زخمي چانڊيو
لال لهوءَ سان ڏات جا
ڏيئا ٻاريندڙ، ڌرتيءَ جو ديومالائي ڪردار
ثناءُالله عتيق
پنھنجي لال لھوءَ سان
ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ زخمي چانڊيو جي سترهين سارُ هڪ ديش ڀڳت، قوم جي معمار ۽ خوبصورت
شاعر جي روپ ۾ پوري سنڌ ۽ جتي جتي سنڌي ٻولي زندهه جاويد آهي اتي فونيڪس پکي جي
ٻيهار جنم وٺي اچڻ اوري رومان جيان اڄ رقص درويشان ۽ روح کي راحت ڏيندڙ يادگيرين
جا حوالا کڻي پهتي آهي. سالن پڃاڻان به زخمي چانڊيي جي لفظن جي پنهنجائپ پاڻ
سُڏڪندي پنهنجو دلربا اظهار ورجائيندي پنڊپهڻ بڻجي ويل سماج ڏانهن نماڻين نگاهن
سان نهاريندي بي مروت زماني کي ڃڻ ته اڄ به للڪاري رهي آهي ته :
رُوح گهري ٿو رس،
مارئي ڳاءِ نه سينڍ
۾!
ڪهڙا ڏوراپا ڏيان،
يار! هجيئي جَس،
مارئي ڳاءِ نه سينڍ
۾!
اسان وٽ معصوميت ۽
نفاست هر دور ۾ عتاب ڀوڳيا آهن. پريت جي ناتي رشتي کي سدائين سنگهرن سان قابو ڪيو
ويو آهي. برابريءَ جي بنياد تي سماج جي اڏاوت ڪندڙ فڪري ۽ فني ڪردارن کي زخمي بڻائي سندن دردن مٿان ٺٺولون ٿينديون رهيون
آهن. اهڙين جهنم وند نفرتن جي سيني ۾ حيات گهاريندي ۽ بيرخين جا هزارين اُلڪا ساهه
سان سانڍيندي هنڊائيندي سندس محبتن جي پالنا کائنس لکرايو هيو ته:
آ ٿيڻ تي پُوري
منهنجي زندگي،
پوءِ به تنهنجي ايڏي
مونسان بيرُخي!
يا وري سندس منفرد
احساساتي جذبن سان لبريز سندس اڪيرتا جو جادو جيءُ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري ته:
هيلَ ته اچجانءِ،
هيلَ ته اچجانءِ،
درد وندن جي سار ته
لهجانءِ!
سندس هڪ وزندار
راءِ هئي ته جڳ اندر تباهي جو سامان بم بارود ۽ نفرتن جا طوفان بقاءَ انسان خلاف
زهر قاتل بڻجي کيس فنا جي ڦوڪ ڏيندا اهيوئي سبب آهي ته پاڻ چيو هئائون ته:
ڪيڏو هي انسان،
خطري ۾ پئجي ويو!
خدا پاڪ جي تخليق
جو حوالو ڏيندي سندس راءِ اهيا رهندي آئي ته انسانيت الله جو آرڊر آهي. رب رحيم
آهي ان پالڻهار کي چرند پرند ۽ پنهنجي سموري مخلوق ايتري ئي عزيز آهي جيترو ڪي امڙ
کي پنهنجا ٻچڙا. زخمي جا خيال ڪيڏا نه لافاني آهن ته:
شل ڪوئي سمجهي سگهي،
هڪڙو ئي الله ،
ماڻهوءَ منجهه رهي
پيو!
فرقيواريت ۽ دين جي
نانءُ تي دهشتگردي خلاف سندس سوچ بروقت برجستي انداز سان ڌاڍي وقتائتي رهي ته:
کيڙي کائينداسُون
پيا، پنهنجي هيءُ زمين،
تو واري ان دين،
ويڙها وڙهائي ڇڏيا!
_
فرقيواريت باهه ۾،
ٽچڪي ٿو انسان،
ڪاڏي دين ايمان، ڪاڏي
ماڻهوءَ ماڻهپو.
زخمي جي سترهين
ورسي تي سندس لائق فرزندن ۽ سچيت ڪُٽنب سندس ٻارن جي شاعري جو مجموعو پڻ چپرائي پڌرو
ڪيو آهي ان يادگار محبت جي مڃتا ۾ آءُ ايترو چوندس ته زخمي هڪ تحريڪ هيو جنهن سنڌ اندر
پنهنجي پوري سچائي سان ظلم خلاف جهيڙيندو رهيو. جڏهن نوي جي ڏهاڪي ۾ معصوم راجيش
کي اغوا ڪري ڀنگ نه ملڻ عيوض بيدردي سان شهيد
ڪيو ويو هيو ۽ سڄي سنڌ جي زندهه وجود ۾ سيسراٽيون پئجي ويون هيون، ڪاوش ۾ اهيا خبر
سنڌ جي جهرجهنگ ۾ باهه جي شعلن جيان پکڙي قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏئي وئي هئي ان
وقت زخمي جي للڪار به ٻڌجڻ ۾ آئي هئي ته:
گهوگهِيو ويو “راجيش”
هو،
ٻاتي ٻولي ۾،
ڪُونڌر سنڌي قوم
جو!
سندس نفيس نظر دور
جي راڪاسن تي پئي ته قوم کي سهڻي صلاح ڏنائين ته يارو مُڙي مُٺ ٿيو. ٻڌي جهڙي عظيم
سياسي جوهر کان وانجهيل پنهنجن ماروئڙن کي اهيو ٿي چيائين ته :
ٻاهر ٻاڦ نه ڪا سليوُ،
تاڙي ٿو جاسوس،
مِڙي سڀ مُٺ ٿيو!
جمالياتي ڊڪشن ۽
جمالياتي اظهار جي هئيت سان مالامال زخمي چانڊيو جي سٽن ۾ ڪيترا ئي منفرد احساس
سموهجي گلدان بڻجي ٿا وڃن. خاص طور تي سندس رومانس جي چيچ ۾ پيل هٿ، ڀاڳوند شاعري جو
سبب بڻجي هيئن ٿو نظر اچي ته:
ڇُوڙيليءَجي چاهه
مان،
ٻانهن مروڙي ٿو،
ڪجهه ته جوڙي ٿو!
_
هڏڪيءَ تي جي نانءُ
اڃاريم.
لوڪ جلي ويندو!
_
ڳل نازڪ تي چَڪُ
گولُ ٺهيل،
نيشان جي قيمت
سمجهي ڇڏ!
_
واءُ جي جهوٽي ۾
ايڏا زلف برهم ڪيئن ٿيا،
حسن وارن جي ۽ تن
جي برهميءَ جي ڳالهه ڪر!
سندس سائنسي سوچ هڪ
بهترين استاد طور قوم جي مڪتب ۾ ذهنن کي تيار ڪندي کين جديد علمن جو اڀياس پڻ
ڪرايو ٿي. گلوبل وارمنگ جي بچڙي لقاءُ خلاف سندس لفظ هانءُ سان هنڊائڻ جهڙا آهن:
جاڏي ڏسُ آلودگي،
سُندر فطرت جو،
هيءُ جنازو ٿو وڃي!
سائنسي زماني ۾
جمهوريت کان ڪوهين ڏور بيٺل اسانجو ڏيهه آمريتن جي ڊگهن عذابن کي به ڀوڳيندو رهيو
آهي. اهڙي حوالي سان هڪ طرف زخمي چانڊيو آمريتن خلاف مهاڏو پڻ اٽڪايو، جيل
ياترائون ڪيائين، جلسن جلوسن ۾ ڌرتيءَ جو قرض لاهيندو رهيو ته وري ٻي پاسي سائنسي
عهد ۾ سماجي ڪرڀ خلاف سندس لفظن جي سونهن کائنس لکرائيندي رهي ته:
فوجيءَ جي هڪ ٿڦ
سان،
ڪنن ۾ زوڪٽ،
سائنس جي هن دور ۾!
_
ڪمپيوٽر جي دور ۾،
ريتن رسمن جا،
پٿر نه هڻ جاني!
الائجي اهي ڪهڙا
فرد هيا جن سقراط کي زهر جا پيالا پياريا، مسيح کي مصلوب ڪيائون، سرمد کي سزائون
ڏنائون، برونو کي ساڙيائون، جون آف آرڪ کي اذيتون ڏنائون، بلاول کي گهاڻي ۾ ۽ شاهه
عنايت کي شهيد ڪيائون ان حوالي سان زخمي جو ادراڪ چوي ٿو:
ڪنهن مهَا انسان
تي،
ڪوئي ڪوڙ هڻڻ،
مونکان ڪو نه پُڃي
سگهي!
سندس با اصول جيون
۾ قرب جا ڪڻا سندس انمول سرمايو هيا جنهن
جو اظهار سندس هنن لفظن ۾ گهرائيءَ سان پسي سگهجي ٿو ته:
تنهنجا قرب ڪروڙين
مونتي،
احسانن جي ڳالهه نه
ڪر!
اسان جي سٻاجهي سنڌ
کي جيترو نقصان نالي ۾ نهال پڙهيل فردن ڏنو آهي ان جو مثال شايد ئي تاريخ ۾ ملي. شايد
ننڍي کنڊ جي وڏي محرومي جو شڪار ئي سنڌي سماج ٿيو جنهن ۾ پڙهيل پُرجهيل ڪيترا ئي سمجهه
ڀريا شخص ڪڻو ڪڻو ٿي، سنڌيت جي تسبيح کان ڇڃي الڳ بيهي قوم سان ڪلور ڪرڻ لڳا. انياءُ
اهيو به ٿيو ته محروم طبقن کان اُسري نسري طاقت جي ايوانن ۾ پهتل ڪامورا به پنهنجي
پاڇي کان ئي ڊڄي ڊپي سچ جي معاملن تي مِپ هڻي ويهي رهيا. ڪٿي ته اصل ايڏي ڀينگ ٿي
جو ڪامورڪو لڏو مونجهارن جو شڪار ٿيندي قوم جي ڀلي لئه ڀاڳ بجاءِ اڀاڳ جو صاحب بڻيو.
ان قهري روش بابت زخمي چيو ٿي ته:
جاهل تي الزام ڏيئون
ڇا،
پڙهيل ڳڙهيل ڀي
جاهل ٿي پيو!
حادثن ۽ لقائن ۾
سمايل فلاسافيءِ سان ٽمٽار سندس هڪ خوبصورت غزل آهي، جنهن جي سٽاءُ ۾ بيحد وسيع
تجربن تي آڌاريل سندس انداز بيان ڏاڍو نرالو ۽ پرشوخ پيو نظر اچي. زخمي چانڊيو
دشمنيءَ جي هارٽ ۾ پيدا ٿيندڙ نيچرل مجبورين جون اکيون کوليندي ۽ مُرده سماج جي
رسمن جي انت جو جائزو وٺندي ڪيڏو نه ڪمال جو تجزيو ڪيو آهي :
ٻيڙي ٻُڏندي مائل
ٿي پيو،
پوءِ ڀي دشمن ساحل
ٿي پيو.
جنهن کي نفرت ڪلهه
هئي مونکان،
سوئي منهنجو قائل
ٿي پيو.
اهڙين ڪَڙين ڪيفيتن
جي نشاندهي ڪندي سندس شعور تجربن جي قديمي گهٽين کان ٿيندو جديد زماني جي پڌر تي پهتو جتي تاريخ پنهنجي
رمز سان اکٻوٽ ڪندي دشمنيءَ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏيندي آهي. زخمي جي شعور پروڙي ورتو هيو
ته اڄ جو ظالم جڏهن پنهنجي حصي جو انتقام
منجهان گذرندو ته ضورو تڙپندو. سندس هڪ من موهيندڙ احساسن جو منڊل سمان آخر اهيو
لقاءُ به پسي ٿو ته :
جنهن کي نفرت ڪلهه
هئي مونکان،
سوئي منهنجو قائل
ٿي پيو!
ايامن کان چڱائيءَ
جا هٿ سڙندا رهيا آهن، صدين کان وڇونءَ جي فطرت تبديل ناهي ٿي ۽ ٽانڊو هر موسي جي
ٻالڪ پڻي جو جواز بڻائي سندس زبان کي ٻرندڙ آڱرن سان ساڙيندو رهيو آهي. زخمي سان
به پنهنجي سماج اهو ئي ورتاءُ ڪيو جيڪو تاريخ جي روايت موجب ارڏن، اڻٻنگ ۽ بهادر
انسانن سان هردور ۾ مروج رويو رهيو آهي.
آخرڪار زخمي کي هڪ نابين گولي سان قتل ڪيو ويو. هڪ اهڙي شهادت جنهن جو ذڪر زخمي
جيئري هوندي ئي پنهنجن لفظن سان اڳ ۾ ئي بيان ڪري چڪو هيو ته
جنهن کي جيون ارپيو
هو مُون،
سوئي منهنجو قاتل
ٿي پيو!
سندس ذاتي رومانس
دور جي دل دهلائيندڙ هٿ ناٽ خلاف سراپا احتجاج ٿي اڀريو. برجسستو، قدآور ۽ دلير
زخمي چانڊيو سنڌ جي تاريخ جو تاثر بڻجي پڙاڏن جيان گونجدنو رهيو ته ـ گهوڙا ڙي
گهوڙا”:
پيار امن جي ڌرتيءَ
تي آ،
مارن ۾ ڦڙڦوٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا!
سياست ۾ ووٽ جي اهميت
کي مسلم حقيقت مڃيندي سندس جمهوري ذهن سندس هڪ سياسي تدبير جيان قوم جو ڪيس وڙهندي
ٿاڦيل نمائندن خلاف الاعلان ٿو ڇوي ته:
اڄ ٿو ڏند ڏيکاري
ڏائنڻ،
ڪالهه وتا جنهن
ووٽ، گهوڙا ڙي گهوڙا!
_
پاپي آهن پير ڪڍي
ويا،
ڪالهه وتا جنهن ووٽ!
وجوديت جي فلسفي جي
ڇانورن هيٺ بسر ٿيندڙ زندگي ۽ پوسٽ ماڊرن ازم واري رُڃ ۾ اڃاري اُٺ جهڙي شاعري
واري دور ۾ زخمي تڙپيو، لُڇيو، ۽ للڪار ڪيائين پنهنجن قطارن ۾ بيٺل گونگن کي ۽ وڏي
واڪ للڪاريندي نابين سماج کي شعور جون ريکائون ارپيندو ٿي ويو. هوءَ هڪ ديش ڀڳت سپاهي
هيو جنهن جي پُٺيءَ تي پوري اروڙ جي مسمار ٿيل تاريخ جون ڀڳل ديوارون ڪريون هيون
پر سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي زخمي ٿيل شهيدن جي رت سان نئون سماج اڏيندڙ زخمي
جاگيردار معاشري جي وڏين ديوارن کي ڪيرائڻ جو وچن ورجائيندو رهيو. پنهنجي چوگرد
بپا محشر کي ڏسي هر ڏاڍ خلاف سندس مزاحمت واري للڪار نئين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ
جدوجهد هڪ اڻکٽ جذبي جو استعارو بڻجي وئي جيڪو جيئن جو تيئن ايڪويهين صديءَ جي عذابن
سان جهيڙيندي ور ور پڙاڏا ٿي گونجي پئي ته:
او پير وڏيرا ڪنڌُ
ڀَڄئي پو جاڳين من!
هٿڙن ۾ ڪو نيلُ
لڳئي پو جاڳين من!
_
تنهنجي سوچ لڳي ٿي
اهڙي،
ارغونن ترخانن جهڙي!
ساڳي ئي طرح سندس
منصوري مام پروڙي ورتو هيو ته مذهب، رنگ نسل ۽ طبقاتي شڪنجي جي آڙ ۾ مفادپرست
ڌريون اڃا ن به ٽڪراءُ جي سياست ڪنديون، اڃان به دهشتگردي جون نرسريون هلنديون
رهنديون ۽ اڃان به مذهب جي نانءُ ۾ نفرتن جا بازار بپا ٿيندا رهندا، انسانيت جون
عظمتون تارو تار ٿينديون رهنديون ۽ بغير ڪنهن فرق جي سرعام انسانيت جو قتلام ٿيندو
رهندو. تنهنڪري پاڻ انسانيت جي پرچارڪ ڪندي چيائين ته:
انسان جي عظمت جا قاتل!
انسان جي قيمت سمجهي
ڇڏ!
دل زخمي آ ته به
گهور ڪبي،
دل جان جي قيمت
سمجهي ڇڏ.
زخمي مجموعي طور تي
انسانيت جو پيامبر ڪوي هيو جنهن جي نظر جڏهن جبر جي سنگاسن تي پئي ته سندس زبان تي
مضبوط سچ عوام جو ڏڍ بڻجي ٿي ويو. هر طرز جي سنگهرن کي للڪاريندي زنجيرن جي وجود
تي وڄ ٿي ڪرندڙ زخمي جي شاعري پاڻي جي نلڪن ۽ گلاسن کي قيد ڏسي قيد ڪڙولن جي آقائن
کي آئينا ڏيکاريا هئا. پاڻ جهالت خلاف اٿي بيٺو ته سندس ديومالائي ڪردار پوري سنڌ
۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي چڪو هيو ته هڪ سچيت استاد، هڪ قومي شاعر، سنڌ جي ثقافت جو
زندهه نمونو ۽ پنهنجي دکياري دل سان قومي ڪلام آلاپيندي ڪيترن ئي ننڊاکن وجودن ۾
پرهه ڦُٽي پرڀات جا روشن ڪرڻا ارپيندڙ انسان زخمي چانڊيو مظلومن کي زندگي جي شعور
سان ملاقاتون ڪرائيندو هيو:
دشمنن جي دُشمني
پوءِ ڀي چـڱي
دوستن جي دوستي مُون
کان نه پُڇ!
_
ڪا سار ته لهبي آ،
رُڳو هام نه هڻبي
آ!
_
تنهنجي دل تان لهي
وياسين،
دردن سان ٺهي
وياسين!
لطيف سنڌ شناسيءَ جو
محور آهي ۽ سنڌ جي مظلوم عوام جا دک ڏسي ۽ پنهنجن صفن ۾ بيٺل غدارن جون مير جعفرن
جون ويساهه گهاتيون ڏسي زخمي چانڊيو ڀٽائيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو هيو ته:
حال مارن جا ڏسي ٿيا
نيڻ هِن آلا لطيف،
ڇو ته پنهنجا ٿا
وجهي ڀاڪر، هڻن ڀالا لطيف!
پنهنجي درد جي جڏهن
دوا پنهنجن دل گهرين سڄڻن کان به نه ملي سگهي، جڏهن پرين پيارا به ڪنهن انسان جي
امر ڪيفيتن جي تعبير کان ڇرڪي محبت جا انڪاري بڻجي وڃن ته پوءِ زخمي جا لفظ ڪيترو
نه ٺهڪندڙ آهن ته:
اکڙين جي آلاڻ نه
سمجهيئه،
چهري جي پيلاڻ نه
سمجهيئه.
زخمي خالي در تان
موٽيو،
ڇو ۽ ڇاجي ڪاڻ نه سمجهيئه!
سماجي ۽ شعوري مڪملتا
جي تلاش ۾ نڪتل زخمي چانڊيو پنهنجي ديس سان نينهن نڀائيندي، وطن جي سرفروشن کي
همٿائيندي، جبر کي للڪاريندي، جهالت سان جهيڙيندي انا جي سمورن هٿڪنڊن سان واهه جو
مهاڏو اٽڪايو. هڪ زندهه دل شاعر بڻجي زخمي پنهنجي لافاني رمز سان روح جي پلئو ۾
محبتون سانڍيون ۽ هنڊائيون. سندس لفظ سماج جي هر انياءُ خلاف تيز تکي تلوار ثابت
ٿيا، ڪارو ڪاري، ويساهه گهاتي، منافقت ۽ سازشي ٽولن کي وائکو ڪندي زخمي هر پل محبتن،
مسڪراهٽن ۽ روشن آئيندي جا ديپ ٻاريندو رهيو. سندس شعور جي لاٽ سان روشن ڪيل هزارن
ڏيئن سان گڏ جڏهن آخري ڏيئو سندس پنهنجي ريٽي رت سان ٻريو ته سرد سماج جا گونگا
ڳوڙها به گرم لُڙڪ ٿي ڪُوسي ڌرتيءَ جي ڪُک تي ڪريا هيا.
ڏاڍو ساريندين،
منهنجي مُئي کانپوءِ تون،
جيئري قدر ڪو نه
ڪيئه،
ڳُوڙها ڳاڙيندين، منهنجي
مُئي کانپوءِ تون...!!!
نوٽ: زخمي چانڊيو
جي سترهين سار جي حوالي سان ۲۸ آڪٽومبر ۲۰۱۷ع تي لکيل ليک.
زخمي چانڊيو
جيجل سنڌ جي ڏهيسر ڏات
ڌڻي کي ڀيٽا
ثناءُالله عتيق
چنجڻي -
ڪنٽمپرري سنڌي
شاعري جي اهم شاعره رخسانه پريت چنڙ پنهنجي دور جي سماجي ڪرڀ ۽ مروج جبر بابت اظهاريو
آهي ته “آه وڃي ڪا اُڀ سان ٽَڪري، زخمي چنڊ ستارا ٿي پيا”، ايئن ئي ڌرتيءَ ڌڻين
جون دانهون ۽ ڪوڪون سڏ پڙاڏا بڻجي جن سجاڳ ذهنن ۾ گونجندو رهيون ته انهن آڱرين تي ڳڻڻ
جيترن مثالي انسانن منجهان ڄام خان چانڊيو به پنهنجو مٽ پاڻ هيو. هڪ کرو ماڻهوءَ،
هڪ متحرڪ سماجي ڪردار، هڪ ارپيل قومي ڪارڪن، هڪ سماج سڌارڪ، هڪ نامور اُستاد ۽ ديس
جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ هڪ سگهاري شاعر طور سندس مٽيءَ سندي مامري لڳ ڀڳ چئن ڏهاڪن
جي سفر تي ڇانيل حياتيءَ ۾ غيرمعمولي ڪارناما سرنجام ڏنا، اهيو ڪرشمو سندس حيات جو
وڏو ماخذ آهي، سندس ان بي لوث انفرادي تحريڪ کان اکيون پورڻ ناانصافي هوندو ته ڄام
خان چانڊيو چوٽيءَ جي جاگيرداري سماج ۾ هڪ للڪار ٿي گونجيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ڪيفيتن
مان گذرندڙ وارتائن کي هميشه لاءِ امر بڻائيندي شاعري ۾ پنهنجو نانءُ زخمي چانڊيو رکيائون
پر قبيلائي انائن جي ڪينسر سنڌ جي هن سرموڙ فڪري ايڪٽوسٽ، برجستي قومي شاعر ۽ هڪ
کلمک شخصيت کي شهادت جو جام نوش ڪرايو. زخسانه پريت جي لفظن ۾ واقعي به زخمي چانڊيو
جي شهادت سڄي سنڌ کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو، سموري سنڌ جي سُڪل چپن تي اهيي آهون ۽
دانهون هيون جنهن ۾ ديس سان محبت ڪندڙ دلين جا چنڊ ۽ آجپي جي خوابن جا ستارا زخمي
ٿي پيا هئا.
متان چئين ته” زخمي”
هُيو نانوَ جو،
مان تلوار جي ڌار
تي ٿو نچان!
جاگيرداري سماج جي
مڙني براين سان ڀرپور مزاحمت ڪندڙ زخمي چانڊيو وڏي ڏيا وارو مڻيادار مڙس هيو. پنهجي
قبيلي جي سورهيائپ کان ڌڍيڪ کيس پنهنجي قلم قبيلي تي وڏو ناز هوندو هيو. وڏيرڪن
ٽڪساٺن جي ور چڙهي انسانيت کي آزاريندڙ منفي ڪردار پنهنجي انائن جي تسڪين لاءِ
جيجل سنڌ کان هڪ متحرڪ ڪردار ڇني عوام مٿان قيامت ڪيرائي چڪا هيا. پر سندس تڏي تي
پهتل دوست ته دنگ رهجي ويا علم ۽ عمل جي ميدان تي زخمي جي سورهيائپ جي چوطرف ناماچاري
هئي ۽ ورهن پڃاڻان سندس قبيلائي مخالف به زخمي جي شخصيت لاءِ ابول ابول ڪندا
روئندا رڙندا رهيا ۽ زخمي جا لفظ سچ ثابت ٿيا ته:
جيئري قدر ڪونه
ڪيئي،
ڳوڙها ڳاڙيندين
،منهنجي مُئي کان پوءِ تون!
زخمي چانڊيو جي شاعراڻي
ائپروچ اهم سماجي تاڃي پيٽو آهي، جنهن اندر ثقافتي ورثي، پوليٽڪل جينر، قومي تشخص،
سامجي ڪردار توڻي انسانيت جو اونو ور ور ڪنهن جيئري جاڳندي وجود جيان نظر ٿو اچي.
اهوئي سبب آهي جو سياست جي شطرنج تي براجمان نالي ماتر مذهبي پنڊتن پاران هٿ ٺوڪي
مذهبي اجاره داري خلاف توڙي اڍنگي انساني نفسيات بابت زخمي جي للڪار هئي ته:
فرقيواريت جي باهه
۾، ٽچڪي ٿو انسان،
ڪاڏي دين ايمان،
ڪاڏي ماڻهوءَ ماڻهپو!
سندس شاعري جي ڪتاب”
ڏاڍو ساريندين” جي ٽائٽل تي مون جڏهن زخمي صاحب جي گلاب جي گل واري تصوير ڏٺي،
اهيا تصوير هڪ شاعر جي جيون واري جمالياتي دري کولي ٿي ته زخمي چانڊيو جمالياتي
طور ڪيڏو نه سهڻو سريلو ۽ سدابهار انسان هيو جنهن جي وضعدار شخصيت ۾ رعب تاب سان
گڏوگڏ مڻيا ۽ محبتن جا زمانا طواف ڪندا هيا. مون کي سڄي سنڌ ۾ زخمي چانڊيو جا
دوست، خير خواه سڄڻ، مداح، چاهيندڙ، شاگرد ۽ کيس ڀُنل اکين سان ياد ڪندڙ شخص ملندا
رهيا آهن، جنهن سگهاري سنڌي شاعر ۽ استاد کي اسڪول ويندي بيدردي سان گولين جو کاڄ
بڻايو ويو ان مٽيءَ جي ماڻهوءَ جو سالن پڃاڻان به ڪو دشمن نه مليو آهي. اهيو
جاگيرداري ۽ قبيلائي جهالت جو اڍنگو ورتاءَ ۽ قهري وار هيو جنهن سنڌ کان هڪ کرو ۽
سچو ڪردار زخمي چانڊيو جسماني طور ڇني ڌار ڪيو. مگر سندس خدمتن، محبتن ۽ سچائين کي
دل سان سانڍي ديس وڏي دلداري ڏني آهي، ماروئڙن ۽ عوام کيس سدائين جيءُ ۾ جايون ڏنيون آهن.
هاڻ “زخمي” ڪيئه
کسي يادون،
تون ڇا ڄاڻين ته ڇا
نه ٿياسين!
ڀٽائي سرڪار چيو ته
“محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هڪڙو”، ايئن ئي اهيا لطيف جي لات زخمي چانڊيو جي ذات جو محور
هئي ته مِڙي مٺ ٿجي، هر برائي خلاف، هر بڇڙائي خلاف، هر ظلم خلاف هڪ ئي طريقو آهي
ته ٻڌي جو مظاهرو ڪجي، انهيءَ سڏپڙاڏي کي
محسوس ڪندي ڳائي وڃائي ٻڌائيندو رهيو ته:
مان نينهن نڀائڻ
چاهيان ٿو، جي تنهنجو ساٿ هجي!
زخمي چانڊيو کي جدت
جي رمزن سان وڏي شناسائي رهي، پنهنجن مٺڙن ماروئڙن سان اٿاهه پيا رهيس، واقعي به
هو هڪ اميجينيشن جو بادشاهه ڪوي هيو، جنهن
جي تخيل ۾ مستقبل جا ڪرڻا جرڪندا نظر ٿا اچن. کيس پنهنجي ڌرتي سان ناسٽلجڪ لڳاءِ
هيو، جنهن جي پروڙ سندس لفظن منجهان بکي ٿو ته ڪيئن نه پاڻ جيئري ئي پنهنجن پرينءَ
پيارن کان الوداع ڪندو رهيو، سندس لفظن ۾ فطرتي سار جو روح سمايل آهي. سندس شاعري
۾ حوا کان وٺي مريم تائين زينب کان در بتول جي ثنا خواني آهي. سنڌي عورتن سان ٿيندڙ
انياءُ خلاف ڀرپور آواز اٿاريندو رهيو، انساني حقن جي لتاڙ خلاف سرگرم رهيو، سنڌ ۾
ٻاراني ادب جي اڻاٺ رهي آهي، زخمي وڏن اديبن کان گهرجائو رهيو ته ڪڏهن ڪڏهن اهي
صاحب پنهنجي من جي وشال اڱڻ تي به وڃن ۽ ٻارڙن لاءِ نثر توڙي نظم ۾ ڀرپور لکن. زخمي
پڙهيل ڳڙهيل هڪ وڏو علمي نانءَ به هيو، سندس مطالعي، مشاهدي ۽ فڪري گهرائين جا
اهڃاڻ ثابت ٿا ڪن ته ڪيئن نه پاڻ هر پيڙا منجهان پار نڪري پنهنجي ديس جي دردمندن
جي دلداري ڪندو رهيو، سندس آزاد نظم “پکين جي پارليامينٽ” جو مثال ئي کڻجي ته پاڻ
نئين صدي لاءِ نئين نسل کي همٿ ٻڌرائيندو نظر اچي ٿو.
ڳالهه ٻُڌي ڇڏ ظالم
جابر!
زنده قومپرستي آهي.
سماجي برائين خلاف
زخمي چانڊيو جي مزاحمت پنهنجو مثال پاڻ آهي. خاص ڪري پاڻ سفارش ڪلچر، رشوت خوري،
ڊگرين جي ڀرمار، ڪاروڪاري، نياڻين جي تعليم تي بندش توڙي مهانگائي خلاف للڪاريندو
رهيو. زخمي هڪ استاد کي اسڪول ۾ ٻآرڙن کي پڙهائيندي ڏسڻ ٿي چاهيو، سندس خواب هيو
ته نياڻيون سـڱ چٽي ۾ نه وڃن، ڪاروڪاري جا ڪلور نه ٿي وڏيرو غريب کي ٿاڻي تي نه
ٻڌرائي نه ئي ڪو طاقتور غرور ۾ اچي غريبن جا گهر ڊهرائي:
روز هو مغرور ٿيندو
ٿو وڃي،
قوم لاءِ ناسور ٿيندو
ٿو وڃي.
پنهنجن جي غداري
کيس اُوس نه وڻندي هيس، سندس من ۾ محبوبن جا گهاو هيس، کيس آخري گهاوَ پُٺيءَ ۾
لڳس ته قاتل هٿن تي دستانا چڙهيل هيا، ماڻهن جي ميڙ ۾ اهي منافق چهرا پنهنجي جرم
تي ناز نه ڪري سگهيا هئا، سندس ڪٽنب مٿان وڄ ٿي ڪرندڙ حالتون دردن جو داستان آهن،
ڪرب جي انهن ڪيفيتن منجهان سندس باصلاحيت پُٽ بهادر ٿي بيٺا، ڏاڍ، ڏمر، ڏهڪاءَ
خلاف سينو تاڻيندين پنهنجي وس آهر جهالت خلاف روشني جا ڏيئا ٻاريائون ۽ ان جدوجهد
۾ سوڀارا ۽ سُرخرو به ٿيا آهن. اهيا فتح زخمي جي خوابن جي تڪميل آهي، سندس تربيت
جو زنده اولڙو آهي، ته سندس روشن خيال گهراڻو سماج جي اجرن قدرن جو اهڃاڻ بڻيل
آهي:
پُهڇي نه حرف ظرف
تي ايڏو بلند رهه،
رَهُه دوستيءَ جي روح
جو احسانمند رهه!
پوءِ ان ئي پيراڊڪس
۾ سماج اندر ڀڃ ڊاهه جو خاڪو ٺاهيندي ڌاڙيلن، داداگيرن، پيداگيرن، يرقان ورتل
سياست دانن خلاف ڀرپور بغاوت جو اعلان ڪري ٿو. موقعي پرستي، رجعت پرستي ۽ ذاتي
انائن اسان جي سماج سان وڏا ويل وهايا آهن، اهيي ننڌڙيون انائون اسان جي تعمير
واري جذبي ۽ آجبي واري جدوجهد کي اڏوهي جيان کائي فنا ڪري رهيون آهن، تنهنڪري زخمي
سماج جي اهم ڪردارن وڏيرن ۽ پيرن بابت احساس ريٽيندو رهيو ته:
پاپي آهن پير ڪڍي
ويا،
مذهب جي ڏئي اوٽ،
گهوڙا ڙي گهوڙا!
يا
وڏيرن ۽ پيرن کي
پرکي ڏٺوسين، ٻنهي داداگيرن کي پرکي ڏٺوسين
سندس شاعري ۾
پنهنجي ثقافتي وارثي، لولي ٻولي، ڌارين جي آبادڪاري ۽ دهشتگردي خلاف ڌڪار به آهي.
زخمي چانڊيو سنڌوءَ جي مٿان ڊئمن جي ناجائز اڏاوت خلاف وڏو آواز ٿي اڀريو هيو پاڻ
هر هنڌ اهيو هوڪو ڏيندو رهيو ته
ڪارو ڊئم نه
گهرجي...!!!
زخمي وڏو عالم ۽ اڪابر
انسان هيو، جنهن استادن کي به تاريخ پڙهڻ جي صلاح ڏني هئي، ته يار قوم جا دشمن نه
ٿيو پنهنجا فرض نڀايو. پنهنجي شاعري ۾ حسيني رنگ سجائيندڙ زخمي سچ ته ميدان عمل جو
حُر هيو جنهن وٽ جبر سان ٺهراءُ ناممڪن هو. پنهنجي شاعري ذريعي ٻڌايائون ته ڪوفي
هڪ سوچ آهي، موقعي پرستي هڪ ڪاڪ محل آهي، زخمي ان مروج مڪاري خلاف مزاحمت ڪئي،
سندس شاعري ۾ ڪراچي جي ڪوس بابت ڳالهيون آهن، پرينءَ جو پچارون آهن، ادبي سنگت ۾
غير سنجيده روين کي هٿي وٺرائيندڙ روين بابت ويچار آهن، شڪاگو جي شهيدن جون ڳالهيون
آهن، سنڌ سان بوسينا جهڙين حالتن بابت آگاهي آهي، سقراط، سرمد ۽ منصور جون رمزون آهن،
پڪاسوءَ جي پينسل سان نڪتل ڪنهن شهڪار تصوير جيان سندس ڪردار عوام جي حقن، انسانيت
جي بقاءُ لاءِ پنهنجو وقت، موڙي ۽ زندگي ارپي ڇڏي هئي.
زخم “زخمي جو وڃي ٿو
وِگهرندو،
تنهن ڪري منصُور
ٿيندو ٿو وڃي.
زخمي پنهنجو تخلص
ته زخمي رکيو پر سندس نصيب ۾ شهادت ملي، ڪمال جو شخص هيو جنهن جي شخصيت ۾ سنڌ جي
ثقافت جي سونهن پئي بکندي هئي. هوءَ فڪري محاذ تي سنڌ جي وارثي ڪندو رهيو، سندس لڳل
سلا هاڻ وڌي وڻ ٿيا آهن ته سماجي ويڳاڻائپ، ڪدورتن ۽ ويڇن جي جي نٽهڻ اُس ۾ سندس فڪري
ڇانورا ديس جي دلداري ڪري رهيا آهن. افسوس آهي جو حسيني قافلي جي هن يگاني ڪردار
کي ٽڪي جي مفادپرست ٽولن پنهنجي خيسس انائن جي نشاني تي رکيو، کين زخمي جا کرا لفظ
لوڻ ٿي لڳندا هيا کين ڀئه هيو ته ڪٿي زخمي اهيا جرئت سندن هٿ ٺوڪين رتبن کي برباد
نه ڪري ڇڏي. اهيي اياڻا هٿ سنڌ جي دودي پٽ سان وڏو داءُ ڪري ويا، ناحق ۽ انياءُ ڪري
ويا پر زخمي چانڊيو جي هڪ استاد جي حيثيت ۾ عظمت، هڪ مزحمتي شاعر طور ديس سان محبت
۽ جمالياتي سونهن جا جلوا، انسان دوستي توڙي سندس وطن دوستي کي قوم ڪڏهن به وساري
نه سگهندي:
هوءَ مصور جي تخيل
جهڙي،
ڪيرُ هُن تان نهار
ڦيرائي.
وقت جي بي رحم روش
گهايو،
سنڌ جو درد ڌار
تڙپائي!
سندس شاعري سندس
دور جو هڪ مڪمل سياسي، سماجي ۽ شعوري
مونولاگ آهي. جنهن ۾ هڪ معصوم چنچل ٻالڪ پنهنجي مٺڙي ماءُ سان انگل ۽ آرا ڪندي ٿو
نظر اچي. دنيا جي ادبي تاريخ ۾ سڀ کان سگهارو لاڙو آٽوگرافي واري فن ۾ سچ کي جيئن
جو تيئن بيان ڪرڻ به آهي، ايئن ئي زخمي چانڊيو جي شاعري ۾ اسان کي اهيو لاڙو ور ور
اولڙا ڏيندي نظر ٿو اچي جنهن فڪر ۾ ڪنهن به غدار سان رعايت نظر نه اچي، ڪنهن به
ڪائنر سان ٺاهه ناهي،زخمي پوري سچائيءَ
سان پنهنجن احساسن کي جيئن جو تيئن شاعري ۾ اظهاريو آهي. اهيو ئي سبب آهي جو
پنهنجن ڪلهن تي سچ جو صليب سجايون، سنڌ جي شعور جي ميراث جو رکوال سورهيه بڻجي
جيجل سنڌ جو ڏهيسر ڏات ڌڻي زخمي چانڊيو اعتراف ٿو ڪري ته:
آءُ منصور جو جنم
آهيان،
ڪيرُ آهي جو، دار
تي چائي!
زخمي چانڊيو
نئين سنڌ لاءِ پاڻ
ارپيندڙ شخص
فقير محمد سنڌي
سچ هڪ پل ۾ روشني ڦھلائي
ڇڏيندو آهي، جڏهن اُوندهه ختم ٿي ويندي آهي، تڏهن معلوم ٿيندو آهي ته باندي پڻو هو
ئي ڪونه، سچ جي واٽ تي هلندي منصور بن حلاج به پنھنجو سر گهور ڪيو، هن ڏيھه ۾ سچ
جو ساٿاري ٿي رهڻ ڪري پنھنجي سِرَ جو نذرانو ڏيڻو پوي ٿو.
جيئن سنڌ جي مڙس مٿير
زخمي چانڊيي محبت جو جام پيتو، لوڪ ته هن کي فنا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر زخمي چانڊيو
هن وقت به بقا جي زندگي ماڻي چڪو آهي. منصوري رستي جو راهي زخمي چانڊيو جنھن لاءِ
منصور بن حلاج جون سِٽون بلڪل درست آهن ته:
مون کي قتل ڪريو،
منھنجا ساٿيو،
جو منھنجو قتل ئي
منھنجي حياتي آهي،
منھنجو موت، منھنجي
حيات ۾ آهي،
منھنجي حيات منھنجي
موت ۾ آهي.
ان لاءِ ته قوم جو
هر فرد رهبري پيو ڳولهي شاعرن ۾، زماني جي گهاون اڄ جي انسان کي هر فورم تي زخمي ڪري
وڌو آهي. پنھنجي اتساهه لاءِ وقت کي ضامن ڪري سڏي ٿو.
ڪا سارَ به لھبي آ،
رڳو هامَ نه هڻبي
آ.
هن خط لکيو زخمي،
ڪا چوٽَ به سَھبي
آ.
تاريخ سدائين سچائي
کي ڳاهيو آهي، جابر کي ڪڏهن به پنھنجو رهبر ڪونه مڃيو آهي، انساني مورتيون سڀ
ويساهه جوڳيون نه آهن، تڏهن ته سچ نروار ٿي ڪونه ٿو بيھي، انهيءَ لاءِ انساني هوش
برقرار ڪونهي. ان جي من ۾ اڻ تڻ واسينگ نانگ پيو ٿو ڏنگ هڻندو رهي. تڏهن ته زخمي وڏي
واڳي چيو:
ڌرتي ساري دوزخ ٿي
پئي،
ماڻهو اَئٿ ستارو ٿي
پيو.
ڪالهه ٿي جنھن کي
خون پيئاريم،
سو ئي اندر ڪارو ٿي
پيو.
زخمي چانڊيو سنڌي
ادب جو شاهه تارو هو، سنڌي سماج جو يادگار شخص هو، جنھن کي هر ويل ڌرتيءَ سان محبت
جو جام پيتل هوندو هو، ڪڏهن به ڌرتي واسين لاءِ هڪ لفظ به ٻڌڻ گوارا ڪونه ڪندو هو.
سچو کاهوڙي لکيڪن جو دل جو دل بند هو، نفرت رڳو ڌرتيءَ جي دشمن سان ڪندو هو، ۽ اهو
به چوندو هو ته ڀلي اسان جو يار نه ٿي پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي. جنھن جي ڪري
پنھنجي شاعريءَ ۾ هن ريت جرڪي ٿو؛
حيف اٿئي جو عيش ڪرين
ٿو،
قيامت برپا آهي ٿر
۾.
يا وري
ڪئي ڪيڏي سائنس
اوسر آ “زخمي”،
اسان وٽ اڃا، ڪاري ڪارو
ڏٺو ٿي؟!
ها وڏي واڪي سچ جو
ساٿاري ٿي بيھڻ ڪو هن کان سِکي.
ڳالهه ڪئي ڌرتيءَ
جي مون،
هن جو ڇو ايمان،
خطري ۾ پئجي ويو.
معاشري جي اندر هٿرادو
مڙس ماڻهو ٿي رهڻ وارن کي اهڙي طرح چٿر ڪندو هو، جيئن سماج ۾ اهو وري اهڙو ڪڌو ڪم
نه ڪري.
ٻاهر رعب جيڪي هٿيارن
تي ڪن ٿا،
تني جيل هٿ ۾ ٻھارو
ڏٺو ٿي!
زخمي چانڊيي جي
حياتيءَ جا خوبصورت لمحا، جنھن ۾ زخمي پنھنجي شاعري يا ٻئي ڪنھن دوست جي شاعري جڏهن
ترنم ۾ چوندو هو ۽ سڄو لوڪ زخميءَ کي داد ڏيڻ کان رهي ڪونه سگهندو.
زخمي چانڊيي جي
جيون جو مختصر تعارف، جي سڄو تعارف لکان ٿو ته هي مضمون وڃي ٻيڻ تي بيھندو، ڄام
خان ولد مولا بخش چانڊيو، ادبي نالو “زخمي چانڊيو”، مزدورن جي عالمي ڏينھن تي ۱۹۶۱ع ڊکڻ شھر ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. تعليم
جو زيور مختلف درسگاهن مان حاصل ڪيائين، ايم.اي، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين.
۱۹۷۹ع تي سروس ورتائين، رهائش جي معاملي ۾ زخمي چانڊيو، ملان جي ڳوٺ، ڊکڻ،
مدئجي، ڌامراهه، آبائي ڳوٺ جوابپور چانڊيو ۽ لاڙڪاڻي شھر کي اچي آباد ڪيائين،
اولاد ۾ ڇهه پٽ ۽ ڇهه نياڻيون آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ قومي تحريڪ جو سرگرم رڪن
رهيو. ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ ڪافي اعزاز حاصل ڪيائين جيڪو سندس حق هو. انساني ڀلائي
جي ميدان ۾ سدائين سرخرو رهيو، پنھنجي پرائي جي دل کولي مدد ڪندو هو، معاشري جو سڄاڻ
فرد هو، جنھنڪري ننڍي توڙي وڏي سان نياز نوڙت سان پيش ايندو هو. زخمي لاءِ شعر دل
تي تري آيو آهي ته:
اسان کي زمانو
وساري نه سگهندو،
اها ڳالهه ٻي لڙڪ
هاري نه سگهندو،
جيئڻ ڪاڻ جڳ ۾ جي ڪونڌر
ڪُسن ٿا،
انهن کي ڪڏهن موت
ماري نه سگهندو.
آس ڪجهه هئڻ ۽ ٿيڻ
جي اميد ئي باندي پڻو آهي، اهڙي طرح اميد جي نظر مستقبل تي هوندي آهي. آئيندي جو
اُلڪو ئي آهي جنھن جي ڪري انسان ڪشمڪش ۽ ڊوڙ جي هن سنسار ۾ اميد ۽ نجات جو دڳ ڳولڻ
جي ڪوشش ڪري ٿو. جمھوريت جي وارثن کي فڪر جو سبب ياد ڏياري ٿو.
“اي
جمھوريت جا
دعويدار حڪمرانو!
اگر
امن، سلامتي
۽
خشحاليءَ لاءِ
اوهان جا
ڪيل اعلان
سچا آهن،
ته پوءِ
سنڌ ۾
پاڻي پيئڻ جي
نلڪن
۽ گلاسن کي
سنگهرن
ڇا معنى آهي؟”
يا وري؛
ڪي ڪي جيءَ جيئارا
ماڻهو،
ڪي ڪي اندر ڪارا ماڻهو.
ڪي ڪي شاهي کاڌو
کائن،
ڪي ڪي ڏُٿ گذارا ماڻهو.
صاف جنين جي نيت “زخمي”،
سي ئي آهن پيارا ماڻهو.
ويھين صديءَ ۾،
مشھور فرينچ اسڪالر ۽ منصور حلاج تي اڌ صدي تحقيق ڪندڙ، لوئي ماسونين، منصور حلاج
بابت پکڙيل انهن افسانوي ۽ ڪراماتي ڳالهين بابت هڪ خوبصورت عبارت لکي آهي، جيڪا
سنڌ جي سرجڻھار زخمي چانڊيو لاءِ مشابھت رکي ٿي:
“هي ڳالهيون
جيتوڻيڪ افسانو لڳن ٿيون، پر ان جي باوجود حقيقت، حقيقت آهي، جنھن کي ٻين افسانو بڻائي
ڇڏيو ۽ اها حقيقت اها آهي ته شھيد جو رَتُ ٻج وانگر ٿيندو آهي ۽ هميشه فل ڏيندو
آهي. اُن جو ڦل اهڙن جانبازن جي تربيت ڪندو آهي جيڪي لاڳيتو جنگ جي حالت ۾ هوندا
ته جيئن شھادت جو جام پي سگهن.” ۽ واقعي اهڙي طرح زخمي چانڊيي ۲۴- آڪٽوبر ۲۰۰۰ع تي زندگيءَ کي الوداع چئي شھادت جو جام
پيتو، شاهه لطيف چواڻي ته:
مرڻا اڳي جي مئا،
سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات جيئڻ
اڳي جي جيا!
(روزاني ارادو
لاڙڪاڻو ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment