرائيندو ھو، جھڙيءَ ريت سندس ننڍو ڀاءُ نعيم احمد کرل ھينئر نسيم کرل جي پيروي ڪندي، غريبن جو ھمدرد ۽ مسڪينن جو ھڏڏوکي آھي ۽ ھر ماڻھو کي مان ۽ مرتبو ڏيندو آھي، سنڌ جي مھان ڪھاڻيڪار نسيم احمد کرل جي لاءِ سنڌ جي وڏي نامياري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو چيو ته جھڙو مڙس پاڻ ڳرو آھي، اھڙيون ڳريون ڳريون سچائيءَ جي سخت ڀترن سان ڀريل ڪھاڻيون آھن. نسيم جتي قربت جو وڏو آھي، ڪھاڻيڪار به وڏو آھي، اتي زميندار به وڏو آھي، جيتوڻيڪ پاڻ پڙھيل ڪڙھيل، لکيل، گھميل، ٺھيل ٺھڪيل وڏيرو ھو. راڄن جا راڄ، ڪتابن جا ڪتاب اکين مان ڪڍيا اٿس، پر پنهنجي اندر ۾ ويٺل نج ڳوٺاڻي وڏيري کي نه لڪايو اٿس، جھڙو اندران آھي، تهڙو ٻاھران ڏيکاءُ ڏيندڙ آھي، ٻھ چيو ماڻھو نه آھي، پڙھيل مھذب ٽائيپ ماڻھن وانگر ڊپلوميسي ۽ ٻين اھڙن حرام پائين مان ڪو نه ڄاڻي، جن جي اندر ۾ ته لنڊيون پيون وٽ کائينديون، پر ٻاھران منهن تي اھڙو رُڪ ٻڌندا، ڄڻ سامين جا سڳا پٽ ھجن. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ جيڪي به سٺي ۾ سٺيون ڪھاڻيون لکيون ويون آھن، انهن ۾ گھڻو حصو نسيم کرل جو آھي، آءُ ڀانيان ٿو ته ڪو به پارکو، ان ڳالهه کان انڪار ڪو نه ڪندو، ھي ھمراهه ٻين وانگر ھڪدم وڏو ٽپ ڏئي چوٽ تي ڪو نه چڙھيو آھي، پر وک وک ۾ ڏيئي، پنهنجي محنت لاڳيتي لوچ ٻوچ ۽ سوچ سان پنهنجيءَ موجودھ حيثيت تائين پھتو آھي، ھن جو فن رچيل، پڪل ۽ رسدار ۽ چوٽيءَ تي پھتل آھي، پال تڪڙجي پڪل نه آھي، پرمدي تي ڪڍيل آھي، سندس فن جي ڪا به ڪنڊ پاسو لانئون يا  گٿل ڪونهي، اڻت ۾ ھڪڙي ڳنڍ به ھيڏانهن ھوڏانهن ٿيل نه ھوندي، لاٽ، ڪردار، لفظن جي چون، مڪالما، جزئيات، مطلب ته ڪھاڻيءَ کي جن به لفظن جي ضرورت ھوندي  آھي، انهن مان ڪنهن جو به ھڪڙو حصو به وائڙو نه ھوندو، سندس ڪھاڻي بلڪل ھڪ اھڙي ايڪي وانگر آھي، جنهن مان زرو به ڪڍجي يا وڌائجي ته سڄي ڪھاڻي پرزا پرزا ٿي ويندي، جيئن سندس بدن ماس سان ڳتيل آھي، تيئن سندس ڪھاڻي فني وزن سان ڳتيل آھي، عبدالقادر جوڻيجو وڌيڪ چوي ٿو ته اردوءَ جي مشھور نقاد پروفيسر ممتاز حسن ڪنهن ھنڌ لکيو آھي ته سچ کي وڌائي، ان کي وڌيڪ روشنيون بخشي پيش ڪرڻ کي ڪلا چئبو آھي،ء درحقيقت ڪلا سچ جو تيز ۽ روشن روپ آھي. ڪھاڻيءَ ۾ سچي پچي زندگيءَ جي اٿاهه مان ڪوٽڪر کڻي فن ۾ ويڙھي پڙھندڙن اڳيان پيش ڪيو آھي ته جيئن پڙھندڙ ان مان ڪجهه رنگ جھٽي پنهنجي اندر جي رنگن ۾ ملائي ڇڏي، زندگي جيتري اندر آھي، اوتري ٻاھر به آھي ۽ نسيم کرل زندگيءَ جي نس نس ۽ پور پور کان واقف آھي، سندس نگاهه جا تيز ڪرڻا زندگيءَ جي سخت پٿر کي ٽڪي عجيب سچايون ڳولي لھندا آھن ۽ ھو انهن عجيب سچاين کي پوريءَ پوريءَ ايمانداريءَ ۽ رعب سان ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪندو آھي، سندس نگاهه سطحي نه آھي، جيڪا مٿان مٿان ترڪي وڃي پٽ تي ڪرندي آھي ۽ فقط مٿيون جرڪو جھٽي وٺندي آھي.
ولي رام ولڀ ڪنهن ھنڌ لکيو آھي ته آ انهيءَ ٻڏتر ۾ آھيان ته لکان ته ڇا لکان؟ ڀلا نسيم کرل اڳيان منهنجي ڪا حيثيت آھي؟ ڪٿي راجا ڀوڄ ۽ ڪٿي گنگو تيلي، ھن يغاني رائيٽر اڳيان منهنجي ڪا مجال آھي. سنڌي ادب جي باب ۾ جڏھن نسيم کرل پير ڌريو ھو، تڏھن ڪھاڻيءَ جي افق تي جمال ابڙو، شيخ حفيظ ۽ غلام رباني وارن جي جماعت ڇانيل ھئي، پر نسيم پنهنجي انفرادي اسٽائيل ڪري آغا سليم ۽ امر جليل سان گڏ انهن جي جاءِ ولاريو بيٺو آھي، نسيم کرل سنڌ جو ڄائو آھي، سندس ڪھاڻين مان سنڌ ڌرتي جي سڳند اچي ٿي، سنڌي ماڻھو ۽ ماحول، واقعا ۽ وارداتون پنهنجي فطري انگ ۽ رنگ سان پسجن ٿا، ھو پنهنجي ڪھاڻين ۾ زوال پذير سنڌي وڏيريڪي ذھنيت ۽ نئين اڀرندڙ ٽھيءَ جي سوچ جي تصوير ڏاڍي ذھانيت، فطري بيساختگي ۽ بي باڪي سان عڪس ٿو ڪري، ھن سنڌ جي وڏيري، سردار ڪاموري، مذھبي جنوني، ھارين، فرسٽينڊ جوانن، وڏي سوسائٽي جي فردن جي نفسيات کي جنهن ڍنگ سان پنهنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو آھي، انهيءَ جو مثال نٿو ملي، ولي رام ولڀ وڌيڪ لکي ٿو ته نسيم جي ڪھاڻين ۾ مون محسوس ڪيو آھي ته ھو پنهنجي ڪردارن کي جا ٻولي ڏي ٿو، اھا سندن ماحول سان ٺھڪندڙ ۽ فطري آھي، جا حقيقت ۾ ڳالھائي ويندي آھي، انهيءَ ڪري سندس ڪردار فطري ۽ ساڌارڻ لڳن ٿا. روشني پبليڪيشن جي نسيم کرل جون ڪھاڻيون ڪتاب ۾ نجم عباسي به نسيم کرل جي باري ۾ لکي ٿو ته؛ سائين طارق اشرف مون کي سنڌيءَ جي برک ليکڪن سان پئي ملايو آھي. ڊسمبر ۱۹۷۳ع جي ھڪ سرد ڏينهن تي ھن سان گڏجي سائين نسيم احمد کرل سان ملڻ نڪتس. مون کي نسيم جي ذات سان لفظ ’وڏو‘ جي گھاٽي نسبت نظر آئي. ھو شھر جي وڏي ھوٽل ۾ رھيل ھو. طارق اشرف ڏيٺ ويٺ ڪرائيندو، اھو ٻڌايو ته نسيم تمام وڏو زميندار آھي ۽ اھا خبر مون کي به ھئي ته ھو ھڪ وڏو ڪھاڻيڪار آھي. جڏھن ھن جي باري ۾ ليک لکڻ جو خيال ٿيو تڏھن سوچيم ته ھن جي ڪھاڻين ۾ آيل وڏن ماڻھن جي ڪردارن جي چڪاس ڪريان. ٻين لفظن ۾ اھو ڏسڻ جو ارادو ڪيو ته ھن وڏن سياستدانن وڏن ڪامورن، وڏن سرمائيدارن ۽ وڏن زميندارن بابت ڪھڙا ويچار ڪيا آھن ۽ انهن تي ڪھڙي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي؟ ان خيال کان ھن جي ڪھاڻين جي ٻنهي ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيم. اھڙي ڪا ڪھاڻي ڪا نه ھئي، جنهن جو خاص ڪردار وڏو سياستدان ھجي.
دوست ڪھائي دادلا، محب مارائي
خاصن خليلن کي، سختيون سھائي
الله الصمد بي نياز، سا ڪري، جا چاھي
انهيءَ منجهه آھي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي
- شاهه
۱۴ جولاءِ ۱۹۷۸ع تي نسيم احمد کرل کي سائديءَ واري بنگلي تي قتل ڪيو ويو، جنهن جو موت سنڌي ادب جي کوٽ ثابت ٿي، جيڪا ھن وقت تائين پوري نه ٿي سگھي آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا