رام ڄيٺملاڻي
ھڪ مھان سنڌي سپوت جي موڪلاڻي
شوڪت حسين شورو
اھي سنڌي جن پنھنجي
ذھانت ۽ محنت سان سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو، تن ۾ رام ڄيٺملاڻي ھڪ جينئس شخص ھو. پکيڙ
۽ آبادي جي لحاظ کان ھند جھڙي وڏي ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو قانون جو ماھر ۽ وڪيل ھڪ سنڌيءَ
کي ليکيو وڃي، اھو اعزاز ملڻ سڄي دنيا جي سنڌين جي لاءِ فخر جو ڪارڻ آھي. رام ڄيٺملاڻي
وڏي وڪيل ھجڻ سان گڏ تقرير ڪرڻ جو بادشاھ ۽ ھڪ اھڙو دانشور ھو جيڪو ڪھڙي به طاقتور
شخص يا ڌر کي سچ چئي ڏيڻ ۾ ذرو به نه ڪيٻائيندو ھو. ھو جنھن سياسي جماعت ۾ شامل
ھوندو ھو، ان جي اڳواڻن جي غلطين تي به تنقيد ڪندو ھو، جنھن ڪري ڪيترا ڀيرا کيس نه
رڳو وزارتن تان ھٽايو ويو پر سندس پارٽي ميمبرشپ کي به عارضي طور ختم ڪيو ويو. سچ
چوڻ واري ھن قلندر شخص انھن ڳالھين جي ڪڏھن به پرواھ نه ڪئي.
رام ڄيٺملاڻي جي وڪالت
جي في ھند جي سڀني وڪيلن کان وڌيڪ ڳري ھئي، پر جڏھن به سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي تي ڏکيو
وقت آيو ته ھو پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري ڪيس وڙھيو. ھونئن ته گھڻائي سنڌي ارب پتي
بلڪه کرب پتي آھن، پر سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت سان ھنن جو لڳاءُ نه ھجڻ جي برابر آھي.
مون فقط ٻه اھڙا شاھوڪار شخص ڏٺا جن کي سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت سان عشق ھو، جن ڪڇ ۾ انڊين
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ٺاھڻ کان وٺي سنڌي رسالن جي مالي مدد، ڪلچرل سرگرمين لاءِ
خرچ جا پئسا ڏنا. اھي ھئا مورج منگھناڻي ۽ رام ڄيٺملاڻي، جيڪي ٻئي ھن ئي سال پرلوڪ
پڌاري ويا. دنيا جا خاص طور ھند جا سنڌي يتيم ۽ لاوارث بڻجي ويا.
رام ڄيـملاڻي سنڌ ڄائو
ھو. سندس تڙ ڏاڏو ڄيٺمل، جنھن تان سندن آڪھ ڄيٺملاڻي سڏجڻ لڳي، سنڌ جي ھڪ اھم شخصيت ھو. ھن کي مير حاڪمن طرفان
شڪارپور جو گورنر مقرر ڪيو ويو ھو. رام ڄيٺملاڻي جو جنم ۱۴ سيپٽيمبر ۱۹۲۳ ۾ ان ئي خوبصورت شھر ۾ ٿيو ھو جنھن کي سنڌ
جو پئرس سڏيو ويندو ھو، جنھن شھر مان دنيا جي بئنڪنگ سسٽم ھنڊي جو بنياد پيو ھو،
جنھن شھر ۾ سامي، شيخ اياز، شھيد الھ بخش سومري جھڙين شخصيتن جنم ورتو ھو. شيخ اياز
۽ رام ڄيٺملاڻي ساڳئي سال ۾ جنم وٺندڙ ھم ڪلاسي پڻ ھئا. رام ڄيٺملاڻي شڪارپور جي
نيو ايرا اسڪول ۽ سنڌ ماڊل اسڪول کان پوءِ سي اينڊ ايس ڪاليج (چيلاسنگھ ۽ سيتلداس ڪاليج)
مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي ۾ آيو ۽ ڊي . جي سنڌ ڪاليج مان بي اي ڪرڻ کان پوءِ
شاھاڻي لا ڪاليج مان ايل ايل بي ڪيائين. رام ڄيٺملاڻي پڙھائي ۾ ايترو ھوشيار ھو جو
کيس ٽي دفعا ڊبل پروموشن ڏئي مٿين ڪلاسن ۾ داخل ڪيو ويو ھو. ان ڪري ھن جڏھن بامبي
يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو ڏکيو امتحان پاس ڪيو ته سندس عمر ۱۳ سال ھئي. ھن جڏھن ايل ايل بي ڪئي ته سندس
عمر ۱۷ سال ھئي. قاعدي موجب ان وقت بار جي ميمبر بڻجڻ لاءِ ۲۱ سال عمر گھربل ھئي. رام ڄيٺملاڻي زندگي جو
پھريون ڪيس پنھنجي لاءِ وڙھيـو. ھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي انگريز چيف جسٽس کي ان پابندي
ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. سندس ذھانت کي نظر ۾ رکندي ڪورٽ قاعدي ۾ تبديلي آندي ۽ رام
کي بار جو ميمبر بڻايو ويو. رام ڄيٺملاڻي وڪالت سان گڏ لا ڪاليج ۾ پڙھائڻ شروع ڪيو.
ھن بامبي يونيورسٽي مان ايل ايل ايم پڻ ڪئي. ھن اي ڪي بروھي سان گڏجي ڪراچي ۾ ھڪ
لا فرم جو بنياد وڌو. اي ڪي بروھي کانئس ۷ سال سينيئر ھو.
رام ڄيٺملاڻي ۱۸ سالن جي عمر ۾ مائٽن جي مرضي رکندي درگا
سان شادي ڪئي. ۱۹۴۸ ۾ ھن ڪراچي جي خاتون وڪيل رتنا
شھاڻي سان پيار جي شادي ڪئي. جيتوڻيڪ ھندو رواج موجب ٻي شادي جي اجازت ڪانه ھئي،
پر پاڪستان جي قانون موجب اجازت ھجڻ سبب رام جي لاءِ ڪو مسئلو نه ٿيو. درگا مان
کيس ٻه ڌيئر راڻي، شوڀا ۽ ھڪ پٽ مھيش ڄاوا. رتنا مان ھڪ پٽ جنڪ ڄائو. مھيش ۽ راڻِي،
پيءُ جي پيروي ڪندي وڪيل بڻيا ۽ ھن وقت سپريم ڪورٽ جي سطح جا سٺا وڪيل آھن.
ورھاڱو ٿيو ته رام ڄيٺملاڻي
سنڌ مان لڏڻ کان انڪار ڪيو. ۱۹۴۸ ۾ مھاجرن ڪراچي ۾ ھندن جي خلاف فساد شروع ڪيا. اي ڪي
بروھي رام ڄيٺملاڻي کي مشورو ڏنو ته حالتون خراب آھن، ان ڪري في الحال انڊيا ھليو
وڃ. رام ڏکويل دل سان سنڌ کان موڪلاڻي ڪري انڊيا ۾ پناھگيرن لاءِ ٺاھيل ڪلياڻ ڪئمپ
۾ اچي رھيو. ھن اتي پھريون ڪيس مھاراشٽرا جي ان وقت جي وزير اعليٰ مرار جي ڊيسائي
خلاف وڙھيو، جنھن بامبي رفيوجي ائڪٽ نافذ ڪيو ھو. ان ائڪٽ تحت سنڌ مان لڏي آيل
پناھگيرن سان ڏوھارين جھڙو غير انساني سلوڪ روا رکيو ويو ھو. ھنن کي ڪنھن به وقت ھڪ
ھنڌ کان ٻئي ھنڌ موڪلڻ يا مرڳو مھاراشٽرا مان نيڪالي ڏيڻ جا اختيار حاصل ٿيل ھئا.
رام ڄيٺملاڻي بامبي ھاءِ ڪورٽ ۾ ان ائڪٽ خلاف ڪيس وڙھيو ۽ سنڌين جي حق ۾ فيصلو ٿيو.
رام وڪالت سان گڏ گورنمنٽ لا ڪاليج ۾ پڙھائڻ لڳو. ھن ڪجھ وقت لاءِ آمريڪا ۾ ڊيٽرائٽ
مشي گن جي اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل لا پڻ پڙھايو. ھو بار ڪائونسل آف انڊيا جو
چار ڀيرا چيئرمين چونڊيو ويو. ھن انڊيا جا ڪيترائي مشھور ڪيس وڙھيا. ھن جو پھريون
وڏو ڪيس ڪمانڊر ناناوتي جي خلاف قتل جو ھو. ڪاواس ماڻڪ شا ناناوتي نيوي ۾ ڪمانڊر
ھو. ھن جي خوبصورت زال سلويا جا ھڪ سنڌي نوجوان واپاري پريم آھوجا سان لاڳاپا ھئا.
ڪمانڊر ناناوتي پريم جو خون ڪيو. رام ڄيٺملاڻي اسٽيٽ طرفان وڪيل ھو. ھن ناناوتي کي
ڦاسي جي سزا ڏياري جيڪا پوءِ مھاراشٽرا جي گورنر وجيه لڪشمي پنڊت معاف ڪئي. رام ڄيٺملاڻي
ڪيترن سمگلرن جھڙوڪ حاجي مستان وغيرہ جا ڪيس وڙھي کين آزاد ڪرايو، جنھن ڪري مٿس
سمگلرن جي وڪيل ھجڻ جو نالو پئجي ويو. پر رام جو چوڻ ھو ته ھڪ وڪيل جي حيثيت سان
ھو ڪنھن جو به ڪيس وڙھي سگھيو ٿي. انڊيا جي وزير اعظم اندرا گانڌي کي سندس ٻن سک
سيڪيورٽي گارڊن گوليون ھڻي قتل ڪيو ھو. رام ڄيٺملاڻي انھن مان ھڪ سک بلبير سنگھ جو
وڪيل ھو. ھو راجيو گانڌي جي قاتلن جو پڻ وڪيل ھو.
رام ڄيٺملاڻي سياست
۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن اندرا گانڌي جي نافذ ڪيل ايمرجنسي تي سخت تنقيد ڪئي،
جنھن ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيا ويا. ھو ڪئناڊا ھليو ويو جتان ايمرجنسي ختم ٿيڻ کان
پوءِ موٽي آيو. ھو ٻه ڀيرا اليڪشن ۾ سوڀارو
بڻجي لوڪ سڀا جو ميمبر بڻيو. اھڙي ريت راجيه سڀا جو به ٻه ڀيرا ميمبر ٿيو. ھن وزير
قانون جو عھدو پڻ ماڻيو. پر پنھنجي پارٽي بي جي پي جي اڳواڻن تي تنقيد ڪرڻ کان ڪڏھن
نه مڙيو.
انڊيا ۾ سنڌي لپي
بابت تڪرار ھلندو رھيو آھي. عربي، سنڌي ۽ ديوناگري لپي جي ان تڪرار ۾ رام ڄيٺملاڻي
عربي – سنڌي لپي جو حامي ھو. جڏھن سرڪار تعليمي ادارن ۾ عربي – سنڌي لپي بدران
ديوناگري لپي رائج ڪئي ته رام ڄيٺملاڻي ان فيصلي کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ۽ عربي – سنڌي
لپي کي به تسليم ڪرايو. وري ٻئي ڀيري ڪجھ ھندو انتھا پسندن سپريم ڪورٽ آف انڊيا ۾ ڪيس
داخل ڪيو ته ٽئگور جي لکيل قومي تراني مان سنڌ لفظ ڪڍيو وڃي. رام ڄيٺملاڻي اھو ڪيس
به وڙھيو ۽ دليل ڏنا ته ھندستان ۾ سنڌو تھذيب جو سج سنڌ ۾ اڀريو ھو ۽ سنڌ، سنڌين
جو اباڻو وطن آھي، ان جو نالو قائم رھڻ کپي. سپريم ڪورٽ انھن دليلن جي بنياد تي ڪيس
خارج ڪري ڇڏيو.
رام ڄيٺملاڻي جيڪو
سڄي دنيا جي سنڌين جو ڀرجھلو ھو، تنھن جو لاڏاڻو ھڪ اھڙو نقصان آھي جنھن جو ازالو
ممڪن ئي ڪونھي.
رام
ڄيٺملاڻي
محمد سليمان وساڻ
رام ڄيٺملاڻي ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع تي شڪارپور (سنڌ) ۾ جنم ورتو. هن ۱۳ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۷ سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري
ورتي. جيئن ته ان وقت وڪيل ٿيڻ لاءِ عمر جي حد ۲۱ سال هئي، پر هن جي ڪري هڪ خاص ٺهراءُ پاس ڪيو
ويو، جنهن تحت هي ننڍيءَ عمر ۾ ئي سنڌ جو سڀ کان ننڍو وڪيل بڻجي ويو.
رام ڄيٺملاڻيءَ
پنهنجي عملي زندگيءَ جـو آغـاز هڪ اسـتـاد جي حيـثيـت ۾ ڪيـو. اُن بعد هن پنهنجي
دوست ۽ اڳوڻي وزير قانون اي. ڪي. بروهيءَ سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ هڪ قانوني فرم جو
بنياد وڌو. پاڪستان جي قيام بعد فبروري ۱۹۴۸ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا، جنهنڪري رام ڄيٺملاڻي،
اي. ڪي بروهيءَ جي مشوري سان ڀارت لڏي ويو ۽ وڃي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ۱۹۵۳ع ڌاري هو گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ جو
پروفيسر ٿيو، جتي گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي پڙهائيندو هو. هو ۴ دفعا ڀارت جي بار ڪائونسل جو چيئرمئن ٿيو.
رام ڄيٺملاڻي ۱۹۷۱ع ڌاري باقاعدي سياست ۾ قدم رکيو. ۱۹۷۱ع ۾ ڀارتيه جنتا پارٽيءَ جي سهڪار سان الهاس
نگر مان آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ بيٺو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.
هي ڇهين ۽ ستين لوڪ سڀا ۾ پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. ۱۹۷۵ع کان ۱۹۷۷ع تائين ملڪ ۾ لاڳو ايمرجنسيءَ جي دور ۾
هندستان جي بار ائسوسيئيشن جو صدر رهيو.
هن ڀارت جي اڳوڻي
وزيراعظم انڌرا گانڌيءَ سان سخت اختلاف رکيا ۽ کيس تنقيد جو نشانو بنايو، ان ڪري ڪجهه
وقت جيل ۾ رهيو. جيل مان نڪرڻ بعد هو ڪئناڊا هليو ويو ۽ اٽڪل ڏهن مهينن کان پوءِ
ملڪ موٽي آيو.
۱۹۸۰ع جي عام چونڊن ۾ بمبئي اتر اولهه واري تڪ تان چونڊن ۾ سوڀارو ٿيو ۽ ۱۹۸۸ع ۾ راجيه سڀا جو ميمبر بڻيو، ۱۹۹۶ع ۾ وزيراعظم اٽل بهاري واجپائيءَ جي دؤر ۾
قانون جو وزير رهيو ۽ بعد ۾ اربن ڊيولپمينٽ کاتي جو قلمدان سنڀاليائين. ۱۹۹۶ع ۾ عالمي بار ايسوسيئيشن جو ميمبر پڻ رهيو.
آڪٽوبر ۱۹۹۸ع ۾ ٻيهر وزير ٿيو. ۲۰۰۴ع جي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طؤر لکنؤ مان اٽل بهاري
واجپائيءَ جي مقابلي ۾ بيٺو، پر ٻين پارٽين جي عدم سهڪار سبب ڪامياب ٿي نه سگهيو. ۲۰۱۰ع ۾ ڀارتيا جنتا پارٽيءَ (BJP) جي ٽڪيٽ تي
راجسٿان رياست مان راجيه سڀا جي ميمبر طور ڪامياب ٿيو. ۷ مئي ۲۰۱۰ع تي کيس انڊيا جي سپريم ڪورٽ بار
ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو.
رام ڄيٺملاڻيءَ کي
سـندس سماجي ۽ ملڪي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترا اوارڊ ۽ سندون مليل آهن، جن ۾:
· (۱) ’انٽرنيشنل جيوريسٽ‘ اوارڊ‘
· (۲) ’ورلڊ پيس ٿرو لا‘
· (۳) هيومن رائيٽس اوارڊ (جيڪو کيس فلپائين ۾
آمريت جي خلاف آواز اٿارڻ تي مليو).
سندس ڪجھ مشھور ڪتاب
آهن:
· (۱) Conscience
of Maverick (2007)
· (۲) Big Egos,
Small Men
· رام ڄيـٺمـلاڻيءَ
جي سوانح حيات جي باري ۾ ’نالين گيرا‘ جو ڪتاب: ’Biography: Ram Jethmalani‘ پڻ ڇپيل
آهي.
شري رام ڄيٺ ملاڻي،
پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ھيو تہ ”جڏهن سنڌ صرف سنڌين جي هئي تہ جڏهن ڪنهن مسلمان سنڌي
جو مرڻو يا پرڻو ٿيندو هو تہ انهن جو سب خرچ سنڌي هِندو ڪندا هئا ۽ جڏهن ڪنهن هندو
سنڌي جو مرڻو يا پرڻو هوندو هو تہ انهي جو خرچ مسلمان سنڌي ڪندا هئا...“
رام ڄيٺملاڻي ۸ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي دھليءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
رام ڄيٺملاڻي
ذوالفقار هاليپوٽو
شڪارپور ڄائو انڊيا
۾ چوٽيءَ جي وڪيل، سياستدان ۽ لوڪ ۽ راجيه سڀا (قومي اسيمبلي/ سينيٽ) جي اڳوڻو
ميمبر رام ڄيٺملاڻي ۹۵ سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو.
هو دلير ۽ وکري
طبعيت جو وڪيل هو.
اندرا گانڌيءَ جي
سک محافظن، جن کيس قتل ڪيو هو، رام ڄيٺملاڻيءَ انهن جو به ڪيس کنيو هو.
سڀ کان خطرناڪ ڪيس
پاڪستاني شهري محمد افضل جو هو، جنهن کي انڊيا جي پارليامينٽ تي دهشتگردي حملو ڪرڻ
جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ملڻ جي باوجود دادا ڪيس وڙهي کيس بچايو.
ھو انڍيا جي ڪشمير ڪاميٽيءَ
جو چيئرمن رھيو۔
دادا رام ڄيٺملاڻي ٻه
ڀيرا انڊيا جو وزير قانون به رهي چڪو آهي. عام چونڊ به وڙهيو ھو-
هڪ دفعو اندرا گانڌي
جي ويجهي ساٿي ۽ حڪومت ۾ ان وقت جي وزير گوکالي کي ڏيڍ لک ووٽن جي ليڊ سان شڪست ڏني.
. ۲۰۰۴ع ۾ هن انڊيا جي شاعر وزيراعظم اٽل بهاري
واجپائي سان لکنؤ واري سيٽ تي آزاد اميدوار جي حيثيت سان مقابلو ڪيو، پر اليڪشن
هارائي ويو.
۲۰۰۸ ۾ BJP
ٽڪيٽ تان راجسٿان مان راجيا سڀا جي سيٽ لاءِ اليڪشن کٽي
آيو.
سائين غلام مصطفيٰ
شاهه، ابراهيم جويي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ اياز ۽ ڪيترن سندس ڏاهپ جا قصا بيان ڪيا
آهن.
سندس وڪالت جي شروعات
سکر کان ٿي۔ اي ڪي بروھيءَ جو پڳ مٽ يارهو.
پياري شوڪت شوري ۽
سائين الطاف شيخ سندس شخصيت بابت مختصر پر سٺا پروفائيل لکيا آهن.
سانا ۲۰۱۰ هيوسٽن ڪنويشن ۾ خاص مهمان هو.
زبردست گفتگو ڪيائين.
زبردست ڪچهري ٿي. ڊاڪٽر قادر مگسي به پهريون دفعو سانا جو مهمان ٿيو هو.
آئون ۽ جامي به
مقرر هياسين. دادا وڪيل ۽ دليلن جو بادشاه هو، سو ڊاڪٽر جي تقرير ٻڌي چيائين؛ ”همراه انتهائي ذهين
آهي.“
He knows how to make arguments”
(ذوالفقار
هاليپوٽو، ۸ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع حيدرآباد سنڌ)
ڄيٺملاڻي به پرلوڪ
هليو....
شمس الدين زنئور
رام بولچند ڄيٺملاڻي
۲۳ سيپٽيمبر ۱۹۲۳ ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ اڄ صبح جو دهلي، انڊيا ۾ ۹۵ ورهين جي ڀرپور زندگي ماڻي ديهانت ڪري ويو.
ڄيٺملاڻي جا گهر ڀاتي ۽ چاهيندڙ کيس پيار ۽ پاٻوه مان دادا چوندا هيا. وڏين اکين ۽
ڀروئن واري امڙ جي ڄيٺي جي سنڌي لهجي ۾ ادبي انگريزي ڳالهائڻ ۽ آرگيومينٽس ڪرڻ جو ڪو
مٽ ثاني ڪون هيو. سندس يادداشت کي ذولفقار ڀٽو شهيد جي يادداشت سان ڀيٽيو ويندو
هيو.
دادا ڪڏهن به سنڌ ڇڏڻ
نه چاهي پر ورهاڱي کان پوء اسانجن هندوستان مان ايندڙ ارب پتي ڪنگلن کي جڏهن ڪراچيء
۾ هندوئن جون زمينيون کتيون ٿي تڏهن انهن تڏهوڪي وزيراعظم ۽ ڪامورن جي آشيرواد سان
مصنوعي هندو مسلم فساد ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ هيرن ۾ تورڻ جهڙا هندو جاتي وارا شخص
به مارئي جو ملير ڇڏي ويا. هن انهي ئي ڏينهن ڪراچي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ڏينهن
کيس سندس پياري دوست ۽ مشهور قانودان اي ڪي بروهي چيو ته هو سندس وڌيڪ حفاظت نه ٿو
ڪري سگهي.
ڄيٺملاڻي غضب جو وڪيل
۽ قانوندان هيو. سندس اڳيان چڱا ڀلا جج ڪنبندا هيا. هن سترهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾
ايل ايل بي ڪئي ۽ سنڌ جي مشهور قانوندان اي ڪي بروهي جي شراڪت سان ڪراچي ۾ پنهنجي
لا فرم کولي پر اسانجن وات ڳاڙهن مومن مسلمانن کيس نه سٺو ۽ رت جا نير وهائيندو سنڌ
ڇڏي ويو... ڇڏي ملڪ تنهنجو مٺا اڄ وڃئون پيا (ماسٽر چندر)
ڄيٺملاڻي انڊيا ۾
سنڌي لپي کي آئين ۾ شامل ڪرڻ، سنڌي کي قومي ٻلي ٺاهڻ ۽ تراني مان سنڌ لفظ نه ڪڍڻ
جهڙا ڪارناما به انجام ڏنا.
انڊيا جي سياست ۽
سماجيت جو وڏو نالو هيو. هو نريندر مودي جي ڪشمير واري آرٽيڪل ٽي سئو ستر جي خاتمي
جو به سخت مخالف هيو ۽ هن انجي نندا ڪندي چيو هيو ته اهڙو حق مودي کي دنيا جو ڪو
به قانون ڪون ٿو ڏئي.
ڄيٺملاڻي جي موت نه
صرف انڊيا جو وڏو نقصان آهي پر هندستان ۾ سنڌين جي هڪ مضبوط آواز جي به پڄاڻي آهي.
(شمس الدين
زنئور جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)
سنڌ جو ڄائو ڀارت جو چوٽي
جو وڪيل رام ڄيٺملاڻي ديھانت ڪري ويو
نئين دهلي(نيوز ڊيسڪ)
سنڌ ڄائو ڀارت جو چوٽي جو وڪيل رام جيٺ ملاڻي ديهانت ڪري ويو. هن نئين دهلي ۾
پنهنجي رهائشگاهه تي ۹۵ ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو. رام جيٺملاڻي ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع تي سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ ڄائو هو. هن ڪراچي
جي ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن پريڪٽس به ڪراچي ۾ ئي
شروع ڪئي. شڪارپور ڄائي پنهنجي دوست اَي ڪي بروهي سان گڏ هڪ آفيس کولي هئي. رام جيٺ
ملاڻي ورهاڱي وقت سنڌ ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي کي ڇڏڻ نه چاهيو هو پر حالتون
خراب ٿيڻ بعد پنهنجي دوست اَي ڪي بروهي تحفظ خاطر کيس هندستان لڏي وڃڻ جي صلاح ڏني
۽ کيس راضي ڪيو، جنهن بعد هو هندستان لڏي ويو. رام جيٺملاڻي کي ويجها مائٽ ۽ دوست
”دادا“ ڪوٺيندا هئا. ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جَي پي) سان واسطو رکندڙ رام جيٺملاڻي
اٽل بهاري واجپائي جي حڪومتي دور ۾ قانون ۽ ٻهراڙي جي ترقي وارو وزير به رهي چڪو
هو. تازو ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ تي رام جيٺ ملاڻي واضح موقف اختيار ڪيو هو ته
رياستي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ ڪشمير جي حيثيت تبديل نه ٿي ڪري سگهجي. رام جيٺ
ملاڻي درگا ۽ رتنا نالي عورتن سان شاديون ڪيون هيون. هو رواني سان سنڌي ڳالهائيندو
هو ۽ هو سدائين ڪراچي ۽ شڪارپور سميت پنهنجي جنم ڀومي سنڌ کي بهترين لفظن ۾ ياد ڪندو
رهيو.
رام ڄيٺملاڻي
ھڪ جينئيس ۽ ٺرڪي پوڙھو
حسن مجتبيٰ
اهو بينظير ڀٽو جو
پاڪستان ۾ ٻيون دؤر هو جڏهن مان هڪڙي سرد شام شيخ اياز سان گڏ “برسات” اخبار واري
گهٽيءَ ۾ سندس واڪ دوران ساڻس ڪچهريءَ جي لالچ ۾ سندس همقدم هوس. هو ننڍي کنڊ جي
حالتن تي بنا ساهيءَ جي ڳالهائي رهيو هو، جيئن مارڪ ٽلي سندي ڪتاب جو نانءُ “نو فل
اسٽاپ ان انڊِيا” رکيو هو، تڏهن اهو شيخ اياز هلندي هلندي رڪجي ويو.
پوءِ هن چيو؛ “جيڪڏهن
بينظير ڀٽو کيس هندوستان جو سفير بڻائي دهلي موڪلي ته ڪشمير جو مسئلو حل ڪرائي
سگهي ٿو.” مون کانئس پڇيو ته؛ “اهو وري ڪيئن؟” ته هن چيو هو؛ “ڇاڪاڻ ته سندس ننڍڙي
لاڪون وارو شڪارپوري رام ڄيٺملاڻي هندوستان جو نائب صدر ٿيڻ وارو آهي.” تڏهن رام ڄيٺملاڻي
هندوستان جو قانون وارو وزير هو. تڏهن به هندوستاني سرڪار طرفان ڪشمير ۾ ڪشميرين
سان ڏاڍايون عروج تي هيون. دراصل ڪشمير ۽ ڪراجي تڏهن ٻري رهيا هئا. خبر ناهي ته ڪو
ايئن ٿي به پئي سگهيو يا اهو هڪ ساعت جو خواب هو پر شيخ اياز جيان سندس اهو شڪارپوري
دوست به هڪ وڏو جينيئس انسان هو، قانون جو عقاب. مان کيس هڪ منفي جينيئس چوندس،
اهو ان ڪري جو عورتن ڏانهن رويي ۾ سندس نالو “مِي ٽُو” ۾ اچڻ جهڙو هو پر هي ٺرڪي
سنڌي پوڙهو ان ڪري بچي پئي ويو جو هو هڪ خطرناڪ وڏو وڪيل هو.
رام ڄيٺملاڻي شڪارپور
ڄائو هو ۽ هن به ڪن نام ڳڻين شڪارپورين جيان دنيا ۾ نالو ڪمايو هو. هو اڄ ناهي، رهي
نام سائين جو. شڪارپور جي ڪاليج وارن ڏينهن ۾ هو ۽ شيخ اياز ڊبيٽنگ ۾ حصو وٺندا ها
جنهن جو موضوع هوندو هو، “جيڪڏهن مان هندوستان جو هڪ ڏينهن لاءِ وزيراعظم هجان
ها.” اها هڪ حيرت جوڳي ڳالهه آهي جو انهن ڏينهن ۾ هندوستان مٿان وزيراعظم نه پر
وائسراءِ جو راڄ هوندو هو.
سنڌ ٻه وڏا جينيئس
قانوندان پيدا ڪيا ها جن سنڌ جو ملڪان ملڪ نالو وڌايو، هڪڙو هو اي ڪي بروهي ٻِيو
هو رام ڄيٺملاڻِي. رام ڄيٺملاڻي ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي وڪالت پاس ڪئي هئي جڏهن
ته وڪالت ڪرڻ لاءِ ايڪويهه سال جو هجڻ شرط هئي پر رام ڄيٺملاڻِي ان لاءِ خاص
اجازت حاصل ڪئي هئي.
منهنجي خوشقسمتي
هئي جو مان رام ڄيٺملاڻِي سان هتي آمريڪا ۾ مليو هوس ۽ ساڻس ڪچهريون پڻ ڪيون
هيون. موقعو هو سنڌي ڪانفرنس جو جنهن ۾ واشنگٽن ۾ هو ٻه ڀيرا مهمان مقرر خاص هو.
هو منهنجن پيارن دوستن صوفي ۽ زاهد مخدوم جو ذاتي ويجهو دوست هو. منهنجي شاعري هن
کي وڻِي هئي. هڪ ڀيري ڪانفرنس ۾ سندس تقرير کانپوءِ مون کانئس پڇيو هو ته، هو
قانون جو هندوستان ۾ وزير هو ۽ سندس وزارت وارن ڏينهن ۾ پڻ هم جنس پرستي يا سوڊومي
خلاف جيڪو انگريزن جو بيٺڪي قانون ٽي سو ستهتر آهي، سو هو ختم نه ڪري سگهيا (هاڻ
انڊِيا جي سپريم ڪورٽ انڊين پينل ڪوڊ مان اهو دقيانوسي قانون رد ڪري ڇڏيو آهي)
ته رام ڄيٺملاڻِي جو جواب هو، “اصل مسئلو پاڪستان ۽ انڊيا جو هم جنس پرستي ناهي،
منافقت آهي، هِپوڪريسي آهي.”
رام ڄيٺملاڻِي ڀارتيه
جنتا پارٽِي جي حڪومتن ۾ هوندي به انتها پسند نه پر هڪ سيڪيولر سياستدان هو. سنڌي
صوفي مت جو زبردست مداح. هن اڻويهه سو ڇاهتر ۾ اندرا گانڌي طرفان لڳايل ايمرجنسي
جي زبردست مخالفت ڪئي هئي ۽ هن امريڪا ۾ ان خلاف سياسي پناهه ورتي هئي. سياسي پناهه
دوران هو امريڪا ۾ قانون پاڙهيندو رهيو هو. رام ڄيٺملاڻي پڻ ايل ڪي آڏواڻي ۽
جسونت سنگهه جيان جناح صاحب کي سيڪيولر سمجهندو هو، تنهنڪري ڀارت ۾ اهي ٽيئي بي جي
پي ۽ اهڙين ٻين هندو انتهاپسند تنظيمن هٿان سخت مخالفت جو شڪار بڻيا ها. رام ڄيٺملاڻي
چوندو هو ته جناح جي پاڪستان بڻائڻ ۾ هٿ سندس انهيءَ سينيئر ڪنجوس هندو وڪيل جو
هو، جنهن ڪراچي ۾ سندس فرم ۾ ڪم ڪرڻ مهل کيس سندس ٻڌايل پگهار نه ڏني هئي. هو ٻڌائيندو
هو ته جناح وٽ سماجي طور ڪو ڀيد ڀاءُ ڪونه هو. هن ان مهل بمبئي مان سندس سينيئر
جي ننڍڙي ڌيءَ لاءِ دوا موڪلي هئي، جنهن کي ڳل تي ڪو ڳوڙهو نڪتو هو.
بي جي پي ۽ هاڻوڪي
مودي سرڪار جو هو سخت مخالف هو. هو مودي خلاف سخت تحرڪ ۾ هو، ان ڪري مودي ۽ سندس ڪٽر
انتهاپسند هن جي خلاف هئا. نه فقط رام ڄيٺملاڻي پر بي جي پي مان ڪيترا اڳواڻ سخت
بيزار ۽ ڪارنر ڪيا ويا آهن. رام ڄيٺملاڻي هند ۾ سنڌيت جو پرچارڪ ۽ مددگار رهيو هو.
هو جنگ مخالف هو. هند مان سنڌ تي نڪرندڙ ڪيترن ڪتابن جي مهاڳن جو ليکڪ هو. هو هند
۾ سخت گير هندو بي جي پي ۽ ٻين اهڙِين تنظيمن پاران پاڪستان دوست سمجهيو ويندو
هو. هو نه پر بيشمار سنڌي هندوستان ۾ مشڪوڪ سمجهيا وڃن ٿا.
هو ڪاري ناڻي کي اڇو
بڻائڻ وارن کان وٺِي ڪانگريسين تائين، سڀ جو وڪيل رهيو هو. بمبئي جون وڏيون وڏيون
مافيائون “پيتي” جي حساب سان صاف نڪتيون وينديون هيون. هاڻ رام ڄيٺملاڻي جي جاءِ
تي ڪافي وقت کان هن جو پٽ وڪالت ڪري رهيو آهي. اهي هندوستان جا پونجيواد سنڌي آهن،
جن خاڪ مان سون نه پر ڪاري ناڻي کي ڄيٺملاڻي جي ذهانت ۽ وڪالت سان اڇو ڪيو آهي. هو
بلا جو پياڪ هو.
رام ڄيٺملاڻي
هڪ سچي
سنڌيءَ جو لاڏاڻو
ياسر قاضي
سنڌ جو هڪ ٻيو سچو
عاشق سنڌ واسين توڙي سنڌ کان موڪلائي ويو... شڪارپُور جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ،
دادا رام ڄيٺملاڻي، ۹۶ ورهن جي عُمر ۾ پنهنجي رام سان وڃي مليو... هن ته پنهنجي ڀرپُور زندگي
گذاري، ۴ ورهن گهٽ پُوري صدي پاڻ ملهايو ۽ پنهنجو وارو وڄايو، پر قحط الرجال جي هن
دؤر ۾، خاص ڪري جڏهن سنڌ جا سچّا نظرياتي عاشقَ، تقريباً سڀ جا سڀ موڪلائي وڃي چُڪا
آهن، اهڙي ڏُکئي دؤر ۾ هي انهن ٿورن ڪڻن مان هو، جيڪي ”وڏي وٿ هُئام، ٻاروچا ڀنڀورَ
۾...“ مصداق ڀاسن ٿا. هڪ اهڙو سِڪَ وندو سنگهار، جنهن کي پنهنجي جنم ڀومي شڪارپُور
توڙي سنڌ طبعي طور تي ڇڏي ۷۱ ورهن کان مٿي جو عرصو گذريو، پر ان جي دل ڄڻ اڄ به سنڌ
۾ ۽ سنڌ ساڻ ڌڙڪندي هئي. جيڪو به سنڌي دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ ملندو هئس، ان کان شڪارپور
۽ سکر بابت ضرُور پڇندو هو... مان نه ٿو سمجهان ته سنڌي نؤجوانن جي گهڻي انگ کي ان
ڳالهه جو اندازو هُوندو ته سنڌ جي سڪَ ۽ عشق ڪيئن هن سچَي سنڌيءَ جي سرير ۾ وسيل
رهيو. دادا رام جي زندگيءَ منجهان ان جا ڪيترا ئي مثال ڏئي سگهجن ٿا، پر ان جو هڪ
اهم مثال اهو آهي ته اسان سڀ اهو ته ڄاڻُون ٿا ته سنڌي زبان نه رڳو ڀارت جي قومي ٻولين
۾ شامل آهي، بلڪه رابندر ناٿ ٽيگور جي لکيل ڀارت جي تراني ۾ جتي ننڍي کنڊ جي ٻين
علائقن جو ذڪر آهي، اتي ”سنڌ“ جو به ذڪر آهي ۽ ان ۾ باقاعدي لفظ ”سنڌ“ استعمال ٿيل
آهي، پر شايد اهو نه ڄاڻندا هُجون ته ڪجهه سال اڳ ڀارت جي ڪن حاسد انتها پسندن ”سنڌ“
جو نالو ڀارت جي تراني مان خارج ڪرائڻ جو پُر زور مطالبو ڪيو هو. ان مطالبي کي
دادا رام ڄيٺملاڻيءَ قانُوني رستي سان ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجا مضبُوط دليل ڏئي
ختم ڪرايو ۽ اهڙي پٽيشن ئي خارج ڪرائي ڇڏي.
دادا رام، ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع تي ”سنڌ جي پيرس“ شڪارپُور ۾ بُولچند
گُرمُکداس ڄيٺملاڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندس امڙ جو نالو ”پاروَتي بُولچند“ هو. تمام
ننڍيءَ عمر کان ئي پڙهڻ جي چاهه جي ڪري کيس سندس ماتا پِتا ۳ سالن جي عمر ۾ ئي ”ڪچَي پهرين درجي“ ۾
ويهاريو ۽ هُو پنهنجي اهليت سان سُتت ئي ”پڪَي پهرين“ جو امتحان به پاس ڪري مٿئين ڪلاس
۾ پهتو. هُو پڙهڻ لکڻ ۾ ايڏو ڀڙُ هو جو، ۸ ورهن جي عُمر ۾ پرائمريءَ جا پنج درجا ڪاميابيءَ سان
پاس ڪيائين ۽ رڳو ۱۳ سالن جي عمر ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ورتائين. ايترو ئي نه، بلڪه ۱۷ سالن جي ننڍي وهيءَ ۾ ڪراچيءَ جي ”ايس. سي.
شاهاڻي لا ڪاليج“ مان نمايان ڪاميابيءَ سان قانُون جو امتحان پاس ڪري عملي زندگيءَ
۾ قدم رکيائين، جيڪو ڪاليج تڏهن بمبئي يونيورسٽيءَ سان مُلحق هو ۽ سمورا امتحان
بمبئي يونيورسٽي وٺندي هئي ۽ ڊگري به اها ئي ايوارڊ ڪندي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت سنڌ
۾ ڪا به يونيورسٽي ڪانه هئي. تن ڏينهن ۾ عملي طور وڪالت جي مشق ڪرڻ جي گهٽ ۾ گهٽ
عمر ۲۱ ورهه مقرر هُئي ۽ اهو بظاهر ممڪن ڪونه هو ته دادا رام ۱۷ سالن جي عمر ۾ وڪالت ڪري سگهي، پر سندس ئي
درخواست تي هڪ خاص ٺهراءُ پاس ڪري، کيس انفرادي مثال جي حيثيت ۾ اها اجازت ڏني وئي
ته هُو ۱۸ سالن جي عمر ۾ قانُون جي مشق ڪري سگهي ٿو. ان طرح دادا رام ڄيٺملاڻي ”سڀني
کان ننڍيءَ عمر وارو پهريون سنڌي وڪيل“ بڻيو ۽ شايد هُو ”ننڍي کنڊ جو ڪم عمر ترين
وڪيل“ به هجي، جنهن ايڏيءَ ننڍيءَ عمر ۾ وڪالت شروع ڪئي. هن ٻن سالن اندر قانُون ۾
ماسٽرس (ايل ايل ايم) جو امتحان پڻ نمايان پوزيشن سان پاس ڪيو. دادا رامَ، عملي
طور وڪالت جي شروعات ڪرڻ سان گڏوگڏ، قانُون جي استاد جي حيثيت سان قانُون جي
شاگردن کي پڙهائڻ به شروع ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هن پنهنجي پڳ مَٽ يار، سنڌ جي
نامياري وڪيل ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي پياري شاگرد، اي. ڪي. بروهيءَ سان گڏجي ڪراچيءَ
۾ هڪ قانُوني فَرم ٺاهي ۽ باضابطه طور تي وڪالت شرُوع ڪئي. بروهي صاحب، دادا رام
کان هن شعبي ۾ لڳ ڀڳ ۷ سال سينيئر هو، پر ٻنهي جي دوستيءَ جا مثال اڄ به ڏنا ويندا آهن. ورهاڱي
کان پوءِ دادا رام جو هجرت جو هرگز ارادو ڪونه هو، پر فيبروري ۱۹۴۸ع ۾ ڪراچيءَ ۾ زور پڪڙيندڙ وڳوڙن سبب اي. ڪي.
بروهي صاحب پنهنجي هن سنگتيءَ کي ڀارت لڏي وڃڻ جي صلاح ڏني. دادا رام پنهنجن انٽرويُوز
۾ ٻڌائيندو هو ته هُن جنهن وقت پنهنجن ٻارن ٻچن سان هندوستان هجرت ڪئي، ان وقت
سندس کيسي ۾ فقط هڪ پيسي جو سِڪو هو، جنهن ساڻ هن بمبئيءَ جي مهاجر ڪيمپ ۾ ڪيترا ڏينهن
گُذاريا. ڀارت ۾ ٿانيڪو ٿيندي ٿيندي، دادا رام کي ڪي پنج سال کن لڳي ويا. سندس
پهريون مسڪن بمبئي هو. ۱۹۵۳ع ڌاري جڏهن کيس بمبئيءَ جي لا ڪاليج ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ملازمت ملي، تڏهن
سندس ڏُکيا ڏينهن کُٽا ۽ پنهنجي مڇي مانيءَ وارو ٿيو ۽ پوءِ هن پنهنجيءَ محنت، ڏاهپ
۽ اورچائيءَ سان جيڪا منزل ماڻي، ان جي اڄ دنيا مُعترف آهي. هُو نه رڳو ڀارت بلڪه
ننڍي کنڊ جي نامياري وڪيل، قانُوني ۽ آئيني ماهر، قانون جي استاد، سياستدان،
پارليامينٽيرين، ڏاهي ۽ دانشور جي طور تي سنڌ جي سُڃاڻ بڻيو.
رام ڄيٺملاڻيءَ
سياست جي گورک ڌنڌي ۾ ۱۹۷۱ع ۾ پير پاتو. سندس جن سياسي جماعتن سان تعلق رهيو، انهن ۾ ’ڀارتيه جنتا
پارٽي‘ (بِي جي پيءَ)، ’پويترا هندوستان ڪازهاگم‘ ،’جَنتا دَل‘ ۽ ’راشٽريا جنتا
دَل‘ شامل آهن. هُن پهرين پهرين ڀارت ۾ سنڌين جي ڳڙهَه ـ ’اُلهاس نگر‘ مان آزاد
اميدوار جي حيثيت سان چونڊن ۾ بهرو ورتو، جيتوڻيڪ ان چُونڊ ۾ کيس ’بِي. جي. پيءَ‘
جو سهڪار حاصل هو، پر هُو اها پهرين چُونڊَ کٽي ڪونه سگهيو، پر پوءِ ۱۹۷۷ع واري چونڊ ۾ بمبئيءَ جي اتر ـ اولهه واري
تڪ تان کٽي لوڪ سڀا جو رڪن چُونڊجي آيو ۽ ۱۹۸۴ع تائين ايوان ۾ رهيو. وري ۴ سالن جي وٿيءَ کان پوءِ هُو ۱۹۸۸ع کان وٺي لاڏاڻي تائين پنهنجيءَ عمر جا پڇاڙڪا
۳۱ سال ساندَهِه ’راجيه سڀا‘ جو رُڪن چُونڊبو آيو. ۱۹۸۸ع ۾ هُو ’ڪرناٽڪا‘ مان، ۱۹۹۴ع ۾ ’مهاراشٽرا‘ مان، ۲۰۱۰ع ۾ ’راجستان‘ مان ۽ ۲۰۱۶ع ۾ ’بِهار‘ مان راجيه سڀا جي ميمبر طور سوڀ
ماڻيائين. هُو متعدد ڀيرا وزير به رهيو. مئي کان جُون ۱۹۹۶ع تائين ’بي. جي. پيءَ‘ جي وزيراعظم اٽل
بهاري واجپائيءَ جي دؤر ۾ فقط هڪ مهينو هُو قانون ۽ انصاف جو وفاقي وزير رهيو. بعد
۾ ان ئي حڪومت ۾ مارچ ۱۹۹۸ع کان جُون ۱۹۹۹ع تائين، کيس ”اَربن ڊويلپمينٽ“ جو قلمدان مليو. تنهن بعد وري کيس جُون ۱۹۹۹ع کان جُولاءِ ۲۰۰۰ع تائين قانُون ۽ انصاف واري ساڳئي وزارت ڏني
وئي. هُو ۱۹۷۵ع کان ۱۹۷۷ع تائين ڀارت ۾ لاڳُو ايمرجنسيءَ واري مُدي ۾ هندوستان جي بار ايسوسي ايشن
جو صدر پڻ رهيو. ۷ مئي ۲۰۱۰ع تي کيس ٻيهر ڀارت جي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو. هُن
کي سياست جي سخت پيچرن تي هلندي جيل جي هوا پڻ کائڻي پئي. کيس ڀارت جي اڳوڻي
وزيرِاعظم اندرا گانڌيءَ جي پاليسين کي سخت لفظن ۾ تنقيد جو نشانو بڻائڻ سبب ڪجهه
وقت جيل به وڃڻو پيو.
رام ڄيٺملاڻيءَ پنج
ڪتاب لکيا، جيڪي پنج ئي انگريزيءَ ۾ آهن ۽ عالمي شهرت رکن ٿا، جن ۾ (۱) ’بِگ ايگُوز سمال مين‘ (وڏيُون انائُون ـ
ننڍڙا ماڻهُو) (۲) ’ڪانفلڪٽ آف لاز‘ (قانُونن جو ٽڪراءُ) شايع: ۱۹۵۵ع (۳) ’ڪانشنس آف ميويرڪ‘ (رولُوءَ جو ضمير) (۴) ’جسٽس: سوويت اسٽائل‘ (سوويت طرز جو
انصاف) (۵) ’مَيويرڪ: اَن چينجڊ، اَن رپيٽنٽ‘ (رولُو: اڻ مَٽيل، پڇتاءَ کان آجو)
شامل آهن. انهن ۵ ڪتابن کانسواءِ دادا رام، ڏوهن، انتظامي توڙي ميڊيا سان
متعلق قانُونن تي ٻڌل ڪيترن بين الاقوامي سطح جي قانُوني ڪتابن ۾ ’شريڪ مُصنف‘ طور
پنهنجيُون خدمتُون ڏنيون، جن کي نه رڳو قانُوني حلقن ۾، بلڪه قلمڪارن وٽ به عزت ۽
قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ٻه ڪتاب دادا رام جي زندگيءَ ۽ خدمتن
تي پڻ لکيا ويا آهن، جيڪي پڻ ٻئي انگريزيءَ ۾ آهن، جن منجهان هڪ ’نالينا گيرا‘ جو
لکيل ڪتاب ”رام ڄيٺملاڻي: دي آٿورائيزڊ بايوگرافي“ ۽ ٻيو ’سُوزن ايڊيلمن‘ جو لکيل
”ريبيل: اي بايوگرافي آف رام ڄيٺملاڻي“ آهي. رام ڄيٺملاڻيءَ کي قانُون ۽ سياست جي
شعبي ۾ نمايان خدمتُون انجام ڏيڻ تي ”انٽرنيشنل جيُورسٽ ايوارڊ“ ۽ ۱۹۷۷ع ۾ فلپائن ۾ مليل ”هيُومن رائيٽس ايوارڊ“
(جيڪو کيس آمريت جي خلاف آواز اٿارڻ تي مليو) سميت اهم ترين ايوارڊن سان پڻ نوازيو
ويو.
دادا رام ٻه
شاديُون ڪيون. سندس پهرين شادي ۱۹۴۱ع ۾ ’دُرگا ڄيٺملاڻيءَ‘ سان ٿي، جڏهن پاڻ ۱۸ ورهن جو هو، جيڪا شادي مڪمّل طور سندس وڏڙن
جي مرضيءَ سان ٿي، جڏهن ته ٻي شادي هُن ان کان ۶ سال پوءِ ۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱي کان اڳ پنهنجي ئي شعبي جي پنهنجي
وڪيل ساٿياڻي ’رتنا شاهاڻيءَ‘ سان ڪئي. سندن ٻئي گهر واريُون حيات آهن ۽ ٻئي ساڻس
آخري پساهه تائين گڏ رهيُون. کيس پهرين پتنيءَ ’دُرگا‘ مان ٽي ٻارَ (ٻه ڌيئر: ’راڻي‘
۽ ’شوڀا‘ ۽ هڪ پُٽ: ’مهيش‘) جڏهن ته ٻي زال ’رَتنا‘ منجهان هڪ پُٽ ’جانڪ‘ آهي.
دادا رام جي پُٽ
مهيش جي بقول دادا رام جي طبيعت گذريل ڪجهه مهينن کان ناساز هُئي، پير ايتري خراب
به ڪانه هئي، جو کيس اسپتال داخل ڪيو وڃي ها. نيٺ فطرت جي اصُول تحت، پنهنجي جيون
جا ڏينهن پُورا ڪري، رام ڄيٺملاڻيءَ ۶ ڏينهن گهٽ ۹۶ ورهن جي ڄمار ماڻي، آچر ۸ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي، صبح جو پوڻي ۸ لڳي، ٻن گهر وارين، ٻن پُٽن (جيڪي پڻ ڀارت
جا ناميارا وڪيل آهن) ۽ ٻن ڌيئرن کي سوڳوار ڇڏي، دهليءَ ۾ اسان کان موڪلايو ۽ مُون
کي سندس لاڏاڻي جو ٻُڌي، عبدالقادر جُوڻيجي جُون لکيل اهي سٽُون ياد آيُون، جيڪي
هنُ ته ماسٽر چندر لاءِ لکيُون هيُون، پر مان هتي جوڻيجي صاحب کان معذرت سان انهن
۾ ٿوري ترميم ڪندي، دادا رام لاءِ پيو تحرير ڪريان ته:
”دادا رام ڄيٺملاڻيءَ
جو ٻه ڀيرا لاڏاڻو ٿيو. هڪ ڀيرو، جڏهن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏيائين... ۽ ٻيو ڀيرو،
جڏهن دهليءَ ۾ ساهه ڇڏيائين!“
(روزاني ”ڪاوش“
حيدرآباد جي ايڊيٽوريل صفحي تي، ڇنڇر، ۱۴ سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيل، شڪارپُور ڄائي، ننڍي کنڊ جي نامياري
قانُوني ۽ آئيني ماهر ۽ سياستدان، رام ڄيٺملاڻيءَ جي وڇوڙي تي مُنهنجو لکيل تعزيتي
مضمُون: ”هڪ سچي سنڌيءَ جو لاڏاڻو“- ياسر قاضي)
رام ڄيٺملاڻي
سنڌ هن پٽ تي هر دور ۾
فخر ڪندي رهندي
حسيب ناياب منگي
مون جڏهن به کيس ٻڌو
يا سندس ڪو انٽرويو مون جي نظر کان گذريو هن شڪارپور کي نه ساراهيو هجي يا شڪارپور
جي ڳالهه نه ڪئي هجي اهو ممڪن ئي نه آهي. شڪارپور هن جي دل ۾ سمايل هئي. وقت هن کي
شڪارپور کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو هو پر شاهي باغ, لکيدر جي رونق, سڪپل, هندو مسلم ايڪتا
۽ شڪارپور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي هن کان وسري نه سگهي هئي. شڪارپور سان گڏوگڏ هن
کي پنهنجي سنڌي ٻولي, سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو تمام گهڻو خيال هو. پنهنجي جيون ۾ هن ٻولي
جي بچاءَ سان گڏوگڏ هندستان ۾ آباد سنڌين جي به تمام گهڻي پرگهور لڌي ۽ وقت به وقت
هر ڏکي معاملي ۾ هر مصيبت ۾ هو سنڌين جو آواز ثابت ٿيو.
هن جي شخصيت هند
هجي يا سنڌ ۾ منفرد ۽ نرالي حيثيت جي حامل هئي. هو نهايت هوشيار هئڻ ڪري نه صرف وڪالت
۾ سڀني کان زور هو پر هر هڪ ڪيس کٽڻ هن جي عادت بڻجي وئي هئي. هندستان ۾ دنيا جو وڏي
۾ وڏو وڪيل ثابت ٿيو. سنڌ کي پنهنجي هن پٽ جي قابليت تي هر دور ۾ ناز رهندو.
هن جو شمار هندستان
۾ قانوني ماهر ۽ سياستدانن ۾ ٿيندو هو. پاڻ پنهنجي ذات ۾ منفرد مقام جو مالڪ هو.
دبئي تائين دنيا ۾ وسندڙ سنڌي هن کي مان ڏيندا هئا.
رام ڄيٺملاڻيءَ،
پنهنجي پتا بُولچند گُرمُکداس ڄيٺملاڻيءَ جي گهر، جيڪو شڪارپور جي لکيدر تي واقع
هو ۾، ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع تي جنم ورتو. ننڍپڻ کان وٺي هو ڏاڍو لائق ۽ سلڇڻو ٻار هو. ابتدائي تعليم
هن پنهنجي محنت سان ۸ سالن جي عمر ۾ پاس ڪئي. سندس ماتا ”پاروَتي بُولچند“ جو مٿس تمام گهڻو ڌيان
رهندو هو. رام ڄيٺملاڻي جو شمار شڪارپور جي انهن سڌورن ٻارڙن ۾ ٿيندو هو جيڪي راند
روند سان گڏ پڙهڻ کي به اهميت ڏيندا هئا. سو هن ٻارڙي جڏهن ۱۳ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته
سڀ حيران ٿي ويا. ايترو ئي نه پر هن ته ۱۷ سالن جي ننڍيءَ وهي ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪري ورتي هئي.
مون هڪ انٽرويو ۾ ٻڌو ته سندس ڏهاڙن ۾ ان وقت وڪيل ٿيڻ لاءِ عمر جي حد ۲۱ سال هئي، پر هي اهو نوجوان هو جنهن جي ڪري
هڪ خاص ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن تحت هي ننڍيءَ وهي ۾ ئي وڪيل بڻجي ويو هو.
هندستان جي ورهاڱي
کان اڳ هي قابل شخص ڪراچي ۾ رهڻ لڳو جتي هڪ فرم جو بنياد وجهي وڪالت جي حوالي سان
اڳتي اچي رهيو هو ورهاڱو ٿي ويو. رام ڄيٺملاڻي به هندستان ڏانهن اسهيو ۽ بمبئي ۾ وڃي
رهڻ لڳو. کيس پڙهڻ ۽ پڙهائڻ سان گهڻو چاهه هو سنڌ ۾ به هو پڙهائڻ کي ترجيح ڏيندو
هو. سو بمبئي ۾ به هو گورنمينٽ لا ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو. پنهنجي محنت سبب هن شاگردن
کي علم ڏيندي نانءُ پيدا ڪيو. بعد ۾ ته هو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ليڪچر ڏيندو هو.
شروعاتي ڏينهن کان
وڪالت ۾ هوشيار ۽ قانوني معاملن کي سنجيدگي سان جاچڻ سندس عادت هئي. بار ڪائونسل
سان وابستگي ٿيڻ کانپو هو چار ڀيرا هندستان جي بار ڪائونسل جو چيئرمين به بڻيو هو.
اسان سندس جيوني ۾ جهاتي پائي ڏسون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته ۱۹۷۵ع کان ۱۹۷۷ع تائين هندستان ۾ لاڳو ايمرجنسيءَ جي دور ۾
ڀارت جي بار ائسوسيئيشن جو صدر هو. سپريم ڪورٽ انڊيا جي بار ايسوسيئيشن جو صدر رهڻ
سان گڏوگڏ سنڌ جي هن ڏاهي ۽ قابل شخص توڙي ماهر قانوندان کي عالمي بار ائسوسيئيشن
جو ميمبر ٿي رهڻ جو اعزاز حاصل آهي.
قانوني حوالي سان
هندستان ۾ سندس نالو سڀني کان مٿانهون تسليم ڪيو ويندو هو. هن جي آڏو ڪو ڪيس
هارائي وڃڻ ايترو آسان نه هو.
شڪارپور ۾ ئي هن جي
اهڙي تربيت ٿي هئي جو هو راند روند ۽ علم ۾ به سڀ کان اڳتي هو اهڙي طرح هندستان ۾
وڃي رهيو ته وڪالت سان گڏ سياست ۾ به دلچسپي ڏيکارڻ لڳو. جنتا پارٽي جي مدد سان يا
آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ هن ۱۹۷۱ع ڌاري اليڪشن وڙهي پر سوڀ حاصل ڪانه ٿيس. عوامي خدمت جي
جذبي تحت بمبئي اتر اولهه واري تڪ تان ۱۹۸۰ع ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين.
۱۹۸۸ع ۾ به راجيه سڀا جو ميمبر ٿيو هو، اهڙي طرح ڏسجي ته ۱۹۹۶ع ۾ اٽل بهاري واجپائيءَ جي دؤر حڪومت ۾ رام
ڄيٺملاڻي کي قانون جو وزير بڻايو ويو ان کان پو هن کي اربن ڊيولپمينٽ کاتي جو
قلمدان به مليو. ۱۹۹۸ع ۾ وري به وزارت ماڻيائين. ۲۰۰۴ع ۾ هن لکنوءَ مان چونڊ وڙهي پر اٽل بهاري واجپائي سان
مقابلو ڪندي هارائي ويو. ۲۰۱۰ع ۾ راجسٿان رياست مان اليڪشن کٽي هئي. ملڪ جي گهڻن ئي ڪاميٽن
جو چيئرمين هو. سندس ذهانت ۽ عملي قدمن سان مسئلن جا حل حاصل ٿي ويندا هئا.
هو وقت به وقت حڪومت
تي تنقيد به ڪندو هو ته غلط فيصلن جي نشاندهي ڪندي تڪليفن کي به برداشت ڪندو هو. حڪومت
اهڙي قسم جي تنقيد تي کيس جيل به موڪليو هو. جتان نڪرڻ کان پو هي ڪجهه وقت جي لاءِ
ڪئناڊا هليو ويو هو. دنيا جي مختلف ملڪن جا دورا ڪيائين.
رام ڄيٺملاڻيءَ کي
هندستان سرڪار انٽرنيشنل جيوريسٽ’اوارڊ‘، ’ورلڊ پيس ٿرو لا ايوارڊ’۽ هيومن رائيٽس
ايوارڊ ( فلپائين ۾ آمريت جي خلاف آواز اٿارڻ تي) توڙي لاتعداد ميڊل, سندون ۽ سرٽيفڪيٽ
سماجي ۽ ملڪي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنا آهن.
هن پنهنجي حياتي ۾ ٻه
شاديون ڪيون جنهن مان کيس ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون.
شڪارپور ۾ رام ڄيٺملاڻي
جو گهراڻو تمام گهڻو سکيو ۽ ستابو هو سندس وڏا نه صرف سيٺيون هئا پر ميرن جي دور ۾
سندس تڙ ڏاڏو ڄيٺمل شڪارپور جو گورنر هو. پر وقت اهو به آيو جو نه چاهيندي به جڏهن
هُن کي سنڌ ڇڏڻي پئي ته ان وقت وٽس هڪ پيسي جو سِڪو هو، جنهن ساڻ هن بمبئيءَ جي
مهاجر ڪيمپ ۾ ڪيترا ڏينهن گُذاريا هئا. مستقل مزاجي ۽ اڻ ٿڪ محنت سان هن دنيا جي
سنڌين ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪيو. هندستان ۾ سنڌي علمي ادبي ادارن جي قيام سان گڏوگڏ
سنڌين سميت گهڻن ئي ڏکايلن جي وقت به وقت مدد ڪندي هن ثابت ڪيو ته سنڌين کي
انسانيت جو درس اخلاق ۽ محنت جي سبق سان گڏ سيکاريو ويندو آهي.
هو قلمڪار به هو
سندس قانوني صلاحون ۽ مشورا ڳالهيون ۽ رايا ته پنهنجي جاءِ تي پر سندس پنجن
انگريزي ڪتابن: (۱) ’بِگ ايگُوز سمال مين’(وڏيُون انائُون ـ ننڍڙا ماڻهُو) (۲) ’ڪانفلڪٽ آف لاز’(قانُونن جو ٽڪراءُ) (۳) ’ڪانشنس آف ميويرڪ’(رولُوءَ جو ضمير) (۴) ’جسٽس: سوويت اسٽائل’(سوويت طرز جو انصاف) (۵) ’مَيويرڪ: اَن چينجڊ، اَن رپيٽنٽ’(رولُو: اڻ
مَٽيل، پڇتاءَ کان آجو) تمام گهڻي مڃتا حاصل ڪئي. اسان اگر رام ڄيٺملاڻي جي زندگي
جي حالات ۽ واقعات مان واقف ٿيڻ چاهيون ٿا يا سندس ڪارنامن ۽ جدوجهد جي اڻٿڪ سفر
تي نظر وجهي پنهنجي راه هموار ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي ’نالينا گيرا’جي لکيل
انگريزي ڪتاب ”رام ڄيٺملاڻي: دي آٿورائيزڊ بايوگرافي“ ۽ ’سُوزن ايڊيلمن’جي ڇپيل ڪتاب
”ريبيل: اي بايوگرافي آف رام ڄيٺملاڻي“ جو مطالعو ڪري سگهون ٿا.
شڪارپور ڄائو سماج
جو هڪ قابل, هڏڏوکي ۽ مهربان شخص علمي ۽ قانوني ماڻهو ۸سيپٽمبر ۲۰۱۹ع تي هندستان ۾ ديهانت ڪيو.
رام ڄيٺملاڻي جي
زندگي ۽ ان جون ڪوششون توڙي ڪاميابيون سنڌ ۽ هندستان ۾ رهندڙ سنڌين جي لاءِ هڪ
مثال آهي.
(ھفتي وار سنڌي
مئگزين ھندواسي ممبئي، ھندستان ۾ ۲۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
پاڪستاني شهرين ڏانهن هڪ
خط
رام ڄيٺ ملاڻي
(نوٽ: رام ڄيٺ
ملاڻي ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۲۳ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ۱۸ سالن جي عمر ۾ قانون جي سند حاصل
ڪيائين ۽ باقاعدي قانون جي پرئڪٽس کانپوءِ پنهنجي قانون واري ڪيريئر جو آغاز ڪيائين.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ رام ڄيٺ انڊيا ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ ممبئي شهر ۾ رهائش
پذير ٿيو. پنهنجي قانون واري ڪيريئر سان گڏ موصوف کوڙ سارن وڏن عهدن تي به فائز ٿيندو
رهيو آهي. کيس ڀارتيا جنتا پارٽيءَ جي ٽيڪٽ تان ۶هين ۽ ۷هين لوڪ سڀا ۾ بطور
پارليامينٽ جو ميمبر ڪري چونڊيو به ويو، پاڻ انڊيا جي قانون وارو وزير به رهيو ته
اٽل بِهاري واجپائيءَ واري وزارت اعظميٰ دوران اربن ڊولپمينٽ واري وزارت جو قلمدان
به کيس سونپيو ويو. ۲۰۱۰ع تي بي جي پي جي ٽڪيٽ تي راجستان مان چونڊ پڄاڻان راجيا سڀا
(جيڪو انڊيا جو اپر هائوس آهي) جي ميمبر طور ڪاميابي ماڻيائين. ۷ مئي ۲۰۱۰ع تي کيس
انڊيا جي سپريم ڪورٽ جي بار ايسوسيئيشن جو صدر به چونڊيو ويو. کيس ٻن شادين منجهان
ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي، جن مان ٻه ڄڻا مهيش ڄيٺ ملاڻي ۽ راڻي ڄيٺ ملاڻي
معروف وڪيل طور به سڃاڻپ رکن ٿا. واضح رهي ته رام ڄيٺ ملاڻي هن وقت تائين انڊيا جو
مهانگو ترين وڪيل آهي.)
خط:
مون سنڌ ۾ جنم
ورتو. اڄ تائين پاڪستان جي انيڪ مسلمانن سان منهنجي دلي وابستگي رهي آهي، ورهاڱي
تائين مرحوم الله بخش بروهي ۽ مون گڏجي پرئڪٽس به ڪئي.
پاڪستان کي الوداع
چوڻ وقت ۽ دوستن کان جدا ٿيندي مان لڙڪن سان ٽمٽار هئس ۽ انتهائي غمگين به. انڊيا
۾ پناهگير ڪئمپ ۾ رهڻ دوران مون مضبوط فيصلو ڪري ورتو ته انڊيا ۽ پاڪستان کي ورهاڱي
جا وڍ وسارڻ گهرجن ۽ امن پيار ۽ گڏيل تعلق تحت پنهنجي لاڳاپن کي ڳنڍين. اِهو ئي عزم
آهي، جنهن لاءِ آئون پنهنجي سياسي ميدان ۾ لڳاتار ڪوششون وٺندو رهيو آهيان.
ائين فقط سنڌ ۾ ئي
آهي ته مسلمان ۽ هندو گڏ رهندي امن جا رستا هموار ڪندا رهيا آهن. ڳچ عرصو گذرڻ
باوجود هر سال انڊيا جا ڪجهه سنڌي سنڌ جي ياترا تي ايندا رهن ٿا ۽ مسلمان صوفين ۽
ولين جي مزارن تي حاضريون ڀرين ٿا. اسان ته اڃا تائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي
به نه وساريو آهي.
وڏي بدنصيبي اِها
آهي جو منهنجو خواب ساڀيان نه ماڻي سگهيو آهي، ڇو ته دوست هئڻ ته ٺهيو، پر اسان هڪ
کان وڌيڪ ڀيرا جنگ جو رُخ ڪيو آهي ۽ دهشتگرديءَ جو ديوُ معصوم ماڻهن جو رت چوسي
رهيو آهي. اسان جا لاڳاپا بهتر رُخ ڏانهن نه پيا وڃن. آئون واضح طور تي ڏسان پيو
ته پاڪستان اهڙي غير سازگار ماحول ڪري گهڻو نقصان کائي رهيو آهي. گذريل سال جي
جولاءِ واري مهيني ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ڀيانڪ واقعو ٿي گذريو ۽
ذري گهٽ ٻنهي ملڪن جا ناتا ڀڃ ڊاهه جو به شڪار ٿيڻ وڃي رهيا هئا. ۱ آگسٽ ۲۰۱۰ع تي
سنڊي گارڊين ۾ لکندي مون پنهنجي پرڏيهي معاملن واري وزير کي آگاهه ڪيو هو ته
پنهنجي همعصر سان ڪيئن ورتاءُ رکي. مون کيس چيو ته، ”توهان کي پنهنجي وڏي ڀاءُ انڊيا
تي يقين رکڻ گهرجي، اسين توهان سان مڪمل طور تي امن ۽ گڏيل سهڪار واري فضا جوڙڻ
گهرون ٿا. خاص ڪري توهان جا وڏا مسئلا حل ڪرڻ واري مد ۾.“ مون اِهو پڻ چيو ته،
”اسان کي پاڪستان کي پڪ ڏيارڻ گهرجي ته انڊيا ڪڏهن به پاڻي مامري تي زور نه ڀريندو.“
اِهو سڀ چئي ڪري آئون گانڌي واري نظريي کي ئي پاڻي ڏيئي رهيو هئس.
انڊيا جي سپريم ڪورٽ
جي بار ايسوسيئيشن جي صدر هئڻ جي ناتي مون پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي ۱۳۰ وڪيلن جي
وفد جي ميزباني ڪئي. اُن وفد جي اڳواڻي عاصمه جهانگير ڪري رهي هئي، جيڪا ايڏي وڏي
ايسوسيئيشن جي پهرين عورت صدر هئڻ وارو اعزاز به رکي ٿي. اسان بنا ڪنهن اعتراض جي
گڏيل طور ڪجهه قراردادون به ٺاهيون، جنهن ۾ اِهو وچن پاڙڻ به هو ته ”جنگ، انتشار ۽
دهشتگردي نه گهرجي“ ۽ اِن تي به عزم قائم ڪيوسين ته سڀئي ننڍا توڙي وڏا مسئلا ڳالهين
ذريعي يا عالمي انصاف واري عدالت سان مشاورت ۾ اچي حل ڪنداسين. آئون گرم جوشيءَ
سان اعتماد رکان ٿو ته اُنهن قراردادن جو پيغام ٻنهي قومن کي امن ۽ ڀائيچاري واري
دڳ تي هلڻ جو توفيق عطا ڪندو.
جيڪو ڪجهه اوهان جي
ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، اُهو اسلام جي بنيادي اصولن تحت نه پيو ٿئي. قرآن مجيد ڪٿي به ڪنهن
ملڪ جي تباهي ۽ کين ڌمڪائڻ جو درس نه ٿو ڏي. عظيم پيغمبر ﷺ پنهنجي پيروڪارن کي ڄاڻ
۽ علم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. اِهو عظيم پيغمبر ﷺ ئي آهي، جنهن کليل لفظن ۾ چيو
ته، ”عالم جي مس شهيد جي خون کان وڌيڪ عظمت رکندڙ آهي.“ مٿي بيان ڪيل حقيقتن جي
منظر ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ڇا اِن سان عظيم پيغمبر ﷺ جي قول جي انحرافي نه ٿي ٿئي.
آئون پيغمبر محمد ﷺ جن جو دل سان احترام ڪيان ٿو ۽ سندن ٿورائتو به آهيان.
No comments:
Post a Comment