Pages

14 July, 2024

ابراهيم لاشاري

ابراهيم لاشاري

(بھارن جي گلن جھڙو – کيس جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون)

فقير محمد سنڌي



وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڙهئان ميٺ گھڻو. (شاھ لطيف)

هڪ سچو قلمڪار زماني ۽ زندگيءَ سان ڀرپور نموني سان لاڳاپيل رهي ٿو، جيڪو پنهنجي ارد گرد جي ماحول جي چڱي دسترس رکي ٿو. اهڙو ئي سنڌي ادب جو نوجوان اديب، ليکڪ ۽ تخليقڪار ابراهيم لاشاري پنهنجي سونهن۽ سوڀيان ۾ نمايان حسن رکي ٿو. ابراهيم لاشاري پنهنجي لکڻين جي ڪري پنهنجي ڪردار کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان علمي، ادبي حلقن تائين رسائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، پنهنجو نالو ادب جي افق تي نروار ڪيو آهي. اهڙي طرح وارھ شهر ڀرسان ڳوٺ ميد شهيد جي ڪلراٺي مٽي تي هڪ محنت ڪش ۽ هاري حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾محمد ابراهيم لاشاري نالي ننڍڙي ابهم پهرين جنوري خميس ڏينهن سال ۱۹۷۶ع تي جنم ورتو. ابراهيم لاشاري جا والدين ايترا پڙهيل لکيل نه هيا مگر تنهن هوندي به هنن جي شعور ابراهيم لاشاري جي تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ميد شهيد ۾ علمي ۽ نصابي تعليم ڏئڻ لاءِ داخل ڪرايو جتان هن پنهنجي ذهين صلاحيت سان پنج درجا پرائمري بهترين استاد عبدالوهاب لاشاري مرحوم جي شفقت سان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ وارھ هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتي ڪجھ عرصي بعد هن جي والدين سندس هاءِ اسڪول کنڊو ۾ داخلاءِ وٺي ڏني جتان هن محنت سان مئٽرڪ جو امتحان (اي گريڊ) ۾ پاس ڪري ورتو، انٽر جو امتحان گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول وارھ مان پاس ڪيو. هوڏانهن وري سندس والد صاحب جي زندگي وفا نه ڪئي ۽ دل جي تڪليف سبب راھ رباني ورتي، اهڙي طرح ابراهيم لاشاري جي زندگي ۾ مشڪلاتن منهن ڪڍيو، زندگي جا پل ڪنهن ڇپر ڇانوَ کان بغير گذرڻ هن ڪنهن عذاب گھٽ ڪونه هئا.


ڀٽ جو گھوٽ ڏکن کي سکن کان وڌيڪ ترجيح ڏيندي چيو ٿو:

ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سک ڏکن ري!

جنين جيءَ ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.

ابراهيم لاشاري ان ڏکي وقت ۾ ٻيو رستو نه ڏسي صحافت ڪرڻ کي ترجيح ڏئي وارھ اسٽيشن لاءِ روزاني ڪوشش اخبار جو نمائندو مقرر ٿي صحافت جي شعبي سان سلهاڙجي ويو، ۽ تعليم کي به جاري رکيو. ابراهيم لاشاري پنهنجي فهم فضيلت واري علمي ڄاڻ سان وارھ جي مسئلن کي وقت به وقت ادارن تائين اجاگر ڪندو رهيو، ابراهيم لاشاري هر ويل سماج جي مختلف مسئلن کي سنڌ جي مختلف اخبارن وسيلي رپورٽ به ڪندو رهيو، ان زماني ۾ نوڪرين تي بندش سندس جو روزگار وارو دروازو به بند رهيو، مگر ڀاڳ جي ديوي ساٿ ڏيندي هن اديب کي ان وقت وارھ جي مشهور زميندار سراج الدين ابڙو جيڪو عشر زڪوات ڪاميٽي تعلقي وارھ جو تعلقه چئيرمين پڻ هو ان سندس ڊيلي ويجز تي (عاملين) مقرر ڪرايو. ابراهيم لاشاري گريجوئيشن جو امتحان نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد مان سال

سال ۱۹۹۶ع تي ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ سال ۱۹۹۸ع تي پاس ڪيو. ابراهيم لاشاري سال ۱۹۹۹ع تي ڊسمبر مهيني ۾ پهرين لکڻي روزاني عوامي آواز ڪراچي ۾ لکي جنهن جو موضوع هو (شاھ سائين جي شاعري ۾ پکين جو ذڪر) ان لکڻي پوءِ ابراهيم لاشاري سنڌي ادب سان ناتو نڀائيندو پيو اچي. جيڪو نڀاءُ اڄ به سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ پنهنجا مضمون تحقيقي مقالا، ترتيب ڏنل موضوع، سفرنامه اڄ تائين لکڻ ۾ مصروف عمل آهي. سندس قلم جي سگھ سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي ماڻهن جي دردن جو درمان پڻ آهي ابراهيم لاشاري جي لکڻين مان سنڌ جي ثقافت، سماجي مسئلا، تاريخ جي ڄاڻ دل سانڊي رکڻ جھڙي آهي. پاڻ هڪ بهترين ليکڪ، اديب طور ٿورڙي عرصي ۾ پنهنجي حصي جو ڪم مسلسل قلم رکيو اٿس لکڻ ۾ پنهنجو پنهنجي شهر وارھ جو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، ابراهيم لاشاري جي لکڻين کي سنڌي اخبارون وقت تي مناسب جاءِ پڻ ڏين ٿيون، جنهن سبب جي ڪري هو هر ٻئين ٽئين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن نئين لکڻي سان سنڌي ادب جي سونهن ۾ واڌارو ڪندو رهي ٿو. ڀٽ ڌڻيءَ جو موقعي جي مناسبت سان هي بيت ٿو ياد اچي ته:

جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،

آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گھڻو.

ابراهيم لاشاري به پنهنجي خيالن جي ديوي کي سنڌي ادب ۾ (سوانح عمري) خاڪن لکڻ جو گر ڄاڻي ٿو، ڪنهن شخصيت راءِ قائم ڪرڻ ايتري آسان ڪونھي، هي انتھائي ڏکيو عمل آهي جنھن کي پاڻ وارو يار ابراهيم لاشاري سر انجام ڏئي رهيو آهي. سنڌي ادب کي هر ويل موتي ارپڻ ابراهيم لاشاري جو ڪم آهي، جيڪو ڪڏهن به خاموش ناهي ويٺو. ۽ پنهنجي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ به هن غريب هاري جي فرزند محنت مان هٿ نه ڪڍيو سال ۲۰۰۵ع تي سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ ۱۵۰ سنڌي ادب ۾ ليڪچرارس جي خالي جاين کي ڀرڻ ۾ هڪ اشتهار جاري ڪيو. ان مقابلي واري امتحان ۾ سڄي سنڌ جي ۹۰۲ اميدوارن حصو ورتو جنهن ۾ محمد ابراهيم لاشاري پڻ اميدوارن جي فهرست ۾ شامل هو، امتحان جي نتيجي ۾ هي جاکوڙي صحافي ۽ ليکڪ سڄي سنڌ مان لکت واري امتحان ۾ (ٻيو نمبر) کڻي سنڌي ادب جو ليڪچرار جو امتحان پاس ڪري ورتو. ڪجھ مهينن بعد سال ۲۰۰۶ع تي آگسٽ مهيني ۾ سندس گورنمينٽ شاھ لطيف ڪاليج قمبر ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. جتي ابراهيم لاشاري درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙجي پنهنجو فرض اڄ تائين محنت ۽ پابندي سان سر انجام ڏئي رهيو آهي. ابراهيم لاشاري کي سنڌ حڪومت سال ۲۰۰۸ع تي عشر زڪوات کاتي واري شعبي ۾ ڊيپوٽيشن تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو (ڊي زيڊ او) مقرر ڪيو ويو جتي هن نهايت ايمانداري سان پنهنجو فرض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ هي پهريون مقامي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ڊي زيڊ او پڻ هو. ابراهيم لاشاري سال ۲۰۰۶ع کان وٺي استادن جي تنظيم (سپلا) جو قمبر شاھ لطيف ڪاليج جي يونٽ جو صدر رهندو پئي آيو مگر سال ۲۰۱۶ع جي (سپلا) جي اليڪشن ۾ سپلا ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو بنا مقابلي جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊجي ويو سال ۲۰۱۶ع ۾ هن سنڌ جي مختلف اخبارن رواني ڪوشش، روزاني ارادو لاڙڪاڻو، روزاني عدالت، روزاني قلمڪار لاڙڪاڻو، روزاني سوڀ، روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻو، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۽ سوڀ سنڊي مئگزين ۾ هفتيوار ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي مضمون ڇپجندا رهن ٿا. پاڻ سنڌ جو هي نرالو اديب سوانح عمري (خاڪا) لکڻ جو هي برجستو اديب ڪيترين ئي ادبي محفلن، ادبي پروگرامن، ڪانفرنسس ۾ وقت به وقت شرڪت ڪندو رهي ٿو سندس جي سڄي سنڌ جي مڙني اخبارن ادبي نالي جي سڃاڻپ سڄي سنڌ ۾ ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي ابراهيم لاشاري جا ۵.. کان مٿي مختلف ڪالم ڇپجي سنڌي ادب ۽ اخبارن، رسالن، مئگزرين جي زينت بڻيا آهن سنڌ جي هن سيبتي ڪالم نويس اديب اڄ پهرين جنوري ۲۰۲۲ تي ۴۶ سالن جي ڄمار ماڻي ورتي آهي منهنجي هن نماڻي طبيعت جي سهڻي اديب، ڪالم نويس۽ ليکڪ ابراهيم لاشاري لاءِ ڌڻي در دعا آهي ته هو اڃان پنهنجي ڏات منجهان سنڌي ادب کي پنهنجي قلم وسيلي ڪجھ نه ڪجھ ارپيندو رهي. ابراهيم لاشاري لاءِ آخري ۾ لطيف سرڪار جو هي بيت ته:

ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار،

جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار،

پريم تنهنجا پار، ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان.

 

(ڏھاڙي عوامي ڪوشش، ڏھاڙي عدالت ۽ ڏھاڙي اردو لاڙڪاڻو ۾ ۱ جنوري ۲.۲۲ع تي ڇپيل)


 

پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري

باصلاحيت نثر نويس، اديب ۽ ليکڪ،

فقير محمد سنڌي

سنڌ ڌرتي دنيا جو واحد خطو آهي جنهن کي رب پاڪ سمورين نعمتن سان سر شار بڻايو آهي قديم زماني کان وٺي هن ڌرتي پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي علم جي اڪابرن، ڏاهن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي ڪم جي ڪري هر وقت واهه جو نالو ڪمايو آهي اهڙن شخصيتن منجهان منهنجو دلي دوست ڪيترن ئي صلاحيت جو باڪمال ماڻهو، کلڻو ملڻو هر وقت پنهنجي لبن تي مرڪون ورهائيندڙ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري آهي جنهن سان منهنجي واقفت ڪافي عرصي کان آهي هي برجستو نثر نويس، اديب، ليکڪ هڪ بهترين استاد پنهنجي فرض سان هميشه سچو اصل وارهه شهر ڀرسان ڳوٺ ميد شهيد جي معتبر شخصيت حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر پهرين جنوري سال ۱۹۸۶ع خميس ڏهاڙي سردي جي موسم ۾ هن رنگا رنگي جهان ۾ اچي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارو هڪ عجيب خوشي جي ڳالهه ته ان پهرين جنوري سال ۱۹۸۶ع واري ڏينهن سندس جي چاچي محترم حبيب الله لاشاري جي شادي جون خوشيون عروج تي هيون ته ان ئي ڏينهن سنڌ جي هن باصلاحيت دوست جو جنم ٿيو ته گهر ۾ خوشيون ٻيڙيون ٿي ويون، پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جي والدين کي اها خبر نه هئي ته اڳتي هلي هي اسان جو نينگر ادبي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن، محنت سان( ابراهيم لاشاري) جي نالي سان مشوري ماڻيندو هن ننڍڙي ابراهيم لاشاري جو ڇٺي جو نالو والدين (محمد ابراهيم لاشاري ) رکيو پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميد شهيد جي اسڪول ۾ داخل ڪرائي پڙهائي ۾ مشغول بڻائي ڇڏيو ميٽرڪ سال ۱۹۹۲ع گورنميٽ هاءِ اسڪول کنڊو۽ سال ۱۹۹۴ع ڌاري انٽر گورنميٽ هائير سيڪنڊري اسڪول وارهه مان پاس ڪيايائين تعلي کي اڳتي وڌائيندي سال ۱۹۹۸ع ڌاري ايم اي سنڌي ادب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪري روزگاري جي تلاش ۾ رات ڏينهن محنت ڪندو رهيو مڱر سرڪاري نوڪري ملڻ جي جستجو جاري رکيائيان بس هن نوڪري جي پچر ڇڏي صحافي دنيا ڏانهن لاڙوڪيائين هن وارهه اسٽيشن لاءِ مختلف ابران، روزاني ڪوشش، روزاني سچ، روزاني عوامي آواز، ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نروار ڪندي وارهه جي بي پهچ ماڻهن جو آواز بڻجي اڀريو، هن دوست کي لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي ننڍي هوندي کان ئي هئي پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جي پهرين لکڻي سال ۱۹۹۸ع کان باقاعده اڄ ڏينهن تائين سنڌي لوڪ ماڻهن جا خاڪا لکندي سوين سياسي، سماجي، مذهبي، ادبي ماڻهن جي ڪم ۽ ڪردار، صلاحيتن کي واهه جو روشن ڪيو آهي هن ناليواري اديب جون لکڻيون وڻندڙ آهن هن جي لکڻين جي ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ سولي سهنجي لفظن جو استعمال نهايت وڻندڙ آهي ابراهيم لاشاري کي خاڪا لکڻ جو واقع لاجواب ڏان آهي ڪنهن به شخصيت جي جنم کان وٺي آخري گهڙي تائين ڪم ۽ ڪردار کي واهه جو ماڻهن پڙهندڙن اڳيان روشن عيان ڪرڻ جي ڪمال جي صلاحيت رکي ٿو ابراهيم جي ادبي لکڻين ۾ پاڻ حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي شاعري ڪلام جي مختلف موضوعن تي نهايت ڏاءَن سان لکندي نظر پڻ اچي ٿو ابراهيم لاشاري ڪرت جي حوالي سان سال ۲۰۰۶ع کان وٺي پڙهڻ پڙهائڻ جي ڪرت سان سرڪاري نوڪري سان سلهاڙجي پهريان گورنميٽ شاهه لطيف ڊگري ڪاليج قمبر ۾ سنڌي ادب جو لڪچرر مقرر ٿيوتنهن بعد پاڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو گرلس ڪاليج نئون ديرو ۾ پنهنجي فرض نهايت بهترين نموني سرانجام ڏيندي نظر آيو سال ۲.۲۲ع مئي مهيني ۾ سنڌ حڪومت ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ترقي ماڻيندي ارڙهين گريڊ ۾ ترقي ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر سنڌي شعبي گورنميٽ بوائز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ هن وقت پڙهائيندي نظر اچي پيو ابراهيم لاشاري پهرين ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خاموش ناهي وٺو پاڻ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪندي نظر اچي ٿو پاڻ ادبي محفلين، ادبي سيمينار، ادبي ميڙاڪن ۾ بهرو وٺندي نظر ايندو رهيو آهي اهڙي ريت هن برجستي اديب، ليکڪ، پروفيسر کي بهترين ڪارڪردگي طور ايوارڊ شيلڊ سان نوازويو آهي ابراهيم لاشاري جون سوين لکڻيون هر سنڌي اخبار، رسالن، مئگزينن جي زينت بڻجنديون رهنديون پيون اچن اڄ نئين سال جي پهرين ڏينهن هن سلڇڻي اديب، ليکڪ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جو جنم ڏينهن آهي پاڻ پنهنجي گهر وارن ادبي دوستن، پروفيسرن سان اڄ پهرين جنوري ۲۰۲۴ع سومر ڏينهن پنهنجي ۴۸ هين سالگرهه ملهائيندو منهنجون سموريون دعائون هن اديب، ليکڪ نثر نويس دوست لاءِ ته خوشيون ماڻيندو رهي ۽ سنڌي ادب لاءِ جاکوڙيندو رهي جئين ايندڙ نسل سندس جي لکڻين مان هڙ حاصل ڪندو رهي پيارا ابراهيم لاشاري اوهان کي نئون سال۲۰۲۴ع تي جنم ڏهاڙو مبارڪ هجي.

 

(ڏھاڙي عدالت، لاڙڪاڻو ۾ ۱ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment