Pages

13 July, 2024

اسحاق سميجو

اسحاق سميجو

ڊاڪٽر فياض لطيف



هو ڪل وقتي شاعر ۽ جز وقتي ٻيو ڪجهه آهي، انهيءَ ڪري علمي ۽ ادبي حلقن ۾، هن جي شخصيت جو حاوي ۽ حسين حوالو به هڪ شاعر وارو ئي آهي ۽ هو پاڻ به پنهنجي ڪوي طور شناخت کي وڌيڪ وقعت ۽ ترجيح ڏيندو آهي، توڙي جو هو بهترين نقاد ۽ سڄاڻ محقق به آهي، ۽ تنقيد ۾ ڪيترن ئي نالي چڙهئي ۽ ڪهنه مشق قلمڪارن جا پگهر ڪڍڻ جا سڀئي تنقيدي گر، گڻ ۽ علمي صلاحيتون به رکي ٿو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪتاب 'شاعري سان دشمني' هڪ سگهارو حوالو ۽ اهم ثبوت آهي.


تحقيقي حوالي سان هن جو ترقي پسند تحريڪ ۽ شيخ اياز جي شاعري تي شاندار ڪم آهي، جيڪو ڇپجي، پڙهندڙن ۽ پارکن وٽ گهربل مان ۽ مرتبو به ماڻي چڪو آهي.

هو انتظامي طور به اهم عهدن تي فائز رهيو آهي، سنڌ يونيورسٽي، سنڌي شعبي جي چيئرمين، سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين تائين، هن مڙني رتبن کي چوڙيو ۽ ماڻيو آهي، پر سچي ڳالهه اها آهي ته، اسحاق پنهنجي مزاج، رنگ، ڍنگ، اٿڻي ويهڻي، رويي، ايتري تائين جو کلڻ، ملڻ ۽ سنگت سان ڀوڳ چرچي ۾ به ساڳيو ئي جولي رهيو آهي. عهدا، رتبا ۽ ڪرسيون هن کي تبديل ڪري ڪونه سگهيا آهن.

نه ته اڪثر ڪري عهدا ۽ ڪرسيون ماڻهوءَ جو مٿو ڦيرائي ڇڏينديون آهن. چڱا ڀلا، ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، 'ماڻهو' رهندا ئي ناهن. 'ماڻهوءَ' مان مرون ٿي پوندا آهن. ڪنڌ ۾ گهمنڊ ۽ غرور جي اهڙي ڪلي لڳي ويندي آهي، جو خودپرستي ۽ خوثنائي کان سواءِ کين ڪجھه وڻندو ۽ سجهندو ئي ڪجهه ڪين آهي.

 اسحاق سميجو اڄ به مزاج، سڀاء، طبيعت ۽ ورتاء ۾ ساڳيو ئي آهي. توڙي جو هن ۾ ارڏائي به ڪمال جي آهي، ۽ هن ڪيئي جهيڙا جهڳڙا ڳائي وڄائي ڪيا آهن، جنهن لاء هن جا پنهنجا جواز ۽ اصول آهن. هو دوستي توڙي دنياداري ۾ نه رڳو کرو ۽ چٽو آهي، پر ڏيکاء ۽ اجائي گهمنڊ کان به گهڻو ڏور آهي. ڪيترن ماڻهن کي ڏيک ويک جو ايترو جنون هوندو آهي، جو چارئي پهر هينگر ۾ ٽنگيل لڳندا آهن، پر هي پنهنجي ڏيک ويک ۾ بنهه عام، سادو ۽ ايترو عوامي ڀاسندو آهي، جو کيس گهٽ سڃاڻندڙ ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن حيرت ۾ پئجي ويندا آهن.

هڪ ڀيري دوست خليل ڪنڀار جي ڳوٺ ۾ منعقد 'هاڪڙو ڪانفرنس' ۾، شرڪت لاء حيدرآباد مان اديبن، شاعرن ۽ محققن جي وين ڀرجي نڪتي، جنهن ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو، اسحاق سميجو، سائين علي دوست، منصور سيتائي، مان، نصير مرزا، اسماعيل باريچو ۽ ٻيا ڪافي اديب شامل هئا. ان وفد ۾ سينيئر شاعر ۽ اديب مشتاق باگااڻي به اسان سان همسفر هو، جنهن اسحاق کي پڙهيو ۽ ان بابت ٻڌو ته گهڻو ھو، پر ساڻس روبرو ملاقات اڄ پهريون ڀيرو ٿي هئي. اسان وين ۾ ويهندي ئي حسب دستور ڀوڳن چرچن جو دور شروع ڪيو، جنهن ۾ اسحاق ۽ اسان ايترا چرچا ڪيا ۽ کلياسون، جو جڏهن رستي ۾ چانهه لاء هڪ هوٽل تي رڪياسين، تڏهن مشتاق صاحب گاڏي مان لهندي ئي انتهائي معصوميت سان چيو، 'مون سمجهيو هو ته، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، جيڪو لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين آهي، سو ڪو عمر رسيده ۽ ٺپ سنجيده ماڻھو هوندو، پر ڊاڪٽر اسحاق ته نوجوان، کلمک ۽ صفا زنده دل ماڻهو آهي. اسان جي تر ۾ اديب هڪ ٻئي سان ٺهندا ئي ڪونهن. اوهان اديب پاڻ ۾ دوست به آهيو ۽ ايترا هجائتا به، اها وڏي حيرت ۽ سرهائي جي ڳالهه آهي'.

اسحاق سميجي ۾ انيڪ خاميون هونديون. هن جا ڪجهه معاملن ۾ پنهنجا اصول ۽ آدرش آهن، پر هن جي وڏي خوبي اها آهي ته، هو نه صرف بهترين دوست آهي، پر ڪيترائي بهترين دوست هن جي حلقه احباب ۾ شامل آهن. هو دوستيون رکي به ڄاڻي ۽ نڀائي به ڄاڻي. شاعري توڙي نثر ۾ هن جا پنهنجا پنڌ ۽ پيچرا آهن. هو شاعري دل سان ۽ نثر دماغ سان لکندو آهي، انهيءَ ڪري شاعري سندس روحاني محبوبه ۽ نثر سندس شعوري ۽ فڪري رفيق رهيا آهن.

اڄ اسحاق جو جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون دلي واڌايون. (۱۸. ۰۳. ۲۰۲۴)


 

ڊاڪٽر اسحاق سميجو

شاعر، ڪمپيئر، محقق ۽ ٻاراڻي ادب جي ليکڪ کي سالگره جون مبارڪون.

محمد سليمان وساڻ

شاعر، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻارن جو ليکڪ اسحاق سميجو ۱۸ مارچ ۱۹۷۵ع تي ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان پاس ڪيائين. ايم. اي، سنڌي ادب ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي ادب سان گھرو لڳاءُ هئس. لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪيائين. ٻارڙن لاءِ گهڻا گيت، ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيائين. ۱۹۹۰ع کان باقاعدي شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس ترتيب ڏنل ٻه ڪتاب، ’دنيا جون لوڪ آکاڻيون‘ ۽ ’تاريخي ماڻھو، تاريخي ڳالھيون‘ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار ’گلستان‘ ۽ ’ٻارڙن جي سنڌ رنگ‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي. کيس سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان ’ڪينجهر تنقيد ايوارڊ ۱۹۹۴ع‘ مليو. جڏهن ته عوامي آواز، ڪاوش ۽ پاڪ اخبار ۾ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي ۽ ڪجهه وقت روزاني ”سنڌ“ ۾ اسسٽنٽ نيوز ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو اٿس. ان سان گڏوگڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پندرهن روزه ادبي پروگرام ’ادبي سنگت‘ ۾ سلسلي ’سرجڻهار‘ جو ڪمپيئر پڻ رهيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيئي چڪو آهي ۽ هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين آهي. سنڌي اديبن ۽ قلمڪارن جي وفد سان ۲۰۰۸ع ڀارت جو دورو به ڪري چڪو آهي. پاڻ سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو آهي. هن شيخ اياز جي غزلن جو ڪتاب ”گيڙو ويس غزل“ (۲۰۰۴ع) ۽ سنڌي رومانوي غزلن تي مشتمل ڪتاب ”دل جو رستو“ ۲۰۰۳ع ۾ ترتيب ڏنا آهن، جيڪي روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپايا ويا آهن. سندس تنقيدي مضمونن جو ڪتاب ”شاعريءَ سان دشمني“ (۲۰۰۵ع) به ڇپجي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”صدا بيچين آهي“ (۲۰۰۱ع) ۽ ”گناهه جا گيت“ (۲۰۰۵ع) پڻ ڇپيل آهن. سندس مرتب ڪيل ڪتاب ”صادق فقير توکان ٿيندي ڌار“ ۲۰۱۵ع ۾ چپجي چڪو آھي. ان کان سواءِ هن وقت ٽماهي ”سارنگا“ پبليڪيشن جو ايڊيٽر آهي.

No comments:

Post a Comment