Pages

14 July, 2024

عيسيٰ ميمڻ

عيسيٰ ميمڻ

نوجوانن لاءِ اتساھ بڻيل ڪردار



ڌرتيءَ تي ڪروڙين انسان آيا ۽ هليا ويا پر جن ماڻهن پنهنجي رت سان ڏيئا روشن ڪيا، جن پنهنجي قومن جي علم، ثقافت ۽ ذهني اوسر لاءِ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اهي ان قوم جو سرمايو ٿي پون ٿا. اديب به سماج جو انتهائي ذميوار فرد هوندو آهي، هو پنهنجي فڪر جي آڌار پنهنجي اظهار جي ذريعي جو تعين به پاڻ ئي ڪري ٿو ته وري مقصد ۽ نتيجا به پاڻ ئي ڳولي لهي ٿو، اهڙن ئي انتهائي روشن خيال اديبن، شفيق، سٻاجهڙن، سڄاڻ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مان عيسي ميمڻ به هڪ آهي. محمد عيسيٰ ميمڻ جولاءِ ۱۹۸۵ع تي تعلقي ڏوڪري جي هڪ ننڊڙي ڳوٺ کوهارا ۾ الله ڏني ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ ٿورئي عرصي ۾ تعلقي ڏوڪري۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي، عيسي ميمڻ پنهنجو ادبي سفر ۱۹۹۸ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري شاخ جو ميمر ٿيڻ سان ڪئي ۽ ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ساڳي شاخ جو سيڪريٽري ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ ساڳي شاخ تي مختلف عهدن تي رهيو ايئن ئي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمر ان کان پوءِ ۲۰۱۳ع ۾ لاڙڪاڻو شاخ جو سيڪريٽري بڻيو مارچ ۲۰۱۷ع ۾ عيسيٰ ميمڻ پنهنجو ڪتاب جيڪو هن “سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻو جي ڪارگردگي رپورٽ” (سال ۲۰۰۳ع، ۲۰۰۳ع ۽ ۲۰۱۳ع) جي نالي سان ڇپايو آهي، اها رپورٽ هن پنهنجي سيڪريٽري هجڻ واري دورن جي پڌري ڪئي ھئي جيڪا پڻ ٻين ادبي شاخن لاءِ مثال بڻي ۽ ان وقت ادبي حلقن ۾ چڱو بحث هلي پيو هو، ساڳئي ۲۳ اپريل ۲۰۱۷ع تي هن “ڪتابي رپورٽ” جي مهورتي تقريب نظاماڻي ليبر هال لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪئي وئي. سنڌي ادبي سنگت جتي گذريل ڪيترن ئي سالن کان مختلف اختلافن جو شڪار رهي آهي اتي عيسيٰ ميمڻ س ا س شاخ لاڙڪاڻي کي ايترو ته سرگرم رکيو جو سڄي سنڌ جي سنگت جون سرگرميون هڪ پاسي رکو ۽ شاخ لاڙڪاڻي جون سرگرميون ٻئي پاسي تڏهن به شاخ لاڙڪاڻو وزنائتي ثابت ٿيندي جنهن جو کليل شاخ جا ادبي لاٽ نالي نڪتل ٻه شمارا آهن. يقينن ان سڄي ڪاميابيءَ جو ڪريڊٽ عيسي ۽ سندس ساٿين ڏانهن وڃي ٿو.


عيسيٰ ميمڻ اديب هجڻ سان گڏ صحافتي تجربو پڻ رکي ٿو ۰۷-۲۰۰۶ع ۾ سنڌ سنگت ضلعي لاڙڪاڻي جي ترجمان پرچي “سنگت سماچار” جو چوائنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو. جڏهن ته ماهوار “سارنگ” ڪراچي جو پڻ ۲۰۰۹ع ۾ جوائنٽ ايڊيٽر بڻيو، ۲۰۰۷ع ۾ ادل سولنگي ۽ عزيز منگي سان گڏجي سنڌ جي قديم اهڃاڻن جي زبون حاليءَ خلاف وس وارن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ لاءِ ‘مهين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ’ جو بنياد رکيو ان جي ترجمان پرچي “سنمبارا” جو ايڊيٽر بڻيو، اڪيڊمي کان اڳ جيڪو عيسي ميمڻ س ا س شاخ ڏوڪري جي پليٽ فارم تان مهين جي دڙي لاءِ سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

عيسيٰ، سماجي ڪمن ۾، اڳيان اڳيان نظر ايندو آهي، سال ۲۰۰۷ع ۾ ايڪٽو اسٽيوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو، اتي به لائبريري کي بهتر ڪرڻ ۽ سماجي خدمتن ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو، گذريل مهيني ڏوڪري تعليمي ميلي ڪرائڻ سميت ڪيتريون ئي سماجي ڀلائيءَ لاءِ ٿيندڙ سرگرمين پيش پيش رهي ٿو. جنوري ۲۰۱۲ع ۾ هن سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جو بنياد وڌو ڏسندي ئي ڏسندي کوڙ سارا پنهنجي قومي فرض جي پوئواري ۾ اسان تائين پهچائي چڪو آهي. عيسي ميمڻ پنهنجو سياسي موقف به مضبوط رکي ٿو هن پنهنجي ڪتاب سياست، تاريخ ۽ ڪردار لکيو اٿس ته سياست ڏاڍي بي رحم ٿيندي آهي. جنهن جي سيني ۾ ڪا به دل ناهي هوندي. سياست جا پنهنجا ماڻا ماپا هوندا آهن ان ڪري سياست ڪنهن جي خواهشن جي نه پر مادي حالتن جي تابع ٿيندي آهي. مادي حالتن جي تبديليءَ سان سياست ۾ نوان رخ، رستا، راهون تيار ڪبيون آهن. سنڌ جون حالتون ان نتيجي تي پهتيون آهن ته سڀني کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو ۽ پنهنجي سياسي پارٽين جو جائزو وٺي سنڌ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. سنڌ ۾ سياسي تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي پارٽي کي پورهيت طبقي سان ڳنڍي پورهيتن کي انقلاب جو محرڪ قوت سمجهي سياسي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته شاگردن جي سياسي تربيت لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي شاگردن جي تربيت ڪن ۽ شاگرديءَ جي دور پوري ٿيڻ کانپوءِ به سياست ۾ انهن کي پارٽي جي ماتحت بڻائجي ۽ شاگردن کي منظم ڪرڻ کان اڳ پارٽي جي انقلابي بيهڪ ضروري آهي. جيڪڏهن انقلابي پارٽي نه هوندي ته انقلاب لاءِ رستو هموار ڪرڻ مشڪل نه پر ناممڪن هوندو. عيسيٰ ميمڻ انتهائي غريب گهراڻي سان تعلق هجڻ باوجود پنهنجي محنت تحت ڪيترن ئي وسيلن وارن کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ۰۹ ڊسمبر ۲۰۲۰ع)


عيسيٰ ميمڻ

املھ انسان - سلسلو ۶۲ هون

حفيظ چانڊيو

عيسيٰ ميمڻ مهين جي ماڳ جو مانُ رکندڙ هڪ اديب آهي، هو متحرڪ سياسي سماجي اڳواڻ به آهي ته هڪ مثالي استاد به. . . . هو سنڌي سماج ۾ پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪندڙ شاعر به آهي ته سسئي بڻجي ديس جي مٽيءَ کي ماٿي لاهڻ لاءِ ڪشٽ ڪاٽيندڙ قومي درد رکندڙ اڳواڻ به آهي.

سماجي اڳواڻ، پبلشر، ليکڪ، اديب دانشور ۽ عالم اديب واري سڃاڻپ سان گڏ هو جونيئر اسڪول ٽيچر به آهي هو حادثن جي هجوم ۾ رهي به سدائين مرڪندو ۽ منزل ڏانهن رمندو رهيو آهي، هن جي بي ترتيب جيون پٺيان سندس مسڪيني آهي، جنهن لاءِ هو هر پليٽ فارم تان واضع چوندو رهيو ته هو ڪنهن سرمائيدار يا جاگيردار طبقي مان نه پر پورهيت ڪلاس مان آهي، هن ديس جي خوشحاليءَ خاطر سِر تي اڻ ڳڻيا الزام سَٺا پر منزل ماڻڻ جي جستجو کيس سسئي جيان جبل جهاڳرائي اٽل ارادي سان مضبوط ڪيو. سندس متحرڪ وجود نوجوان نسل لاءِ هڪ پختو ويساھ قائم ڪيو آهي ته "نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار" هن چواڻي ته حالتون ڪهڙيون به هجن، ڪٿي مايوس ناهي ٿيڻو، ڇو جو منزل ماڻڻ جي جستجو ۾ مليل سڀ گهاوَ ڀرجي سگهن ٿا پر ناڪامي ۽ جدوجهد تان دل شڪستو ٿي موٽڻ زندگيءَ لئي زهر ٿي جسم ۾ رت جيان ڊوڙندو رهندو آهي، انڪري ڪمٽمينٽ جي اهميت رکي ٿي، نه ڪو ان راه ۾ ايندڙ رڪاوٽن آڏو گوڏا کوڙڻ اهميت جوڳو عمل آهي.

هو علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخص، خوبين جي کاڻ آهي.

سندس هڪ خوبي ڏاڍي وڻندي آهي، هو ادبي قد ڪاٺ هوندي به ڪنڌ ۾ ڪلي هڻي ناهي گهمندو، هو مٽي آهي ۽ مٽيءَ جو مان رکڻ جو وٽس علم ۽ شين جي پرکڻ جو وٽس ادراڪ به آهي. هو ادبي دنيا ۾ جيڪو ڪجھ به آهي ڪنهن کي سائين ميان چئي يا ڪنهن سينيئر اديب جي منشي گيري بعد ادبي مقام ناهي حاصل ڪيو، اها سندس ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي رياضت ۽ سچيتائي ئي آهي، جنهن جي بنياد سبب هو ننڍڙي وهيءَ ۾ سڀني جي دلين ۾ ڌڙڪي رهيو آهي.

هن جيڪو ڪجھ لکيو آهي ڏاڍي بيباڪيءَ سان لکيو آهي، سندس تحريرن ۾ سماجي ڪٿائن ۽ المين جا اولڙا پسي سگهجن ٿا. اهو ممڪن آهي ته هو جنهن بيمار سماج ۾ رهي ٿو، اتي زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي سماج جي دقيانوس ريتن رسمن اڳيان ڪٿي مفاهمت ڪئي به هجي. سندس ناسي نيڻن ۾ ديس جي خوشحالي ۽ صحتمند سماج جي اڏڻ، تبديلي جي تشنگي موجود ضرور هوندي.

هو ۱۹۸۵ع ۾ مهين جو دڙي کان اوڀر طرف هڪ ڳوٺ کوهاري ۾ پورهيت سائين الله ڏني ميمڻ صاحب جي غريباڻي گهر ۾ ڄائو، سندن ڳوٺ مهين جي دڙي کان تڪريبن ۸ ڪلوميٽر پري درياھ جي ڪناري تي واقع آهي. درياهي علائقي سبب اتي بي امني جي بازر گرم ٿي هئي، بدامني جي ڄر سندس خاندان کي پڻ ڄرڪايو، جنهن سبب هن جي والد سائين الله ڏني جن ڏوڪري لڏي آيا، سندس والد مال جو وڏو شوقين هو. ڳوٺاڻو هجڻ ڪري هو مال سان بي انتها پيار ڪندو آيو، جيستائين سندس هڏ ڪم ڪيو تيستائين مال کي پاڻ چاريندو رهيو.

عيسي ميمڻ جي والد جن شهر ۾ لڏي آيا ته سهي پر شهر ۾ رهڻ، کائڻ ۽ پيئڻ سڀ پئسن جو، سو ڪرائي جي جاءِ تي ڪيترو رهي واري ڪارائتي ڳالھ کي سمجهي مال کپائي جڳھ ورتائين. جنهن سبب مال جو ڪم ڇڏي ڏوڪريءَ ۾ هارپو ڪيائين. عيسيٰ ۶ ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ آهي. سڪيلڌي پٽ کي ڪهڙو والد ناهي پڙهائڻ چاهيندو، بس مسڪيني سبب ڪاڪو الله بخش ميمڻ عيسيٰ ميمڻ کي تعليم نه ڏياري سگهيو.

پنهنجي ڏکين ڏينهن جون ساروڻيون ساريندي عيسيٰ ٻڌائيندو آهي ته سندس والد هاري هو، جيڪو هن کي پڙهائي نه پئي سگهيو، سندس امان گهر ۾ پورهيو ڪندي هئي، جنهن کي هن پڙهڻ جو زور رکيو، سندس بابي جو خيال هو ته ڪنهن طرح عيسا ڀي ٻه ڏوڪڙ ڪمائي سندس مدد ڪري ته جيئن هنن جي گهر جو گاڏو هلي.

هو غريب خاندان جو فرد ٿي نهايت محنتي نوجوان آهي، جنهن بابي جي ۽ امڙ جي خواهش جو ڀرم رکيو- "امڙ ۽ بابي” ٻنهي جي خواهش کي پورو ڪندي هن تعليم سان گڏ پورهيو به شروع ڪيو. ائين سندس والدين به خوش رهيا ۽ هو اسڪول به ويندو رهيو.

هن پرائمري جا پنج درجا ۱۹۹۵ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڏوڪري مان ۽ ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان ۽ مئٽرڪ گورنيمٽ هاءِ (برانچ) اسڪول پراڻي آباد مان ۲۰۰۰ع ۾ پاس ڪئي. انٽر ۲۰۰۲ع (آرٽس گروپ) سچل سرمست اورينٽل ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان سڄي بورڊ ۾ سيڪنڊ پوزيشن ماڻي ثابت ڪيو ته محنت ڀلي کڻي ڪو مسڪين ماڻهو جو اولاد ئي ڇو نه ڪري پر ڪنهن جي به محنت رائيگان ناهي ويندي.

هو ساڳي ئي غريبي، اڻ هوند جي ڪري يونيورسٽيءَ تائين پڙهي نه سگهيو -هن بي اي ۲۰۰۴ع ۽ ايم اي ( سنڌي ادب) ۲۰۰۶ع ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان (پرائيويٽ) ڪاليج سائيڊ مڪمل ڪئي. گڏوگڏ هن ايل بي ۲۰۰۷ع ۾ گورنمينٽ لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس پڻ مڪمل ڪئي.

سڀني مايوسين ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ وٽس حوصلي جو مضبوط هٿيار ھو، مسڪيني سبب هن دنيا جي چرخي جي هر رخ کي ويجهي کان ڏٺو، ٻالڪپڻ کان وٺي خوددار هوڻ ڪري منجهس خوداعتمادي جو خزانو گڏ ٿيو، هن ادبي دنيا ۾ ۱۹۹۸ع ۾ گل ڦل رسالي ۾ شاعريءَ سان شروعات ڪئي. استادن، هم ڪلاسين ۽ هڪ جيڏن جي اتساھ کيس وڌيڪ پڙهڻ لاءِ منجهس نئون روح ڦوڪيو. هن مضمون به لکيا اڳتي هلي سنڌ جي تمام وڏين وڏين اخبارن ۾ سنڌ جي اهم ۽ ٻرندڙ مسئلن تي بيباڪيءَ سان مضمون لکيائين، غربت ڇاهي؟ اڻ هوند ڇاهي؟ مجبوريون ڇو ۽ ڇا لاءِ آهن جهڙا اڻ ڳڻيا سوال سندس ذهن ۾ هٿوڙا ٿي کيس اجتماعي تبديليءَ لاءِ اتساهيندا رهيا آهن.

هو سرسوَتي ساهت گهر ڏوڪري جو باني پڻ آهي، پنهنجي پبلڪيشن "سرسوتي ساهت گهر ذريعي هن وقت تائين هو لڳ ڀڳ ۶۰ ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.

جنھن سماج گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول ماڻهن کي ماڻهپي مان ئي ڪڍي ڇڏي، رشتن مان شناس ڇڏائي وڃي، اهڙي منجهيل ماحول ۾ فرعونن سان الجهڻ لاءِ وڏي دل گڙدي واري ملهائتي ماڻهو جي سخت ضرورت پوندي آهي، عيسي ميمڻ ادبي سرگرمين سان گڏ هڪ سماج سيوڪ طور ۱۹۹۷ع کان ايڪٽوِ اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ڏوڪري جو ميمبر به رهي چڪو آهي، جتي هن شاگردن جي سجاڳيءَ لئي مثبت ڪردار ادا ڪيو، اسٽڊي سرڪل قائم ڪرڻ کان سماجي بيواجيبين تي سراپا احتجاج تائين هو پاڻ ملهائيندو رهيو آهي.

مهين جي دڙي مان قيمتي نوادرات چوري ڪري يا ڪرائڻ تي هن ۲۰۰۵ع دوران مهين جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ جي باني ميمبر طور رضاڪارانه طور ڪم ڪيو ۽ لاڳاپيل کاتي سان خط و ڪتابت وسيلي سندن قبلو درست ڪرڻ جي جرئت ڪئي.

 ان کان علاوه هو ۲۰۰۳ع ۾ ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏوڪري جو باني ميمبر پڻ رهيو، جتي نوجوانن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ تي سندس ڪم ساراھ جوڳو آهي. منجهن ڪتابن ۾ دلچسپي وڌائڻ لاءِ هن جون ڪوششون پڻ ڪنهن کان ڳجھيون ڪونهن.

عيسي ميمڻ هڪ اديب شاعر ليکڪ سان گڏ سماجي اڳواڻ آهي، وٽس به ٻين جيان دل آهي، سندس قلمي پورهئي ۾ ڪيترا ئي ڪتاب آهن جن کي ترتيب سان هيٺ بيان ڪجي ٿو:

"۱. سياست، تاريخ ۽ ڪردار (ڪالم ۽ مضمون) ۲۰۱۲ع

۲. پرھ جو پيغمبر (سائين جي. ايم سيد جو تقريرون _ ترتيب) ۲۰۱۳ع

۳. مهين جو باغي (ترتيب) ۲۰۱۲ع

۴. سماج ۽ ادب جو سفر _ سرور منگي (ترتيب) ۲۰۱۵ع

۵. س ا س ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي جي ڪارڪردگي رپورٽ ۲۰۱۷ع

۶. سنيها سپرين جا (خط) ۲۰۱۸ع

سرت سندو سوجھرو (مقالا ۽ مضمون) ۲۰۱۹ع

۷. ٽم ٽم تارا ٻارن لاءِ شاعري ۲۰۲۱ع قابلِ ذڪر ڪتاب آهن.

=>جيل ياترا:

 ۲۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ بک هڙتال ڪندي گرفتاري ٿي لاڪ ۾ رهڻ ۽ آزادي.

۱. جون ۲۰۰۱ع ۾ پاڻي لاءِ احتجاج ڪندي، موري مان گرفتاري، ۲ ڏينهن موري لاڪ اپ ۾ رهڻ کان پوءِ ۸ جولاءِ ۲۰۰۱ع تائين سينٽرل جيل سکر ۾.

مڃتا ايوارڊ ۽ سندون:

سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن “ٻاراڻي ادب جي خدمتن عيوض کيس "سند”مڃتا سرٽيفڪيٽ ۱۹۹۸ع ۾ ڏنو.

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران ادبي سنگت جي بهترين ورڪر ايوارڊ" سند” ۲۰۰۴ع

نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ پاڪستان پاران، سماجي خدمتن عيوض (سند) ۲۰۰۷ع

سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران، ادبي خدمتن عيوض (مڃتا سند) ۲۰۱۳ع

سنڌي ادبي سنگت ضلع لاڙڪاڻو پاران، ادبي خدمتن عيوض (سند) ۲۰۱۷ع

ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت پاران تعليمي خدمتن عيوض سند ۲۰۱۸ع

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (عورت ونگ) لاڙڪاڻو پاران سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض (ايوارڊ) ۲۰۱۸ع

سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور پاران ادبي خدمتن عيوض شهيد نسيم کرل ڪهاڻي ايوارڊ ۲۰۱۸ع علم دوست ادبي سنگت خيرپور ٻولي جي خدمت عيوض مڃتا ايوارڊ ۲۰۲۱ع

فري جرنلسٽ فائونڊيشن حيدرآباد پاران رول ماڊل ٽيچر ايوارڊ ۲.۲۱ع شامل آهن.

هن ۲۰۱۹ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان "جيل ۾ سرجيل سنڌي ادب”جي موضوع تي ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي. “

هو پورهيت پيءُ جو نهايت محنتي ۽ بهادر پٽ آهي، جنهن ڪچڙي عمر ۾ اسڪول وڃڻ کانپوءِ شام جو گهر جي خرچي لاءِ گجرون ۽ ڇولا کپائيا پر ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيائون، هن ميٽرڪ تائين ڪرياني جي دڪان تي مزدوريءَ جي ڪم کان وٺي ۱۹۹۹ع ۾ سگريٽن جي مانڊي هلائڻ تائين، ريڙهي هلائڻ ۽ ڪارن جي صفائي به هن پورهيت پيءُ جي نهايت قابل ۽ اڪيلي پٽ جي پُکي ۾ آيا.

ساڳي پتڪڙي پورهيت کي اڄ پوري سنڌ عيسي ميمڻ جي نالي سان ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي، هن جي سڃاڻپ سندس پيار ۽ سچيتائي جو پورهيو ئي آهي.

پرائيويٽ اسڪولن ۾ بطور استاد:

هو ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۷ع تائين لاڙڪاڻي۾ بقا گرامر اسڪول ۾ ٽيچر طور تي ڪم ڪندو رهيو. ان کان علاوه هن ۲۰۰۷ع دوران ۱۸ مهينا وري نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ ۾ فليڊ ڪوآرڊينٽر طور تي فيلڊ ورڪ پڻ ڪيو. ۲۰۰۸ع کان ۲.۱.ع تائين هن پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۽ سي ايس ايس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر طور تي شاگردن کي پڙهائيندو رهيو.

پرائيويٽ ادارن ۾ پڙهائڻ دوران هو سرڪاري نوڪرين جي حاصلات ڪوشش ڪندو رهيو، آخر ۲۰۱۰ع ۾ کيس تعليم کاتي ۾ استاد طور ڀرتي ڪيو ويو. مختلف اسڪولن ۾ سندس بدليون ٿيون، جتي به رهيو آهي، ان اسڪول ۾ شاگردن جي ذهني اوسر لاءِ لائبرريون قائم ڪيون اٿائين، نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين تحت هو پنهنجي شاگردن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ سماج ۾ ڪارگر ٿيڻ جا درس به ڏيندو رهيو آهي.

ادبي سنگت سان وابستگي:-

عيسي ميمڻ ۱۹۹۷ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو باضابطه ميمبر ٿيو - سندس ذهانت ۽ متحرڪ پڻي کيس ادبي سنگت جي دوستن ۾ پذيرائي ڏني، هو ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۳ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ٻه دفعا سيڪريٽري رهي چڪو آهي، ۲۰۱۳ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري ۽ ۲۰۱۹ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري طور پڻ ڪم ڪيو اٿائين.

هو سماج جو سجاڳ ذهن آهي، هن سماجي ۽ اخلاقي پيدا ٿيل قدرن ۾ سڌارن لاءِ به ڪم ڪيو ته وري نئين سنڌ جو خواب پڻ ڏٺو، سنڌ جي عشق ۾ هو ٻه دفعا جيل وڃي چڪو آهي، ٻه سال اڳ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول مان سيڪيورٽي ادارن کنڀي ۴۸ ڪلاڪ جانچ لئي پاڻ وٽ ڇا رکيو هو، سنڌ سراپا احتجاج بڻيل هئي - اهو عيسي ميمڻ جي سماج سان سڄڻائپ، سچيتائي، علمي ادبي، سياسي سماجي متحرڪ پڻو ئي هو، جنهن هن کي سرخرو ڪرايو، سندس کنڀجڻ جيتوڻيڪ هڪ غلط فهمي هئي، پر هن پورهيت اديب مٿان جيڪو گذريو هو، سو سندس ذات کي ئي خبر آهي. مون کي يقين آهي ته هيءُ پروفائيل انهن مايوس ۽ غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گهاريندڙ نوجوانن لاءِ انتهائي اتساهڪ ۽ فائديمند ثابت ٿيندو.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ نومبر ۲-۲۱ع تي کنيل)



عيسيٰ ميمڻ

ليکڪ، ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ پبلشر - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۳۳۸)

ساجد رند

عيسيٰ ميمڻ ۹ جولاءِ ۱۹۸۵ع تي کوھارا ڳوٺ، تعلقي ڏوڪري (هاڻوڪو باقراڻي تعلقي) ضلعي لاڙڪاڻي ۾ الله ڏنو ميمڻ جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ ۱۹۹۵ع ۾ پرائمري، ۲۰۰۰ع ۾ مئٽرڪ، ۲۰۰۲ع ۾ انٽرميڊئيٽ، ۲۰۰۴ع ۾ بي اي، ۲۰۰۶ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب ۾)، ۲۰۰۷ع ۾ ايل ايل بي، ۲۰۱۸ع ۾ ايم فل (سنڌي ادب م) ڪيائون، جڏهن تہ سندن پي ايڇ ڊي ھلندڙ آھي.

عيسيٰ ميمڻ ڇولا، ڦوٽا، گجرون کپائڻ، گاڏين جي صفائي ڪرڻ، ريڙھي ۽ مانڊي هلائڻ سميت مختلف پرائيويٽ اسڪولس ۾ پڙھائي چڪو آھي.

پيشي جي لحاظ کان سال ۲۰۱۰ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان تعليم کاتي ۾ جي ايس ٽي استاد مقرر ٿيو.

عيسيٰ ميمڻ لکڻ پڙھڻ کان علاوه علمي، ادبي سرگرمين ۾ به وڏو سرگرم ڪردار ادا ڪندو پيو اچي، پاڻ

۱۹۹۸ع کان ۲۰۱۲ تائين سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جو ميمبر، سال ۲۰۰۲ع ۽ ۲۰۰۳ع ۾ ٻه دفعا سيڪريٽري،

 ۲۰۱۲ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر،

 ۲۰۱۳ع ۽ ۲۰۱۴ع ۾ ٻه دفعا سيڪريٽري سال، ۲۰۱۲ع ۾ سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري جو باني رھي چڪو آھي.

عيسيٰ ميمڻ سلسليوار ”سمبارا“ مئگزين جو جوائنٽ ايڊيٽر،

ماهوار ”سارنگ“ ڪراچي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، ماهوار ”سنگت سماچار“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، سلسليوار “ادبي لاٽ” لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ۽ سرسوتي ساهت گھر ڏوڪري جو چيئرمين رھيو آھي.

عيسيٰ ميمڻ کي علمي، ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس سنڌي ٻارڙا پبليڪيشن ”ٻاراڻي ادب“ جي خدمتن عيوض سرٽيفڪيٽ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري پاران. ادبي سنگت جو بهترين ورڪر ايوارڊ، نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ پاڪستان پاران، سماجي خدمتن عيوض سرٽيفڪيٽ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ پاران، ادبي خدمتن عيوض سرٽيفڪيٽ، سنڌي ادبي سنگت ضلع لاڙڪاڻو پاران ادبي خدمتن عيوض سرٽيفڪيٽ، ايجوڪيشن اينڊ لٽري ڊپارٽمينٽ (سنڌ حڪومت) پاران تعليمي خدمتن عيوض سرٽيفڪيٽ، سنڌ يونائينڊ پارٽي (عورت ونگ) لاڙڪاڻي پاران سماجي ۽ ادبي خدمتن عيوض ايوارڊ ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور ادبي خدمتن عيوض شهيد نسيم کرل ڪهاڻي ايوارڊ ملي چڪا آھن.

عيسيٰ ميمڻ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

(۱) سياست، تاريخ ۽ ڪردار (ڪالم ۽ مضمون)

(۲) پرهه جو پيغمبر (ترتيب) (جي ايم سيد جون تقريرون)

(۳) مهين جو باغي (ترتيب)

(۴) سماج ۽ ادب جو سفر سرور منگي (ترتيب)

(۵) سنيها سپرين جا (خط)

(۶) سرت سندو سوجھرو (مقالا ۽ مضمون)

(۷) ٽم ٽم تارا (ٻاراڻي شاعري)

No comments:

Post a Comment