Pages

19 July, 2024

عبدالقادر مهر المعروف معصوم سانگهڙائي

معصوم سانگهڙائي

غلام عباس لسڪاڻي/جهول



هن کي اسان کان وِڇڙئي يارنهن سال ٿيا آهن، پر هو دِلين مان يارنهن سيڪنڊ به دُور نه ٿيو آهي، حياتيءَ ۾ جيڪو هُنَ سان هڪ دفعو مليو، انهيءَ مٿان اهڙا منڊ منڊي ڇڏيائين، جو هُو رڳو هن جو نالو ورجائيندو رهيو، جنهن کي مائٽ ”مٺو“، آفيسر عبدالقادر، ۽ اديب توڙي ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ کيس معصوم سانگهڙائيءَ جي نالي سان سڃاڻندا هئا. سندس ڪجهه همعصر اديب دوستن توڻي جو کيس صَلاح ڏني هئي ته هو حيدرآباد جا وَڻَ وسائي، جتي روز ادبي پروگرام به آهن ۽ گهڻا تڻا اديب به اُتي رهن ٿا پر هن انڪار ڪندي چيو ته، هن جي هتي جي دوستن جو ڇا ٿيندو، هو جهول ۽ سانگهڙ جي دوستن کي ڇڏي نه ويندو، هن جو ڪُل سرمايو دوست هئا، جنهن هن جي دوست جي عزت نه ڪئي، هو به ان جي عزت نه ڪندو هو، سندس حلقي ۾ ويهندڙ سڀني جا ڏُک، درد ۽ خوشيون هن جون هيون، جهول شهر جا رهواسي کيس ساري اڄ به روئي پوندا آهن ۽ چوندا آهن ته، جيڪڏهن هُو نه هجي ها ته، اڄ هو روزگار لاءِ به پريشان هجن ها، ڇو ته هو اڻپڙهيل هئا، معصوم کين صرف پڙهڻ تي ئي نه اُتساهيو پر ان ۾ مدد به ڪئي.


جهول جون ادبي تنظيمون به هن سان گڏ زنده هيون. فقيري حال هوندي به هن ڪڏهن به ڪنهن سائل کي خالي هٿين نه موڪليو. هر هڪ جي مدد ڪري خوش ٿيندڙ پاڻ ڀلي تڪيلف ۾ هجي پر ٻيا خوش هجن. هن جي ويئي پڄاڻان جهول هاءِ اسڪول جا ڪجهه اُستاد اسڪائوٽ سان گڏ ملڪ جي اترئين علائقي خيبر پختونخوا جي مارڪيٽ ۾ خريداريءَ لاءِ ويا. هڪ دُڪان تي چڙهي جڏهن اُنهن خريداري ڪئي ۽ دُڪاندار پڇيو ته، ڪٿان آيا آهيو؟ انهن وراڻيو؛ جهول ضلعي سانگهڙ کان. دُڪان جي پٺاڻ مالڪ انهن کي چيو ته، جهول مان هُن جو هڪ دوست معصوم سانگهڙائي اڳ ايندو رهيو هو، هاڻ ڪو نه ٿو اچي ڪٿي آهي؟! اُستادن دڪاندار کي چيو ته، هُو هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اهڙو جواب ٻڌي پٺاڻ اُوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. استادن موجب هو جيترو وقت دڪان تي هئا ته اهو پٺاڻ روئندو رهيو. هڪ دفعي حيدرآباد جي صدر جي علائقي ۾ هڪ دڪان تان سامان وٺڻ لاءِ معصوم سانگهڙائيءَ سان گڏ ويٺو هئس، ته هڪ تقريبن ڏهن سالن جي نياڻيءَ جي هٿن ۾ اڳٺ وِجهڻيون هيون ۽ ان چيو؛ چاچا! هي وٺو ٿا، ڏهن رپين جي آهي. معصوم سانگهڙائيءَ چيو ته، پٽ تنهنجي هٿن ۾ گهڻيون آهن؟ ائين 10 اڳٺ وجهڻيون وٺي سئو روپيا ڇوڪريءَ کي ڏنائين. ڇوڪري دڪان تان لهي وئي ۽ معصوم سانگهڙائيءَ جي اکين مان ڳوڙها زارو قطار وهڻ لڳا. منهنجي پُڇڻ تي چيائين ته، هن نياڻيءَ جي ڄمار اسڪول وڃڻ جيتري آهي، ڪنهن مجبوري سبب هيءَ فُوٽ پاٿ تي شيون کپائي رهي آهي. هو محبتون ورهائيندڙ ۽ نفرتون گهٽائيندڙ انسان هو. اهو ئي سبب آهي، جو جهول ۾ سندس گهر ۾ ٺهيل هڪ اوطاق نما ڪمرو هميشه هن سان محبت ڪندڙ ماڻهن سان ڀريل هوندو هو ۽ جڏهن دوستن جي تعداد ڪمري کان وڌي ويندي هئي ته هو سڀني دوستن کي ساڻ ڪري مير الله بخش پبلڪ لائبريريءَ ۾ اچي ديرو ڄمائيندو هو.

معصوم سانگهڙائي راڳ جو وڏو پارکو ۽ دل سان ٻڌندڙ هو. سندس ادبي پورهيو به سندس شخصيت کان گهٽ نه آهي. اڄ به ڇهن مجموعن جيتري شاعري هن جي خاندان وٽ سانڍيل ۽ هڪ شاعريءَ جو مجموعو ”انتظار جي موسم“ مارڪيٽ ۾ موجود آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ قاري اها راءِ ضرور ڏيندا، ته معصوم سانگهڙائي سنڌ جو ۽ سنڌي شاعريءَ جي غزل، گيت ۽ نظم جو خوبصورت شاعر آهي. هو ۱۶ جولاءِ ۲۰۰۲ع تي دل جي باءِ پاس آپريشن دوران هن فاني دنيا مان پنهنجي چاهيندڙن، محبت ڪندڙن کي روئندو ڇڏي، هن فاني دنيا مان هليو ويو، پر هو هميشه پنهنجي چاهيندڙن، محبت ڪندڙن، دوستن، اديبن، شاعرن ۽ هر اهلِ وطن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.


عبدالقادر مهر المعروف معصوم سانگهڙائي

پريم نگر جو واسي

فقير صابر حسين مهر

ڌرتي جي ڪک مان ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ماڻهو جنم وٺندا آهن جن جو يادون، جدوجهد ۽ تخليق صدين تائين نسل در نسل سفر ڪندي رهندي آهي، اهڙا نه ختم ٿيندڙ نشان ڇڏي ويندا آهن، سماج جي بهتري لاءِ پاڻ ارپڻ، قوم جي ايندڙ نسل لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۽ عملي توڙي قلمي ميدان ۾ ڄمي بيهي رهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي ۽ تاريخ هميشه اهڙن ماڻهن کي منفرد مقام تي بيهاريندي آهي، بدترين سماجي تاڃي پيٽي، ايندڙ حالتن کان باخبر هجڻ باوجود اصولن ۽ آدرشن تي جدوجهد ڪندڙ خصوصي صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن.

هر طرف ڪوڙ، ظلم، فساد، چاپلوسي ۽ جهالت سان ڀريل ڏکاريل ڏيھ ۾ دنيا جي ڌٻڻ کان پري رهي فطرت جي حسناڪين کي پاڻ ۾ سمائيندڙ نفرتن جي وچ ۾ پيار جو درس ۽ ثمر کپائيندڙ شخصيتون نه پر هستيون هونديون آهن اسان پنهنجين هزار ڪوششن باوجود دنيا جي جگلبندي مان پاڻ کي ٻاهر نٿا ڪڍي سگهون پوءِ الائي ڪيئن اهي هستيون انسانيت سان انسانيت وارو ورتاءُ ڪرڻ ۾ مشغول رهندي امر ٿي وينديون آهن، اهڙي ئي هستين ۾ هڪ هستي سائين عبدالقادر مهر المعروف معصوم سانگهڙائي جي هئي. جنهن پنهنجي سڄي حياتي انسانيت جو درس، انساني قدرن، رشتن جي پاسداري ۽ پيار جي پيغام ڏيندي گذاري، پيرومل جو شهر جنهن کي سائين پريم نگر چوندو هو جو گهٽيون ۽ رستا سائين جي هنن سٽن جو ڏيک ڏين ٿيون.

تو جو آ شهر ۾ اچڻ ڇڏيو.

رستا غمگين ٿي ويا آهن

ٻارڙن جي ٻاري، چڻنگ سنگت، ٻالڪ ادبي فورم جي پليٽ فارم تان ٻارن لاءِ اتساھ، سنڌي ادبي سنگت، پريم ناٽڪ سنگت، جهول نوجوان فورم ۽ راند جو ميدان هر عمر جي ماڻهن جي لاءِ اتساھ بس تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ ڪانهي ويل ويهڻ جي شاھ جي سٽن تي عمل ڪندي ڌوڙ زده معاشري تان مير لاهڻ ۾ مشغول هن املھ انسان هر دؤر ۾ پاڻ ملهايو ضياء جي آمريت جو دؤر هجي يا ڌرتي تي ڪو ٻيو ڏکيو وقت سڄاڳي جو احساس ڏياريندي پيش پيش نظر ٿو اچي، ضياءِ جي ڪاري دور ۾ عملي طور ميدان ملهائڻ کان ويندي ڪالا باغ خلاف لانگ مارچن کان جلسن جلوسن کان ويندي ريلين تائين قوم جي حقن لاءَ جيهڙندو رهيو، عام طور تي آفتن جي ٽرڻ کان پوءِ هڪ مرحلو ايندو آهي جنهن کي بحالي يا ٻيهر بحالي چيو ويندو آهي ٺيڪ انهي تي عمل ڪندي قوم کي آمريت کان نجات ڏيارڻ کانپوءِ قوم جي بحالي ۾ مصروف ٿي ويو. پريم ناٽڪ سنگت جي صورت ۾ ڀلائي ۽ بحالي جو پعغام گهٽي گهٽي تائين پهچايو. سنڌي ادبي سنگت جي ذريعي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي. ٻالڪ ادبي فورم جي سرپرست طور ٻارن جي حقن ۽ انهن جي بهتر نشونما لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ بطور ڊسٽرڪٽ آفيسر اسپورٽس معاشري جي بهتري لاءِ پڻ سائين معصوم جون خدمتون ڳائڻ جوڳيون آهن. اڄ جتي وقت ۽ وسيلا هوندي به اسان ٻين لاءِ ته ٺهيو پر پنهنجي لاءِ به وقت نٿا ڪڍي سگهون پر سائين معصوم پنهنجي دؤر ۾ نه صرف دوستن ۽ مسڪينن جا اهنج ٻڌندو هو پر انهن جي حل لاءِ ڪوشان نظر ايندو هو ائين لڳندو هو جهڙو ڪر اهو اهنج يا مسئلو ان دوست يا مسڪين جو نه پر سائين معصوم جو ذاتي هجي، هڙان وڙان ڏئي مسئلو حل ڪبو. سچ پڇو ته سائين جي زندگي جي طرزِ عمل کي ڏسندي ان تي رشڪ ٿو اچي دل ته گهڻو ئي چئي ٿي ته ان جي نقل ڪجي پر شايد ان عمل ۾ کيس ڪا روحاني طاقت حاصل هئي جو سوين ڏکيائين جي باوجود هو پنهنجي اصولن تي قائم و دائم رهيون اسين هر ممڪن ڪوشش باوجود سائين معصوم جي هڪ عمل جهڙا به نٿا ٿي سگهون پر ڪوشش ڪرڻ وجود ۽ معاشري جي ضرورت آ هر سال جيان هيل به سائين معصوم جي وفات جي اڀاڳي ڏينهن ۱۶ جولاءِ تي کيس سندس ڪيل خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪيون ٿا ۽ ان عزم جو ورجاءُ ٿا ڪيون ته سج جي سامهون ڏيئي مانند اسان به سائين معصوم جي ڏسيل واٽ تي توڙي جو مشڪل آهي پر هلبو ۽ قوم جي خدمت ڪبي.


 

معصوم سانگهڙائي

سادگي گهڻي ٿي وئي - ۱۶ جولاءِ ــ سائين جي ورسيءَ جي حوالي سان

انو سولنگي

منهنجي آڏو سائين معصوم سانگهڙائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ’انتظار جي موسم‘ موجود آهي ۽ آءٌ جيئن جيئن شاعريءَ جي هن مجموعي جا صفحا اٿلائيندو پيو وڃان، تيئن تيئن يادگيرين جو هڪڙو سلسلو، ڪنهن خوبصورت خيال وانگر منهنجي ذهن جي آسمان تي انڊلٺ جيان اڀري آيو آهي. هي ته اهي ئي شعر آهن، جن جا پڙاڏا اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجندا رهندا آهن، ۽ ياد ايندي رهندي آهي مير الهه بخش ٽالپر لائبرري جهول جي اُها ننڍڙي گول بلڊنگ، ۽ ان گول بلڊنگ جي ٽيبل تي جڏهن سائين معصوم سانگهڙائيءَ جي آڱرين جا جلترنگ وڄندا هئا ته، اِهي ئي شعر سندي سُريلي ڳلي مان ٿيندا، اسان چوڦير ويٺلن کي محسور ڪري، پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندا هئا ... تڏهن ائين لڳندو هو ته اکيون ٻوٽي، ٽيبل وڄائي ۽ گيت ڳائيندڙ هي شخص دراصل گوتم ٻڌ جو مجسمو آهي ۽ اسان ٻالڪا ان جي چوڦير ويهي اڻ مين محبتن، امن ۽ پيار جا سبق پڙهي رهيا آهيون ... ۽ پوءِ جڏهن زندگيءَ جي سيريل جي ٻي قسط ۾ معصوم سانگهڙائي اسان کان گهڻو گهڻو ڏور هليو ويو، تڏهن هڪ ڏينهن اوچتو سندس ئي عڪس، اسان جو پيارو صابر منهنجي آفيس جي ٽيبل تي پنهنجي آڱرين جا جلترنگ وڄائي، سائين معصوم جو گيت ٻڌائڻ لڳو ته مون کي ائين لڳو هو ته، ڄڻ هي منهنجي آفيس جو ڪمرو نه پر اها ئي مير الهه بخش ٽالپر لائبرريءَ جي ننڍڙي گول بلڊنگ آهي، جتي اسان محبتن جا، چاهتن، امن ۽ انسانيت جا گيت ٻڌا ۽ گڏجي ڳاتا!

اچو ته حُسن جي پُوڄا ۽ فڪرِ يار ڪريون،

کُٽائي ڪُوڙ ڪُپت کي، اچو ته پيار ڪريُون

حياتي عِشق جي آهي ڊگهي ابد تائين،

عقُل جي ڳالهه تي گڏجي ڪو اعتبار ڪريون!

ڇا ته وقت هو ۽ ڇا ته شخص هو... ’عشق جي ڳالهه‘ کي ئي دراصل ’عقل جي ڳالهه‘ سمجهڻ واري هن شخص سدائين پيار جي پرچار ڪئي ۽ ماڻهوءَ جو مان رکيو. مون کي ياد اچن ٿا اڄ کان تيرهن چوڏهن سال اڳ جا اهي ڏينهن ۽ اهي راتيون، جڏهن ڪو شعر لکي ۽ ان کي ڪنهن رسالي ۾ ڇپائيندي، ايتري خوشي محسوس ٿيندي هئي، جيتري ڪرڪيٽ ۾ ڪلين بولڊ ڪرڻ تي ٿيندي هئي! تِن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول جي دستوري گڏجاڻين ۽ ادبي محفلن ۾، هن شخص جو بي پناهه پيار ڏسي سچ ته اسان کي سنڌي ادب جي دنيا، ڪوهه ڪاف جي ڪنهن پرستان جهڙي لڳڻ لڳي هئي ... اسان ته نه سندس هم عمر ۽ هم رڪاب هئاسين، ۽ نه وري ساڻس دوستيءَ جي ڪا دعويٰ ڪري پئي سگهياسين، بلڪه اسان ته ادب جي دنيا ۾ ’جمعو جمعو اٺ ڏينهن‘ جي مصداق هئاسين، تڏهن به هو سدائين اسان جي عجيب ۽ غريب سوالن جا پيار ڀريا جواب ڏيندو رهندو هو. حالانڪه هُو پاڻ سنڌ جي ادبي اُفق تي وڌي وڻ ٿي ويل منافقت جو مزو چکي چڪو هو، پر هُن ڪڏهن به نوجوانن کي فرسٽريشن ۽ مايوسين ڏانهن نه ڌڪيو، بلڪه زندگيءَ جا، محبتن جا، رنگن جا، شاعريءَ جا ۽ آرٽ جا درس ڏنا:

مان حياتيءَ ۾ نوان رنگ ڀرڻ ٿو چاهيان،

توسان گڏجي نئون سنسار اڏڻ ٿو چاهيان.

وقت جي اُس ۾ سڀيئي رنگ ڦڪا ٿيندا هن،

توکي دلبر مان نوان رنگ ڏيڻ ٿو چاهيان!

اڄ به هيترو سارو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ به، آئون سائين معصوم جي شاعريءَ جو مجموعو هفتي ٻئي هفتي ڇنڊي ڦوڪي جڏهن پڙهندو آهيان ته مون کي پنهنجي ادبي زندگيءَ جا اهي حسين ڏينهن ياد اچي ويندا آهن، جيڪي مون هن شخص جي پيار ۽ پاٻوهه هيٺ ائين شروع ڪيا هئا، جيئن ڪو پهرئين پيار جي آر ۾ دنيا جهان کان بي خبر هوندو آهي. نوجوانن ۾ اتساهه جو حوالو هي شخص پنهنجي شاعريءَ ۾ به سراپا پيار ئي هو:

توکان دلبر جو ڌار ٿي وياسين،

ساري جڳ لاءِ پيار ٿي وياسين.

تو جڏهن پيار مان سهيڙيو آ،

هاڻي گلڙن جو هار ٿي وياسين.

ائين به نه آهي ته رڳو معصوم سانگهڙائيءَ سان اسان جا پيار جا پنڌ هئا، يا معصوم سانگهڙائي اسان جي سر جو سائين هو، پر سندس شاعريءَ ۾ خوبصورت لفظن ۽ اصطلاحن، نين ۽ اڻ ڇهيل تشبيهن ۽ استعارن جو هڪ وڏو جهان آهي، هو محبتن ۾ شدتن جو ڪمال شاعر آهي:

هوءَ ٿي مون کي سڏي خوشبوءِ جيان،

۽ زمانو راهه ۾ بدبوءِ جيان!

واهه! ڇا ته ڪمال جو شعر آهي. محبتن جي ’سولو پلي‘ ۾ زماني جي جي ’ڊرٽي ڪيريڪٽر‘ کي ’راهه ۾ بدبوءِ‘ سان جيڪا تشبيهه سائين معصوم ڏني آهي، سا موجوده سنڌي شاعريءَ جو اڻ ڇهيل احساس آهي! ۽ جيڪو خيال گهٽ ۾ گهٽ مون سنڌي شاعريءَ ۾ اڳ ڪٿي به نه پڙهيو آهي؛ ۽

مان ملان ٿو، پيار مان ٻانهون ٻڌي،

هُو چون ٿا ٿو ملي هندوءَ جيان!

ڪير ٿو ان کي ڀلا روڪي سگهي،

خيال آهي ڪنهن ڪڪر رولوءَ جيان!

۽ وري سائين معصوم سانگهڙائيءَ جي هڪ ٻئي تصور جي اُڏام ته ڏسو! زندگيءَ جي ذائقي ۽ محبوب جي مزاج جي ڪنٽراس کي هُو ڪهڙي نه دلفريب انداز ۾ بيان ڪري ٿو:

زندگي درد به آهي ته دوا ڀي آهي،

ائين هو گڏ به آهي ته جدا ڀي آهي.

ـــ

روح بيچين مسافر جو سندءِ جسم ۾ هو،

پنهنجي خيالن ۾ شهنشاهه- گدا ڀي آهي.

۽ وري ان ئي ڇهه سٽي جون هي سٽون ته 'نان بليور' 'بليور' ڪرڻ لاء ئي ڪافي آهن ته:

تنهنجي رستن تي ائين ئي ته نه سجدا ڪيا ٿم،

تون جو مُرڪئين ته يقين ٿيو ته خدا ڀي آهي.

سائين معصوم سانگهڙائي، پنهنجي حَسين وضع ۽ قطع وانگر، ٻوليءَ جي حُسناڪين ۽ شاعريءَ جي وزنن جو بخوبي ادراڪ رکندڙ هو. ”رات روئي به ٿي، کلي به اٿي“، سائين معصوم جو ڪمال جو غزل آهي، جنهن ۾ اپر ۽ لوور سنڌ جي لهجن جو حسين امتزاج آهي. اسان وچولي ۽ لاڙ وارا لفظ ’ٿي‘ کي ’ٿي‘ ئي چوندا آهيون، پر اپر سنڌ، خاص طور خيرپورميرس، نئين ديري ۽ شهدادڪوٽ جي علائقن ۾ اڪثر ’ٿي‘ کي ’اٿي‘ ڪري لکيو ويندو آهي. سائين معصوم سانگهڙائي، ڏسو نه ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ جي ساک ڀريندڙ هن غزل ۾ ٻنهي لهجن جو ڪيڏو نه ڪمال استعمال ڪيو آهي.

رات روئي به ٿي، کلي به اٿي،

مون سان هر راز کي، سلي به اٿي!

ڏور مون کان رهي سگهي به نه ٿي،

۽ ملڻ کان وري جهلي به اٿي!

ڇو نرڙ تان پگهر سُڪي ئي نٿو،

هيءَ هوا هير جيئن گهُلي به اٿي.

۽ سندس نالي ۽ مزاج وانگي، سندس شاعريءَ ۾ به ڪيڏي نه معصوميت آهي، ڪيڏو نه تشڪر آهي، ڪيڏو نه ٺهراءُ ۽ موسيقيت آهي ۽ اهي سڀئي گُڻ سندس شخصيت ۾ به برملا هوندا هئا. هُو پنهنجن سڀني خوبصورتين سان، مزاج جي سڀني رنگينين سان، پنهنجي ئي شاعريءَ ۾ موجود آهي.

نظر کڻي جو نهاريئي، ڪري ڪمال ڇڏيئي،

اسان کي عشق سيکاريئي، ڪري ڪمال ڇڏيئي.

ڪيئي جنم مان رهيس، ڀٽڪندو ئي ڳولا ۾،

ڀري جو ڀر ۾ ويهارئي، ڪري ڪمال ڇڏئي!

اسان جي روح کي رستو ڏيکاري راحت جو،

جنم جنم ۾ جياريئي، ڪري ڪمال ڇڏيئي.

سائين معصوم سانگهڙائيءَ بي سبب ۽ بي وجهه محبتن جو شاعر آهي. مُحبت، هُن جي مزاج ۾ همه گير آهي. ان جو ڪو دائرو نه آهي، ڪو آر ۽ پار نه آهي، ڪو پيراميٽر ۽ ڪرائيٽ ايريا نه آهي، Even ان کي ته محبوب جي اقرار جي به ضرورت نه آهي:

تنهنجي اقرار جي نه مون کي طلب آ اي دوست،

ها انهيءَ جو به انهيءَ جو سبب آ اي دوست

مان ته ڪنهن خاص روئي جو طلبگار نه هان،

منهنجي ته دل ۾ اوهان لاءِ ادب آ اي دوست

سونهن جا نقش جي ڳوليان ته ڇو ڳوليان تو ۾،

تو ۾ جو ڪجهه به آ، هر بار عجب آ اي دوست.

معصوم سانگهڙائيءَ جي شاعريءَ تي ٻيو ڇا ڳالهائجي، هن جي شخصيت، هن جي مزاج ۾ رچيل اڻ مين محبتن تي، هن جي ادب ۽ ائپروچ تي، هن وفائن ۽ جفائن تي، سادگين ۽ دلرباين تي، ان جي حُسن ۽ دلفريبيءَ تي ڇا ڳالهائجي، ڇو نه ڀلا ان جي شاعريءَ کي ئي پڙهجي:

سادگي گهڻي ٿي وئي، ڪجهه جفا ٿيڻ گهرجي،

ٿورو ٿورو ئي سانئڻ، بي وفا ٿيڻ گهرجي،

هي عجب خيال آهي، هن عمر ۾ سوچيان ٿو،

هاڻي پاڻ کي ڪنهن جو دلربا ٿيڻ گهرجي

تون ته مون کي چاهين ٿي، مان به ڪنهن کي چاهيان ٿو،

ڳالهه ان ٽڪنڊي تي، ڪا نه ڪا ٿيڻ گهرجي. (خالد آزاد)

 

(انو سولنگيءَ جي ۱۶ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

No comments:

Post a Comment