مير محمد خان نياز ٽالپر
مير قائم خان ٽالپر
مير محمد
خان ٽالپر ولد مير ڄام خان ٽالپر حيدرآباد کان ۱۰ ميل جي مفاصلي تي پنهنجي والد مير ڄام خان ٽالپر جي نالي سان ۱۷۹۰ع ۾ ٽنڊوڄام نالي ڳوٺ ٻڌو، جنهن جي لاءِ رحيم داد خان مولائي شيدائي پنهنجي
ڪتاب جنت السنڌ جي صفحي ۶۱۴ تي
لکي ٿو ته “مير محمد خان ولد مير ڄام خان ٽنڊو ڄام تعمير ڪرايو” انهي کان علاوه سنڌ
جي تاريخ سوالن جوابن ۾ محمود صلاح کهڙو صفحي ۱۷۰
تي لکي ٿو ته “ٽنڊو ڄام مير محمد خان ولد مير ڄام خان
تعمير ڪرايو”.
ٽنڊي ڄام
جي مير صاحبان جو سنڌ جي تاريخ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي، ڇو ته مياڻي جي جنگ ۾ بلوچ
لشڪر جو سپهه سالار ته مير جان محمد خان ٽالپر خاناڻي ٽنڊوڄام جو هو، جيئن ته مير
صاحبان جو رجحان شيعه مسلڪ سان رهيو آهي، انهي ڪري جيڪي ڳوٺ مير صاحبان جا ٻڌا
انهن ۾ شيعت جو رجحان گهڻو رهيو آهي.
ٽنڊو ڄام
به اهڙن ئي ڳوٺن مان هڪ آهي، هتي شيعت جي بنياد رکندڙ مير سلطان علي خان ٽالپر هو،
جنهن جو ذوالجناح سوڀاري نالي هو، جيڪو صرف سنڌ ئي نه پر برصغير ۾ به ايترو ئي مشهور
هو، ايستائين جو انڊيا جي رياست پنجاب جي هڪ مهاراجه مير سلطان علي خان ٽالپر ڏانهن
خط لکيو ته اوهان هڪ طرف اهو گهوڙو بيهاريو ٻئي طرف سون جيترو وزن گهوڙي جيترو ٿيندو،
ايترو سون آئون اوهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، اوهان اهو گهوڙو مون کي ڏيو،
ايستائين جو مير سلطان علي خان خواب ۾ ڪنهن هستيءَ کي ڏٺو، جنهن مير صاحب کي چيو
ته اسان اوهان کي هڪڙي امانت ڏني آهي، جيڪا اسان فلاڻي ڏينهن فلاڻي تاريخ تي اوهان
کان واپس وٺنداسين، مير صاحب اهو احوال پاڻ وٽ لکي رکيو، عين انهي ڏينهن انهي
تاريخ تي مير صاحب جي ذوالجناح سوڀاري وفات ڪئي، مير سلطان علي خان ڪنهن درگاهه تي
زيارت جي لاءِ وڃي رهيا هو ته ڪنهن صاحب چيس ته اوهان اتي اولاد جي دعا ضرور
گهرندا، اهي لفظ ٻڌي مير صاحب انهي درگاهه تي وڃڻ جو ارادو اهو چئي لاهي ڇڏيو ته
اولاد مون کي ملندو ته حضرت امام حسين عليه السلام شفاعت سان ملندو، ٻئي جو ڏنو
اولاد مون کي نه کپي.
اهڙي
پخته عقيدي رکڻ واري مير سلطان علي خان کي آخرڪار دربار حسين عليه السلام مان ۲۲ جولاءِ ۱۹۳۳ع بمطابق ۲۰
ربيع الاول ۱۳۵۲هه تي
پٽ ڄائو، جنهن جو نالو مير محمد خان ٽالپر رکيو ويو، مير سلطان علي خان جي عاشق
حسين عليه السلام هجڻ جو اثر اهڙو ٿيو جو سندن فرزند مير محمد خان ٽالپر پيءَ کان
به عزاداري ۾ اڳتي نڪري ويو، مير صاحب ۱۹ سالن جي جواني جي عمر ۾ جڏهن ماڻهو دنياداري ڏانهن راغب هوندا آهن مير صاحب
جو عشق حسين عليه السلام کين ڪربلا ڇڪي ويو، بقول سندس ۹
ڏينهن پاڻي جي جهاز ۾ سفر ڪيوسين، ۹
ڏينهن بعد پاڻي جو جهاز بصرا پهتو، اتا ئي ريل جي ذريعي ڪربلا
پهتاسين، انهي سفر کانپوءِ مسلسل مير صاحب جي زندگي جا ڏينهن ڪربلا، نجف، مشهد، شام
۽ مديني جي سفرن ۾ گذريا، جڏهن به مير صاحب کان پڇيو ويو ته اوهان عراق، ايران،
شام ۽ سعودي عرب ۾ گهڻا ڏينهن گذاريا؟ هن جو جواب هوندو هو ته شايد وطن کان وڌيڪ ڏينهن
منهنجا مالڪن جي ملڪن ۾ گذريا، حيرت اها آهي ته اهي سفر مير صاحب اڪيلي ڪين نه
گذاريا انهن سفرن ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو هئا جن کي مير صاحب زواريون ڪرايون جن مان ڪجهه
اڃا تائين به حيات آهن ۽ مير صاحب جو ذڪر ڪندي سندن اکيون سانوڻ جي ڪڪر جيان وسيو
پون.
مير
صاحب ڪجهه وقت نجف اشرف ۾ به تعليم حاصل ڪئي ۽ انهي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ايم
اي فارسي ۾ به ڪئي، مير صاحب جي لاءِ چوندا آهن ته پيدائش کانپوءِ ڪجهه سال بلڪل
نه ڳالهائيندو هو، جنهن جي ڪري سندس والد مير سلطان علي خان پريشان هوندو هئو، پر
هڪ ڏينهن اچانڪ مير محمد خان ڳالهايو، پر سندس زبان تي نه امان آيو نه بابا. انهي
وقت جو مشهور سنڌي نوحو “علي اصغر لوري ڏياري” سندس پهريان اکر هئا، جيڪي سندس
زبان مان جاري ٿيا ۽ هي دليل هئي ته کين اولاد دربارِ حسين عليه السلام مان مليو آهي.
مير
محمد خان جو امام حسين عليه السلام جي بارگاهه مان ملڻ جي ٻئي دليل اِها هئي ته
سندس ساڄي ٻانهن تي هڪ مهر لڳل هوندي هئي، ڪافي ماڻهو ٻانهن وٽان قميض مٿي ڪري انهي
جي زيارت ڪندا هئا، جن مان اڄ به زوار امير بخش جيڪو خود ذاڪر اهلبيت آهي، انهي جي
گواهي ڏي ٿو. مير محمد خان ۱۹۵۲ع ۾
پهرين زواري وقت ئي حرمِ حضرت عباس عه جي روضيءَ ۾ بابِ امامِ حسن عليه السلام کان
اندر داخل ٿيندي ئي پنهنجو حجرو خريد ڪيو، جنهن ۾ پاڻ ۱۹۷۸ع ۾ پنهنجي همشيره کي دفن ڪري آيو هو.
۱۹۵۳ع ۾ مير صاحب جو پهريون ڪتاب منظرعام تي آيو، جنهن جو نالو ريحانِ ڪربلا
هو. هي مير صاحب اماميه اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، اسٽيشن روڊ، حيدرآباد مان ڇپرائي پڌرو
ڪيو. هن ڪتاب جون ۳ هزار ڪاپيون هجڻ جي باوجود هي ڪتاب
هٿو هٿ ختم ٿي ويو، جيئن ته مير صاحب جو عشق محمد و آلِ محمد سان رهيو، انهي ڪري
سندن شاعري، نوحه مناقب ۽ مرثيه ئي رهيا جن ۾ سندن تخلص نياز استعمال ٿيل آهي.
انهي
کان علاوه علم دوست هجڻ جي ڪري سندس ٻيو ڪتاب راز و نياز هو جيڪو پاڻ ۱۹۸۵ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪين. هن ڪتاب ۾ مختلف شعراءَ جون ڪافيون گڏ ڪري پاڻ ڇپرائن.
انهي ڪتاب تي به پاڻ اهڙي محنت ڪين جو جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪافين جو
ڪتاب جيڪو ٽن جلد تي مشتمل هو ڇپرايو ته انهي ۾ به هن راز و نياز جو حوالو ضرور ڏنو.
مير
صاحب پنهنجي والد مير سلطان علي خان جي وفات تي جيڪا ۲۵ محرم الحرام هئي. ۱۹۴۸ع کان
مسلسل ايثال ثواب جي مجلسن جو سلسلو شروع ڪيو، اُهو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. اڄ
به اوهو خمسه مجالس ۲۱ محرم
الحرام کان ۲۵ محرم الحرام انهيءَ انجمن
سپاهِه قائم آل محمد جي زير سرپرستي جاري آهي، جيڪا انجمن خود مير سلطان علي خان
قائم ڪئي هئي، آخرڪار هي عاشق حسين عليه السلام مير محمد خان نياز ۴ صفر ۱۴۱۸ تي
اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، سندن جنازو ٽنڊوڄام جي مشهور درگاهه امام بارگاهه
جهانيا سرڪار ۾ امانتن دفن ڪيو ويو، جتان ۴ سيپٽمبر ۱۹۹۹ع تي اها امانت ڪربلا جي لاءِ
رواني ڪئي وئي ۽ اڄ ڪربلا ۾ مير صاحب دفن آهن ۽ سندن زبان تي هميشه جاري اِهو شعر
سچ ثابت ٿيو.
نياز
سان مشتاق آهيان شل پسان روضا رڙهي،
آسرو
آهي الاهي خاڪ- ڪربل ۾ مران.
No comments:
Post a Comment