Pages

19 July, 2024

عبدالقادر مهر المعروف معصوم سانگهڙائي

معصوم سانگهڙائي

غلام عباس لسڪاڻي/جهول



هن کي اسان کان وِڇڙئي يارنهن سال ٿيا آهن، پر هو دِلين مان يارنهن سيڪنڊ به دُور نه ٿيو آهي، حياتيءَ ۾ جيڪو هُنَ سان هڪ دفعو مليو، انهيءَ مٿان اهڙا منڊ منڊي ڇڏيائين، جو هُو رڳو هن جو نالو ورجائيندو رهيو، جنهن کي مائٽ ”مٺو“، آفيسر عبدالقادر، ۽ اديب توڙي ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ کيس معصوم سانگهڙائيءَ جي نالي سان سڃاڻندا هئا. سندس ڪجهه همعصر اديب دوستن توڻي جو کيس صَلاح ڏني هئي ته هو حيدرآباد جا وَڻَ وسائي، جتي روز ادبي پروگرام به آهن ۽ گهڻا تڻا اديب به اُتي رهن ٿا پر هن انڪار ڪندي چيو ته، هن جي هتي جي دوستن جو ڇا ٿيندو، هو جهول ۽ سانگهڙ جي دوستن کي ڇڏي نه ويندو، هن جو ڪُل سرمايو دوست هئا، جنهن هن جي دوست جي عزت نه ڪئي، هو به ان جي عزت نه ڪندو هو، سندس حلقي ۾ ويهندڙ سڀني جا ڏُک، درد ۽ خوشيون هن جون هيون، جهول شهر جا رهواسي کيس ساري اڄ به روئي پوندا آهن ۽ چوندا آهن ته، جيڪڏهن هُو نه هجي ها ته، اڄ هو روزگار لاءِ به پريشان هجن ها، ڇو ته هو اڻپڙهيل هئا، معصوم کين صرف پڙهڻ تي ئي نه اُتساهيو پر ان ۾ مدد به ڪئي.

18 July, 2024

سائين جي ايم سيد - ۴

سائين جي ايم سيد - ۴

هڪ صديءَ جي تاريخ!

سچل ڀٽي



۲۰هين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ جنم وٺندڙ ۽ آخري ڏهاڪي ۾ موڪلائڻي ڪندڙ سنڌ جي ساڃاھ جو محور رهندڙ سائين جي ايم سيد هڪ صديءَ جي تاريخ جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي. هن صديءَ جي تاريخ جتي ٻن عظيم عالمي جنگين کي جنم ڏنو، اتي ننڍي کنڊ جو ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ورهاڱو به عمل ۾ آيو. جنهن ورهاڱي ۾ سائينءَ جو ڪردار اهم ۽ اڳئين صف وارو رهيو. سائين بلند ڪردار جو مالڪ هو. هر ان شئي کان پر ڀرو نظر آيو، جيڪا کيس غافل ڪري ۽ مقصد تان هٽائي. جهڙوڪ دولت، شهرت، عياشي يا نشي پتي جي ڇڪ کان پاڻ بچائيندو رهيو. ايتري تائين جو آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سندس سخت ناقد رسول بخش پليجو صاحب به سندس ڪردار جي بلنديءَ جو دل سان قائل هو. ان جو مطلب اهو هرگز نه ورتو وڃي ته سائينءَ کان ڪي غلطيون سرزد نه ٿيون هونديون! سندس پنهنجو به اهو چوڻ هو ته، “جيڪر ڪو پاڻ کي عيبدار نٿو سمجهي، ڄڻ هو پنهنجي عيبن تي پرده پوشي ٿو ڪر”. هن پنهنجي غلطين تي نه رڳو اعترافي نوٽ لڳايو پر انهن تي معافيءَ جو طلبگار به رهيو. اهڙين اجتماعي مفادن کي هاڃو رسائيندڙ غلطين جو ڪارڻ هڪ ته حالتن جو جبر سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ ٻيو ڪارڻ سندس طبيعت جي گڻن ۾ سمايل نظر اچي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سائينءَ جو سياسي سفر متزلزل نظر اچي ٿو ۽ ان متزلزل فيصلن ڪارڻ هو تاريخدانن جي مڏي ڇريءَ هيٺ ايندو رهي ٿو.

15 July, 2024

غلام نبي مغل

غلام نبي مغل

اسان گل ورھايا – ۱۲ مارچ ۲۰۲۴. سنڌ جي ليجنڊ ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار کي جيون جي اسي ورھيي جنم ڏينھن مناسبت سان ڀيٽا۔

جھانگير عباسي



سنڌي ڪھاڻي ۽ ناول جي صنعف ۾ سائين غلام نبي مغل جو ڳاڻيٽو ھڪ منفرد ڊڪشن رکندڙ سينئير ۽ سگھاري تخليقڪار طور تي ٿئي ٿو جنھن روايتي اسلوب ۽ انداز کان ھٽي سنڌي ڪھاڻيء ۽ ناول نگاري ۾ نوان موضوع ۽ ڪردار ڏنا آھن. غلام نبي مغل جو جنم ۱۲۔مارچ ۱۹۴۴ حيدر آباد شھر ۾ ٿيو. بنيادي پرائمري تعليم کان يونيورسٽي تائين حيدرآباد ۽ ڄامشورو مان حاصل ڪئي جڏھن ته عملي زندگي جي شروعات مختلف کاتن کان ڪندي رائيس ملز ۾ آڊيٽر بطور ڀرٿي ٿيو جتان خوراڪ کاتي ``Food Deptt`` ۾ پھريان ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ بڻيو ۽ سنڌجي مختلف ضلعن ۾ رھندي ۽ ترقيون ماڻيندي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کان ڊائريڪٽر فوڊ جي اعلي انتظامي عھدي تي پھچي ھن سن ۲۰۰۴ ۾ نوڪري تان رٽائيرمينٽ ڪئي آھي۔

ڀائو ذلف پيرزادو

ڀائو ذلف پيرزادو

مزاحمتي صحافت جو اهڃاڻ

عنايت پيرزادو



”ڀائو ذلف پيرزادو“ اهو نالو، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان ئي ذهن ۾مسلسل جدوجهد، انقلابي رومانس، شاگرد سياست، بيباڪ، عوامي ۽ مزاحمتي صحافت، وڏا ٽهڪ، خوش مزاجي، راڳ رنگ ۽ مڌ ماتين محفلن سميت زندگي سان ڀرپور زندگي جو خاڪو جڙي پوي ٿو. ٿوري قوت قراريا واري فقيري طبعيت رکندڙ هن شخص کي اسان ڪڏهن به اداس نه ڏٺو، هن زندگيءَ جي ڏکيائين آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي ۽ حالتن جو ڄمي مقابلو ڪيو. صحافت جي دنيا ۾ڀائو ذلف پيرزادو جو هڪ الڳ ۽ مانائتو مقام آهي، هن صحافت ۾عوامي، سياسي ۽ انقلابي رومانس ذريعي نوان ٽرينڊ متعارف ڪرايا ۽ هميشه عوامي ڪيس وڙهيو. اهو ئي سبب آهي جو صحافتي حلقن ۾ڀائو ذلف پيرزادو کي هڪ بي داغ ۽ ايماندار صحافي طور پڻ سڃاڻو وڃي ٿو.

14 July, 2024

حافظ خير محمد ”اوحدي“

حافظ خير محمد ”اوحدي“

حسيب ناياب منگي



سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڀري شڪارپور پنهنجي اوج ۽ اقبال، واپار ۽ تعليم، صحافت ۽ سياست جهڙن شعبن ۾ ايترو ته ناماچار حاصل ڪيو جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ايتري مشهور ٿي جو پرڏيهي ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ سندس حسن وجمال ۽ اوج توڙي عروج، واپار توڙي تعليم جو تذڪرو پئي ڪيو. اها الله پاڪ جي خاص مَهر چئجي يا بزرگن جي دعائن يا تعليمات جو ثمر جو شڪارپور جي هر گهر ۾ علم جي روشنيءَ جا ڪرڻا منور ٿيا ۽ شعور شڪارپوري شعور حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. هر شخص پنهنجي پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف پنهنجون لياقتون نروار ڪرڻ لڳا پر شڪارپور جو نانءَ کي بلند ۽ بالا ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪندو رهيو. شاعر، اديب، صحافي، استاد، واپاري، سياستدان، سماجي اڳواڻ، ۽ ڪامورا ته ڇڏيو پر ڪاٺيءَ ۽ جاين جا ڪاريگر به پنهنجي حيثيت مڃرائي اهميت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. شڪارپور روشن دماغن وارن جو شهر آهي، وسيع ڪردار جا مالڪ ۽ علم جا ساگر شڪارپور جي خمير مٽيءَ جي پيدائش آهن. انهن منجهان ئي هڪ ناميارو ليکڪ، صحافي، شاعر ۽ سياستدان، پاڪستان جي قيام جو اکين ڏٺو شاهد، وسيع مطالعي ۽ نيڪ ڪردار جو مالڪ حافظ خير محمد ”اوحدي“ به هڪ ٿي گذريو آهي جيڪو سُخن کان سياست تائين ڪامياب شخص ليکيو ويو.

بلاول پرديسي

بلاول پرديسي

سنڌيانا



سنڌ جي برک استاد ۽ شاعر بلاول پرديسيءَ جو اصل نالو محمد بلاول ولد محمد يعقوب، ذات وگهامل هو. هن ڳوٺ کاڻوٺ، تعلقي هالا ۾ ۲۹ مارچ ۱۹۳۱ع تي جنم ورتو. پهرين پرائمري استاد ٿيو، پر پوءِ پنهنجي علمي لياقت ايم. اي تائين وڌائڻ بعد، ليڪچرر، پروفيسر ۽ پرنسپال ٿيو. هي سچل سرمست آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج تلڪ چاڙهي، حيدرآباد ۾ وڏي عرصي تائين پرنسپال رهيو. پنهنجي دور جو هڪ سٺو شاعر ۽ نثرنگار ٿي گذريو آهي. هن جا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪيترائي گيت، غزل ۽ ڪلام سنڌ جي نامور فنڪارن ڳايا آهن، جن ۾ استاد محمد يوسف اهم آهي، بلاول پرديسيءَ جا فلمي گيت توڙي گيتن ڀريون ڪهاڻيون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. شاعريءَ توڙي نثر ۾ سندس تصنيفون هن ريت آهن: (۱) ’دلسوز ڪافيون‘ (شاعري ۱۹۵۶ع)، (۲) ’ڪليات پرديسي‘، (۳) ’پڪار‘ (شاعري)، (۴) ’سوني صندوق‘ (ٻاراڻو ادب: ۱۹۵۶ع)، (۵) ’زندگي ۽ حادثا‘ (افسانا: ۱۹۶۹ع)، (۶) ’جادوءَ جو گلاب‘ (ٻاراڻو ادب)، (۷) ’رهبر دوستي‘ (مضمونن جو مجموعو)، (۸ ’سچل جي شاعري‘ (۹) ’جماليات‘ .

بلاول پرديسي ۲۳ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو.

 

حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ

حيدر بخش ’عزيز‘ گوپانگ

(شاعر ۽ اديب - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۳۴۰)

ساجد رند



حيدر بخش ’عزيز ‘گوپانگ ۱۴ جولاءِ ۱۹۶۲ع تي ڳوٺ حاجي خان گوپانگ تعلقي ڪنڊياري ۾ محمد صالح گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.

پاڻ پرائمري کان ڪـاليـج تائيـن سانگهڙ ۾ پڙھي ۱۹۸۶ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب ۾) ســنـڌ يـونيـورسـٽيءَ مـان ڪيائين.

عيسيٰ ميمڻ

عيسيٰ ميمڻ

نوجوانن لاءِ اتساھ بڻيل ڪردار



ڌرتيءَ تي ڪروڙين انسان آيا ۽ هليا ويا پر جن ماڻهن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا، جن پنهنجي قومن جي علم، ثقافت ۽ ذهني اوسر لاءِ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي ان قوم جو سرمايو ٿي پون ٿا. اديب به سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعين به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو، اهڙن ئي انتهائي روشن خيال اديبن، شفيق، سٻاجهڙن، سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مان عيسي ميمڻ به هڪ آهي. محمد عيسيٰ ميمڻ جولاءِ ۱۹۸۵ع تي تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڊڙي ڳوٺ کوهارا ۾ الله ڏني ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ ٿورئي عرصي ۾ تعلقي ڏوڪري۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي، عيسي ميمڻ پنهنجو ادبي سفر ۱۹۹۸ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ جو ميمر ٿيڻ سان ڪئي ۽ ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ساڳي شاخ جو سيڪريٽري ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ ساڳي شاخ تي مختلف عهدن تي رهيو ايئن ئي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمر ان کان پوءِ ۲۰۱۳ع ۾ لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري بڻيو مارچ ۲۰۱۷ع ۾ عيسيٰ ميمڻ پنهنجو ڪتاب جيڪو هن “سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻو جي ڪارگردگي رپورٽ” (سال ۲۰۰۳ع، ۲۰۰۳ع ۽ ۲۰۱۳ع) جي نالي سان ڇپايو آهي، اها رپورٽ هن پنهنجي سيڪريٽري هجڻ واري دورن جي پڌري ڪئي ھئي جيڪا پڻ ٻين ادبي شاخن لاءِ مثال بڻي ۽ ان وقت ادبي حلقن ۾ چڱو بحث هلي پيو هو، ساڳئي ۲۳ اپريل ۲۰۱۷ع تي هن “ڪتابي رپورٽ” جي مهورتي تقريب نظاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪئي وئي. سنڌي ادبي سنگت جتي گذريل ڪيترن ئي سالن کان مختلف اختلافن جو شڪار رهي آهي اتي عيسيٰ ميمڻ س ا س شاخ لاڙڪاڻي کي ايترو ته سرگرم رکيو جو سڄي سنڌ جي سنگت جون سرگرميون هڪ پاسي رکو ۽ شاخ لاڙڪاڻي جون سرگرميون ٻئي پاسي تڏهن به شاخ لاڙڪاڻو وزنائتي ثابت ٿيندي جنهن جو کليل شاخ جا ادبي لاٽ نالي نڪتل ٻه شمارا آهن. يقينن ان سڄي ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ عيسي ۽ سندس ساٿين ڏانهن وڃي ٿو.

ڊاڪٽر محمد شريف شاد سومرو

ڊاڪٽر محمد شريف شاد سومرو

ادبي خدمتن جو مختصر جائزو

ڊاڪٽر ذوالفقار جلباڻي



مذڪوره موضوع تي لکڻ جو بنيادي مقصد هي آهي ته، سنڌ ۾ ڪيتريون شخصيتون آهن جن جون ادبي خدمتون قابل تعريف آهن ليڪن افسوس انهيءَ ڳاله جو آهي ته، انهن جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي متعارف نه ڪرايو ويو آهي جنهن ڪري، اسان جو ڪافي علمي ۽ ادبي ذخيرو ضايع ٿيندو رهيو آهي. سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو جون ادبي خدمتون قابلِ تعريف آهن جن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي.

واگهو شڪاري

واگهو شڪاري

(پروفائيل)

حسين ڪپري



واگهي شڪاري سان ڪچهري لاءِ ويس ته چوڻ لڳو، ”گدڙ جو گوشت هجي، ٿوم جو داڳ هجي ۽ کٽ تي کائڻ وارو تو جهڙو نباب (نواب) گڏ هجي، پوءِ آهي ڪچهري جو مزو! پر سائين اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي. هڪڙي کير ڏيندڙ ٻڪري بچي هئي سا به هن ڏڪار ۾ مري وئي، سليماني چانهه حاضر آهي.“

ڊاڪٽر جواهر راٺوڙ

ڊاڪٽر جواهر راٺوڙ

ڳالهيون تنهن طبيب جون

حسين ڪپري



لطيف پنهنجي شاعري ۾ جن ويڄن طبيبن جو ذڪر وڏي پيار سان ڪيو آهي تن جهڙا هاڻي ڪي ورلي وڃي بچيا آهن. انهن مان هڪڙو داڻو مون ڏٺو، ڪنسلٽنٽ سرجن جواهر راٺوڙ.

اڇا وار، فريش چهرو، ڳالهين ۾ نوجوانن وانگر بي فڪرو، سوچن ۾ جهونن جيان دورانديش، هو هڪ متضاد گڻن وارو شخص آهي.

اهڙو شخص جنهن پنهنجي شعبي ۾ ته ڪمال حاصل ڪري ورتو پر دنياداري ۾ اڌو گابرو رهجي ويو.

ڊپلوميسي ۾ هو اناڙي، خوشامد ۾ اڍنگو ۽ سفارش سان ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ته رهندو ٺهيل معاملو بگڙيو وڃي!

ابراهيم لاشاري

ابراهيم لاشاري

(بھارن جي گلن جھڙو – کيس جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون)

فقير محمد سنڌي



وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڙهئان ميٺ گھڻو. (شاھ لطيف)

هڪ سچو قلمڪار زماني ۽ زندگيءَ سان ڀرپور نموني سان لاڳاپيل رهي ٿو، جيڪو پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي چڱي دسترس رکي ٿو. اهڙو ئي سنڌي ادب جو نوجوان اديب، ليکڪ ۽ تخليقڪار ابراهيم لاشاري پنهنجي سونهن۽ سوڀيان ۾ نمايان حسن رکي ٿو. ابراهيم لاشاري پنهنجي لکڻين جي ڪري پنهنجي ڪردار کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان علمي، ادبي حلقن تائين رسائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، پنهنجو نالو ادب جي افق تي نروار ڪيو آهي. اهڙي طرح وارھ شهر ڀرسان ڳوٺ ميد شهيد جي ڪلراٺي مٽي تي هڪ محنت ڪش ۽ هاري حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾محمد ابراهيم لاشاري نالي ننڍڙي ابهم پهرين جنوري خميس ڏينهن سال ۱۹۷۶ع تي جنم ورتو. ابراهيم لاشاري جا والدين ايترا پڙهيل لکيل نه هيا مگر تنهن هوندي به هنن جي شعور ابراهيم لاشاري جي تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ميد شهيد ۾ علمي ۽ نصابي تعليم ڏئڻ لاءِ داخل ڪرايو جتان هن پنهنجي ذهين صلاحيت سان پنج درجا پرائمري بهترين استاد عبدالوهاب لاشاري مرحوم جي شفقت سان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ وارھ هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتي ڪجھ عرصي بعد هن جي والدين سندس هاءِ اسڪول کنڊو ۾ داخلاءِ وٺي ڏني جتان هن محنت سان مئٽرڪ جو امتحان (اي گريڊ) ۾ پاس ڪري ورتو، انٽر جو امتحان گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارھ مان پاس ڪيو. هوڏانهن وري سندس والد صاحب جي زندگي وفا نه ڪئي ۽ دل جي تڪليف سبب راھ رباني ورتي، اهڙي طرح ابراهيم لاشاري جي زندگي ۾ مشڪلاتن منهن ڪڍيو، زندگي جا پل ڪنهن ڇپر ڇانوَ کان بغير گذرڻ هن ڪنهن عذاب گھٽ ڪونه هئا.

13 July, 2024

اسحاق سميجو

اسحاق سميجو

ڊاڪٽر فياض لطيف



هو ڪل وقتي شاعر ۽ جز وقتي ٻيو ڪجهه آهي، انهيءَ ڪري علمي ۽ ادبي حلقن ۾، هن جي شخصيت جو حاوي ۽ حسين حوالو به هڪ شاعر وارو ئي آهي ۽ هو پاڻ به پنهنجي ڪوي طور شناخت کي وڌيڪ وقعت ۽ ترجيح ڏيندو آهي، توڙي جو هو بهترين نقاد ۽ سڄاڻ محقق به آهي، ۽ تنقيد ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهئي ۽ ڪهنه مشق قلمڪارن جا پگهر ڪڍڻ جا سڀئي تنقيدي گر، گڻ ۽ علمي صلاحيتون به رکي ٿو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪتاب 'شاعري سان دشمني' هڪ سگهارو حوالو ۽ اهم ثبوت آهي.

جامي چانڊيو

جامي چانڊيو

سنڌ ڌرتيءَ تي عقل ۽ دانش جو ڦُٽل هڪ حَسين گُل

مرتضيٰ سيال




ھنري فورڊ جو چوڻ آهي ته "ٽي شيون عمر سان گڏ وڌيڪ قيمتي ٿين ٿيون، ٻارڻ لاءِ پراڻو ڪاٺ، پڙهڻ لاءِ پراڻا ڪتاب ۽ سُڪون وٺڻ لاءِ پراڻا ۽ سچا دوست"

جڏهن محبت ۽ عقل جو امتزاج ٿئي ٿو ته ان مان دانش جا گُل ڦُٽن ٿا ۽ انهن گلن جي خوشبوءِ جڳ جهان کي معطر ڪري ڇڏي ٿي. جامي چانڊيو به سنڌ ڌرتيءَ تي ڦُٽندڙ عقل ۽ دانش جو اهڙو حَسين گُل آهي جنهن جي خوشبوءِ سنڌ کي سدائين واسيندي رهندي.

12 July, 2024

علي محمد درد سولنگي

علي محمد درد سولنگي

تعارف

 

* ادبي نالو: علي محمد درد سولنگي. ( درد سولنگي)

* اصل نالو:  علي محمد ولد قاضي مير محمد سولنگي

*. جنم جي تاريخ ۽ هنڌ: جنگ کان پوءِ امُن وارن ڏينهن ۾ سولنگين جي راڄڌاني ماڻڪ تاري ڀرسان پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگيءَ ( تعلقو ۽ ضلعو دادو) ۾ قاضي مير محمد سولنگيءَ جي گھر اسڪولي ريڪارڊ مطابق ۲۱ نومبر ۱۹۶۵.

*. تعليم: شروعاتي تعليم پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ قاضي پير محمد مان، مئٽرڪ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڦلجي اسٽيشن، ڊپلوما ڪراچي بورڊ ۽ ايم اي ( سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد.

*. شهرت جو ڪارڻ: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس