Pages

14 July, 2024

ڊاڪٽر محمد شريف شاد سومرو

ڊاڪٽر محمد شريف شاد سومرو

ادبي خدمتن جو مختصر جائزو

ڊاڪٽر ذوالفقار جلباڻي



مذڪوره موضوع تي لکڻ جو بنيادي مقصد هي آهي ته، سنڌ ۾ ڪيتريون شخصيتون آهن جن جون ادبي خدمتون قابل تعريف آهن ليڪن افسوس انهيءَ ڳاله جو آهي ته، انهن جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي متعارف نه ڪرايو ويو آهي جنهن ڪري، اسان جو ڪافي علمي ۽ ادبي ذخيرو ضايع ٿيندو رهيو آهي. سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو جون ادبي خدمتون قابلِ تعريف آهن جن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي.


مختصر تعارف:

ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو ولد عبدالقادر ”عنبر“ ۱۸ آگسٽ ۱۹۶۰ع تي، رستم ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. پاڻ جيئن ته علمي وادبي گهراڻي جو فرد آهي لکڻ ۽ پڙهڻ سندس ذهني خوراڪ آهي. پاڻ جڏهن ارڙهن سالن جي عمر جو ٿيو ته لکڻ واري ڪم جي ابتدا ڪيائين، انهيءَ علمي ۽ ادبي ڪم جي تربيت سنڌ جي نامياري محقق ۽ نقاد الحاج ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ جي نگرانيءَ ۾ ٿيندي رهي. جيئن ته راز صاحب هڪ گهڻ پڙهيو عالم، استاد ۽ ڏاهو انسان هو انهيءَ جي علمي ڏاهپ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا انهن شاگردن مان محمد شريف ’شاد‘سومرو پڻ هڪ آهي. جنهن ڊاڪٽر راز صاحب کان علمي ادبي تربيت حاصل ڪري هڪ ڪهاڻيڪار، شاعر، محقق ۽ نقاد واري حيثيت سان نڪري نروار ٿي پيو ۽ ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجون ادبي منزلون طئي ڪري پاڻ مڃرائيندو پيو اچي. ڊاڪٽر محمد شريف ’شاد‘ سومري هڪ پرائمري استاد کان سفر ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر تائين تعليم کاتي ۾ لڳ ڀڳ چاليهن سالن تائين هڪ استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هڪ محنتي شاگرد ۽ استاد جي حيثيت سان وڏن وڏن ناميارن ليکڪن جي ڪتابن جو تمام گهرائي سان مطالعو ڪري جيڪا معلومات حاصل ڪيائين سا سندس مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن مان پڙوڙي سگهجي ٿي. راقم الحروف سميت هر ماڻهو انهيءَ جي ادبي مطالعي مان استفادو حاصل ڪندو رهي ٿو. انهيءَ سٺين خوبين جي سبب ڪري علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ ماڻهو سندس آستاني تي اچي ڪچهريون ڪري علمي وادبي فيض حاصل ڪندا رهن ٿا. شاد سومرو جي ادبي حلقهءِ احباب ۾ ڪيترائي علم دوست شامل آهن جيڪي وٽس ادبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ پنهنجو وکر وٺي وڃن ٿا. ڊاڪٽر شاد ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن جن ۾ ٻين سان ادب سان پيش اچڻ ۽ ٻين جو احترام ڪرڻ ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو ۽ انهيءَ سان گڏ سندس مٺي زبان جي سحر جي ڪري پنهنجا توڙي پراوا به پنهنجا ڪري ٿو وٺي. جڏهن ڪو به سندس ادبي ڪچهري مان علم پرائي ٿو ته، وري سندس ٻِي رهاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ دل ۾ آس رکي ٿو ته، ڊاڪٽر ”شاد“ جي علمي ڪچهري مان وري ڪو وکر حاصل ڪجي، اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي علم ادب سان چاه شاگرد سندس ئي اثر قبول ڪندي سنڌي ادب ۾ لکڻ پڙهڻ وارو ڪم شروع ڪن ٿا. اهي ئي سکيا حاصل ڪندڙ اڄ سنڌي زبان وادب جي سهڻي نموني آبياري ڪري رهيا آهن. هن ڌرتي تي ڪيئي خان، دولتمند، امير ڪبير، بادشاهه آيا ۽ وڏا وڏا آفيسر ٿيا ۽ پنهنجي عهدي ۽ ڪرسي تائين جيئرا رهيا پر مرڻ کانپوءِ ڪنهن کي ياد ئي نه رهيا پر جيڪي شخصيتون صاحبِ ڪتاب آهن ۽ انسان دوست آهن، وطن جي خدمت جي ۾ ويساه رکن تن جون يادگار ڳالهيون صدين تائين تازيون رهن ٿيون. شاد صاحب لاءِ دعا آهي ته، وڏي ڄمار ماڻي هُو هڪ سٺي انسان سان گڏ هڪ ڪامياب اديب طور وڏي مڃتا ماڻي رهيو آهي. شاد سومري جي علمي ادبي پورهئي جو جيڪو قدرٿي رهيو آهي سو ڪنهن کان به ڳجهو ڪونهي. سندس ادبي خدمتن جي ڪري پڙهندڙن پاران موٽ ملي رهي آهي سا به مثبت نوع ۾ ڇاڪاڻ جو کيس سنڌ جي مختلف ناميارن اديبن، شاعرن ۽ ادبي تنظيمن پاران کيس مڃتا طور ادبي خدمتن عيوض ايوارڊ ۽ شيلڊون پئي ڏيندا رهيا آهن. سندس علمي و ادبي پورهئي جو قدر ڪندي انهيءَ تي خوشي محسوس ڪري رهيا آهن. هي هڪ علمي قدرداني جو زنده مثال آهي ته، جيڪو معاشرو علم سان دلچسپي رکندو آهي انهيءَ کي زنده معاشرو چئبو آهي. انهيءَ معاشري جا باشعور فرد پنهنجي عالمن اديبن جو قدر ڪندي انهيءَ ڳاله جو ثبوت ڏيندا آهن ته، معاشرو زنده آهي. اهڙي قدرداني ڪرڻ تي اديب، شاعر، مذهبي اسڪالر پنهنجي مشاهدي، مطالعي ذريعي پنهنجي قوم جو نالو سموري دنيا ۾ روشن ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف ’شاد‘ سومرو جو هڪ متحرڪ ڪردار ۽ عمل نظر اچي رهيو آهي. شاد هڪ مصنف، مرتب ۽ محقق جي حيثيت ۾ جهڙي طرح نمايان نظر اچي ٿو ۽ سندس علمي ادبي ڪتاب پنهنجن موضوعن ۽ ادبي افاديت جي لحاظ کان پڙهندڙن لاءِ ڪمائتا ثابت ٿي رهيا آهن. شاد جي ڪتابن کي شاهدي طور هت هيٺ پيش ڪجي ٿو:

تاريخ شڪارپور )مرتب( پيڪاڪ ڪراچي، ۲۰۱۷ع

ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي )مرتب( سمبارا، پبليڪيشن، حيدرآباد، ۲۰۱۷ع

ڪلام طالب )بزرگ محمد طالب جو ڪلام(، )تحقيق ۽ ترتيب( ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي، شڪارپور _ ڪراچي، ۲۰۱۸ع

وسي شال سنڌؤ جو ڪنارو )شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ سومرو )طويل نظم( مرتب: ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي، شڪارپور _ ڪراچي، آگسٽ، ۲۰۱۸ع

حضرت مخدوم شاه عثمان قريشي رحه سهروردي )تحقيق( فقير نورمحمد پيرزاده گادي نشين، مارچ ۲۰۲۰ع

پروفيسر حفيظ الله سندراڻي: تعليمي، علمي ۽ ادبي خدمتون – (مرتب): ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي، شڪارپور ڪراچي، ۲۰۲۱ع

مذڪوره ڪتابن کان علاوه سندس مضمونن ۽ تحقيقي مقالن جو هڪڙو خاصو تعداد آهي جيڪو هن سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي سماج سان بي لوث پيار جو مثال آهي. سندس مضمونن ۽ مقالن ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت کان ويندي ناميارن شخصيتن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي آڏو رکي تن جي ڪارائتين ڳالهين کي مثالن ۽ دليلن جي روشنيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ ڪابه ڪثر ناهي ڇڏي. انهن مقالن ۾ ڪيئي اڻڇهيل ۽ اڻ ٻڌل ڳالهيون جن تي فڪري گهرائي ۽ مدلل نموني جو بحث مباحثو ڪري ٿو جا ڳاله ڏاڍي جاندار محسوس ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو انهن لکتُن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو نالو هر زاويي ۽ رخ کان نروار ڪرڻ جي هرممڪن ڪوشش نظر اچي ٿي. اهي علمي ادبي بحث ۽ معلوماتي ڳالهيون سندس مقالن ۽ مضمون جي مواد مان پرکي ۽ پروڙي سگهجن ٿيون. اهي مقالا ۽ مضمون سنڌي زبان جي مختلف تحقيقي جرنلن، مخزنن، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. مقالن جا موضوع ۽ مواد نهايت ئي جاندار ۽ قيمتي ڳالهين تي آڌاريل آهن هرڀرو جي ڳاله مان ڳالهوڙو ڪونه ٺاهيو ويو آهي پر هرهڪ شيءِ کي پنهنجي سمتن سان سڌي ريت اهڙي طرح بيان ڪيو ويو جو عقل سليم لاءِ مڃڻ ۽ قبول ڪرڻ جهڙيون آهن. شاد سومرو جون لکڻيون گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪونه لکيون ويون آهن ڪنهن به چيز کي ذڪر هيٺ آڻڻ کان پهرين اُن جو تعارف، ارتقا ۽ اختتام نهايت ئي علقمندي سان ڏاڪي به ڏاڪي صحتمند قدرن ۽ دليلن سان پيش ڪيل آهن. اهڙيون خوبيون ڪن چند ليکڪن جي لکڻين مان نظر اينديون آهن. جن ليکڪن جون نگاهون پنهنجي فطرت ۽ قوم جي نفسياتي ڪيفيت ڏانهن تمام گهرو ۽ فڪري هوندو آهي، سي ئي ڪامياب ليکڪ ليکبا آهن. مون هڪ طالبعلم جي حيثيت سان ڪيترن ئي اديبن جي لکڻين جو مطالعو ڪيو آهي انهن جي سوچ ۽ معيار کي مدنظر رکيو آهي ڪيئي ڀلا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب جن کي هٿ ۾ کنيم ته روح راضي ٿيڻ لڳو چيم ته، ها ايئن لکبو آهي ۽ بار بار انهن کي پڙهڻ ۽ اڃان پڙهڻ تي دل چوندي آهي ۽ دماغي اڃ لهندي ئي ناهي. ڪي اهڙيون تحريرون گذريون جيڪي بلڪل ئي بي مزي ۽ بيمار ذهنن جي سوچ مان ڦٽل وچڙندڙ بيماري وانگر ۽ بور ڪندڙ به لڳيون جن جو مذڪوره مقالي ۾ ذڪر ڪرڻ مناسب ڪونه ٿو لڳي. بهرحال محقق وٽ هڪ وسيع مطالعو هجي جنهن وسيلي هُو دماغ ڪتب آڻي ۽ ٻين جي لکتُن سان انصاف ڪري ۽ اجائي ساراه کان پاسو ڪري جيڪا شيءِ جنهن روپ ۾ پيش ڪيل اُن کي، انهيءَ صورت ۾ پيش ڪري پنهنجي راءِ قائم ڪري. ڪهڙن ليکڪن سماج جي اوسر ۽ ارتقا کي درست طرح ڏٺو، پرکيو ۽ پروڙيو آهي ۽ ڪهڙي انداز ۾ انهيءَ کي لکيو آهي ۽، ڪهڙن اُجائي پنا ڪارا ڪيا آهن. انهيءَ لاءِ پنهنجائپ واسطيداريءَ کي پاسي تي رکي، عقل سليم کان انصاف وٺبو ته اديب جي دنيا آباد رهندي ايندي آهي. قوم جي اديبن ۽ شاعرن مٿان وڏي ذميوار عائد ٿيل هوندي آهي ته، هُو سماج کي صحتمند قدرن واريُن تخليقن سان نوازين ته ڀلي ڳاله آهي. ليکڪ جيڪو لکي ٿو انهيءَ مان باشعور پڙهندڙ سندس ذهني لاڙي، علمي قابليت ۽ نفسياتي سوچ کي به پرکي ٿو ته، هيءُ جيڪو لکي رهيو آهي اهو سچُ به آهي يا سماج کي کوکليُن ڳالهيُن سان جذباتي ڪري رهيو آهي. جيڪو ليکڪُ قوم کي خيالي ڳالهيُن سان کير ۽ ماکيءَ جون نديُون وهائڻ جي بي سود ڳاله ڪري ٿو سو گمراه ڪري رهيو آهي. سٺا خيال ڏيڻ به سٺي ڳاله آهي، پر، جن ڳالهيُن کي عقل به تسليم ڪري سي قابل قبول آهن. اسان کي ڳوڙهيُن ڳالهيُن جو عادي نه ٺاهيو وڃي پر عملي، عقلي ۽ سائنسي سوچ ڏيڻ وارا اديب گهرجن. شريف ’شاد‘ جا موضوع به اڪيچار آهن جن ۾: ادبي تنقيد، سنڌي ٻولي، تاريخ، ثقافت مکيه موضوع آهن، جن کي پڙهڻ ۽ انهن تي غور ڪرڻ سان معلومات ۾ اضافو ٿيو پوي. ڊاڪٽر ’شاد‘ جا هن وقت ۱۵۰ کان وڌيڪ مختلف موضوعن تي مقالا ۽ مضمون ۽ ۲۰ کن ڪتاب مسودن جي صورت ۾ پيل آهن جن کي شايع ڪرڻ جي ضرورت درڪار آهي. ڊاڪٽر ’شاد‘ جي شايع ٿيل مقالن جو تعداد ۳۶ آهي جن جا عنوان آهن: _ ”شاه لطيف جو پيغام“ ماهوار ”پيغام“ ڪراچي، آڪٽوبر ۱۹۸۵ع، ”لکِيءَ جو شهر تاريخ جي آئيني ۾“ ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد، جون ۱۹۸۶ع، ”سما دور جو سنڌ جو گمنام شاعر فقير محمد طالب ۱۴۰۰ _ ۱۵۲۰ع“ ڀٽائي تحقيقي جرنل، شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، شمارو: ۵، ۱۹۹۵ع ”سنڌ تي ڌارين قومن جون ڪاهون تاريخ جي روشنيءَ ۾“ ماهوار ”مهاڏو“ حيدرآباد. جنوري ۱۹۹۶ع، ”نثري نظم جو تاريخي پسمنظر )عالمي ادب کان سنڌي ادب تائين“ ماهوار ”مومل“ ڊسمبر ۱۹۹۸ع، ”تجريدي نظم جو فن، فڪر ۽ تاريخ“ ڀٽائي، تحقيقي جرنل، شمارو: ۶، ۱۹۹۹ع، ”هائيڪو جو مختصر تاريخي پسمنظر ۽ ان جو فن“ ماهوار ”نئين زندگي“، حيدرآباد، نومبر _ ڊسمبر ۱۹۹۹ع، ”لکيءَ جو شهر تاريخ جي آئيني ۾ )قسط پهرين(“ اوسيئڙو پبليڪيشن لکي، جنوري ۲۰۰۱ع، ”نثري نظم ۽ آزاد نظم ۾ فرق“ تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، ۲۰۰۴ع، ”چيلاسنگه ۽ سيتلداس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور جا پرنسپال صاحبان“، ”نخلستان پلاٽينيم“، )جوبلي نمبر( ۲۰۰۸ع، سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور، ”ادارن جي ترقيءَ ۾ صحافت جو ڪردار“ ريسرچ جرنل، سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، ادبي تحقيق _ ۱۰ _ ۲۰۰۹ع، ”نياز همايونيءَ جي طويل نظم نگاري“ ريسرچ جرنل ”ڪارونجهر“ سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي، ۲۰۱۰ع، ”شاه عبداللطيف يونيورسٽي سنڌي شعبو تاريخ ۽ ڪارڪردگي“، ماهوار ”سوجهرو“ ڪراچي جي ٽن پرچن جون ۲۰۱۲ع، جولاءِ ۲۰۱۲ع ۽ ٽئين قسط آگسٽ ۲۰۱۲ع ۾ شايع ۾ ٿيل آهي. ”قديم سنڌي نظم ۾ لوڪ ادب“ ڪتاب؛س”نڌي لوڪ ادب“ ثقافت کاتو حڪومت سنڌ مارچ ۲۰۱۳ع، ”نثري نظم جو تاريخي پسمنظر )عالمي ادب کان سنڌي ادب تائين“( ٽه ماهي ”مهراڻ“ نمبر۲، ۲۰۱۳ع، ”لعل شهباز قلندر تاريخ جي روشنيءَ ۾“ خاص اشاعت ”سنڌڙيءَ جو شهباز“ اطلاعات ۽ ارڪائيوز کاتو حڪومت سنڌ، جون ۲۰۱۳ع، ”ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي جا نامور عالم“، )۱۷۰۰ _ ۱۷۸۲ع(، ماهوار ”پيغام“ ڪراچي، اپريل، مئي، ۲۰۱۵ع، ”ڪلهوڙا دور ۾ ٺٽي جا نامور عالم“ ٽه ماهي ”مهراڻ“، نمبر ۲/۳ سنڌي ادبي بورڊ، ۲۰۱۵ع، ”مرزا قليچ بيگ جي نظم نگاري هڪ جائزو“ تحقيقي جرنل ”قليچ“ شمارو ۲، ۲۰۱۶ع، ”نثري نظم جو مختصر تاريخي پسمنظر )عالمي ادب کان سنڌي ادب تائين(، ماهوار ”سورمي“ ڪراچي، جنوري ڏان مارچ ۲۰۱۶ع، ”ساميءَ تي ٿيل تحقيق جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو” ٽه ماهي ”تخيل“ مارئي اڪيڊمي، جولاءِ کان سيپٽمبر ۲۰۱۶ع، ”روحل رتي روح جي” ٽه ماهي ”تخيل“ جنوري کان مارچ ۲۰۱۶ع، ”سنڌي نظم جي هيئت جو تحقيقي جائزو“ تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“ ۲۰۱۶ع، ”ادبي تاريخ نويسيءَ جو فن ۽ سنڌي ادبي تاريخن جو جائزو )قسط _ ۱(“ ٽه ماهي ”تخيل“ جنوري کان مارچ ۲۰۱۷ع، ”ادبي تاريخ نويسيءَ جو فن ۽ سنڌي ادبي تاريخن جو جائزو )قسط _ ۲(“ ٽه ماهي ”تخيل“ اپريل کان جون، ۲۰۱۷ع، ”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق جو طريقو“ ٽه ماهي ”تخيل“ جولاءِ _ ڊسمبر ۲۰۱۷ع، ”شڪارپور جي علمي ادبي تاريخ تي اڳ ٿيل ڪم جو جائزو“ ڪتاب ”تاريخ شهر شڪارپور“ مرتب: وفا منظور چوهاڻ، ڊسمبر ۲۰۱۷ع، ”بناقافيي نظم جي ارتقا جي تحقيقي اڀياس“ )قسط _۱( ٽه ماهي ”تخيل“ جنوري _ مارچ، ۲۰۱۸ع، ”بنا قافيي نظم جي ارتقا جي تحقيقي اڀياس“ )قسط _آخري( ٽه ماهي ”تخيل“ آڪٽوبر کان ڊسمبر، ۲۰۱۸ع، ”مير محمد پيرزادي جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن جو مختصر تحقيقي جائزو“ٽه ماهي ”تخيل“ جنوري کان جون ۲۰۲۰ع، ”شڪارپور جي سياسي، سماجي، لساني ۽ ادبي تاريخ جو جائزو“ ٽه ماهي ”تخيل“ جولاءِ کان ڊسمبر ۲۰۲۰ع، ”شڪارپور جي هندو شاعرن جو تحقيقي جائزو“ ٽه ماهي ”تخيل“، شمارو ۱۸، ۱۹ اپريل _ سيپٽمبر، مارئي اڪيڊمي، ماوي ٽائون، قاسم آباد، حيدرآباد، ۲۰۲۲ع، ۾ شايع ٿيل علمي ۽ ادبي نوعيت جا شاندار مقالا آهن. مذڪوره لِکتُن جي مواد ۾ محقق جي تمام گهڻي عرق ريزي نظر اچي ٿي. هر هڪ موضوع ۾ نئين معلومات ملي ٿي. نون نون عنوانن ۾ نوان نوان بحث مباحثا ڪري سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جا رخ شايان شان نموني اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. انهيءَ کان علاوه ڊاڪٽر ”شاد“ صاحب جو ادبي پورهيو سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ۵۸ مضمون ۽ ڏهن ڪتابن جا مُهاڳ ۽ مقدما پڻ لکيا آهن. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر ’شاد‘ سنڌ جي ناميارن بزرگن جي سوانح حيات کان ويندي انهن جي علمي ۽ ادبي ڪارنامن کي سُهڻِي طرح اجاگر ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري انهن جي شخصيت، ڪم ۽ ڪردار کي نمايان ڪري پيش ڪري ٿو. ڊاڪٽرعبدالرزاق ’راز‘ سومرو لکي ٿو ته: ”شريف ”شاد“ سومرو گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور ۾ منهنجو شاگرد ٿي رهيو. سنڌي شعر وشاعري ۾ خُصُوصاً عروضي کيس تربيت ڏيندو رهيس ۽ مٿس ’شاد‘ تخلص به منهنجي طرفان رکيل آهي. شريف ”شاد“ پنهنجي ذهن ۽ ذڪاءَ جي بنياد تي جيڪا محنت ڪئي آهي ان جو ڦل کيس ملي چڪو آهي، اڃا ڪجه باقي آهي ته ان لاءِ، اسان جون دعائون به شامل آهن. “ )سومرو، ۲۰۱۸: ۹( اڄ ڊاڪٽر ’شاد‘ جيڪي علمي ۽ ادبي منزلون طئي ڪري رهيو آهي، ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ جيڪو مواد ڏئي رهيو آهي اهو علمي ۽ ادبي حوالي سان سنڌي ادب جي شاگردن توڙي عام پڙهندڙن يا نون محققن لاءِ نهايت مفيد ۽ ڪارائتو ثابت ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر ’شاد‘ سومرو سنڌي ٻوليءَ جي اديبن، شاعرن، محققن ۽ نقادن کان اميد رکي ٿو ته، هُو وڌ کان وڌ اها ڪوشش ڪن ته، سنڌي زبان ۾ جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي انهيءَ ۾ وقت جي حساب تبديلي اچڻ گهرجي جنهن ۾ پنهنجي زماني ۽ نون قدرن جي پرچار ٿيل هجي. پُراڻا قدر ۽ معيار انهيءَ دور جي ضرورت هُئي وقت ۽ حالات تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ ٿيندا رهندا پُراڻن لِيڪُن کي نه ڪُٽڻ گهرجي. هرشيءِ کي پنهنجي فطرت جي اصول ۾ رکجي ته، بهتر ٿيندو ۽ معاشرو انهن شين کي پنهنجو ڪندو آهي جن ۾ هُو ساه کڻي رهيا آهن.

اديبن، شاعرن، صحافين، استادن، ججن، وڪيلن، سياسي، سماجي ورڪرن مان سماج وڏيون اميدون رکندو آهي ته، وٽن ذهني خزاني جي ڳوٿري ۾ ڪهڙو سامان آهي جنهن مان سماج فائدو حاصل حاصل ڪندو؟ باشعور ۽ ذميوارفرد اهي آهن جن جي قولن ۽ فعلن ۾ ڪوبه تضاد نه هئڻ گهرجي. ڊاڪٽر شاد پنهنجي انٽرويو ۾ چوي ٿو ته: ”سماج وڏو نقاد آهي، جيڪو شاعر جي شاعريءَ سان گڏ ان جو ڪردار به ڏسي ٿو، اديب ۽ شاعر کي پنهنجي ڌرتيءَ سان پنهنجي سماج سان محبت ۽ الفت ۽ سچائي ان سان گڏ هئڻ گهرجي. “)سومرو، ۲۰۱۸: ۶( جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته، ڊاڪٽر شاد کي سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان خاص دلچسپي آهي انهيءَ جو هت هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو:

تارِيخ شڪارپور: هن ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ سومرو آهي ۽ مذڪوره ڪتاب جو مرتب، پروفيسر محمد شريف ’شاد‘ سومرو آهي. مذڪوره ڪتاب جو انتساب سنڌ جي نامياري محقق ۽ نقاد، پروفيسر ڊاڪٽر محمد انور ’فگار‘ هڪڙو جي نالي ڪيل آهي. ڪتاب ۾ شڪارپور جي چار سؤ ساله تاريخ کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڪتاب جي ٻن صفحن جو مُهاڳ، ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ سومرو جولکيل آهي. ڪتاب جو ۱۳ صفحن جو مقدمو، پروفيسر محمد شريف ’شاد‘ سومرو جو لکيل آهي. سموري ڪتاب کي ڇهن بابن ۾ هن طرح سان ورهايو ويو آهي:

باب پهريون: شڪارپور شهر جو تاريخي پسمنظر

باب ٻيون: آزاديءَ کانپوءِ جودور

باب ٽيون: شڪارپور جا باني )شجرو ۽ خاندان(

باب چوٿون: شڪارپور جا عالم ۽ ديني مدرسا

باب پنجون: شڪارپور جو بنياد )ترديدي مقالو(

باب ڇهون: خلافت تحريڪ ۾ شڪارپور جو حصو

هي سمورو ڪتاب ۳۱۹ صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت ۵۰۰ رپيا رکيل آهي. علمي ۽ ادبي حوالي سان جڏهن ڪتاب جو مطالعو ڪجي ٿو ته، اڃا به ڪن شين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت درڪار آهي، پر ڪتاب جي علمي ادبي حيثيت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. ”سنڌ جو هيءُ عظيم تاريخي شهر آهي، جنهن کي پنهنجي تاريخ سان گڏ تهذيب ۽ ثقافت، علم ۽ هنر، تجارت ۽ سياست ۾ بين الاقوامي عروج حاصل رهيو آهي. دنيا جي تاريخ ۾ ”شڪارپور“ جو نالو شڪارپور شهر جي زندگيءَ جو هڪ تصور پيش ڪري ٿو، جيڪو ماضيءَ جي ڪيترين صدين جي ياد تازي ڪندو رهي ٿو.. . هن شهر جي طويل مدت سان ڪيترائي سياسي، سماجي، ثقافتي، معاشي ۽ تجارتي واقعا منسوب آهن. “ )سومرو، ۲۰۱۷: مُهاڳ( ڪتاب جي مقدمي ۾ پروفيسر ’شاد‘ سومرو شهر جي تاريخ جي ڪن اهم واقعن، ڪتاب جي مصنف جي مختصر سوانح، علمي وادبي خدمتن، تعليمي خدمتن کان ويندي ڪتاب جي ڇهن ئي بابن جي مواد تي علمي گفتگو ڪئي آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ شڪارپور جي جاگرافيائي پسمنظر جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي ته: ”هن شهر مان اتر طرف افغانستان ۽ ايران طرف ڏانهن رستو وڃي ٿو جتان وچ ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن تائين پهچ حاصل ٿئي ٿي. ٻيو ڏکڻ ۾ سکر کان پنجاب ۽ لاهور طرف رستو وڃي ٿو. اوله ۾ لاڙڪاڻو ۽ ڪراچيءَ طرف رستو وڃي ٿو. هن شهر جي اوڀر ۾ ڪشمور ۽ اتان بلوچستان ڏانهن رستو نڪري ٿو ۽ اوڀر م ۲۵ ڪلوميٽر تي سنڌو درياءُ اٿس.. . هي شهر اتر ويڪرائي ڦاڪ جي ۲۵ ڊگرين تي بيٺل آهي ۽ سج جي مدار کان ڏيڍ ڊگري مٿي بيٺل آهي، ان ڪري هت پاڇو هميشه اتر طرف پوندو آهي. سامونڊي سطح کان ۱۹۴ فوٽن جي بلندي تي آهي. خط استوا هن علائقي جي وچ مان نڪري ٿي جنهن ڪري اونهاري ۾ سخت گرمي ۽ سياري ۾ وچولي ٿڌ پوي ٿي. “ )تاريخ شڪارپور، ۲۰۱۷: ۲۰، ۲۱) اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ شڪارپور شهر جي بنياد پوڻ متعلق مختلف احوالن ۽ صدري روايتن جي روشني سان ڪن ڳالهين جو ذڪر ڪندي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته، ”شڪاپور شهر کي اڏائڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ شهنشاه جهانگير جي عهد حڪومت )۱۶۰۱ _ ۱۶۲۷ع( ۾ امير بهادر خان دائودپوٽي، بکر جي مغل نواب بايزيدخان )۱۰۲۵ _ ۱۰۲۸ھ( کان زمين جو هڪ پٽو حاصل ڪيو، جتي تمام گهاٽو جهنگ هو، انهيءَ جهنگ جي ڪجه حصي کي وڍرائي پنهنجي قبيلي سميت سن ۱۰۲۶ه مطابق ۱۶۱۷ع ۾ رهائش گاه قائم ڪئي ۽ جهنگل جي باقي حصي ۾ شڪار ڪندو رهيو، هن شڪار گاه جي نسبت سان مٿس نالو ”شڪارپور“ رکيائين. “ )سومرو، ۲۰۱۷: ۲۱(، هن شهر تي ڪيترن ئي حملي آورن جي حملن جو ذڪر پڻ ملي ٿو. هن شهر جي اوج ۽ زوال جو احوال ذري پرزي هن ڪتاب جي مواد ۾ شامل ڪيل آهي. هن شهر جا دروازا، شڪارپور تي ڪاهون، دائود ۽ لکي جا مهر، لکي جي مهرن جون ڪاهون، دائود پوٽن ۽ بختيار خان جو حملو. امير مبارڪ خان جي ملتان ڏانهن روانگي، ديري غازي خان جي لڙائي ۾ دائودپوٽن جو ڪردار سامهون آندو ويو آهي. اهڙي طرح مذڪوره ڪتاب کي مفيد مواد سان آراسته ڪري شڪاپور شهر جي فطري حسن کي اجاگر ڪري پيش ڪرڻ جو سهرو مصنف جي سر تي هڪ تاج وانگر نمايان ٿي بيٺو آهي. نادر شاه افشار، سنڌ جي تقسيم، مرزا عسڪرعلي جو شڪارپور تي حملو، شڪاپور تي افغانين جو غلبو، بکر سرڪار جا ۲۳ مغليا نواب ۽ انهن جو دور هن ڪتاب ۾ نمايان ڪيا ويا آهن. محمودخان )۱۸۰۱ _ ۱۸۰۳ع( جو دور ۽ انهيءَ دور جا گورنر. شاه شجاع )۱۸۰۳ _ ۱۸۱۰ع( جو دور ۽ انهيءَ دور جا گورنر. اهڙي طرح محمود خان )۱۸۱۰ _ ۱۸۲۱ع( جو دور حڪومت طرفان مقرر گورنر، بارڪزئي خاندان )۱۸۲۱ _ ۱۸۲۴ع( جو دور کان ويندي ٽالپُرن جو دور )۱۸۲۴ _ ۱۸۴۳ع( جي دور ۾ شڪارپور ۾ پنهنجو گورنر سيد ڪاظم شاه )۱۸۲۴ _ ۱۸۲۹ع(، تائين سندس مقرري ٿي. ”جڏهن شاه شجاع، سيد ڪاظم شاه کي معزول ڪري، بهادر خان کوکر کي شڪارپور جو گورنر مقرر ڪيو، ڪاظم شاه جي معزولي جي خبر بڌي ميرن ۾ سخت ناراضگي پيدا ٿي، انهيءَ ڪاوڙجو سبب لڙائي جي صورت اختيار ڪئي. هن مختصر لڙائيءَ ۾ ڪاظم شاه مارجي ويو، مير هن لڙائيءَ ۾ شاه شجاع کان کٽي نه سگهيا. ميرن آخر پير نظام الدين سرهندي جي معرفت شاه شجاع سان صلح ڪئي ۽ جنگ جو خرچ ڀري ڏنو، هن واقعي کانپوءِ شاه شجاع افغانستان هليو ويو ۽ شڪارپور دربار ميرن جي هٿ اچي وئي. “ (سومرو، ۲۰۱۷: ۶۶( هونئن به شڪارپور شهر جي قدامت ۽ علمي وادبي اهميت کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي، ڇاڪاڻ جو هن شهر ڪيترائي علمي ادبي، سياسي، سماجي، هنرمند ۽ ڪاريگرن کي جنم ڏنو آهي جن جي هاڪ پري تائين وئي آهي. هن شهر جي آڏاوت نهايت ئي گاريگريءَ سان ڪيل آهي. هتي جي بازار نهايت ئي خوبصورت ۽ عاليشان رنگن سان عوج ۽ عروج ۾ رهي آهي. ڪتابن جا پبلشر، وڻج ۽ واپار ڪندڙ ماڻهو، موچي، رازا، ڪوري، ڪاشيگر، رنگريز ۽ سٽ اڻڻ جا اعليٰ نمونا پڻ هتي ملندا هئا. مذڪوره ڪتاب ۾ هتان جي انتظامي ۽ تاريخي جوڙجڪ جو نهايت ئي سليقي ۽ سهڻي ريت تذڪرو بيان ڪيل آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ هن شهر جي ابتدائي دور کي هن ريت بيان ڪندي لکيو ويو آهي ته: ”هن شهر جي تعمير متعلق ڪيتريون ئي روايتون موجود آهن. اڪثر تاريخدانن ۽ مورخن جو خيال آهي ته اِبتدائي دور ۾ هي شهر هڪ ننڍڙي بستي جي صورت ۾ هو، جتي اٽڪل روءِ پنج سئوکن ماڻهو رهندا هئا. “ )سومرو، ۲۰۱۷: ۷۷(، اهڙي طرح مصنف ڪتاب ۾ هن شهر کي ڇهن دورن ۾ تقسيم ڪري شهر جي تاريخ ۽ ادب سان گهري دلچسپيءَ جا اهم سبب ترقي ۽ ارتقا جي مفيد معلومات ڏئي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪرايو آهي. ڪتاب جي پهرين باب ۾ ۱۰۱ ناياب، انگريزي، سنڌي ڪتابن ۽ قلمي نسخن تان مواد حاصل ڪري پنهنجي پاران شهر جي جوڙجڪ ڏانهن نهاري تجزيو پيش ڪيو ويو آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو شڪارپور شهر جو رهواسي ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس علمي، ادبي توڙي تعليمي خدمتون وسيع آهن. هي هڪ ئي وقت شاعر، اديب، افسانه نگار، تنقيدنگار، سوانح نگار ۽ محقق آهي. سندس تحقيق جي حوالي سان خدمتون گهڻيون وسيع آهن. سندس مقالا سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. مقالن ۾ نواڻ سان گڏ وسيع معلومات ۽ هر پاسي کان روشني وڌل هوندي آهي ۽ هر مقالي جو تت يا نتيجو به شامل هوندو آهي. سچ پچ ته سندس مقالا هر لحاظ کان پورا هوندا آهن. تحقيقي طريقه ڪار کان علاوه جديد تحقيقي اصولن ۽ گرن کان گهڻو واقف آهي. انهيءَ ڪري سندس تحقيق جو دائرو نهايت وسيع آهي، ادبي لحاظ سندس دلپسند لسانيات، تاريخ، ادبي تاريخ، سوانح نگاري منفرد نظر اچن ٿا، انهن موضوعن ۾ جيڪا نواڻ ۽ ندرت رکيل هوندي آهي سا پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي. اُنهن موضوعن تي اڳ ۾ ڪو ورلي ڪم ٿيل هوندو آهي نه ته گهڻي قدر نوان ئي نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر شاد موضوع سان نباهه، ٻولي ۽ سيٽ اپ ۽ نقش نگاري ذريعي سمجهايل مضمون سان مڪمل ڪمينٽيڊ نظر اچي ٿو. سندس تحقيقي ڪم نهايت ئي ڳوڙهو ۽ سطحي نه هوندو آهي، بلڪه انهيءَ ۾ اُهي سمورا لوزمات ڪتب آيل هوندا آهن جيڪي تحقيق جي اصولن مطابق ۽ عنوان سان مڪمل انصاف ڪيل هوندو آهي. منهنجي ته ڪوشش رهي آهي، ته سندس مقالن ۾ ڪي رهجي ويل پهلو ڳوليان، پر ڳوليا نه لڀندا آهن. سندس مقالن جي فهرست به طويل آهي، جنهن تي ڪافي ڪجه لکي سگهجي ٿو پر، سندس سڀني تحقيقي مقالن تي روشني ممڪن ڪونهي ڇاڪاڻ جو انهن مقالن جي طوالت سبب ائين نٿو ڪري سگهان. هت هيٺ سندس ٻه تحقيقي مقالا جيڪي ايم. فل ۽ پي ايڇ. ڊي لاءِ لکيل آهن تن تي روشني وجهڻ ضروري ٿو سمجهان.

ايم. فل لاءِ لکيل مقالو: ”سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“، تحقيق جي حوالي سان گهڻو ڌيان ڇڪرائي ٿو. هي ضخيم مقالو ستن بابن تي مشتمل آهي. هر باب پنهنجي جاءِ تي مڪمل مقالو آهي. هن ٿيسز ۾ ايم. ايل اي وارو طريقو استعمال ڪيو ويو آهي، يعني هر باب جي آخر ۾ حوالا ڪَتب آندا ويا آهن.

سندس تحقيقي انداز نهايت شاندار محسوس ٿئي ٿو جيڪو پنهنجي منفرد اُسلوب جي حوالي سان به منفرد مقام رکي ٿو. سندس مقالن جي مطالعي مان جا ڳالھ ڏسجي ٿي انهيءَ ۾ نرالپ واري خوبي نهايت اتم نظر اچي ٿي. جتي ڪنهن ٻئي محقق جي تقليد نظر نٿي اچي، جنهن ۾ سندس نئون رنگ کيس ٻين کان الڳ بيهاري ٿو.

نثري نظم جي حوالي سان ڏسون ٿا، ته هي مقالو ۱۹۹۳ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايم. فل لاءِ پيش ڪيو ويو، جيڪو ۸۳۸ صفحن تي مشتمل آهي ان کان علاوه پندرهن صفحن جو مقدمو الڳ شامل آهي، جيڪو محقق طرفان لکيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي وضاحتون به پيش ڪيون ويون آهن. ۱۹۹۰ع کان ۱۹۹۳ع تائين، ڏٺو وڃي ته انهيءَ دور ۾ سنڌيءَ ۾ نثري نظم تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ يا ڪو تحقيقي مقالو به نظر نٿو اچي. ها البته هجي صحيح پر اهڙو جامع نموني وارو تحقيقي ڪم ڊاڪٽر ”شاد“ سومرو ئي ڪري سگهيو آهي.

بقول ڊاڪٽر تنوير عباسي جي، ”شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ هن کان اڳ ڪو اهڙو معياري ۽ منفرد مقالو اڳ پيش نه ٿيو آهي، جيڪو سائنسي تحقيقي اصولن پٽاندر لکيو ويو هجي“. (هيءَ ڳالهه ڊاڪٽر ملڪ نديم ٻڌائي هئي) ان کان علاوه جڏهن هي مقالو جائزي لاءِ ڪنهن ايڪسپرٽ ڏانهن موڪليو ويو، ايڪسپرٽ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو صاحب هو، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ هن مقالي کي ساراهيو آهي ۽ مصنف کي چيو ته مون کي ڏک ٿو ٿئي ته توهان کي هن تي ايم فل جي ڊگري ٿي ڏني وڃي، نه ته ”هي مقالو پي ايڇ. ڊي جي چڱين ڀلين ٿيسزن کان گهڻو مٿانهون آهي“.

هن مقالي جو پهريون باب: ”نثري نظم جو تاريخي پسمنظر، عالمي ادب جي روشني ۾“ آهي ٻيو باب: ”نثري نظم جي فن جو تحقيقي جائزو“ آهي باب ٽيون: ”نثري نظم جا قسم ۽ انهن جو تحقيقي اڀياس“ آهي باب چوٿون: ”صنفن ۾ فرق جو تحقيقي جائزو“ آهي، باب پنجون: ”ورهاڱي کان اڳ سنڌي ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ آهي، باب ڇهون: ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ آهي، باب ستون: ”ڀارتي سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ آهي.

سندس بابن جي عنوانن مان ئي عيان آهي، ته مقالي تي ڪيتري محنت ڪئي ويئي آهي. پهريون باب چار سئو چوڏهن صفحن تي مشتمل آهي. ۹۳-۱۹۹۲ع جي زماني ۾ ڪمپيوٽر نه هوندو هو، پر هٿ سان ٿيسز لکيون وينديون هيون. هيءَ ٿيسز به هٿ سان لکيل آهي، تنهن ڪري صفحا نمبر به قلمي ٿيسز تان ورتا ۽ ڳڻيا ويا آهن.

ٻيو باب ۴۱۵ صفحي کان ۴۹۸ تائين ٽيون باب، ۴۹۹ کان ۵۹۷ تائين، باب چوٿون ۵۶۸ کان ۵۹۲ تائين، باب پنجون ۵۹۳ کان ۶۱۲ تائين، باب ڇهون ۶۱۳ کان ۷۶۶ تائين، باب ستون ۷۶۷ کان ۸۲۰ تائين ببليوگرافي ۸۲۱ کان ۸۳۷ تائين ڏنل آهي.

پهريون باب تقريبن دنيا جي ساهتي ٻولين واري ادب ۾ نثري نظم جي شروعات ۽ ارتقا تي روشني وڌل آهي، جيڪو عالمي ادب جي روشنيءَ ۾ نثري نظم اسان جي آڏو اچي بيهي ٿو. هن باب ۾ تمام گهڻي محنت ڪري محقق ڪيئي مثال آڏو رکيا آهن. جنهن مان محقق جي مطالعي جي پروڙ پوي ٿي، وڏي ڳالهه اِها آهي، ته هن باب ۾ ڏنل نثري نظم جا نمونا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويا آهن، جيڪي تقريباً محقق جا ئي ترجمو ڪيل آهن. جنهن مان سندس ترجمي جي فن کان واقفيت معلوم ٿئي ٿي. ترجمو سولي سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ وقت دل تي ٻوجهه نٿو وجهي، بلڪه اتساهه ملي ٿو، ته اڳتي پڙهجي ته ڇا ٿو لکي! ان کانسواءِ دنيا جي مذهبي ڪتابن ۾ نثري نظم جا آثار عنوان سان پهرين باب جي سب ٽاپڪ آهي، جنهن ۾ توريت، زبور، انجيل شامل آهن. مشرق جي قديم ڪتابن ۾، رگويد، يجرويد، اٿر ويد، سام ويد، ڀڳوت گيتا، مها ڀارت، ڌماپد وغيره مان مثال ڏنا ويا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته نثري نظم دنيا جي قديم ترين صنف سخن رهي آهي.

ٻئي باب ۾ نثري نظم جي فن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. ٽئين باب ۾ نثري نظم جا قسم ڏنا ويا آهن ۽ انهن جو تحقيقي اڀياس شامل ڪيو ويو آهي. چوٿين باب ۾ صنفن ۾ فرق بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نثر ۽ نثري نظم ۾ فرق، نثري نظم ۽ آزاد نظم ۾ فرق کي کولي سمجهايو ويو آهي.

هر باب جي آخر ۾ بحث جو نتيجو به ڏنو ويو آهي. پنجين باب ۾ ورهاڱي کان اڳ نثري نظم جي ارتقا تي تحقيقي روشني وڌي ويئي آهي. ڇهين باب ۾ ورهاڱي کان پوءِ يعني پاڪستاني دور ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ ترجمو ۽ طبعزاد، ٻنهي صورتن جي حوالن سان ارتقا بيان ڪئي ويئي آهي. آخري ستين باب ۾ ڀارتي ادب ۾ سنڌي نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس ڪيو ويو آهي.

مصنف ۽ محقق ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ ٿيسز جي مقدمي ۾ لکي ٿو، ته ”تحقيقي ڪم ۾ دنيا جا ٻيا ترقي يافته ملڪ اسان کان اڳرا رهيا آهن. ايتري قدر جو تحقيق واسطي محقق کي خاص رعايتون ڏنيون وينديون آهن، پر افسوس اسان جي ملڪ ۾ رعايتون ته پنهنجي جاءِ تي پر رڳو سکڻي شاباس به نٿي ڏني وڃي ۽ تحقيق کي اسان جي ملڪ ۾ تمام گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي. انهيءَ اڻانگي سفر دوران جيڪي به مشڪلاتون درپيش آيون انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي. خاص طور تي نثري نظم جو تاريخي پسمنظر لکڻ وقت ڏکيائي محسوس ٿي، يعني دنيا جي ادب جو مطالعو ڪرڻو پيو. ۽ ان مان اِهو ڳولڻو پيو ته انهيءَ ملڪ ۾ نثري نظم جو آغاز ڪڏهن ٿيو ۽ ڪنهن پهريون پهريون لکيو منهنجي نثري نظم تي ايم فل لاءِ سنڌيءَ ۾ هيءَ پهرين ٿيسز آهي.“ (سومرو، ۱۹۹۳: ۱۰۰

هن ٿيسز کي محقق سن ٻه هزار تائين محدود ڪيو آهي ۽ ان ۾ واڌارا ڪري اپڊيٽ ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه ثابت ڪري ٿي، ته محقق رڳو ڊگري وٺڻ لاءِ ٿيسز نه لکي آهي بلڪه ان جي سنڀال ۽ پوئواري به ڪئي آهي ۽ ان کي سن ۲۰۰۰ع تائين مڪمل ڪري نثري نظم جي مڪمل تاريخ جوڙي آهي، جيڪا سنڌي ادب لاءِ بي بها خزانو آهي. اپڊيٽ رڳو سنڌي ادب تائين نه ڪيو آهي، بلڪه دنيا جي ادب ڏانهن ڪي مخصوص اشارا ڪيا ته، انهيءَ ۾ اڃا ڇا ڪرڻ گهربو هو؟ پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ به نثري نظم جي ارتقا تي مختصر روشني وڌي آهي. انهن ۾ اردو، پنجابي، سرائيڪي، بروهڪي، بلوچي ۽ پشتو ادب قابل ذڪر آهن. يقينن هيءَ ٿيسز جڏهن پڌري ٿي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيندي ته ملڪ جي ادبي تاريخ ۾ هڪ نئون تحقيقي دلچسپيءَ جو سبب ضرور بڻبي. مذڪوره ٿيسز ۾ ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن جن جا جواب ايندڙ دور جا محقق ۽ نقاد پنهنجي تحقيقي صلاحيتن سان ضرور ڏيندا. مذڪوره ٿيسز جو پسمنظر نهايت ئي وسيع آهي، جنهن ۾ نه صرف ارتقا بيان ڪئي ويئي آهي، بلڪه ان جو پسمنظر ۽ سبب به بيان ڪيا ويا آهن ۽ تنقيدي ادب جي اوسر ۾ هيءَ ٿيسز بيحد اهم آهي.

”اسان تائين دنيا جي مختلف شاعرن جي جيڪا به شاعري پهتي آهي، اها نثري نظم جي صورت ۾ ترجمو ٿي پهتي آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو، ته نثري نظم دنيا کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ ۽ هڪ ٻئي کي متعارف ڪرائڻ لاءِ سولو ۽ ڪامياب ذريعو آهي. نثري نظم دنيا ۾ هڪ چينل جي حيثيت رکي ٿو.“ (سومرو، ۱۹۹۳: ۱۰۵

”جديد نظم ۾ نثري نظم جو دائرو گهڻو وسيع آهي. دنيا جي ڪنهن به شاعريءَ جو ترجمو ڪبو ته اهو نثري نظم جي صورت ۾ ڪاميابيءَ سان لکيو ويندو، جيڪڏهن ان کي ڪنهن مخصوص انداز ۾ يا بحر وزن ۾ يا مقرر پدن ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته فڪر وَ تخيل کان گهڻو ٻاهر نڪري پڃبو، تنهن ڪري بهتر آهي، ته فڪر وَ تخيل کي نظر ۾ رکيو وڃي. نثري نظم ۾ وزن بحر لازمي نه آهي. دنيا ۾ وزن جي ڪابه اهميت نه آهي، بلڪه خيال کي به پڙهيو ۽ پرکيو ويندو آهي. اِهو سمورو ڪم نثري نظم ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. نثري نظم دنيا ۾ رابطي جو ڪم ڏنو آهي ڪنهن به ملڪ جي شاعر جو جيڪڏهن دنيا جي ٻين ٻولين ۾ متعارف ڪرائجي ته ان جي شاعريءَ جو ترجمو نثري نظم ۾ ئي ڪامياب نموني ڪرائي سگهجي ٿو.“ (سومرو، ۱۹۹۳: ۱۰۴، ۱۰۵)

مجموعي طور هيءَ ٿيسز پڙهڻ لائق آهي فڪري ۽ فني حوالي سان به وضاحتن سان ٽمٽار آهي. ههڙي ٿيسز يا معياري مقالو منهنجي نظر مان نه گذريو آهي. هن ٿيسز کي جيترو جلد ٿي سگهي ڇپائي هيٺ آڻجي. ادارا متوجهه ٿين ته هيءَ معياري ٿيسز منظر عام تي اچي سگهي ٿي.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“سومرو جو ٻيو تحقيقي مقالو آهي، ”سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ هي مقالو پي ايڇ. ڊي سنڌي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌي شعبي ۾ ۲۰۲۰ع ۾ پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌي عروضي نظم کي نظر هيٺ رکي لکيو ويو آهي.

هن مقالي جي ترتيب محقق اهڙي رکي آهي، جو مقالي جو تسلسل ۽ ڳانڍاپي سان جوڙ جڙي ٿو. بابن جي ورڇ رکندي آهي، ڄڻ قاري ڪنهن رستي سان مسلسل هلي رهيو آهي، کيس ڪنهن به قسم جي ٿڪاوٽ ۽ بوريت محسوس نٿي ٿئي، بلڪه اڃا به تجسس جي سحر ۾ کيس اڳتي پڙهڻ جو الڪو رهي ٿو.

ارتقا ۽ اوسر جي حوالي سان ورلي محقق ملندا جيڪي پنهنجي تحقيق جي حوالي سان اڳتي وڌندا. خاص طور تي Ph.D لاءِ يا ايم فل جي تحقيق لاءِ ڪنهن هڪ شخصيت کي کنيو وڃي ٿو. جيئن سولائي سان ڪم ڪري سگهجي. پر ڊاڪٽر ”شاد“ سدائين پنهنجي تحقيق جو دائرو وسيع رکيو آهي ۽ ارتقا يا اوسر تي سندس مقالا ملن ٿا. اهڙن محققن مان ڊاڪٽر ”شاد“ صاحب به هڪ آهي، جنهن ساري سنڌ لاءِ سنڌي ادب جي ارتقا تي ڪم ڪيو آهي. پهرين سندس مقالو ايم فل لاءِ نثري نظم جي ارتقا تي هو ۽ هاڻي Ph.D لاءِ سنڌي نظم جي ارتقا تي آهي، جنهن ۾ عروضي نظم جي فن فڪر ۽ تاريخ تي تسلسل سان بيان ڪيو آهي، توڙي جو پهرين Ph.D لاءِ ”سنڌي جديد نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ تي پوري ٿيسز منهنجي نظر مان گذري چڪي آهي، جنهن کي پڙهي مون کي بيحد حيرت وٺي ويئي ته ڊاڪٽر ”شاد“ هيترو ڪم ڪيئن ڪيو آهي. پر اِها ٿيسز خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ Ph.D لاءِ لِکي ويئي هئي پر گائيڊ سندس ڪم کي ڏسي سندس مخالفت ڪئي. حالانڪه گائيڊ اسڪالر جا وڪيل هوندا آهن، پر هرو ڀرو مخالفت سبب کيس ڊگري نه ڏني ويئي ۽ وقت برباد ڪيو ويو. پر پوءِ ڊاڪٽر ”شاد“ همت نه هاري ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي نئين موضوع تي مقالو لکي ثابت ڪيو ته کيس ڪوبه رستو روڪي نٿو سگهي.

هن ڪامياب ٿيسز لکي سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪيو آهي. عنوان: ”سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“Ph.D لاءِ مقالو سنڌ يونيورسٽي ۾ پيش ڪيل آهي. هن ٿيسز کي ڇهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ آخر ۾ نتيجا ۽ ببلوگرافي پڻ ڏني ويئي آهي. هيءَ ٿيسز ۴۱۷ صفحن تي مشتمل آهي ٻه اکر ۽ مقدمي جا صفحا انهن صفحن کان علاوه آهن.

ڊاڪٽر اياز قادري کان پوءِ ڊاڪٽر شريف ”شاد“ واحد ماڻهو آهي جنهن ارتقا ۽ اوسر جي حوالي سان موضوع سان نڀايو آهي. اياز قادري جي ضخيم ٿيسز ”غزل جي اوسر“ تي لکيل آهي جيڪا ٻن جلدن ۾ سنڌالاجي وارن شايع ڪرائي هئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر ”شاد“ جي هيءَ ٿيسز ”سنڌي نظم جي ارتقا” بابت آهي. جنهن ۾ نظم جو درجي به درجي وڌڻ ۽ مختلف صنفن جي تاريخي ارتقا سان اڳتي وڌڻ نه صرف نظم جي مختلف قسمن جي پروڙ پوي ٿي، بلڪه مختلف فن سان نروار ٿيل صنفون به سامهون اچن ٿيون. هن مقالي ۾ ايم. ايل اي وارو طريقو ڪتب آندو ويو آهي.

هن ٿيسز جو پهريون باب ”نظم جو فني اڀياس“ عنوان سان ڏنو ويو آهي، جيڪو صفحي پهرين کان ڏهين صفحي تائين ڦهليل آهي. حوالا هر باب جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن. نظم جي لغوي معنيٰ، نظم جي وصف، نظم جي تعريف، نظم جي هيئت، نظم جو فني مزاج، نظم جا موضوع قابل ذڪر عنوان آهن.

ٻئين باب کي ”سنڌي نظم جي فن جو ارتقائي اڀياس“ عنوان سان قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ سنڌي نظم جو فني سٽاءُ، عروضي نظم جو فني اڀياس، مثنوي نظم جي وصف، فن، بحر، موضوع شامل آهن. مثنوي جون خصوصيتون غزل ۽ مثنوي نظم ۾ فرق، مسمط نظم جو فني اڀياس، جنهن ۾ مثلث، مربع، مخمس، مسدس، مسبع، مثمن، مثمن ترجيح بند، مثمن ترڪيب بند، متسع، معشر، نظم ترجيع بند نظم ترڪيب بند، سنڌي نظم جي فن جو بنياد، سنڌي نظم جي اهميت ۽ افاديت جهڙا عنوان شامل آهن ۽ آخر ۾ حوالا ڏنل آهن. هي باب صفحي ۱۱ کان ۳۵ تائين ڦهليل آهي.

ٽئين باب کي ”سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ عنوان ظاهر ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ سنڌي نظم جي شروعاتي پسمنظر ۾ تاريخي پسمنظر ڏنو ويو آهي، جيڪو صفحي ۳۶ کان ۴۳ تائين محيط آهي، آخر ۾ حوالا آندا ويا آهن.

چوٿين باب ۾ ”مثنوي جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس“ عنوان قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مثنوي نظم جو مختصر تاريخي پسمنظر، مثنوي نظم جي اهميت ۽ افاديت، سنڌي مثنوي نظم جو ارتقائي اڀياس، جنهن ۾ ۶۹ شاعرن جو مثنوي سان گڏ اپٽار ڪئي ويئي آهي. هي باب صفهي ۴۴ کان ۱۵۹ صفحي تائين محيط آهي. اِهو ارتقائي عمل سمن جي دور کان ۱۹۸۰ع تائين بيان ڪيو ويو آهي.

باب پنجين جو عنوان: ”سنڌي متسع نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس آهي، جنهن ۾ مثلث نظم جي شاعرن ۾ پندرهن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مربع نظم جي حوالي سان چوويهن شاعرن کي نروار ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ماهوار نئين زندگي، ماهوار پيغام ۽ ٽه ماهي مهراڻ ۾ ڇپيل نظمن جا عنوان ۽ سال ڄاڻا ويا آهن. اِهي مسمط نظم جي هر صنف سان گڏ لکيا ويا آهن. مخمس نظم جي ارتقا جي حوالي سان ۳۸ شاعرن جو ڪلام ۽ احوال آندو ويو آهي. اهڙيءَ طرح مسدس نظم ۾ ۵۳ شاعرن کي ڏيکاريو ويو آهي. مسبع نظم ۾ ٻارهن شاعر آندا ويا آهن. مثمن نظم ۾ تيرهن شاعر اچن ٿا. متسع نظم جي ارتقا ۾ پنجن شاعرن جو اڀياس شامل آهي. معشر نظم ۾ ستن شاعرن کي تحقيق ۾ شامل ڪيو آهي. ان کان علاوه نظم جا اهي ڪتاب جن ۾ مسمط نظم يعني عروضي نظم ڇپيو انهن کي تحقيق جي دائري ۾ داخل ڪيو ويو آهي. آخر ۾ حوالا آندا آهن. هي باب ٿيسز جو اهم باب آهي، جنهن ۾ عروضي نظم جو تحقيقي اڀياس ڪيو ويو آهي. هي باب ۱۶۰ صفحي کان وٺي ۳۶۶ صفحن تائين ڦهليل آهي.

آخر باب ڇهون، ”سنڌي نظم جي سماجي ڪارج جو اڀياس“ عنوان سان آندو آهي. جنهن ۾ (الف) ”سنڌي نظم جو سماجي ڪارج“، (ب) ”سنڌي نظم جو مزاج ۽ ٻولي جي اهميت“، (ج) ”سنڌي نظم سنڌي سماج جو ترجمان“ تحت سب ٽاپڪ قائم رکيا ويا آهن، جنهن ۾ ڀرپور نموني ڊاڪٽر ”شاد“ صاحب پنهنجي اڀياس کي تحقيقي طور نروار ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته سنڌي نظم سنڌي سماج جو ترجمان ۽ آئينه دار آهي. آخر ۾ حوالا آندا آهن. هيءَ ٿيسز ۴۱۷ صفحن تائين مشتمل آهي، جنهن ۾ ببلوگرافي به شامل آهي. ۽ ڪيل تحقيق جا نتيجا ۽ نظم جي پذيرائي ڏانهن درست رويا اختيار ڪرڻ جون سفارشون شامل آهن. ايڏي وڏي تحقيق کي احسن نموني نڀايو ويو آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر ”شاد“ جس لهڻو. سچ پچ ته ڊاڪٽر ”شاد“ ئي انهيءَ موضوع سان نڀايو آهي، نه ته چڱا ڀلا اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي وڃن ها. مگر هن باهمت ۽ جاکوڙي محقق ۾ مستقل مزاجي سبب صبر آزما مرحلن مان گذري پنهنجي تحقيق کي وقت اندر مڪمل ڪري ورتو، اِهو ئي سندس عظيم ڪارنامو آهي. ڳالھ ورجائڻي پوي ٿي ته هن ٿيسز کي منظر عام تي جلد اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته نوجوان محققن جي نمائندگي هن مقالي ۾ ٿيل آهي، جيئن هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”ڪو اهڙو مسئلو نه رهيو آهي، جيڪو سنڌي نظم ۾ بيان نه ڪيو ويو هجي، سنڌي نظم گو شاعرن پنهنجين ڪيفيتن کي وڏي فنڪارانه مهارت سان روايتي نظم ۾ داخل ڪيو آهي. سنڌي روايتي يا عروضي نظم جو پهلو بيحد طويل ۽ وسيع آهي، جنهن لاءِ گهڻو وقت درڪار آهي، سماجي حوالي سان سنڌي نظم تي ڪم ڪيو ئي نه ويو آهي. سنڌي نظم سنڌي سماج جي ترجماني ڪندڙ ۽ تاريخ سان رشتو جوڙيندڙ رهيو آهي. حقيقي ۽ سچي سماجي تاريخ ته سنڌي نظم ۾ رکيل آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ تائين سنڌي نظم جو تحقيقي اڀياس سماجي روشنيءَ ۾ ڇو ڪونه ڪيو ويو آهي؟ سماجي اڀياس نه ڪرڻ ڪري الائي نقصان ٿيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته هر شاعر جي نظمن جو سماجي اڀياس ڪرايو وڃي، جيئن سماجي پسمنظر ۾ سنڌي نظم جو ڪارج ۽ عمل ظاهر ٿئي.“ (سومرو، ۲۰۲۰: ۳۹۶)

مذڪوره ٿيسز جي مطالعي مان ڊاڪٽر ”شاد“ جي محنت ۽ سنجيده نوعيت ۾ ڪيل بحث مباحثن کي ڏسڻ کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته، سندس علمي بحث ۾ جيڪي استعمال ڪئي وئي آهي سا نهايت ئي چٽِي بيان ۾ صاف سولي ڪتب آندي ويئي آهي، هڪ عام قاري به آرام سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. وڏي ڳالهه ته ڊاڪٽر ”شاد“ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ئي ڪتب آندو آهي ۽ انگريزي يا اردو ٻولين جي استعمال کان پرهيز ڪئي آهي، جيڪا سندس خاص خوبي آهي.

نتيجو: مجموعي طور تحقيق مان جيڪو نتيجو آڏو آيو آهي ته، ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو جي شخصيت کي سنڌي ادب ۾ جيڪو مقام حاصل آهي اهو سڀ کان منفرد آهي. علمي ادبي موضوع نهايت ئي وسيع آهن جيڪي علمي ادبي لحاظ کان کيس وڏو مانُ بخشين ٿيون. هي هڪ تعليمدان، تخليقڪار، محقق ۽ نقاد جي حيثيت ۾ هڪ وڏو نالو رکي ٿو. هن جا مرغوب موضوع لسانيات، لوڪ ادب، لطيف شناسي ۽ ادبي تاريخ جهڙيون اهم خوبيون سندس موضوعن جا مکيه مرڪز آهن انهن خدمتن جو احاطو ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. مذڪوره مقالي ۾ مختصر خدمتن کي آڏو رکي جنهن نتيجي تي پهچجي ٿو ته، ڊاڪٽر ”شاد“ سومرو شڪارپور جي اها شخصيت آهي، جيڪا ادبي لحاظ کان چوڏهين جي چنڊ مثل چمڪي رهي آهي.

حوالا:

سومرو، جبران علي، سووينيئر (مرتب)، ڊاڪٽر عبدالخالق ’راز‘ اڪيڊمي، شڪارپور/ ڪراچي، ۲۰۱۸ع

سومرو، عبدالخالق ’راز‘ ڊاڪٽر، تاريخ شڪارپور مرتب: پروفيسر محمد شريف ’شاد‘ سومرو، (ڇاپو پهريون)، پيڪاڪ ڪراچي، ۲۰۱۷ع

سومرو محمد شريف ”شاد“ پروفيسر-سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس (مقدمو)شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ايم فل لاءِ پيش ڪيل ٿيسز، (قلمي سنڌي)، ۱۹۹۳ع

سومرو محمد شريف ”شاد“ پروفيسر ڊاڪٽر- سنڌي نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌي شعبي ۾ پي. ايڇ ڊي لاءِ پيش ڪيل ٿيسز. (قلمي سنڌي) ۲۰۲۲ع.

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائئن جي مارچ ۽ اپريل ۲۰۲۴ع وارن شمارن ۾ ڇپيل)

 


 

ادبي بي قدري ۽ شريف ”شاد“

نسيم بخاري

ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي پروفيسر محمد شريف شاد سومرو جو تحقيق ۽ ترتيب ڏنل گذريل ۵۰۰ سالن جو ادبي جائزي تي مشتمل مفصل ڪتاب آهي، جنهن ۾ ۱۵۰۰ کان ۲۰۰۰ تائين جا ادبي پيرا کنيا ويا آهن. تاريخ جي موضوع تي ڄاڻايل ڪتاب نومبر ۲۰۱۷ع ۾ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ اڪيڊمي شڪارپور سمبارا پبليڪشن حيدرآباد کان شايع ڪرايو آهي، ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکيو آهي، جنهن ۾ لکي ٿو ته پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومرو فلسفي جي مختصر جائزي کانپوءِ قديم شاعرن کان وٺي ادبي تاريخ لکڻ شروع ڪئي آهي، هن تاريخ ۾ پهريون قديم شاعر محمد قاضي قادن جو همعصر آهي، ان دور جو لساني، ادبي ۽ سياسي پسمنظر به پيش ڪيو ويو آهي، شاعرن جي سوانح عمري ۽ انهن بابت مواد هٿ ڪرڻ ۾ ليکڪ جوڳي محنت ڪئي آهي. اڪثر ايم اي جي مونو گراف مواد جي لحاظ کان اڻ پورا هوندا آهن پر محمد شريف شاد ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ مواد هٿ ڪيو آهي، ان سان گڏ دور جو جائزو ۽ ادبي پسمنظر به پيش ڪيو اٿن، هي طالب علم جي ڪوشش ۽ ڪاوش آهي، هن جو معيار نهايت اعليٰ آهي، هن ڪاوش تي آئون ليکڪ کي داد ڏيان ٿو.

ائين نه آهي ته تعلقي جي ادبي تاريخ تي شريف شاد جي ڪوشش ڪا تاريخ ۾ پهرين آهي پر ان جي منظر عام تي اچڻ سان هر تعلقي ضلعي، شهر، يوسي ۽ يونٽ سطح تي تاريخ محفوظ ڪرڻ جي ضرورت جو احساس شدت وڌيو آهي اهو احساس جيڪو اندر ئي اندر ۾ هڪ اٿل پٿل ڪري ٿو، هڪ آنڌ مانڌ مچائي ٿو ۽ چاهي ٿو ته هر هنڌ هر جاءِ گهڻ رخي تحقيق جا نه رڳو دڳ کلن پر انهن دڳن تي سفر ڪري ڪنهن منزل تي به پهچجي نه رڳو ڪنهن منزل تي پهچجي پر اها منزل ڪن مقصدن جي حاصلات جو به جواز پيدا ڪري، شريف شاد سومرو جو ايم اي جو مونو گراف شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو نه رڳو پهريون لکيو ويندڙ مونو گراف آهي پر ان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اهو ڇپيل به پهريون آهي، شريف شاد ۱۹۸۰ع کان اهو ڪم شروع ڪيو، گذريل چاليهن سالن ۾ هن کي اهڙي محنت واري جذبي سان اڻ ٿڪ ڪيل پيار جي پورهئي جي ڪٿان به ڪا شاباسي نصيب نه ٿي آهي، ٻيو ته ٺهيو پر جنهن تعلقي جي تاريخ تي ان ڪم ڪيو آهي، خود ان تعلقي جي ڪنهن چونڊيل نمائندي، ميونسپل ڪاميٽي، پريس ڪلب يا ادبي سنگت پاران ڪابه پذيرائي ميسر نه ٿي سگهي آهي، پذيرائي ته پوءِ جي ڳالهه آهي ليکڪ جو ڪتاب به لکي وارن خريد ڪرڻ اٿلائي پٿلائي نه ڏٺو آهي، ليکڪ ۽ ڇپندڙ توڙي ڇپائيندڙ اداري پڪ سان ڪيترن اديبن، صحافين ۽ پبلشرن کي ڪتاب به سوکڙي طور تي ڏنو هوندو پر تبصرو ته پنهنجي جاءِ تي ڪٿان ڪو تبصرو به نظر نه آيو آهي، تعريف نه ئي سهي تنقيد ته ٿيڻ کپي ها؟ ان رويي، رجحان کي ادبي ڪنجوسي چئجي يا ساڙ؟ اهو مزاج ۽ رجحان ٻڌائي ٿو ته اسان جي ساڃاهه جو سج اڀريل آهي يا لٿل آهي؟ اهو سلسلو ثابت ڪري ٿو ته نه رڳو اسان پاڻ ڪو ڪم نه ڪرڻ واري راهه جا نه رڳو راهي آهيون پر ڪنهن ٻئي کي به ڪندي ڏسندو برداشت نه ڪندا آهيون، نه ته پاڻ ڪم ڪندا آهيون، نه ڪنهن ٻئي کي ڪرڻ ڏيندا آهيون.

تحقيق جو ڪم ائين ٿيندو آهي ته هڪ ماڻهو پنهنجي سطح، وسيلن ۽ ماحول مطابق جيترو ان کان پڄندو آهي، اهو ڪندو آهي ان کان جيڪڏهن ڪجهه رهجي ويندو آهي يا ڪا ڳالهه ۽ واقعو درست لکجي نه سگهبو آهي ته ٻيو اچي ان جو پٽڪو ڌوڙ نه ڪندو آهي يا ان کي تاريخ جو ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي، پر ان جتان ڪم ڇڏيو هوندو آهي، هو اتان ان جي شروعات ڪندو آهي، ڪا درستگي ڪرڻي هوندي آهي ته سا به تهذيب جي دائري ۾ ڪندو آهي، ائين تحقيق اڳتي وڌندي آهي ۽ عروج حاصل ڪندي آهي، سو ڳالهه اها آهي ته گهٽ ۾ گهٽ مٿين حوالن سان ئي شريف شاد جو ذڪر ڪيل ڪتاب ڌيان جو مرڪز بڻايو وڃي ها.

شريف شاد ته ايم اي جو مونو گراف لکي ايم اي جي شاگردن کي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن سان محبت ڪرڻ سيکاري، ان طرح جي سلسلي جي تسلسل سان سنڌ جي مستند تاريخ مڪمل ٿيڻ جي تمنا رکي پر هن ڪٿي ٿي ڄاتو ته اسان جو سماج ۽ ساڃاهه اڃان تائين ذهني غربت مان نڪري نه سگهيو آهي، ها درياهه دلي جيڪا هن جي ماضيءَ جي شاندار سڃاڻپ هئي، سا هاڻ وقت جي واءَ ۾ وکرجي وئي آهي، اهو ٻئي کي عزت ڏيڻ ۽ ان جو قدر ڪرڻ آهي. شريف شاد انهن روين، رجحانن، مزاجن ۽ طبعيت جي باوجود اٽل ارادي سان قلمي جستجو ۾ مصروف آهي شڪارپور ضلعي جي ڳوٺن جي تاريخ تي تحقيق ڪري رهيو آهي، سٺو شاعر ۽ نقاد به آهي، نثري نظم جي ارتقا جو تحقيقي اڀياس جي موضوع تي ايم فل ڪري چڪو آهي، اهو مسودو ڪمپوز به ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي احساس جي آڌار تي ايندڙ سال ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.

سوال اهو آهي ته آخر ڪيستائين شريف شاد يا انهن جهڙا ٻيا ليکڪ لکندا به پاڻ ۽ ڇپائيندا به پاڻ ايندا رهندا؟ اهي ادارا جن وٽ مونو گراف ايم فل يا پي ايڇ ڊي جا مسودا جمع ٿين ٿا، سي ڪاميٽي جوڙي بجيٽ رکي اهليت جي بنياد تي اهي شايع ڇو نه ٿا ڪرائين؟ پبلشر ليکڪ کي ڪا رائلٽي ته نه ٿا ڏين پر ڪتاب به شايع ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، اهي تيار ان صورت ۾ ٿيندا آهن جڏهن سمورو خرچ ليکڪ خود پاڻ اڳواڻ ڀريندو آهي ۽ ادارا ليکڪ جي لاڳت سان پنهنجو ناءُ ۽ آڌار تي پيسا ڪمائيندا آهن.

سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي جيڪي ادارا اشاعت جو ڪم ڪن ٿا، بدقسمتي سان اڪثر اهي به مافيائن جو شڪار آهن، اهليت ۽ انصاف جي آڌار تي اتي به ڪم نه ٿو هلي، جيڪڏهن اهو ائين هجي ها ته اڄ سنڌ جي ادبي صلاحيتن کي در در ڀٽڪڻو نه پوي ها. اسان جي سماج ۾ اڃان تائين به اهليت جي اعتراف لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائڻي ٿي پوي.

مان اهو اعتراف ٿو ڪريان ته شريف شاد جي ذڪر هيٺ آيل تحقيق تي تبصري جي حق ادا ڪرڻ بدران ان سان ئي لاڳاپيل معاملن تي لکي ويو آهيان پر اهو مون ان ڪري ئي لکيو آهي جو تحقيق جي محنت کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، ايڏي وڏي محنت ۽ ان جي حوالي سان ادبي دنيا جي اهڙي اک ٻوٽ مون کي وقتي طور تي جذباتي ڪري ڇڏيو آهي، شايد اها جهلڪ ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڪنهن سٽ ۾ پڙهندڙ محسوس به ڪن، پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته جيڪا راءِ يا ڳالهه مون اڳ ڪئي سا ڪيتري قدر غلط يا درست آهي؟ شريف شاد نه رڳو پرمغز مقالا لکندو آهي پر ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ به لکي چڪو آهي، هو سنجيده، سلڇڻو، مخلص ۽ مهمان نواز به آهي، رستم شهر سان تعلق رکندڙ شريف شاد اڄ ڪلهه شڪارپور شهر جا وڻ وسايا آهن، هو پروفيسري تان رٽائرڊ ٿيو آهي، ۶۰ سال جي ڄمار ۾ هن جيتريون ادبي بي قدريون ڏٺيون آهن. شايد ئي ڪنهن زندگي جي تلخ ياد بڻجي سگهيون هجن، اچو ته هن کي هن جي حصي جو اسان پيار ۽ مان ڏيون نه رڳو شريف شاد کي پر ان طرح جي سنڌ جي هزارين نظرانداز ٿيل صلاحيتن کي ٻنهي هٿ سان سرخ سلام ڪريون.

هڪ ڳالهه وسارڻ گهرجي ته اڄ اسان جيڪڏهن پنهنجي دور جي لائق ماڻهن کي جيئري ئي مان ڏيڻ جي روايت وجهنداسين ته سڀاڻي اسان کي به اسان جي زندگي ۾ محبتن ۽ اتساهه ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو ٻئي کي عزت ڏيڻ حقيقت ۾ پاڻ کي عزت ڏيڻ آهي، ڇوته اها موٽي خود ماڻهو کي ملندي آهي، شل اها ڳالهه اسان سمجهي سگهون ته جيئن پوءِ خود مستقبل ۾ اسان کي به ڪنهن سان شڪايتن ڪرڻ يا شڪايتون محسوس ڪرڻ وارو موقعو ۽ مزاج ميسر نه ٿئي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

1 comment: