Pages

10 September, 2019

هيمراج سوٽهڙ


هيمراج سوٽهڙ
سگھڙ سياڻو
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
ٿر جي اونداهه راتين ۾ هُن وٽ ڏيئي جھڙي ڏيا هئي، هُن پنهنجي مڻيا سان اوتارو آباد ڪيو هو. سج لهندي چيلهار ۾ هُن جي چوئنري واري اوتاري جي اڳيان ماڻهن جا ميڙا ٿي ويندا هئا. منهنجي اها خوشي نصيبي آهي جو مون کي پنهنجي چاچي هيمراج جي ويجھو رهڻ جو وڏو موقعو مليو. چاچو هيمراج سوٽهڙ ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو وڏو ڄا ڻو هو. هن جي ڳالهين ۾ وڏي گھرائي هوندي هئي. هُو سماج جي بنيادي نقطن تي سوچيندو هو. سماجي نفسيات کي سمجھندڙ هن شخص وٽ تجزئي ۽ پرک ڪرڻ جو وڏو تجربو هوندو هو. چاچو چوندو هو ته؛ مڙس ۽ گھوڙي کي پهرين نظر ۾ سڃاڻبو آهي.


مون چاچي هيمراج کان سماجي سائنس سمجھڻ جو بنيادي شعور پاتو. هن وٽ لوڪ ادب کان وٺي لوڪ مرياده تائين سڀ موضوع هوندا هئا. ڪڏهن هيمارين، ڳوڙهن ۽ ڳاهن تي گفتگو هوندي هئي ته ڪڏهن ڌرتي جا دوها ۽ ٿر جا ٿوڪ محفل جو حصو ٿيندا هئا. ڪڏهن راڄ جي رهاڻ رس، ريت رسم ۽ اٿ ويهه تي ويچارن جي ونڊ ملندي هئي. مون پهريون ڀيرو ملڪ محمد جائسي جو شعر چاچي هيمراج جي ڪچهري ۾ ٻڌو هو ته؛
ناسيڪ کين کڙڪ ڪي ڌارا،
کين لنڪ جن ڪيهر هارا.
(نڪ سنهو، تلوار جي ڌار وانگر، سنهي ڪمر(جنهن کان) چيتي به هار کاڌي)
چاچو هيمراج ڍولا ماروئل جو قصو کڻڻ کان اڳ ۾ چوندو هو ته ؛
جُون سالُوران سروران، جُون ڌرتي سون ميهه،
چمپڪ ورڻ بالهه، چند مکي سون نيهه.
(جنهن نموني ڏيڏر جي پريت تلاءُ سان آهي، جنهن نموني مينهن جو پريم ڌرتي سان هوندو آهي، اهڙي طرح چنبيلي جي رنگ واري پريتم ڍول جي چنڊ جهڙي مارئي سان پريم آهي.)
چاچو هيمراج سچو ۽ کرو شخص هو. هُو پنهنجي ڪردار ۾ صاف سٿرو، جھڙو اندر هو، تهڙو ٻاهر هو. هن ڪڏهن پنهنجي سماجي آدرشن جي سپنن کي وقت جي طوفان ۾ واري ڪڻن جيان اُڏامڻ نه ڏنو
ڍاٽ جي سوٽهڙ قبيلي ۾ جادم ونسي راجا تنو جي اولاد مڪڙ ڀاٽين جي نرالي حيثيت رهي آهي. پيڙهين جو ڊگھو پوتاميل کولڻ جي بدران ڳالهه اتان شروع ٿي ڪجي ته، جوڳو جي سوٽهڙ جا ڄايل امرو ويرو ۽ آڏو ٽئي ڀائرسپوٽ هئا. امري جي چئني پٽن اڻندي، موتي، ناهري ۽ واگهي والدين جي واٽ جاري رکي.اڻندي ۽ موتي پنهنجن رشتيدارن کي ميڙي ان دور ۾ پنهنجو آجو ڳوٺ سوٽهڙن جو تڙ اڏيو. سوٽهڙن جي لوڏ هوندي هئي.ان دور ۾ نئون پڊ ڪڍڻ ۽ کوهه کوٽائڻ مشڪلات ڀريو ڪم هوندو هو. پر چيلهار جي اتريئن لڪ کان وٺي ساهياڙي ۽ سوٽهڙن جي تڙ تائين، ساڏورن، سميجن ۽ سوٽهڙن جي پاڻ ۾ سنپت هئي. ساڏور سوڍن ۾ جوجھار سنگهه، چهنسنگهه، آنٻجي، سونجي ۽ سميجن ۾ صاحب سميجو، سيلو سميجو، احمد سميجو صالح سميجو، يوسف سميجو، مير محمد سميجو، ڪير سڏائي !؟ سوٽهڙن جو تڙ کان اڳ ۾ امرو ۽ سندس ڀائر سڀ راڻاسر کان ڏکڻ طرف ڀٽ تي رهندا هئا.
چاچو هيمراج هنا، پاکڙا، در، دريون وغيره ٺاهڻ جو ڄاڻو هو. ڪاٺي تي هٿ جي هنر جي منفرد چٽسالي ڪندڙ هن ڪاريگر کي لوهه ۽ پتل کي مڙهن جو ڏانءُ هو ته سون ۽ چاندي جا زيور به گھڙڻ ايندا هئا. چاچي هيمراج کوهه جا چرخ به ٺاهيا. چيلهار ۽ آس پاس جي ست راڄي ڳوٺن ۾ چاچي هيمراج جو اڪثر ساهياڙو، ٻورلي، ڏٻڙڇا، گونگيو، اڪليون، هريار، آسار، جوڙئو، جنجھير ڏانهن نه صرف ڪاٺي جو ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيندو هو، پر انهن ڳوٺن ۾ ست پيڙهياتا واسطا هئا. جتي “آهتپي” جي اچ وڃ کان وڌيڪ ڀائرن جھڙو تعلق رهيو. جنهن کي پنهنجن وڏڙن جيان چاچي هيمي ۽ سندس وڏي سئوٽ چاچي گيني پوري ريت نڀايو.
ڳوٺ”سوٽهڙن جو تڙ” ۾ سڀو جي سوٽهڙ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ هيمراج هاٺي ڪاٺي ۾ قدوار، ڀريل بت ۽ شهپرن جي موڙ سان سڀاويڪ ۽ رڄ مڙس لڳندو هو. هن نه صرف اڻ گھڙيل ڪاٺيون گھڙيون هيون پر پنهنجي دور کي گھڙيو هو. هن نه رڳو پنهنجن همعصر ساٿين چاچو ڪامل نهڙي، وڏيرو احمد سميجو، مٺو سمجيو، عبدالله سميجو، مريد نهڙي، سائين محمد سانوڻ” علڻ هاليپوٽو، ليلوجي سوٽهڙ، نظر محمد سميجو، چاچو ڀڳت سترام داس، بردو سوڍو، نور محمد کوکر، سونو خان کوکر، رامچند رامچند سوٽهڙ، گينو سوٽھڙ،پونم چند سوٽھڙ، جيسو سوٽهڙ، سائين عبدالحميد مڱريو، واگھجي مالهي، ڀيرو لال مهراج، سائين ڍولو خان حجام، کنگھار حجام ۽ ٻين سان رهاڻيون رچايون هيون پر نوجوانن کي اتساهيو هو.
چاچو ڪچهري ۾ رئيس سڪيلڌي کوسي جي ساراه جا ڍڪ ڀريندو هو ته شڪور نهڙي جا سماچار ڏيندو هو. شڪور پکي جي ٻولي تي ڌڪ هڻندو هو. رئيس سڪيلڌو کوسو ۽ شڪور نهڙي ٿر جا بهادر ۽ چترائي وارا ڪردار ٿي گذريا اهن. ڏکين حالتن ۾ هنن ٿر جي راڄن جي رکوالي ڪئي. چاچو چوندو هو ته، ساڏور سوڍن ۾ جوجھار سنگھه جهڙو ڪوئي سخي نه ٿيو. هن جو پوٽو آنٻجي به پنهنجي لوڏ ۾ نالو رکي ويو. آنٻجي جو چاچو چمن سنگھهه وڏو سگھڙ هوندو هو. چيلهار جي سوٽهڙن ۾ جيسو جس جي رات ڄائو هو. هنر مند هجڻ سان گڏ بهادر هوندو هو. ڀوريلي جو محمد سخي نهڙي ۽ سائين محمد رحيم نهڙي پنهنجي دور جا ڏاها ۽ راڄ نيتي جا نامور نالا هئا. ساڏورن ۾ لونگجي سوڍو ساکائتو شخص هو. ڀوريلي جو سکر نهڙي سوڻن ساٺن جو وڏو هوشيار هوندو هو. سکر هڪ دفعو سنئوڻ ٻولائڻ ويو، ٻني ۾ پهچندي ڏسي ته اٺ تي به همراهه پيا وڃن. هن سڏ ڪري پڇيو ته ابا ڪير؟ اٺ واري هڪڙي ورندي ڏني ته سائين آئون ڪارو آهيان. وري هن پڇيو ته ٻيو ڪير آهي..؟ ته ورندي ۾ ڪاري چيائين ته سائين ٻيو منهنجو ڀاءُ آهي. سکر واپس موٽي آيو ، ڳوٺ ۾ اچي ڳالهه ڪيائين ته هي سال ڏڪار آهي پر ايندڙ سال به ساڳيو رهندو.
چاچو هيمراج خانصاحب اسماعيل نون کي ٿر جو سچو ڪامورو سڏيندو هو. خانصاحب اسماعيل نون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ٿر ۾ لوڪ ادب ميڙن ۾ وڏي مدد ڪئي. ٿر جا سگھڙ گھرائي ڏيڻ يا سگھڙن جي ڪچهري منعقد ڪرڻ جي ذميواري پاڻ تي کڻندو هو. چاچو هيمراج ٻڌائيندو هو ته هڪ دفعي نون صاحب سگھڙن جي ڪچهري رکائي هڪ سگھڙ ڪچهري ۾ دودي ۽ چنيسر جي ڪهاڻي کنئي. سگھڙ ڳالهه ڪندي جڏهن دودي سومري جي موت جي ڳالهه تي پهتو ته خانصاحب هڪ ڪري چيو ته؛ سائين مڙسن کي ڪچهري ۾ نه ماربو آهي”ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌيندي سنگرام موکي ۽ خان مياڻي بابت نئين نسل کي آگاهه ڪندو هو ته؛”سنگرام موکو وٽ جي علائقي ڪوئنرل جي راجواڙي جو ٽيلات هو، سندس رعب تاب ۽ سورهيائي جون ڳالهيون اڄ به ڳوٺ ڳائين ٿا، سنگرام جا وڏا اصل ننگرپارڪر جي ڳوٺ موکئي جا ويٺل هئا. سنگرام جيڏانهن به ويندو هو ته ويهارو اٺن ۽ گھوڙن جون قافلو گڏ هلندو هو. تروٽ ٿر جي چڱن مڙسن کي پنهنجا ڪرڻ جي لاءِ عمرڪوٽ ۾ هڪ رهاڻ رچائي هئي. ان رهاڻ ۾ ٿر جا گھڻا اٿندڙ ويهندڙ پهچي ويا پر وٽ مان سنگرام موکو ۽ خان مياڻو نه ويا، گوري کي سڄي رات محفل ۾ ڳڻتي رهي ته انهن کي ڪيئن پنهنجا ڪري.؟ خان مياڻي جي ڳوٺ جو نالو ٺٺ آهي. وڏي ٺٺ ٺانگر وارو شخص پاڻ سان گڏ سئو اٺن ۽ گھوڙن جو قافلو رکندو هو. سڀ اٺ، گھوڙا ۽ سوار هڪ ويس ۾ سينگاريل هوندا هئا. خان مياڻي کي ست تلي معافي ملي هئي خان مياڻي جو پٽ عوامي اگر گلو مياڻو ٿيو.
چاچي هيمراج جي دور رس نگاهه هوندي هئي. هُو ننڍي نظر رکڻ ۽ هلڪي ڳالهه ڪرڻ تي ناراض ٿي پوندو هو. چڙي چوندو هو ته ٻانڊي سوچ نه رکو ۽ اوڇوي ڳالهه نه ڪريو.
ٿر جي سگھڙ سياڻو هيمراج چوندو هو ته، ماڻهو جو پنهنجي ڏات، پنهنجي ڪرت، پنهنجي جدوجهد سان جيترو گھرو سٻنڌ هوندو، اوتري هن ۾ جيئري رهڻ جي شڪتي وڌيڪ هوندي آهي. راڄ ڀاڳ جي برادرين ۾ فيصلو ڪرڻ وارو پاڻ ڪنهن ڳالهه ۾ لانجھو نه هوندو هو. راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس تمام وڏو چتر هوندو هو. مرڻي توڙي پرڻي جي ڪاڄ ۾ ماڻهو صلاح وٺندا هئا. چڱا مڙس ڪاڄ سڌاريندا هئا. چاچي هيمي ۾ هي سڀ ڳڻ موجود هوندا هئا. چاچو آس پاس جي ڳوٺن ۾ راڌارو(رڌ پچاءُ ڪندڙ) هوندو هو ته “سارٿيو” (ساري سنڀالي ماني کارائڻ وارو) پڻ جيستائين ڪاڄ نه نبري تيستائين چاچو هيمون اڀي پير بيٺل هوندو هو.
چاچي هيمراج جا ٻول هوندا هئا ته، دل گھئي دوستن کان سواءِ ٻي کي ڪمزوري جو پتو ڪئين پوي. دوست دل جو دفتر ۽ ڀائر ٻانهن جو ٻل هوندا آهن. سچو دوست ڪڏهن راز پڌرو نه ڪندو آهي. دوستي جي موضوع تي ڳالهائيندي هُو بي اختيار هانسي سوڍي جي ذڪر تي پهچي ويندو هو. جنهن دوري جو نياپو ملڻ شرط چونئري جا ڦيرا اڌ ۾ ڇڏي دودي جي دشمن سان جنگ جوٽي هئي.
چيلهار ۽ سوٽهڙن جو تڙ جي وچ ۾ سوڍن جي پراڻن پڊن جي ڀرسان بيڀاڻي جي پڌر کي ۸۱-۱۹۸۰ع ۾ سوٽهڙن جي تڙ مان لڏي اچي آباد ڪيو هو. مون ڳوٺ “سوٽهڙن جي تڙ” جو عروج نه ڏٺو هو. پر ڳوٺ بيڀاڻي جي ريلي ۾ ڳوٺاڻي ڪچهري جا سوين رنگ روپ اندر ۾ اتاريا. چاچي هيمي جي ڪچهري ۾ لڇي گنگاڻي جا محاورا اڄ به ياد آهن. بارٿو منواڻي معاشي طور اڀرو هوندو هو پر دل جو بادشاهه هوندو هو. سدائين مرڪندو اچي ڪچهري ۾ شامل ٿيندو هو. ۱۹۹۴ع جي ٻوڏ ۾ بيڀاڻي ۾ اسان جا سمورا گھر ڊهي ويا. تڏهن ڳوٺ ۾ اتي ٻيهر گھر جوڙڻ جي بدران چيلهار ۾ نئين ڪالوني آباد ڪرڻ جي رٿ سامهون آئي. پوءِ انهي رٿ تحت بيڀاڻي کي ڇڏي چيلهار شهر ڏانهن لڏڻ جو سفر شروع ٿيو. چيلهار ۾ چاچي هيمي پهرين چونئري وارو اوتارو ٺاهيو. هن جو دستر خوان ڪشادو هوندو هو. سدائين مهمان هوندا ئي هوندا هئا. چاچي هيمي جو موسيقي سان وڏو لڳاءُ هوندو هو. هن اڪ جي ڪاٺي مان هڪ تنبورو ٺاهي اوتاري ۾ رکيو هو. جانجھه جون چار جوڙيون به ورتيون هيون. ڪچهري ۾ راڳ جي رهاڻ به ٿيندي هئي. ڪڏهن چاچو ڀڳت سترام داس ڳائيندو هو ته ڪڏهن ڳوٺ جا نوجوان.نرسو جي ۽ چاچو هيمون گڏ ڳائيندڙ ”سرتئي” طور حصو وٺندا هئا. چاچي جي ڪچهري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻورليءَ جو پونجو ڀڳت به اچي شامل ٿيندو هو. ڇا ته پونجو ڳائيندو هو، جيڏو آلاپ مٺو هو، ايترو ئي موسيقي جو فن ڄاڻيندڙ هو. پونجو تنبورا، مرليون ۽ پاوا ٺاهيندو ۽ وڄائيندو هو. موهن ڀڳت جيان هن وٽ به لطيف سائين کي ڳائڻ جو منفر انداز هو. پر هن جي پذيرائي نه ٿي سگھي. صحرا ۾ ٽڙيل گل وانگر هن جي خوشبوءِ پورو ڏيهه واسي نه سگھي، ست سنگ” جي محفل ۾ ڀڳت”واڻي” ڳائڻ دوران سڌي ڳالهه ۾ ڪٿا کڻندو آهي، تڏهن راڳي کي داد ڏيڻ، ڳالهه ۽ راڳ کي جاري رکڻ جي لاءِ مخصوص قسم جا ڊائلاگ ٿيندا آهن جن کي “جيڪارو” چئبو آهي. چاچو هيمراج “جيڪارو” ڏاڍو سهڻو ڏيندو هو. اوتاري واري ڪچهري ۾ چاچي جا ٽي فرزند مهاديو، ديو دت ۽ مٿراداس ساز وڄائڻ سکيا.
ڪشنچند بيوس جي سٽ هن جي محفل جو حصو هوندي هئي ته؛
چنتا چکيا کان بري، هوءَ ٻري، هيءَ باري.
ڏينهن ڏهاڙي جي ڪچهري ۾ چاچو هيمراج ۽ سندس ڀائر ڀانو جي، ماڻڪ لال، ڪانجي ۽ وينجهراج گڏ اچي ويهندا هئا ته پوءِ چرچن، لطيفن ۽ مزاحيه مثالن سان ٻڌندڙ کيرا ٿي پوندا هئا. ٽهڪن ۾ ٽڙيل ڪچهري ۾ اوچتو چاچو هيمراج لوڪ ڪهاڻي کڻندو هو ته ماٺ ڇائنجي ويندي هئي. ڳالهه ڪرڻ جو هُن وٽ وڏو ڏانءُ هوندو هو. ۳ جنوري ۲۰۰۴ع تي صبح اٿي، چاچي هيمراج گھر جي سمورن ڀاتين سان ڪچهري ڪيائين. ماضي جا قصا ڪهاڻيون وري ٻڌايائين. جن جن زندگي ۾ گڏ پير ڀريا ۽ جن ڪساڻ ڪئي انهن جو احوال ٻڌائيندي شام جو پاڇا ورڻ ٽاڻي پنهنجي وڏي پٽ هالجي جي گوڏي تي سر رکي دم ڌڻي حوالي ڪيائين.
زمانہ بڑے شوق سے سن رہا تھا
ہمیں سو گئے داستاں کہتے کہتے

No comments:

Post a Comment