ذوالفقار علي ڀٽو
عبدالستار ڀٽي
ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ ۵ جنوري ۱۹۲۸ع صبح جو ۳ وڳي سر شاهنواز خان
ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاهه المرتضيٰ ۾ سندس ٻي گهر واري ليڊي خورشيد بيگم مان
پيدا ٿيو. سندس پيدائش تي ڪيترن ڏينهن تائين خوشيون ملهائڻ لاءِ جشن منعقد ٿيا.
سڄي سنڌ کان ايندڙ ملاقاتين ۽ مبارڪ ڏيندڙن لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي جا دروازا
رهائش ۽ طعام سميت کليل رهيا، سندس نالو هڪ بزرگ پاران تجويز ڪيو ويو. سندس والد
هڪ مسجد ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ موجود ماڻهن اڳيان خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته
آئنده هن ٻار کي ذوالفقار علي سان سڏيو وڃي، در اصل ذوالفقار نالو ئي ڏاڍ ۽ جبر
خلاف جدوجهد جي تصور جو آهي، حضرت علي پنهنجي ذوالفقار کي حق سچ ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ
لاءِ استعمال ڪندو هيو ۽ حضرت علي جي تلوار کي ذوالفقار سڏيو ويندو هيو جيڪو وڏي
عزت ۽ احترام لائق هيو. جيئن ته ذوالفقار کي پيار مان ذلفي به سڏيو ويندو هيو ۽
ننڍپڻ جو عرصو هن پنهنجي والده محترمه خورشيد شاهنواز ڀٽو سان گذاريو جيڪا هڪ غريب
گهراڻي جي اولاد هئي، تنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي پرورش ۾ والده طرفان رحم،
عزت، محبت، احترام، سادگي، صفائي ۽ سچائي جي لوري ملي ته والد طرفان شان، مان ۽ رعب،
اعليٰ سوسائٽي، اعليٰ تعليم، بلند ۽ روشن خيالن جا دروازا کليل مليا.
خانداني روايت مطابق شروع ۾ کيس اسلامي تعليم ڳوٺ جي
مسجد ۾ ملي، پوءِ وري وڌيڪ ٻهراڙي واري ماحول مطابق نئون ديرو ۾ ٿيس. ڀٽو صاحب
پنهنجي والد کي تمام گهڻو پيارو هيو ۽ سندس والد جي خواهش هئي ته سندس پٽ سياست ۾
منهنجي جڳهه والاري ۽ هن قومي خدمت واري قافلي کي اڳتي وڌائي تنهن ڪري هن فيصلو
ڪيو ته ذلفي ساڻس گڏ رهندو پر سر شاهنواز خان جي مختلف جڳهن تي رهڻ ڪري ذوالفقار
علي تسلسل سان تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. سڀ کان اول کيس ڪائونٽ اسڪول پوءِ بشپ
هاءِ اسڪول ڪراچي جي ڇوڪرين واري سيڪشن ۾ داخل ڪرايو ويو ڇاڪاڻ ته هو تعليم ۾
پوئتي رهجي ويو هيو. جڏهن ۱۹۳۷ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ اليڪشن سر
شاهنواز خان ڀٽو کي شيخ عبدالمجيد سنڌي هٿان شڪست ملي تڏهن هو پنهنجي خاندان سميت
سنڌ کي الوداع چئي بمبئي منتقل ٿيو. جتي ۹ سالن جي ذوالفقار کي ڪيٿيڊرل
هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. هي بمبئي جي دولتمند ۽ وڏن ماڻهن جو واحد اسڪول هيو
جتي انگريزي، هندو، فارسي اينگلو انڊين ۽ ڪجهه مسلمانن جا ٻار پڙهندا هئا. .......
اسڪول ۾ ذلفي کي ٻين شاگردن جي تعليمي معيار جي برابري لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پئي، هو
اسڪائوٽنگ ۾ به گهڻو سرگرم رهيو، کيس اسڪائوٽن وارن خاڪي ڊريس، پيرن ۾ سفيد رنگ جو
بوٽ ۽ ڪارا ڊگها جوراب پائڻ جو تمام گهڻو شوق هيو. هو راندين ۾ گهڻو وقت ٽينس ۽
اسڪوائش کيڏڻ لاءِ اسپورٽس ڪلب ۾ گذاريندو هيو. سوويمنگ جو به گهڻو شوق هيس. شام
جو ميٽني شو ڏسڻ ۽ رات جو روڊن تي گهمڻ سندس مشغلن ۾ شامل هيو، شاگردي واري زماني
۾ هو دوستن جو وڏو حلقو، چرچن، مذاق، رانديون، سير سياحت شاهڪار فلمون ڏسڻ، سٺا
کاڌا کائيندڙ، ٿورڙي ڳالهه تي ڪاوڙجندڙ نوجوان جي حيثيت ۾ مشهور هيو. لباس جي ڏس ۾
گهڻو حساس فڪرمند هوندو هيو، نفيس، نرم ۽ عمدا ڪپڙن کان علاوه نئين فيشن جا ڪپڙا
سندس ڪمزوري هئي، هميشه مهانگا ڪپڙا، مهانگي، سلائي، باوقار ۽ سادا رنگ پسند ڪندو
هيو. محفلن ۾ سدائين ٽپ ٽاپ ٿي ويندو هيو، چاهي ڪجهه وقت لاءِ کيس دير ٿي وڃي.
خانداني وقار، مرتبو ۽ شان شوڪت سندس طبيعت ۾ بچپن کان ئي ڀرپور نموني سان نظر
ايندو هيو. سندس شاگردي واري دور جو تمام گهرو ۽ ويجهو دوست پيلو مودي ڀٽو صاحب جي
شخصيت تي تبصرو ڪندي چوي ٿو ته ”ذلفي تمام گهڻو وسيع القلب ۽ نظر وارو نوجوان هيو،
دوستي جو وڏو وفادار سچو مخلص هيو، هر دوست جي تنقيد برداشت ڪندو هيو. ڪاوڙ برداشت
ڪرڻ جي وڏي قوت هيس، دوستن لاءِ پنهنجي دل ۾ تمام گهڻي عزت رکندو هيو. اهائي سندس
ادا هئي ته هو دوستن کان علاوه ٻين جي عزت ۽ پرواهه ڪو نه ڪندو هيو، دوستن جي لڏي
مان ڪو به دوست ذلفي جي دوستي کي خدا حافظ چئي نه سگهندو هيو. هو دوستن مٿان گهڻو
خرچ به ڪندو هيو. هاسٽل جي ڏينهن ۾ گڏ رهندڙ دوستن مٿان گڏيل ڊيوٽيون پڻ ڏيندو
هيو. جيئن ته ذلفي کي گڏيل ڊيوٽي مطابق ڪمري جي صفائي جو ڪم رکيل هوندو هو
باقائدگي سان ڪمري جي صفائي ڪندو هيو جڏهن ته هو هڪ خوشحال دولتمند ۽ اعليٰ منصب
واري شخصيت جو فرزند هيو.“ سڪول جي زماني کان ئي تقرير جي ڏس ۾ قدرت کيس وڏي ڏات
ڏني هئي، ذلفي پنهنجي چوڌاري ويٺلن ٻڌندڙن کي بيخبر ڪري پاڻ ڏانهن متاثر ڪرڻ جو
جادو رکندڙ نوجوان هيو. جيڪڏهن تقرير ۾ موضوع تبديل ڪندو هيو ته ٻڌندڙن کي محسوس
ئي ڪو نه ٿيندو هيو. تقرير ڪرڻ جو وٽس جادو ۽ ڪمال هيو. ڀٽو صاحب طالب علمي واري زماني
کان وٺي ليڊر ٿيڻ لاءِ سوچ رکندو هيو. ڪنهن اهم عهدي يا منصب تي پهچڻ جا خواب
ڏسندو هيو. کيس هر وقت احساس رهندو هيو ته ملڪ ۽ دنيا ۾ نالو پيدا ڪرڻ لاءِ سخت
محنت ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي. شاگردي جي زماني ۾ دنيا جا مدبر ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ
بعد اقوام متحده ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ لاءِ تقريرون ڪندا هيا جن کي دنيا ۾ غور سان
ٻڌندو هيو ۽ ان وقت ئي ڀٽو صاحب جي اها خواهش هوندي هئي ته هو به اقوام متحده ۾
اهڙي طرح خطاب ڪري. اها خواهش ته دنيا ۾ ڪيترائي شاگرد اڳواڻ پنهنجي جواني واري
عالم ۾ رکندا هوندا. پر ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي انهن نوجوانن مان هڪ خوش قسمت ۽
خوش نصيب شخصيت آهي جو ان کي پنهنجي سپني جي ساڀيا ملي. ڀٽو صاحب ننڍپڻ کان ئي
گهڻو جذباتي هوندو هيو. ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي هيس ته پوءِ غصي ۾ رڙيون به ڪندو
هيو. هڪ دفعي سندس پرنسپال ڪرنل هيمنڊ کيس مذاق ۾ چيو ته ذلفي کي گرلس اسڪول ۾
داخلا ملي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته هو جسماني طرح سنهڙو هلڪو آواز رکندو هيو. ان جملي ٻڌڻ
سان ذلفي جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ غصي ۾ ڏڪڻ لڳو پر پوءِ پرنسپل کيس ٿڌو ڪندي
چيو ته ”شاباش مڙسن کي اهڙو هئڻ گهرجي“ انهي ياري ۽ دوستي ڪري ڀٽو صاحب سال ۱۹۴۵ع سينيئر ڪئمبرج
امتحان ۾ فيل ٿي پيو هيو ۽ پوءِ مسلسل ڇهن مهينن تائين دوستن کان پري رهي محنت ڪري
امتحان پاس ڪيائين، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سيپٽمبر ۱۹۴۷ع ۾ ڀٽو صاحب لاس
اينجلس يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۾ داخل ٿيو، هتي سائوٿ ون سائوٿ فلاور اسٽريٽ قائم
شاگردن لاءِ خاص هاسٽل ۾ عمر قريشي (ڪرڪيٽ ڪمپيئر) سان رهندو هيو، هتي جنوري ۱۹۴۹ع تائين لاس اينجلس
يونيورسٽي ۾ پڙهيو، هو ڪيليفورنيا جو مثالي ذهين ۽ بهترين شاگرد رهيو.
ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ اچڻ بعد سندس شخصيت وڌيڪ چمڪي
پئي هتي هن تقريري مقابلن ۾ چئمپن ٽرافيون حاصل ڪيون، تقريري مقابلن ۾ يونيورسٽي
اندر سندس حيثيت اعليٰ ۽ مثالي هوندي هئي، هن دور ۾ هو پروفيسرن سان گهڻو بحث
مباحثو ڪندو هيو، هڪ دفعي بحث ايترو ته مشڪل ٿي ويو جو پروفيسر ڪول ويل کيس ڪلاس
مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو در اصل ڀٽو صاحب جا موضوع ايشيائي ۽ مسلم مسئلا هوندا هيا جيڪي
يورپين کي سوال جواب يا بحث مباحثي وقت ڪاوڙ ڏياريندا هيا. پروفيسرن ۽ ميگزن سان
ڀٽو صاحب جو دليلن ڀريو جهڳڙو لفظ ”ايشيا ٽڪ“ لکڻ تي هوندو هيو جڏهن ته وٽس
استعمال لاءِ عزت ڀريو لفظ ايشيا هيو، ڀٽو صاحب اڪثر سامراج خلاف ۽ ايشيا جي
شاندار مستقبل بابت رسالن ۾ خط ۽ مضمون دليلن سان لکندو هيو، سندس تعليمي استاد
بين الاقوامي فلسفي واري ويانا اسڪول جو باني پروفيسر هانز ڪيلسن هيو جنهن سندس
نظريات کي ترتيب ڏنو، ڀٽو صاحب بين الاقوامي تعلقات جي پوسٽ گريجوئيٽس ڪورس ۾
سقراط ۽ افلاطون کان وٺي فلسفي جي تاريخ جي ٿيوري تي بين الاقوامي اثرات مضمون
هيو. ۱۹۴۹ع ۾ برڪلي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين جتان سياست ۾ آنرز
۽ انٽرنيشنل رليشن جي تعليم حاصل ڪيائين، ۱۹۵۰ع ۾ سياست جو مضمون
اختياري سان پاس ڪرڻ بعد ڪرائسٽ چرچ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان قانون ۾ ايم اي ۱۹۵۲ ع ۾ پاس ڪيائين،
جڏهن ته بئريسٽر جي ڊگري لنڊن جي لنڪن ان يونيورسٽي مان ۱۹۵۳ع ۾ حاصل ڪيائين،
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۾ فلسفو قانون جي ڊگري ٽن سالن بدران ٻن
سالن ۾ حاصل ڪيائين.
برڪلي يونيورسٽي ۾ ڀٽو صاحب زندگي جي پهرين اليڪشن
اسٽوڊنٽس ڪائونسل باڊي جي هڪ سيٽ تي اتان جي مقامي يورپن شاگردن سان وڙهيو سندس
مقابلو لورمود ۽ لائن لٽواڪ سان هيو. هن قائد اعظم جي وفات مهل آمريڪا ۾ پاڪستان
جي سفير مسٽر ايم اي ايڇ اصفهاڻي کي تاريخ ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۴۸ع تي سندس مضمون لاس
اينجلس مان نيوز ويڪ ۾ پڻ شايع ٿيا جن ۾ عنوان هندو يا مسلم ”گروٿ آف پاڪستان“
”يونٽس ان ينگ اسلامي اسٽيٽ“ شامل آهن.
ذوالفقار علي ڀٽو شاگردي واري زماني ۾ هڪ طرف ذّهين،
هوشيار، عالمي معاملن جي ڄاڻ حاصل ڪندڙ شاگرد کان علاوه بيڊمنٽن ۽ ٻين راندين جو
گهڻو شوقين هيو ۽ ڪرڪيٽ ساڻ ته جنون واري حد تائين لڳاءُ هيس. هو ڪرڪيٽ جو بهترين
کلاڙي هيو، ڪيٿيڊرل هاءِ اسڪول بمبئي ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين رانديگر هيو ۽ ڀارتي
ڪرڪيٽ جي هڪ عظيم کلاڙي مشتاق علي جو چوڻ ته ذلفي جيڪڏهن مسلسل ڪرڪيٽ کيڏي ها ته
منجهس هڪ وڏي ڪرڪيٽر هئڻ جون سڀ صلاحيتون موجود هيون، هڪ دفعي هندستان جي ڪرڪيٽ
ٽيم انگلينڊ وڃي رهي هئي ته ڀٽو صاحب سڄي ٽيم کي پنهنجي گهران ڦل سوٽ وٺي ڏنا.
ڀٽو صاحب بابت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اي ايڇ
ڪاردار ڄاڻايو آهي ته هو ۱۹۴۲ع ۾ بمبئي ۾ ڀٽو صاحب سان تڏهن
مليو جڏهن هو پنجاب يونيورسٽي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏسڻ لاءِ برابورن اسٽيڊيم آيو هيو. ڀٽو
صاحب ان وقت سندرڪارڪي ڪلب پاران ڪرڪيٽ کيڏندو هيو ۽ ڪرڪيٽ بابت وڏي ڄاڻ رکندو
هيو. ۱۹۵۶ع ۾ منهنجي ڀٽو صاحب سان آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪراچي
اچڻ وقت ملاقات ٿي، ڀٽو صاحب عظيم بالر ڪيٿملر سان ملاقات ڪئي ۽ کيس هڪ خوبصورت
سوکڙي ڏنائين، وري سال ۱۹۷۵ع ۾ ڪيٿملر پاڪستان آيو ته ڀٽو صاحب سان ملي ڏاڍو
خوش ٿيو، جيڪڏهن ڀٽو صاحب آڪسفورڊ نه وڃي ها ۽ آمريڪا ۾ ٽي سال نه گذاري ها ته
پوءِ يقينن هڪ وڏو ڪرڪيٽ جو کلاڙي هجي ها.
ڀٽو صاحب عالمي امور بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ تي گهڻي توجه
ڏيندو هيو ۽ هن شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ والدين کان ملندڙ خرچي به ڪتابن تي لڳائيندو
هيو. بمبئي واري اسڪولي ڏينهن ۾ اقوام متحده ۽ سانفرانسڪو جي پليزي سيشن واري
موضوعن تي ٿيندڙ بحث مباحثي ۾ شريڪ ٿيندي برطانيه حڪومت تي تنقيد ڪندي برطانيه
حڪومت پاران مٿئين ڪميشن ۾ هندستان جي فيروز خان نون کي نمائندو ڪري موڪلڻ بدران
قائداعظم يا جواهر لعل نهرو کي موڪلڻ جو مشورو ڏنائين، سندس چوڻ هو ته هندستاني
عوام ۾ تحريڪ آزادي عروج تي آهي ۽ جدوجهد جي ان موڙ تي قوم جي ڪنهن معروف اڳواڻ ئي
نمائندگي ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي ها. جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي تقرير بعد انگريزي هيڊ
ماستر کي گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ ذلفي کي انعام به ڪو نه ڏنو الٽو کيس سياست کان پري رهڻ
جي وارننگ جڏنائين. هن ۲۶ اپريل ۱۹۴۵ع تي مسٽر جناح کي
سرحد صوبي جي سياسي صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو.
ڀٽو صاحب سال ۱۹۴۵ع ۾ ئي ۱۷ سالن جي ڄمار ۾
بمبئي ۾ مارڪس کي پڙهيو، هن چنگيز خان، سڪندر، هني بال، مسوليني، هٽلر، نپولين،
ڊيگال، چرچل ۽ اسٽالن بابت به پڙهيو ان کان علاوه مزني، گيري بال ۽ روسو جو پڻ
گهڻو مطالعو ڪيو. هو نظرياتي لحاظ کان مارڪس جي معاشي اعتبار جو حامي هيو پر
جدليات تعبير کي رد ڪندو هيو. هو اسٽالن جي گهڻي عزت ڪندو هيو پر خروف چيف کي پسند
ڪو نه ڪندو هيو. هو پنهنجي زندگي ۾ انڊونيشيا جي سوئيڪارنو، مصر جي صدر جمال
ناصر ۽ چين جي چو اين لاءِ جي گهڻي عزت ۽ احترام رکندو هيو، شاگردي واري زماني ۾
تاريخ ۽ فلاسافي بابت تمام گهڻو ليٽريچر پڙهيائين، هو شاگردي واري زماني کان ئي
دنيا جي تاريخ، علم، ادب ۽ حالتن واقعن کان باخبر اڳواڻ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو
هيو، يورپ جو ماحول ۽ انگريزي ٻولي تعليم کيس عالمي افق تي اڳتي وڌي پاڻ مڃائڻ
لاءِ تمام گهڻا موقعا ميسر ڪيا، سياست به کيس عزت، شهرت، دولت وانگر ورثي ۾ ملي
ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب جو ننڍپڻ پنهنجي عظيم سياستدان والد سان گهڻو گذريو ۽ ان وقت
سياست جي ديوي سر شاهنواز خان ڀٽو جي اڱڻ تي ويٺل هئي، ننڍپڻ والد ماجد سان گهارڻ
سبب ڪراچي، لاڙڪاڻو ۽ بمبئي شهر ۾ رهندو هيو ۽ اوطاقن تي سياسي ڪچهريون گڏجاڻيون
ٿينديون هيون، سياست جون مشهور ۽ معتبر هستيون اينديون وينديون هيون. ڀٽو صاحب وڏن
۽ عظيم سياستدانن کي ويجهو ڏسندو ٻڌندو. انهن جي صحبت، پيار، شفقت حاصل ڪندو رهيو.
ملڪ جي تاريخ بابت والد جي هنج ۾ ويهي عظيم اڳواڻن جا فيصلا ٻڌايائين. هڪ طرف
پنهنجي والد جي اليڪشن ۾ ڪاميابين تي منعقد ٿيندڙ جشن جلوس عوام جا وڏا وڏا ميڙ،
ملڪ جي معتبر ماڻهن پاران ملندڙ مبارڪو خوشيون، ٽهڪ شادمانيون ڏٺيون ته ٻئي طرف
بمبئي کان ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جي آزادي بعد مذهبي نفرت واري ماحول ۾ ٿيندڙ
پهرين اليڪشن ۾ پنهنجي والد جي شڪست بعد بنگلي يا اوطاق تي افسوس، ڏک ۽ مايوسي
وارو خاموش ماحول ۽ منظر پڻ ڏٺا هيا. هتان ئي ڀٽو صاحب سياست جي ميدان ۾ هر وقت هر
حال ۾ عوام سان گڏ رهڻ جيئن ۽ مرڻ وارا سبق يا سياست جي الف ۽ بي سکيو. پوءِ اسڪول
جي وقت ۾ پڻ سياست سان گهڻو ويجهو رهيو ۽ هي موضوع سندس پسند هيو. ۱۶ آگسٽ ۱۹۴۶ع ۾ پاڪستان ٺاهڻ
واري جدوجهد عروج تي هئي ۽ ان وقت بمبئي ۾ مسلم شاگردن جي هڪ وفد مسٽر محمد علي
جناح سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ۱۷ ورهين جو جو ذوالفقار علي ڀٽو
به شامل هيو. مسٽر جناح شاگردن کي مختلف جڳهن تي مظاهرا ڪرڻ بابت هدايتون ڏنيون ۽
مسٽر ذوالفقار علي کي به ذميواري ڏني وئي، ان موقعي تي ذوالفقار صاحب مسٽر جناح کي
تجويز ڏني ته اهو مظاهرو الفنسٽن ڪاليج ۾ ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته اهو هندن جو مشهور
ڪاليج هيو، مسٽر جناح ذوالفقار جي اها تجويز خوشي سان منظور ڪئي. ڀٽو صاحب شاگرد
دوستن سان پلي ڪارڊ کڻي هندن جي اسڪولن اڳيان مظاهرا ڪيا ۽ مظاهرن واري تحريڪ
ڪامياب ٿي، جنهن لاءِ هندستان جي اخبارن گهڻو ڪجهه لکيو. ڀٽو صاحب جي هندو دوستن
جا هن بابت رايا هيا ته ڀٽو صاحب شاگردي واري زماني کان ئي مسلم تحريڪن، اسلامي
دنيا، پاڪستان ۽ مسٽر محمد علي جناح جو ڪٽر حامي هوندو هيو. لنڊن لنڪن مان ۱۹۵۳ع ۾ بئريسٽر جي ڊگري
حاصل ڪيائين ۽ يونيورسٽي آف سائوٿ ميٽن ۾ بين الاقوامي معاملن جو ليڪچرار مقرر
ٿيو. آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪائونسل ۱۹۵۷ع ۾ زيڊ اي ڀٽو کي ذهين شاگردن
جي صف ۾ شامل ڪري اعزازي ڊگري به ڏني هئي.
۱۹۵۳ع ۾ واپس ملڪ موٽيو. پهريائين ۱۵ جون ۱۹۵۳ع تي سنڌ مسلم لا
ڪاليج ڪراچي ۾ قانون ۽ آئين پڙهائڻ لاءِ پروفيسر مقرر ٿيو، گڏوگڏ ۱۹۵۴ع ۾ مغربي پاڪستان
هاءِ ڪورٽ ۾ بحثيت بئريسٽر وڪالت شروع ڪئي ۽ بار ڪائونسل جو ميمبر به ٿيو. انهيءَ
وقت جي مشهور وڪيل رامچنداڻي سان گڏجي ڀٽو صاحب غريبن ۽ مجبورن جا ڪيس مفت
هلائيندو هيو، ڀٽو صاحب ”سنڌ يوٿ فرنٽ“ ۽ ”هاري ايسوسئيشن“ جو چيئرمين به ٿيو هيو،
هن سال ۱۹۵۶ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصان بابت ڪتاب ”هڪ
وحداني رياست يا وفاق“ لکي حڪمرانن کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
سائين جي ايم سيد جي سربراهي ۾ ”اينٽي ون يونٽ فرنٽ“ ۾
شامل ٿي ڪم ڪيو پوءِ قومپرست سياست کي خدا حافظ چئي، فرنٽ تان استعيفا ڏئي پنهنجي
سياسي استاد والد سر شاهنواز خان ڀٽو جي مشوري تي عمل ڪندي پاڪستان جي سياست ۾ پير
پاتو. والد جي دوستن جي مشورن ۽ والد جي خواهش جي تڪميل ڪندي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ۾
رهائش اختيار ڪيائين، لاڙڪاڻي اچڻ بعد پنهنجي والد جي سياسي جڳهه والاريائين، تمام
سياسي سماجي اثر رکندڙ شخصيتن سان ملاقاتيون ڪيون، رابطا شروع ڪيا ۽ لڳ لاڳاپا
جوڙيا نتيجي ۾ سندس اعليٰ ذهانت، باوقار شخصيت ۽ تجربي هڻي هنڌ ڪيو. ياريون
دوستيون ٿيون، دائرو وڌيو. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو صاحب پهريون قتل جو مقدمو کنيو، مقابلي ۾
عبدالوحيد ڪٽپر وڪيل ڪيس کٽيو. ڀٽو صاحب پاران ڪيس هارائڻ جو سبب صرف اهو هيو ته
هن مقدمو انگريزي انداز ۾ وڙهيو، جڏهن ته ڪٽپر صاحب ديسي طريقي سان وڙهيو، جڏهن
ڀٽو صاحب ڪراچي ۾ پنهنجي ذهانت ۽ اثر انگيز شخصيت جو ڌاڪو ڄمايو ته هو ڪراچي ۾
منعقد ٿيندڙ تقريبن ۽ پروگرامن جو لازمي حصو بڻجي ويو. اهو ڪو به وي آءِ پي
پروگرام ڪو نه هيو جنهن ۾ ڀٽو صاحب شريڪ نه هجي بلڪه ڀٽو صاحب جي شخصيت سان ڪراچي
جون محفلون آباد ٿيڻ لڳيون، سال ۱۹۵۵ع ۾ ڀٽو صاحب جي ذهانت جو پڙاڏو
دفتر خارجه اسلام آباد وٽ پيو. ڀٽو صاحب جو نالو هڪ وفد ۾ شامل ڪيو ويو پر جڏهن
لسٽ ان وقت جي بيوروڪريسي جي چيمپئن وزيراعظم چوڌري محمد علي جالنڌري وٽ وئي ته هن
اعتراض ڪيو پر وزير خارجه جي اسرار تي هن صاحب جو عالمي امور بابت انٽرويو ڪيو ۽
ڀٽو صاحب جي گهري مطالعي تي حيران ٿي ويو. بيروڪريٽڪ ذهنيت واري وزيراعظم چوڌري
محمد علي ڀٽو صاحب جي ڏات تي حسد ڪرڻ لڳو ۽ نالو لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو. جڏهن صدر
جنرل اسڪندرمرزا ٿيو تڏهن حسين شهيد سهروردي وزيراعظم بڻيو. مسٽر سهروردي هڪ بلند
خيال سياستدان هيو. هن صاحب ذهانت ۽ پرڏيهي معاملن ۾ گهڻي ڄاڻ ڏسندي سڀ کان اول جناب
ذوالفقار علي ڀٽو کي ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۵۷ع تي اقوام متحده جي
ٻارهين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جو ميمبر نامزد ڪيو. جنهن ۾ ڀٽو صاحب ”امن، عالم ۽
جارحيت“ جي موضوع تي تقرير ڪئي. پر هن فيبروري ۱۹۵۸ع ۾ سامونڊي قانون
بابت اقوام متحده پاران جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جو ميمبر نامزد ڪيو، ڪانفرنس
۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. اهڙي طرح سندس شاگردي واري زماني ۾ پنهنجي ملڪ جي
اقوام متحده ۾ قيادت ڪرڻ واري حسين جميل ۽ ناممڪن سپني جي ساڀيان عمل ۾ آئي. هي
ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي ۾ وڏي خوشنصيبي هئي جيڪا ڀٽو خاندان لاءِ به پهرين
ڪاميابي جي حيثيت رکندڙ هئي، ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي عالمي معاملن تي دسترس،
فيصلي جي قوت رکڻ يورپ جي جديد ماحول مان تعليم ماڻڻ جو ڀرپور فائدو ورتو ۽ ملڪ
قوم لاءِ عالمي ادارن ۾ انهن جي ٻولي ۽ سوچن ۾ ويهندڙ موقوف پيش ڪيو، کيس صرف ۳۰ سالن جي ڄمار ۾ ۲۸ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي حڪومت پاڪستان
جو وزير تجارت مقرر ڪيو ويو. جنوري ۱۹۶۰ع ۾ اقليتي معاملن ۽ اطلاعات محڪما
ڏنا ويا، جڏهن ته اپريل ۱۹۶۰ع ۾ بجلي قدرتي وسيلا ۽ امور ڪشمير جا کاتا به
سنڀاليا، ساڳي سال ۾ ڀٽو صاحب پاڪ ڀارت اخبارن وچ ۾ ضابطه اخلاق ترتيب ڏيندڙ وفد
جي قيادت به ڪئي.
۲۷ سيپٽمبر ۱۹۶۰ع تي جنرل اسيمبلي
جي پندرهن اجلاس ۾ پاڪستان جي اڳواڻي ڪئي، هن اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جهڙوڪ روس جو
صدر خروچيف، برطانوي وزيراعظم مئڪملن، ڪيويا جو صدر فيڊرل ڪاسترو، ڀارتي وزيراعظم
جواهر لعل نهرو جهڙن ليڊرن به شرڪت ڪئي.
ڀٽو صاحب پاڪستان سرڪار پاران ڊسمبر ۱۹۶۰ع ۾ پهريون روس جو
دورو ڪري ماسڪو سان تيل جو معاهدو ڪيو. حڪومت پاڪستان پاران روس سان اقتصادي
معاملن بابت هي پهريون معاهدو هيو. پاڻ مارچ ۱۹۶۲ع ۾ ملڪ اندر قومي
اسيمبلي جي ٿيندڙ چونڊن ۾ بنا مقابلي منتخب ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائين جيڪا ملڪي ۽
مقامي سطح تي سندس لاڳاپن جي مقبوليت جو روشن مثال ظاهر ڪري ٿي، نئون آئين ٺهڻ بعد
وري کيس تاريخ ۱۳ جون ۱۹۶۲ع تي حڪومت ۾ وزارت ملڻ جو
موقعو حاصل ٿيو. ڊسمبر ۱۹۶۲ع ۾ هن کي پرڏيهي معاملن تي مهارت سبب پاڪ، ڀارت
وچ ۾ ڪشمير متعلق ٿيندڙ ڳالهين خاطر پاڪستان سرڪار جو اعليٰ نمائندو مقرر ڪيو ويو
۽ ان وقت کان وٺي آخري وقت تائين ڪشمير سندس زندگي ۾ اوليت حاصل ڪندڙ موضوع رهيو،
پاڪ ڀارت ڪشمير مسئلي جي ڏس ۾ وفد جي اڳواڻ طور ڀٽو صاحب سال ۶۲-۱۹۶۳ع دوران لڳاتار
هندستان سان ڳالهين جا ڇهه دور مڪمل ڪيا، جيئن ته ڀٽو صاحب شاگردي واري زماني کان
ئي پنهنجي سوچ ۽ عمل کي مسلمان، پاڪستان ۽ ايشيا لاءِ ڪم آڻيندو رهيو تنهن ڪري وٽس
دنيا جي خارجي پاليسين بابت وڏا منصوبا ۽ تجويزون موجود هونديون هيون، جيتوڻيڪ وٽس
وزارت اطلاعات، قدرتي وسيلا يا تجارت هئي پر هو پرڏيهي معاملن تي بحث يا مشورا
ڏيندو رهندو هيو تنهن ڪري حڪومت وٽ سندس پرڏيهي معاملن بابت صلاحيت جا چٽا ثبوت
موجود هيا، ڪيترا دفعا ته ان وقت جي صدر جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت جي وزير
خارجه محمد علي بوگره جي بيماري وارن ڏينهن ۾ قيادت جي ذميواري ڀٽو صاحب کي منتقل
ڪئي ويندي هئي مڪمل طرح سان ڀٽو صاحب کي وزير خارجه جو قلمدان ۲۲ فيبروري ۱۹۶۳ع تي مليو. هي موقعو
ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي ۾ ٻي وڏي ڪاميابي جي حيثيت رکي پيو ڇاڪاڻ ته هاڻي هو دنيا
جي عالمي ادارن ۾ مڪمل طرح سان پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ملڪ قوم، مسلم دنيا،
ايشيا لاءِ طاقتور آواز بلند ڪرڻ جي حيثيت ماڻي چڪو هيو ۽ شاگردي وارن زمانن ۾
يورپين استادن ۽ پريس سان مهاڏو اٽڪائيندڙ نوجوان پنهنجي عمل سان دنيا جي ادارن ۾
نقشن ۾ تبديليون آڻي سگهي پيو. اهو ئي سبب آهي جو ڀٽو صاحب ملڪ کي مضبوط ڪرڻ، مسلم
دنيا کي گڏ ڪرڻ ۽ ايشيا جي مظلومن لاءِ آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪيترائي ادارا جوڙيا ۽
انهن حوالن سان مشهور به ٿيو. ڀٽو صاحب ۲۶ مارچ ۱۹۶۳ع تي چين سان نئين
پاليسي تحت پاڪ چين سرحدي حد بندي بابت معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو جيڪو پاڪ، چين
دوستي جي ڏس ۾ پهريون مٿاهدو ليکيو ويندو آهي. ۲۷ جولائي ۱۹۶۳ع تي ڀٽو صاحب پاڪ،
ايران سرحدي معاهدي بابت قومي اسيمبلي کي خطاب ڪيو ۽ ان سال ئي افغانستان سان
لاڳاپن جي بحالي بابت ايران ويندڙ وفد جي قيادت ڪيائين اهڙي طرح سال ۱۹۶۳ع ۾ ئي ڀٽو صاحب
پنهنجي وزارت ۽ صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي پاڙيسري ملڪن افغانستان، ايران، روس ۽ چين
سان بهترين سرحدي ۽ تجارتي لاڳاپن کي بحال ڪرائڻ ۾ ڪاميابيون ماڻيون، هڪ سال ۾
ايتريون ڪاميابيون حاصل ڪرڻ تي سندس محنت ۽ شوق جو ثبوت پيش ڪن ٿيون. روس، چين،
ايران ۽ افغانستان لاڳاپن پاڪستان لاءِ پڻ وڏو اعزاز رکن ٿا. جن ڪري پاڪستان کي
داخلي ۽ خارجي پليٽ فارم تي استحڪام مليو ۽ ملڪ جي معيشيت هڪ مضبوط اقتصادي خوشحالي
کڻي اڳتي وڌي، ڇاڪاڻ ته امن ئي ڪنهن ملڪ کي ترقي جي آغوش ڏانهن گهلي ويندو آهي،
پهرين سيپٽمبر ۱۹۶۳ع تي ڀٽو صاحب اقوام متحده لاءِ ويندڙ وفد جي قيادت ڪئي،
اهڙي طرح هن اقوام متحده جي منعقد چوڏهين، پندرهين، ارڙهين ۽ ويهين اجلاسن ۾ ملڪ
جي نمائندگي ۽ قيادت ڪئي.
سال ۱۹۶۴ع ۾ ڀٽو صاحب سلامتي ڪائونسل
اندر ڪشمير جي مسئلي تي هلندڙ بحث واري اجلاس ۾ ملڪي وفد جي قيادت ڪئي. انڊونيشيا
جي صدر سوئيڪارنو پاران تجويز ڪيل اپريل ۱۹۶۴ع ۾ ٻي افرو ايشيا
جڪارتا پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس لاءِ پاڪستاني وفد جي پاڻ اڳواڻي ڪيائين، جون ۱۹۶۴ع ۾ ڀٽو صاحب
استنبول ۾ پاڪستان ايران ۽ ترڪي وچ ۾ علائقائي اتحاد بابت ٺاهه ڪرائڻ واري معاهدي
۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ R.C.D نالي اقتصادي تعليمي ثقافتي
رابطن لاءِ اتحاد جوڙيو ويو.
۲۷ جون ۱۹۶۴ع تي ڀٽو صاحب دولت
مشترڪه جي وزراءِ خارجه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ۳۱ جولاءِ ۱۹۶۴ع تي ڀٽو صاحب ميثاق
استنبول جو اعلان ڪيو. ڀٽو صاحب پاڪستان جي بين الاقوامي سرحدن تي ڀارت پاران جنگي
حملي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت سيپٽمبر ۱۹۶۵ع دوران سلامتي
ڪائونسل جي اجلاس ۾ ملڪ جي قيادت ڪندي دنيا اڳيان شاندار نموني ڀارت کي هڪ جارحيت
پسند ملڪ قرار ڏنو ۽ دنيا جون همدرديون پاڪستان ڏانهن موڙيون، ڀٽو صاحب جي ڪامياب
خارجا پاليسي ۽ جدوجهد سبب ڀارت دنيا ۾ اڪيلو رهجي ويو. ڀٽو صاحب جي مدبرانه
مقناطيسي شخصيت ۽ تقريرن جو اثر هيو جو عالم اسلام، چين، ايران ۽ ٻين ڪيترن ئي
ملڪن ۾ ۱۹۶۵ع واري جنگ ۾ پاڪستان جي فوجي اخلاقي، مالي ۽ سفارتي مدد
کلئي عام ڪئي، اهڙين وڏين عالمي ڪاميابين پاڪستاني قوم ۽ فوج جي جوانن جو حوصلو
وڌايو، آخر ڀارت وڏي فوجي طاقت ۽ اسلحي سان شروع ڪيل جارحيت واري جنگ ۾ شڪست محسوس
ڪئي ۽ پنهنجي پراڻي همدرد روس کي ٺاهه ڪرائڻ لاءِ گذارش ڪئي ، جڏهن ته ڀٽو صاحب جي
ڪوشش سان ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۶۵ع تي چين ڀارت کي الٽيميٽم ۽
ڌمڪي ڏني هئي، تاشقند معاهدي تحت صدر محمد ايوب خان، لعل بهادر شاستري ۽ روسي
وزيراعظم ڪوسيگن درميان جنگ بندي جو معاهدو ٿيو جنهن مطابق پاڪستان فتح ڪيل جنگ
بنا مقصد ماڻڻ جي ختم ڪئي.
هاڻي ڀٽو صاحب اقوام متحده ۾ هڪ ذهين، هوشيار نوجوان هر
دلعزيز، مقبول ڄاتل سڃاتل وزير خارجه جي حيثيت ماڻي چڪو هيو. پوري دنيا جا وزير
خارجه سندس عزت احترام ڪندا هيا. دوستي جو ڀرم ۽ حام هڻندا هيا ۽ مختلف مسئلن بابت
مشورا ماڻيندا هيا. سڄي دنيا ۾ هن ذهين نوجوان وزير خارجه جي شهرت ۽ هاڪ هوندي
هئي. دنيا جي هر وڏي عالمي اداري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي شرڪت ڪرڻ هڪ اعزاز
سمجهيو ويندو هيو، سندس حالات حاضره بابت تقريرون ۽ تجويزون عالمي ادارن ۾ سونهري
تاريخ جي چمڪندڙ ورقن وانگر محفوظ ٿي ويا. هي دور ڀٽو صاحب لاءِ يادگار ۽ حسين دور
هيو. دنيا ۾ هڪ طرف پاڪستان جو وقار وڌيو، پاڪستان جي آزاد خارجه پاليسي جي گهڻي
تعريف ٿي هن کان اڳ سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر هئڻ سبب پاڪستان کي يورپين جي کيسي ۾
رهندڙ هڪ سڪي جي حيثيت هوندي هئي، ڀٽو صاحب جي پرڏيهي محاذ تي خدمتن ۽ بهترين
ڪارڪردگي بابت حڪومت پاڪستان کيس ۲۷ جون ۱۹۶۴ع تي ”هلال پاڪستان“
جو اعزاز ڏنو. ۲۷ آڪٽومبر ۱۹۶۴ع تي ايران سرڪار پاران ”نشان
همايون“ جو اعزاز حاصل ڪيائين، ۲۰ اپريل ۱۹۶۵ع تي انڊونيشيا
سرڪار پاران ”آرڊر آف دي ريپبلڪ“ جو اعزاز به مليو.
ڀٽو صاحب جنوري ۱۹۶۶ع ۾ صدر محمد ايوب
خان جي قيادت ۾ پاڪ، ڀارت وچ ۾ ڪشمير لاڳاپن متعلق ٿيندڙ ڳالهين واري وفد ۾ به
شامل هيو. ڀٽو صاحب تاشقند معاهدي بعد ذهني طرح سان جنرل محمد ايوب کان خوش ڪو نه
هيو ۽ ڪن بنيادي نڪتن تي اختلاف هئڻ ڪري سندس ذهن ۽ سياسي فلسفي کيس وڌيڪ صدر ايوب
خان سان ڪم ڪرڻ لاءِ اجازت نه ڏني ۽ هن وڏي موڪل حاصل ڪئي. موڪل تان واپس اچن بعد ۲۰ جون ۱۹۶۶ع تي وزارت خارجه
جهڙي ملڪ جي وڏي ۽ اهم عهدي تان استعيفا ڏني، هن کان اڳ ڀٽو صاحب ۲۰ جنوري ۱۹۶۶ع تي به استعيفا ڏني
هئي پر صدر ايوب خان قبول نه ڪندي وڏي عرصي لاءِ موڪل منظور ڪئي پر واپس اچڻ بعد
به ڀٽو صاحب استعيفا ڏيڻ جو ئي فيصلو ڪيو، ۲۰ جنوري ۱۹۶۶ع تي استعيفا ڏيڻ
بعد ڀٽو صاحب راولپنڊي کان لاهور ٽرين ذريعي سفر ڪيو. ڀٽو صاحب جڏهن لاهور اسٽيشن
تي پهتو ته پنجاب جي عوام سندس شاندار تاريخي استقبال ڪيو. جيئن ڪنهن قومي هيري يا
فاتح جو استقبال ڪيو ويندو آهي، ڀٽو صاحب عوام جا اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ جذبا ڏسي
خوشي وچان پنهنجا جذبا روڪي نه سگهيو ۽ سندس اکين مان خوشي جا ڳوڙها ڳڙي پيا جيڪي
هن هڪ رومال سان اگهيا ۽ اهو رومال ڪيترن هزارن رپين ۾ماڻهن هڪ ٻئي کان خريد ڪيو.
برطانيا جي عالمي مدبر لارڊر برٽن رسل هميشه ڀٽو صاحب جي
صلاحيتن جو وڏو مداح هوندو هيو. لارڊ برٽن پنهنجي پاران ڀٽو صاحب کي سندس صلاحيتن
جي حوالي سان ويٽنام جنگي ڏوهن جي بين الاقوامي ٽربيونل جو ميمبر ٿيڻ جي دعوت ڏني،
محترم جي ايم سيد پڻ ڀٽو صاحب کي سنڌ جي حقن بابت جوڙيل ”سنڌ اتحاد“ جي سرواڻي جي
آڇ ڪئي.
ڀٽو صاحب جي زندگي جي ٻئي دور جو خاتمو ٿيو، هن پنهنجي
زندگي جي ٻئي دور ۾ گهڻو وقت دنيا جي ملڪن ۾ گذاريو. تمام عالمي ادارن ۾ ويٺو.
دنيا جي وڏن وڏن سربراهن سان ملندو رهيو. سال ۱۹۶۰ع کان ۱۹۶۶ع تائين ڇهن سالن جي
عرصي ۾ وڌيڪ دنيا ۾ دوست ٺاهيائين، پنهنجي ذهانت، تدبر، ڏات ۽ دانشوري جو پوري
دنيا جي ايوانن ۾ ڌاڪو ڄمايائين. هو هڪ عالمي مدبرانه شخصيت ثابت ٿيو دنيا جي اندر
ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ تاريخ کي پنهنجي سامهون جڙندي ڏٺائين ۽ دنيا جا گهڻا عالمي حادثا يا
واقعا سندس اڳيان وجود ماڻيندا رهيا. زندگي جون رنگين لذتون به ماڻيائين ته وري
ٻئي طرف اقتدار جي ايوانن ۾ پاڻ ويهي حڪومتي تجربا حاصل ڪيائين. منصوبا جوڙيا،
پاليسيون ٺاهيون ملڪ ۽ قوم کي انهن مان لاڀ ڏنو، ڇهن سالن جو هي دور سندس لاءِ صرف
۽ صرف ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون، خوشيون، عزت، شهرت لڳ لاڳاپا کڻي آيو. ۲۴ مئي ۱۹۶۶ع ۾ ڀٽو صاحب کي
عالمي شهرت يافته شخصيت سبب ارجنٽائين جو شهري سڏيو ويو.
ڀٽو صاحب آگسٽ کان آڪٽومبر ۱۹۶۶ع تائين پرڏيهي دوري
تي هليو ويو ۽ اٽڪل هڪ سال تائين پنهنجي آئنده لائحه عمل بابت سوچيندو رهيو.
پنهنجي دوستن سان صلاح مشورا ڪندو رهيو، ملڪ جي تمام سياسي پارٽين جي قائدن،
اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن سان صلاحون ڪندو رهيو ۽ آخر پنهنجي لاءِ هڪ نئون رستو ٺاهڻ
جو فيصلو ڪيائين.
منهنجي شاگردي واري زماني جي سياسي استاد عبدالوحيد ڪٽپر
وڪيل ٻڌايو ته هو ضلعي بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر هوندو هيو، ايوب جناح اليڪشن
۾ قاضي فضل ا ۽ مسلم ليگ جو حمايتي ۽ ڀٽو صاحب جو سياسي مخالف هيو. ڀٽو صاحب وزير
خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد پرڏيهه هليو ويو هيو پويان صدر محمد ايوب خان
ٽريڪٽرن جو هڪ ڪوڙو ڪيس ڀٽو صاحب جي گهر جي خواتين خلاف داخل ڪرايو. ڪٽپر صاحب جو
هم زلف ڀٽو صاحب جو منشي هيو. ان ڪوئيٽا فون ڪري ڪيس ۾ مدد ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي
ڇاڪاڻ ته ڪو به لاڙڪاڻي جو وڪيل ڪيس کڻڻ لاءِ تيار ڪو نه هيو. ڪٽپر صاحب صبح سوير
لاڙڪاڻي پهچي ڪاغذ ٺاهي ضمانت ڪرائي، ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان آيو ته هن ڪٽپر صاحب
جو شڪريو ادا ڪندي منجهند جي ماني تي دعوت ڏني، اهڙي طرح سندن دوستي جو سلسلو شروع
ٿيو. پنهنجي دوستن سان آئنده جي لائحه عمل بابت مشورو ڪرڻ لاءِ هڪ دفعي سکر خيرپور
وڃي رهيا هيا، ڪٽپر صاحب گاڏي هلائي رهيو هيو، رائيس ڪئنال جي ڪناري نصرت بند لڳ
ريلوي ڦاٽڪ بند هئڻ ڪري ڪجهه وقت لاءِ گاڏي بيهاري انتظار ڪرڻ لڳا. رائيس ڪئنال جي
هڪ پاسي هيٺ ڪجهه ٻوڙا ۽ ڍنگر هيا ۽ انهن ڍنگرن تي ڪپڙا پيا هيا، جڏهن ته ٻوڙن
پٺيان ڪجهه اگهاڙيون عورتون ننگي جسم سان ويٺيون هيون ڀٽو صاحب جي انهن تي نظر پئي
هن انهن جسم اگهاڙين ڍنگرن ۾ لڪل عورتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي، ڪٽپر صاحب هڪدم هڪ
مال چاريندڙ ڌنار ڇوڪري کي سڏ ڪري پڇيو، جنهن ٻڌايو ته هي ويچارا غريب ماڻهو آهن
جيڪي مهيني ۾ اڌ ڀيرو هتي اچي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي وهنجي ويندا آهن، وٽن ٻيو وڳو پائڻ
لاءِ ڪونهي تنهن ڪري هي ڪپڙا سڪائي پوءِ اهي پائي گهر ويندا، ايتري ۾ ڦاٽڪ کليو ۽
ڪٽپر صاحب گاڏي اسٽارٽ ڪندي ڀٽو صاحب ڏانهن ڏٺو، ڪٽپر صاحب حيران ٿي ويو ته ڌنار
ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي ڀٽو صاحب جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. ڪٽپر صاحب هڪدم گاڏي
روڪي ڇڏي، جڏهن ڀٽو صاحب ڪجهه وقت لاءِ ڳوڙها ڳاڙهي پنهنجي دل جو بوجهه هلڪو ڪيو
تڏهن لڙڪ اگهندي ٿڌو ساهه کڻندي چيائين ”ڪٽپر پهريان منهنجي سياست جو رستو مختلف
هيو پر هاڻي منهنجي سياست جو مقصد اهي مسڪين ماروئڙا ۽ انگ اگهاڙا غريب هوندا.“
انهي واقعي ڀٽي صاحب جي ذهن ۽ سوچن کي جنجهوڙي ڇڏيو، سنڌ جي ماروئڙن جي اهڙي مسڪين
حالي ڏسي هميشه لاءِ انهن جو آواز بڻجي اڀريو پنهنجي جيون جو محبوب انهن انگ
اگهاڙن ڏتڙيل انسانن کي بڻايائين.
۱۹۶۷ع جي شروع ۾ ڀٽو صاحب سياسي
پارٽي ٺاهڻ لاءِ دوستن جو هڪ اجلاس سنڌ جي عوامي ليڊر شير سنڌ مير رسول بخش خان
ٽالپر سان صلاح ڪرڻ بعد مير صاحب جي سوٽ مير محمد بخش خان ٽالپر جي ڳوٺ محمد حسين
ٺوڙها ضلعو حيدرآباد وٽ ڪوٺايو. اجلاس ۾ پارٽي ٺاهڻ ۽ آئنده لاءِ پروگرام ترتيب
ڏنو ويو. جنهن ۾ ڀٽو صاحب کانسواءِ معراج محمد خان، جي اي رحيم، ڪامريڊ قادر بخش
نظاماڻي پڻ شرڪت ڪئي. وري مخدوم آف هالا حضرت طالب الموليٰ جي جڳهه تي ۱۶ جولائي ۱۹۶۷ع تي ٻيو اجلاس ٿيو
جنهن ۾ پوري ملڪ مان ڀٽو صاحب جي دوستن ۽ حمايتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ پارٽي
ٺاهڻ واري فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
آخري فيصلي مطابق ڀٽو صاحب لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي
گهر تاريخ ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع تي پنهنجي والد مرحوم جي
ٺاهيل ”سنڌ پيپلز پارٽي“ جو نالو تبديل ڪري ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ جو بنياد وڌو.
جناب ذوالفقار علي ڀٽو چيئرمين، شيخ رشيد ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وائيس
چيئرمين، مسٽر جي اي رحيم سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، پاڪستان پيپلز پارٽي منشور ۾
اسلام اسان جو دين، جمهوريت اسان جي سياست، سوشلزم اسان جي معيشيت ۽ طاقت جو
سرچشمو عوام رکيو. عوام کي هڪ نعرو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان ڏنو ويو. جيڪو ڏاڍو مقبول
ٿيو ۽ ڀٽو صاحب جي ملڪي دورن ۾ ڏاڍي زوردار نموني لڳايو ويندو هيو، رابطه مهم
دوران ۱۶ جنوري تي ملتان ۱۶ نومبر تي ٻيهر ملتان ۾ ۱۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي صادق آباد ۾
ڀٽو صاحب مٿان خوني حملا ٿيا جن کي ڀٽو صاحب جي پارٽي ورڪرن ۾ پيپلز گارڊ ناڪام
بڻايو.
ملڪ ۾ تنظيم کي منظم ڪرڻ کان پوءِ سيپٽمبر ۱۹۶۸ع ۾ هن فيلڊ مارشل
محمد ايوب خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. ٻن مهينن بعد ۱۲ نومبر ۱۹۶۸ع تي هن کي ڊفينس آف
پاڪستان رولز تحت گرفتار ڪيو ويو، ڀٽو صاحب جي گرفتاري بعد بيگم نصرت ڀٽو صاحبه
تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ پوري مغربي پاڪستان ۾ پر امن جلسن جلوسن جو هڪ نه ختم ٿيندڙ
سلسلو شروع ٿيو. هر هنڌ عورتن مردن، وڪيلن ۽ شاگردن پاران جلسا ٿيا احتجاج ٿيو، هڪ
اهو ملڪ جنهن ۾ اليڪشن ڪرڻ، کٽڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص طبقو هيو جيڪو
پوري قوم جا فيصلا ڪندو هيو، پر هاڻي ڀٽو صاحب عام ماڻهو کي جمهوريت جي راهه،
پنهنجا جمهوري حق حاصل ڪرڻ، ووٽ جي طاقت ۽ اهميت کي محسوس ڪرايو. اهڙي طرح هاڻي
حقن جي ڳالهه هر هڪ فرد وٽ گهر ڪري وئي، نيٺ پاڪستان ۾ ڪنهن به فوجي آمر خلاف
پهرين جمهوري جدوجهد پاڻ ملهايو، صدر محمد ايوب خان ۱۳ فيبروري ۱۹۶۹ع ۾ ڀٽو صاحب کي
آزاد ڪيو. جنرل محمد ايوب خان گول ميز ڪانفرنس گهرائي سياستدانن کي ڳالهين ڪرڻ
لاءِ ڪوٺ ڏني پر ڀٽو صاحب ان گول ميز ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪري اليڪشن ڪرائڻ لاءِ
جدوجهد جو اعلان ڪيو، آخر ڏهن سالن بعد جنرل محمد ايوب خان ۲۵ مارچ ۱۹۶۹ع تي اقتدار تان
دستبردار ٿيندي حڪومت هڪ فوجي سربراهه جنرل يحيٰ خان حوالي ڪئي جنهن ٻيهر مارشل لا
لڳائي ون يونٽ کي ٽوڙي ۲۸ نومبر ۱۹۶۹ع ۾ تي مغربي
پاڪستان ۾ چار صوبا قائم ڪيا، ۱۷ ڊسمبر ۱۹۷۰ع تي هڪ ماڻهو هڪ
ووٽ جي بنياد تي وفاقي پارلياماني نظام تحت قومي اسيمبلي ۽ ۲۷ ڊسمبر ۱۹۷۰ع تي صوبائي اسيمبلي
جي چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.
هن اليڪشن ۾ ڀٽو صاحب جي پارٽي اڳوڻي مغربي پاڪستان
وارين قومي اسيمبلي جي سيٽن تي اڪثريت ۾ سوڀ حاصل ڪئي، جڏهن ته بنگال ۾ شيخ مجيب
الرحمان سوڀ ماڻي، ڀٽو صاحب قومي اسيمبلي جي پنجن سيٽن تان اليڪشن وڙهي ۽ چئن سيٽن
تان ڪامياب ٿيو. هن لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي مرد آهن خانبهادر محمد ايوب کهڙي کان اليڪشن
کٽي پنهنجي والد جو سياسي بدلو ورتو، جڏهن ته لاهور مان مفڪر پاڪستان علامه اقبال
جي پٽ جاويد اقبال کي به هارايو، باقي ڊيره اسماعيل خان ۾ مفتي محمود صاحب کان ڀٽو
صاحب کٽي نه سگهيو. سوڀ ماڻيندڙ عوامي ليگ جي قائد شيخ مجيب الرحمان کي به اقتدار
جو نشو وڪوڙي ويو، شيخ مجيب الرحمان بنگال ۾ تحريڪ هلائي جنهن کي فوجي طاقت ذريعي
ڪچليو ويو. ان اندروني ڪشمڪش جو ڀرپور فائدو وٺندي هندستان جنگ شروع ڪئي، نيٺ
بنگال ۾ ۹۰ هزار فوج هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ شڪست تسليم ڪئي.
۱۶ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي بنگلاديش ڌار
ٿيو ۽ ملڪ ٻن ٽڪرن ۾ تقسيم ٿي ويو. جنرل يحيٰ خان مجبور ٿي ۱۷ سيپٽمبر ۱۹۷۱ع تي ڀٽو صاحب کي
پاڪستان جو نائب وزيراعـظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري سلامتي ڪائونسل ۾ وفد جي قيادت
ڪرڻ لاءِ موڪليو. ملڪ جي ٻن ٽڪرن ٿيڻ بعد جنرل محمد يحيٰ تي فوج ۽ عوامي دٻاءُ وڌي
ويو هن مجبور ٿي ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي صدر پاڪستان ۽
چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي چارج ڏيندي حلف کڻايو ان وقت ڀٽو صاحب جي عمر ۴۳ سال هئي.
ڀٽو صاحب سڀ کان پهريائين قوم ۾ موجوده مايوسي ختم ڪري
اعتماد پيدا ڪيو، تمام سياسي پارٽين سان مذاڪرات ۽ رابطا شروع ڪيا، پاڪستان ۾ قيد
بنگالين جي قائد شيخ مجيب الرحمان کي ۷ جنوري ۱۹۷۲ع تي آزاد ڪيو.
مخالف پارٽين سان رابطن بعد پاڪستان ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿيو. ڀٽو صاحب صدر
پاڪستان جي حيثيت ۾ ۲۱ اپريل ۱۹۷۲ع تي چونڊيل بالغ
رائي دهي جي بنياد تي پهرين قومي اسيمبلي جو افتتاح ڪيو، ڀٽو صاحب کي يڪراءِ ان جو
صدر چونڊيو ويو. ڀٽو صاحب مارشل لا هٽائي عبوري آئين ڏنو. تڏهن تمام قومي اسيمبلي
ميمبرن بحثيت سربراهه مملڪت سندس حق ۾ اعتماد جو ووٽ ڏنو، ڀٽو صاحب پنهنجي صلاحيتن
کي استعمال ڪندي پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري، اسلامي ۽ جمهوري آئين بابت مختلف
نظرين وارين پارٽين کي گڏيل فيصلو ڪرڻ خاطر هڪ مستقل آئيني ڪميٽي جوڙي، جنهن ۾
تمام سياسي پارٽين جي منتخب پارليامينٽري اڳواڻن کي ميمبر مقرر ڪيو، آخر تمام
پارٽين جي قائدن متطفقه طور تي هڪ اسلام جمهوري ۽ صوبائي خودمختياري سان ڀرپور
آئين ٺاهيو. جنهن کي قومي اسيمبلي منظور ڪيو. تمام اڳواڻن دستخط ڪيا ۽ ۱۰ اپريل ۱۹۷۳ع تي اهو آئين قوم
کي ڏنو ويو. نئين آئين کي پارليامينٽري نظام تحت ترتيب ڏنو ويو جنهن ۾ حڪومت جو
آئيني سربراهه صدر مملڪت ۽ انتظامي سربراهه وزيراعظم هوندو. ڀٽو صاحب ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي نئين آئين
مطابق وزيراعظم پاڪستان جو قسم کنيو. بر صغير هند جي تاريخ سر شاهنواز ڀٽو صاحب
سنڌ جي تمام سياستدانن جاگيردارن پيرن کي هڪ ڪري سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ
هلائي هئي، اهو سياستدانن جو ڪنهن هڪ قائد جي قيادت ۾ ڪنهن مقصد لاءِ عظيم اتحاد
هيو، جڏهن ته وري پاڪستان جي تاريخ ۾ قوم کي يڪراءِ آئين ڏيڻ خاطر ملڪ جي تمام
اسلامي، آزاد، سوشلسٽ پارٽين ۽ قائدن کي سندس ئي پٽ ذوالفقار علي ڀٽو ورجائي
ڏيکاريو ۽ تاريخ ۾ هڪ مثال قائم ڪيو.
واضح رهي ته ۱۹۷۳ع واري آئين ۾ ٽن
قسمن جي سياسي نظرين جو ٽڪراءُ هيو. هڪ اسلامي سوچ رکندڙ جماعتون، ٻيون صوبائي
خودمختياري چاهيندڙ، ٽيون سوشلزم جي حمايت ڪندڙ پارٽيون، هن آئين تي جماعت اسلامي
سميت تمام سياسي ۽ اسلامي پارٽين جهڙوڪ مولانا شاهه احمد نوراني ۽ مولانا مفتي
محمود، قومپرست پارٽين خان عبدالولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي ۽ مير غوث بخش خان
بزنجو جهڙا اڳواڻ سڀني گڏجي آئين منظور ڪيو، هن آئين ۾ ڏنل خود مختياري کي ڏهن
سالن لاءِ لازم ڪيو ويو هيو ۽ اها گنجائش رکي وئي هئي ته ڏهن سالن بعد صوبائي
خودمختياري کي ٻيهر جائزو وٺي ضرورت مطابق واڌارو ڪيو ويندو. اهڙي طرح آئين ۾
اسلامي نظام لاءِ به اهڙو طريقو رکيو ويو هيو. آئين کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ شق به
رکي وئي هئي ته جيڪو هن آئين کي ٽوڙيندو ان جي سزا موت ٿي سگهي ٿي. هن آئين ۾ خاص
طرح سان صوبن کي حق ڏيڻ، ناڻي جي ورهاست يا ڪنهن به اختلافي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ
بين الصوبائي رابطه ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هڪ ٻئي
وڏي ڪاميابي ڀٽو صاحب جو ۲۸ جون کان ۳ جولائي ۱۹۷۳ع تائين ڀارت جو
دورو ۽ شملا معاهدو ڪرڻ آهي. جنهن جي روشني ۾ پاڪستان جا ۹۳ هزار جنگي قيدي ۽
پاڪستان فوج جا ۲۵۲ سينيئر آفيسر بنا مقدمن جي آزاد ڪرڻ، ڀارت وٽ قبضي ۾
پاڪستاني علائقن جي واپسي کان علاوه پاڪستان ڀارت لاڳاپن جي سفارتي سطح تي بحالي،
فضائي سهولتون شروع ڪرڻ کان علاوه ڪشمير بابت ڳالهين ذريعي حل تلاش ڪرڻ شامل هيا.
پنهنجي قوم لاءِ ڳالهين جي ٽيبل تي ويهي دليلن سان فاتح يا دشمن ملڪ کان سفارتي
فتح ماڻڻ صرف ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جو ئي ڪم ۽ وس هيو. هن معاهدي تي ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۲ع کان عمل شروع ٿيو
۽ ۲ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تائين ڀارتي فوج پاڪستاني
علائقا خالي ڪيا، جڏهن ته آگسٽ ۱۹۷۳ع ۾ ڀارت پاڪستان جي جنگي قيدين
کي آزاد ڪيو. ڀٽو صاحب جي دعوت تي ۶۹ ملڪن جي پاڪستان ۾ سفيرن کي
ٽرين ذريعي راولپنڊي کان لاڙڪاڻي آندو ويو ۽ ۲۱ جنوري ۱۹۷۲ع تي لاڙڪاڻي ۾ جشن
وارو ماحول هيو. لاڙڪاڻي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ايڏي تعداد ۾ پرڏيهي سفير پهريون
دفعو گڏ ٿيا. ڀٽو صاحب پنهنجي دور اقتدار ۾ هارين، مزدورن، تعليم، صحت، قانون ۽
صنعت بابت ڪيترا سڌارا آندا.
پاڪستاني سماج اندر جاگيردارن، وڏيرن، صنعتڪارن ۽
واپارين جي هڪ طرف هڪ هٽي هئي ته وري ٻئي طرف بيورو ڪريسي جون پاڙون مضبوط هيون،
صنعتڪار پاڻ کي ملڪ جي مقدر جو مالڪ ته وري ڪامورو حڪومت جو مالڪ سمجهندا هيا.
غريب عوام جو ڪو به داد فرياد ڪو نه هوندو هيو، ڀٽو صاحب ۱۰ فيبروري ۱۹۷۲ع تي ليبر اصلاحات
آندا، ۱۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي تعليمي اصلاحات، ۲۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي صحت پاليسي ۽ ۱۷ اپريل ۱۹۷۲ع تائين زرعي قانون
۽ پوليس اصلاحات نافظ ڪيا. ان کان اڳ ڀٽو صاحب صنعتڪارن جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ جو
واعدو پورو ڪندي ۲ جنوري ۱۹۷۲ع تي وڏيون صنعتون قومي تحويل ۾
ورتيون. جڏهن ته سيپٽمبر ۱۹۷۳ع گيهه جي ڪارخانن ۽ جنوري ۱۹۷۴ع ۾ بئنڪن کي قومي
تحويل ۾ ورتو. ڀٽو صاحب عوام سان اليڪشن ۾ محنت ڪشن ۽ هارين جو راڄ قائم ڪرڻ، عوام
جي حاڪميت، سوشلزم نافذ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هيو. پاڪستان جي عوام کي جاگيردار
سرمائيدار ۽ ڪاموري گڏيل مفادن تحت آزاد ملڪ ۾ غلام شهرين وارا حق ڏنا هيا. ڪا به
آزادي واري فضا موجود ڪو نه هئي جنهن ڪري ملڪ ۾ جمهوري ادارن کي ترقي ڪو نه ملي.
هر قانون صرف غريبن لاءِ هيو، دولتمند لاءِ ڪا به قانون جي پابندي ڪا نه هئي، اهڙي
ٻوساٽ واري پاڪستان ۾ ڀٽو صاحب عوام کي اهو احساس ڏياريو ته هن ملڪ جا مالڪ اوهان
آهيو، طاقت جو سرچشمو عوام آهي، هاري، مزدور، شاگرد، قانوندان، صحافي، دانشور ۽
اديب ڀٽو صاحب وٽ جمع ٿي ويو. کيس عوام پاران ”قائد عوام“ جو لقب ڏنو ويو، قائد
عوام جي هدايتن تي جڏهن ڪامورن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو. ڪارخانن ۽ بينڪن کي
سرڪاري تحويل ۾ وٺي مزدورن کي اجتماعي سوديڪاري جو حق، پينشن، علاج، موڪلن بابت حق
ڏياريا ۽ اهڙي طرح مزدور يونين، فيڊريشن جو وجود عمل ۾ آيو ۽ هڪ مضبوط محنت ڪش قوت
اڀري مزدور راڄ قائم ٿيندي نظر آيو، ملازمن جي ملازمت جو تحفظ ۽ ٻيا ڪيترا حق محنت
ڪشن ماڻيا. ٻئي طرف هارين کي حقن ڏيڻ لاءِ هارين کي زرعي قرض ڏيڻ، وڏيرن مٿان ٻج
ڀاڻ ۽ ٻين خرچن جي ذميواري، جيڪو وڏيرو زمين وڪرو ڪري پهريان ان جي هاري جو حق
هوندو، ڍل اوطاق ٻج اڌو اڌ ختم ۽ سڄو ذمو وڏيري مٿان، هاري صرف هر ڪاهيندو ۽ اناج
اپائيندو فصل لاهيندو ۽ اڌ حصو ماڻيندو، هارين کي پهريون دفعو مفت زمينون ڏنيون
ويون، هارين جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلي لاءِ وفاقي لينڊ ڪميشن قائم ڪئي وئي ڀٽو صاحب جو
غريب هارين سان عشق جي حد تائين پيار هيو ۽ هن پوري ملڪ جي هارين جون دليون کٽيون،
جيڪو ڪم ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙن اڳواڻن هٿ ۾
کنيو هيو ۽ پنهنجي حال مطابق جدوجهد ڪري هارين کي حق ڏياريا ڀٽو صاحب ان کي انجام
تي پهچايو. زرعي اصلاحات تحت وفاقي لينڊ ڪميشن قائم ٿي ۽ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۷۶ع تائين پوري
پاڪستان ۾ اٽڪل ۳۰ لک ايڪڙ زمين جاگيردارن کان حاصل ڪئي ۽ ان ۾ يارهن لک
ايڪڙ اها به زمين هئي جيڪا جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ اصلاحات وقت ڄاڻي واڻي ڇڏي
وئي هئي. وفاقي لينڊ ڪميشن سوشلسٽ ليڊر شيخ محمد رشيد جي اڳواڻي ۾ پنجاب مان سردار
فاروق احمد خان لغاري ۽ ان جو خاندان، سردار عاشق محمد مزاري کان علاوه پيپلز
پارٽي جي ايم پي اي رانا قول محمد خان، چوڌري محمد اڪرم چيمه کان علاه سنڌ مان ٽن
صوبائي وزيرن ڄام صادق، مير عطا حسين ٽالپر، مير هزار خان بجاراڻي کان علاوه وڏن
جاگيردارن مير اعجاز ٽالپر، سردار غلام محمد خان مهر جهڙن ڪيترين سرحد ۽ بلوچستان
جي سردار شخصيتن کان به زمينون حاصل ڪيون، جيڪي ڀٽو صاحب غريب هارين ۾ تقسيم ڪيون.
هنزه ۽ نگر رياستن مان بيگار سسٽم جو خاتمو ڪيو ويو،
گلگت ۽ بلبستان ۾ جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪيو، بلوچستان ۾ سرداري نظام جو خاتمو
آندائين، ڳوٺن ۾ هارين ۾ شعور لاءِ ٽرانسسٽر ريڊيا مفت ورهايا ويا. ٻهراڙين کي وڏي
پيماني تي ترقي ڏياري وئي جنهن ۾ روڊ، رستا، پل، اسپتالون، اسڪول، بجلي، پاڻي جا
نلڪا هر هڪ ڳوٺ ۾ پهچايا ويا. هاري مضبوط ۽ وڏيرو ڪمزور نطر آيو. شهرن ۾ هڪ طرفي
ترقي جي تيز رفتاري سان ڳوٺن ۾ احساس محرومي وڌي وئي هئي، زندگي جي نعمتن ۽ جديد
آسائشي سهولتن تي صرف شهرين جو حق هيو. پريس، ريڊيو ۽ ٽي وي تي به ٻهراڙين کي ڪا
نمائندگي ڪو نه هئي، ڀٽو صاحب پاران پيپلز ورڪس پروگرام صرف ٻهراڙين کي شهرن برابر
سهولتون ڏيڻ، ٻهراڙين جو سماج ۾ رتبو وڌائڻ خاطر هيو. ڀٽو صاحب جي دور ۾ ٻهراڙين ۾
روڊن، رستن، بجلي واٽر سپلاءِ، اسڪولن، ڪاليجن، زرعي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليجن جي
واڌاري سبب ٻهراڙي جي ماروئڙن ۾ تعليم، صحت ۽ اعليٰ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جذبو
پيدا ٿيو. صدر جنرل محمد ايوب خان جي دور ۾ لاڙڪاڻي ضلعي کي لياقت ميڊيڪل ڪاليج
ڄام شوري ۾ ٻه سيٽون هونديون هيون. جڏهن ته ڀٽو صاحب جي وقت ۾ لاڙڪاڻو، نوابشاهه ۾
نيون ميڊيڪل ڪاليجون قائم ٿيون، ڪراچي حيدرآباد جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ ٻهراڙي جون
سيٽون وڌايون ويون، وفاقي ادارن ۾ ملازمت لاءِ سنڌ جي ڪوٽا تي عمل ڪرائيندي
ٻهراڙين جي تعليم يافته نوجوانن کي ڪسٽم، ايف آءِ اي، پي آءِ اي، ڪي پي ٽي،
مواصلات، صنعت جهڙن کاتن ۾ داخل ڪيو ويو. اڳ انهن سڀني وفاقي ادارن ۽ ملازمتن ۾
سنڌين ۽ ٻهراڙين کي مڪمل طرح نظرانداز ڪيو ويو هيو، ڪراچي جيڪو سنڌ جو گادي وارو
هنڌ هيو ۽ آهي، سنڌ صوبي جي دل ۽ مرڪز آهي اتي جيڪڏهن ڪو سنڌي هڪ ٻئي سان ملندو هيو
ته عيد ٿي ويندي هئي ڇاڪاڻ ته سنڌين کي ڪراچي ۾ ملازمت ڪو نه ملندي هئي، ماستري،
سپاهي ۽ روينيو ۾ ڪلارڪي جيڪڏهن اثر رسوخ آهي ته تپيداري يا صوبيداري سنڌي تعليم
يافته جوان جو مقدر ۽ منزل هئي، ليڪن ڀٽو صاحب انقلابي فيصلا ڪري ڪراچي شهر ۾ پورٽ
قاسم، پاڪ اسٽيل، سول ايويئيشن اٿارٽي، جهڙا وڏا منصوبا جوڙي ڪراچي ۾ سنڌي تعليم
لازمي ڪري هزارين سنڌي آفيسرن، ڪلارڪن، ماسترن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو، هر هڪ اداري ۾
سنڌي نظر اچڻ لڳا. ڪراچي کي باقائدي سنڌين جو شهر بڻايو، هر طرف هر هنڌ سنڌي
ملازمت ڪندي رهندي، گهمندي ڦرندي نظر آيا نه صرف ڪراچي پر اسلام آباد جو به ساڳيو
رنگ روپ هيو، ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ سلوار قميص ۽ ٽوپي واري
جي داخلا بند هوندي هئي، ڀٽو صاحب ان طريقي کي ختم ڪري هر قومي لباس کي قابل
احترام قرار ڏنو، سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو نوڪرين جو سيلاب ڪڏهن ڪو نه آيو جهڙو ڀٽو
صاحب جي دور ۾ آيو هيو. ٻهراڙين مان ڪراچي ملازمت ڪندڙ سنڌي ڪراچي حيدرآباد ۽
اسلام آباد ۾ منتقل ٿي پنهنجي خاندان سميت رهڻ لڳا ۽ اهڙي طرح وري انهن پنهنجي
اولاد ڀائرن، ڀينرن کي جديد سهولتون ڏنيون اعليٰ تعليم ڏياري ۽ هاڻي سنڌي ماڻهو هر
هنڌ هر محاذ هر اداري ۾ مقابلو ڪندي نظر اچي ٿو.
هڪ طرف ملازمتن وسيلي ڀٽو صاحب جي دور ۾ خوشحالي جو
سيلاب آيو ته وري ٻئي پاسي لبيا، سعودي عرب، عرب امارات، قطر وغيره جهڙن عرب
دولتمند ملڪن کي ڀٽو صاحب راضي ڪري ملڪ مان مزدور، هاري، فني هنر ڄاڻيندڙ ماڻهن کي
ٻن ٽن هزار رپين جي عيوض انهن ملڪن ۾ موڪليو، اهڙي طرح ملڪ جي ٻين صوبن کان علاوه
سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ جي ويهن گهرن مان هڪ فرد عرب ملڪ رهڻ لڳو، عرب ملڪن ۾ هنن وڏيون
پگهارون ماڻيون ۽ غريب مزدورن ۽ هارين پنهنجون ملڪيتون ٺاهيون، پنهنجي عزيزن کي
شهرن ۾ ٺيڪيداري ۽ ٻين وڏن رزوگار جي وسيلن ۾ شامل ڪرايو. ڀٽو صاحب جي حڪومت جي هن
عمل غريب ڳوٺاڻي کي پئسي وارو خوشحال بڻائي ڇڏيو. اهڙي طرح ڳوٺن ۾ انقلاب اچي ويو
ڇاڪاڻ ته ڪنهن به سنڌي وڏيري جي گهر ۾ رنگين ٽي وي، وي سي آر، ٽيليفون ۽ فرج موجود
هيا ته سندس ڪڙمي جي پٽ به عرب ملڪن مان ساڳيون شيون پنهنجي گهر موڪليون ۽ وڏيري
جي سماجي ٺٺ ٺانگر کي ڇيهو رسيو. ان وقت ۾ ڪيترن ئي پيپلز پارٽي جي وڏيرن مون سان
ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو. ڀٽو صاحب جي دور ۽ ان کان اڳ واري سنڌ ۾ هڪ صدي جو فرق محسوس
ٿيندو هيو. ملڪ جي مفاد خاطر ۳۰ جنوري ۱۹۷۲ع تي پاڪستان دولت
مشترڪه کان ڌار ٿيو، ڀٽو صاحب جي ذاتي اثر رسوخ سبب چين ۲ فيبروري ۱۹۷۲ع تي پاڪستان کي ڏنل
يارهن ڪروڙ ڊالرن جو قرض معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ۱۹ فيبروري ۱۹۷۲ع تي آمريڪا کان
پاڪستان جي فوجي اقتصادي امداد بحال ڪرايائين. ۹ مارچ ۱۹۷۲ع بين الاقوامي
ڪنسور شيم کان پاڪستان جي امداد بحال ڪرايائين. ۱۹ مارچ ۱۹۷۲ع تي ملڪ ۾ ۴۳ انشورنس ڪمپنين کي
سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. ۶ مارچ ۱۹۷۲ع تي مخالف پارٽي
نيشنل عوامي پارٽي سان ٿيل سمجهوتي مطابق سرحد بلوچستان ۾ انهن جا گورنر مقرر
ڪيائين. فلمي صنعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ۳۱ مارچ تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ فلم
سنسر بورڊ جي شاخ قائم ڪئي، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي ۱۶ اپريل ۱۹۷۲ع تي قومي ايمبلي جي
۱۰۴ ميمبرن پنهنجو اڳواڻ چونڊيو. ۱۷ اپريل تي قومي
اسيمبلي کان ملڪ لاءِ عبوري آئين منظور ڪرايو. اهڙي طرح ۲۰ اپريل ۱۹۷۲ع تي ملڪ مان مارشل
لا ختم ٿيو. ڀٽو صاحب ۷ مئي ۱۹۷۲ع تي چين سان مال جي
بدلي مال جو واپار ڪرڻ وارو تاريخي معاهدو به ڪيو. ڀٽو صاحب آگسٽ ۾ حڪومت جو تختو
الٽڻ واري سازش ۾ ڇهن فوجي جنرلن کي ملازمت تان هٽايو. ملڪ جي عدالتن کي ۱۳ آگسٽ تي انتظاميا
کان ڌار ڪيو ويو. تعليمي ادارن ۾ امير ۽ غريب جي فرق کي مٽائڻ لاءِ ۳۱ آگسٽ تي ۱۷۶ خانگي لا ڪاليجن کي
سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. در اصل ۱۹۷۲ع جو سال ڀٽو صاحب جي زندگي ۾
تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ڇاڪاڻ ته هن سال حڪومتي سطح تي تمام گهڻا فيصلا، معاهدا ٿيا
۽ ڀٽو صاحب قوم ۽ دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. قوم کي باقائدي تبديلي نظر اچي وئي.
ڀٽو صاحب ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي نئون اسلامي
جمهوري وفاقي پارلياماني آئين نافذ ڪيو جنهن کي ۱۰ اپريل تي قومي
اسيمبلي ۾ يڪراءِ پاس ڪيو ويو ۽ ڀٽو صاحب بحيثيت وزيراعظم پاڪستان حلف کنيو. آڪٽومبر
۱۹۷۳ع ۾ رياستن کي ختم ڪري صوبن ۾ شامل ڪيو. ۳۰ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تي روس جي سهڪار
سان ملڪ ۾ سڀ کان وڏي فولادي ڪارخاني پاڪستان اسٽيل مل جو افتتاح ڪيائين. هن
ڪارخاني ۾ ۵۰ قسم جي مشينري ٺاهڻ جي صلاحيت موجود آهي، ڀٽو صاحب ۱ جنوري ۱۹۷۴ع تي سرمائيدارن جي
هڪ هٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ نجي شعبي ۾ قائم بئنڪن کي به سرڪاري تحويل ۾ ورتو.
ان کان اڳ انهن بئنڪن جو فائدو چند خاندان ماڻيندا هيا.
ڀٽو صاحب پنهنجي زندگي جي سڀ کان وڌيڪ اهم خواب اسلامي
ملڪن کي هڪ ڪري انهن جي وسيلي ۽ طاقت کي مسلمانن لاءِ ڪتب آڻي ، مسلم بلاڪ قائم ڪرڻ
کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ دنيا ۾ مسلم ملڪن جا طوفاني دورا ڪيا. ڀٽو صاحب
لاهور شهر ۾ تاريخ ۲۲ کان ۲۴ فيبروري ۱۹۷۴ع تائين دنيا جي
مسلم ملڪن جي اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪئي، جنهن ۾ قائد عوام ذوالفقار علي
ڀٽو صاحب کي يڪراءِ سربراهه ڪانفرنس جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. هن سربراهه ڪانفرنس
۾ لبيا جو صدر ڪرنل معمر قذافي، سعودي عرب جو شاهه فيصل، يوگنڊا جو صدر ايدي امين،
الجزائر جو صدر ڪرنل حواري بومدين، گني جو وزيراعظم لسنا بيويگي، گيني بسائو جو
وزيراعظم فرانسڪو مينڊس، نائيجيرا جو الحاج ڊايوري هماني، چاڊجو صدر اين، گراٽا
گمبيا جو صدر داوداڪي جيوارا، متحد عرب اماراتن جو صدر شيخ زيڊ بن
سلطان، اومان جو سربراهه سلطان قابوص، يمن جو وزيراعظم علي ناصر محمد، لبنان جو
وزير اعظم تڪيه الدين، ڪويت جو حڪمران شيخ صباح الصبا، فلسطين جو چيئرمين ياسر
عرفات، سوڊان جو صدر جنرل جعفر نميري يمن جو صدر عبدالرحمان، مصر جو صدر انور
سادات، بنگلاديش جو وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان، صوماليا جو صدر سعيد بيري، شام جو
صدر حافظ الاسد، بحرين جو حڪمران شيخ عيسيٰ بن سلمان، قطر جو حڪمران شيخ خليفه بن
همد، مارتينيا جو صدر مختيار اولاد ڊاڊاهه، ملائيشيا جو وزير اعظم تنڪو
عبدالرحمان، مراڪش جو شاهه حسن ۽ اردن جو شاهه حسين شامل هيا، ڀٽو صاحب جي محنت
ڪامياب وئي، هو اسلامي دنيا کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هيڏي وڏي تعداد ۾ دنيا جي
مسلم ملڪن جا سربراهه ڪٿي به گڏ ڪو نه ٿيا هيا ۽ پاڪستان جي سرزمين تي انهن کي هڪ
وقت رهائڻ، مهمان نوازي ڪرڻ، انهن سربراهن ۽ وفدن کي سهولتون ڏيڻ، پاڪستان جي
تاريخ ۾ هڪ عظيم ترين ڪارنامو آهي، جيڪو ڀٽو صاحب اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد
ڪري ثابت ڪيو، هن ڪانفرنس کي ڀٽو صاحب ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته مسلمان ملڪن جي هڪ
گڏيل اسلامي بئنڪ قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ تمام مسلمان ملڪ پنهنجا پئسا رکن. جنهن جو
مرڪز ڪنهن اهم ملڪ ۾ هجي ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ برانچون قائم ڪيون وڃن. انهيءَ بئنڪ
مان ميمبر اسلامي ملڪن کي بنا وياج قرض ڏنا وڃن. مسلم ملڪن مان نڪرندڙ تيل، گيس،
لوهه ۽ معدنيات مان پهريائين اتحادي ملڪن جي ضرورت پوري ڪجي، هر قسم جون بنيادي
صنعتون ۽ جتي ڪچو مال هجي اتي ان جي صنعت قائم ڪجي، اسلامي مشترڪه منڊي قائم ڪري
دنيا جي ملڪن جو هر مشمل وقت هر ميمبر ملڪ جي ڪم اچي، هي هڪ اهڙو فيصلو هيو جنهن
دنيا جي سپر پاور ملڪن ۽ حاڪمن کي حيران ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مسلمان ملڪن
انهن جي بئنڪن مان پئسا ڪڍرايا ته پوءِ يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ ڏيوالو نڪرڻ جو خدشو
هيو، عربن پئٽرول جي اهميت ۽ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي وائي ڀٽو صاحب کان ٻڌي ۽
سمجهي، جيڪڏهن ڀٽو صاحب کي ايترو وقت ڏنو وڃي ها ته شايد هو تمام جلد اهو سڀ ڪجهه
ڪري ڏيکاري ها، ڇاڪاڻ ته نه صرف ڀٽو صاحب ذهين ۽ ڏاهو هيو پر حد کان وڌيڪ درجي جو
دلير انسان به هيو، پرڏيهي سي آءِ اي جي رپورٽ آهي ته ڀٽو صاحب دلير ترين شخص آهي. دنيا جي نقشي مٿان
شايد ڪجهه لڪيرون ۽ حدون تبديل ٿين ها ۽ مسلمان ملڪ اڪثريت ۾ هوندي يا تمام ذريعن
وسيلن جا مالڪ هوندي ڀٽو صاحب جي قيادت ۾ اسلامي سپر پاور جي حيثيت ۾ اڀرن ها ۽
دنيا جي فيصلن ۾ يا ڪيترن ملڪن جي مقدر جي تبديلين ۾ به اسلامي سپر پاور جو تسلط
هجي ها، ڀٽو صاحب ٻئي طرف ايشيا آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن کي به احساس
ڏياريو ته هو به غلامي ۽ غربت جي زندگي مان نجات حاصل ڪري آزاد ۽ خوشحال معاشري جا
وارث ٿي سگهن ٿا. ايشيا جي ملڪن ۾ به ڀٽو صاحب اوتروئي محترم هيو جيترو اسلامي
ملڪن ۾ هو ايشيائي ملڪن جي ڪانفرنس جو روح روان هيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس
ايشيائي ملڪن جي ڪانفرنس جو چيئرمين چونڊيو ويو. ڀٽو صاحب کي ”فخر ايشيا“ جي لقب
سان به مخاطب ڪيو ويندو هيو. جڏهن ته تمام جلد ٿوري وقت ۾ صدين کان سامراج جي
مضبوط گرفت ۾ اسلامي ملڪن ۽ ايشيا، آفريڪا لاطيني آمريڪا جي ملڪن جي عوام کي قائد
عوام ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي مقناطيسي شخصيت سان هڪ ڪري ڇڏيو. ترقي ۽ باعزت زندگي
لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي تڏهن وڏيون طاقتون حيران ۽ پريشان رهجي ويون. انهن کي
صدين کان پنهنجي غلام قومن ۽ ملڪن جي وسيلن تان هٿ کڻڻ وارا خوفناڪ خواب نظر اچڻ
لڳا، پوءِ انهن ڀٽو صاحب ۽ پاڪستان جي ارادن ۽ منصوبن جي مٿان ڪڙي نظر رکڻ جو
فيصلو ڪيو، ڀٽو صاحب هڪ نئون ادارو سينيٽ به قائم ڪيو، جنهن ۾ تمام صوبن مان
برابري جي بنياد تي هڪ جيترائي ميمبر صوبائي اسيمبلين ذريعي چونڊيا ويا، ڀٽو صاحب
قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ خواتين لاءِ به نشستون مخصوص ڪرايون. اسلام آباد ۾
موجوده قومي اسيمبلي جي
شاندار عمارت قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۴ع تي افتتاح ڪيائين،
جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ملڪ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايٽمي توانائي ڪميشن قائم ڪئي ۽
۱۲ مارچ ۱۹۷۶ع تي ايٽمي ريپروسيسنگ پلانٽ
لڳايو ويو. ۱۷ مارچ ۱۹۷۶ع تي فرانس سان ايٽمي پلانٽ جو
معاهدو به ڪيائين، سندس مقصد ڀارت وٽ ايٽمي صلاحيت هئڻ ڪري پاڪستان جي دفائي ڪمزور
پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ هيو، ڪيترن تبصري ڪرڻ وارن تي ڀٽو صاحب جي ايٽمي قوت حاصل ڪرڻ
واري مقصد کي اسلامي بم سڏيو ڇاڪاڻ ته ڪنهن به اسلامي ملڪ وٽ بي تحاشه دولت هئڻ
باوجود به ايٽم بم جي صلاحيت ڪونهي، ڀٽو صاحب پهريون مسلم اڳواڻ هيو جنهن اهو
دليراڻو فيصلو ڪيو. آمريڪا سفير ڀٽو صاحب کي پاڪستان جي فوجي ۽ اقتصادي امداد بند
ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني پر ڀٽو صاحب کيس اهو جواب ڏنو ته پاڪستان پيٽ سان پٿر ٻڌي به
ايٽمي صلاحيت حاصل ڪندو، ڀٽو صاحب ٻيون به ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ ملڪ
کي پاليسيون ڏنيون، جنهن ۾ آزاد غير جانبدار خارجه پاليسي، ثقافتي ادارا جهڙو نيف
ڊيڪ، فلم سنسر بورڊ علمي ادارا جهڙو اڪيڊمي آف ليٽرس، سنڌالاجي انسٽيٽيوٽ، وڏيون
وڏيون لئبريريون شامل آهن. ڀٽو صاحب اسلام سآباد لاءِ به وڏو ڪم ڪيو جنهن ۾ اڳ حج
ڪرڻ لاءِ مقرر ڪوٽا جو خاتمو، آچر بدران جمعو موڪل، قرآن شريف غلطين کان پاڪ ڪري
ٻيهر ڇپائي، ملڪ ۾ قائم فحاشي جا ادارا نائيٽ ڪلبن جو خاتمو، جوئا لاءِ قائم ريس
ڪورس ختم ڪرڻ، عام شراب جي اڏن تي پابندي، اوقاف کاتو قائم ڪرڻ حج ۽ مذهبي امور جي
وزارت قائم ڪرڻ، اسلامي قانون ڏهن سالن اندر رائج ڪرڻ شامل آهي، ڀٽو صاحب ملازمتن
کي وڌائڻ لاءِ نيون وزارتون قائم ڪيون، جهڙوڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي اقليتون، خواتين،
بين الصوبائي رابطه وزارت شامل آهن، شناختي ڪارڊ ۽ راشن ڪارڊ جي محڪمي کي متعارف
ڪرايو ويو. ڀٽو صاحب ڪارخانيدار ۽ سيٺ کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجي مزدور کي حق ڏئي،
جڏهن چاهي ته نوڪري مان ڪڍڻ بند ڪري، انهن جي محنت ۽ پگهر مطابق پگهار، پينشن،
بونس ۽ علاج جو بندوبست ڪري.
آفيسر کي مجبور ڪيو ته پنهنجي ايئر ڪنڊيشن آفيس مان ٻاهر
نڪري ڳوٺن ۾ غريبن وٽ پهچي کليل ڪچهريون ڪري مسئلا حل ڪري، وزيرن کي به پنهنجا
دروازا کولي ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو. ڳوٺ ۾ وڏيري، ڪاموري جي ڏاڍ
خلاف کليل ڪچهرين ۾ آواز بلند ڪرڻ لاءِ ڀٽو صاحب پاڻ ڳوٺن ۾ وڃي کليل ڪچهريون ڪندو
هيو. هو ريگستان پهاڙ، برفاني علائقن کان علاوه هر هنڌ پهچي ويندو هيو.
سندس دور ۾ مڊل ڪلاس، سفيد ڪالر يا ورڪر طبقو پيدا ٿيو،
سياست بنگلن ۽ محلن مان نڪري عوام جي درن تائين پهتي. ۷ مارچ ۱۹۷۷ع تي ڀٽي صاحب عام
چونڊون ڪرايون، جنهن ۾ سندس پارٽي وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ ٻيهر پنجن سالن لاءِ منتخب
ٿي آيو پر ملڪ ۾ مخالف پارٽين ان اليڪشن جي فيصلي کي تسليم نه ڪندي ڌانڌلي جو
الزام لڳايو ۽ پاڪستان نيشنل الائنس پاران تحريڪ شروع ڪئي وئي، ۱۶ مارچ ۱۹۷۷ع کان هلندڙ هن P.N.A جي تحريڪ ۾
ذاتي مخالفتون ۽ ڀٽو دشمني، صنعتڪارن ۽ وڏن واپارين کان ڪارخانا کسڻ واري نفرت ۽
غصو، اسلامي ملڪن جي اتحاد سبب پرڏيهي مخالفت سڀ عنصر شامل هيا. وڏي پيماني تي هڙتالون
جلسا جلوس ٿيا ۽ ڊالر هليو. ڀٽو صاحب حالتن کي محسوس ڪندي مخالفن سان ڳالهيون
هلايون جنهن ۾ مخالفن اٽڪل چوڏهن قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ڌانڌلي جو شڪ ڏيکاريو پر
جيئن ته مخالفن ۾ ڪجهه حقيقت پسند ۽ ڪجهه ذاتي مخالف هيا. تنهن ڪري هڪ معاهدو ٿيو
جنهن مطابق نيون اليڪشنون ڪرائڻ عبوري قومي حڪومت ٺاهڻ، مخالفن کي وزارتون ڏيڻ ۽
وزيراعظم ڀٽو صاحب کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو پر جيئن ته هن تحريڪ جي پويان فوجي
جنرلن جو هڪ ٽولو به هيو ان چاهيو پئي ته تحريڪ جي بهاني ڀٽو صاحب حڪومت مان هٽي
وڃي، ليڪن ائين نه ٿيو ته انهن ۵ جولائي ۱۹۷۷ع تي رات جو ڀٽو
صاحب جي حڪومت کي هٽائي ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي، اليڪشن نوي ڏينهن اندر ڪرائڻ جو
اعلان ڪيو، ڀٽو صاحب جو تمام گهڻو جي حضوري ڪندڙ جنرل محمد ضياءُ الحق چيف مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر ٿيو. ڀٽو صاحب کي ۵ جولائي ۱۹۷۷ع تي گرفتار ڪري
ڪوهه مري ۾ نظر بند ڪيو ويو، جتان ۲۸ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي کيس رها ڪيو
ويو. ڀٽو صاحب ايندڙ اليڪشن لاءِ ملڪي دورو شروع ڪيو ته عوام هر هنڌ سندس شاندار
استقبال ڪيو. خاص طرح سان پنجاب جي عوام دل کولي سندس استقبال ڪيو.
جڏهن جنرل ضياءُ الحق اهو ڏٺو ته هيڏي ساري تحريڪ هلڻ،
مخالفن جي هڪ اتحاد بڻجڻ کان پوءِ به ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي مقبوليت ڪا نه گهٽي
آهي ۽ هو عوام ۾ اوترو ئي هر دل عزيز ۽ مقبول آهي تڏهن ان حڪومت ڪجهه ڪيس ڀٽو صاحب
خلاف قائم ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ کيس ۳ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي ۷۰ ڪلفٽن ڪراچي واري
گهر مان گرفتار ڪيو ويو ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صمداڻي ۱۳ سيپٽمبر تي ضمانت
منظور ڪندي آزاد ڪيو، پر وري مارشل لا جي ضابطن هيٺ ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي ڀٽو صاحب کي
لاڙڪاڻي واري گهر المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪري پهريان سکر پوءِ ڪراچي ۽ پوءِ
لاهور جيل آندو ويو. مٿس ۱۹۷۴ع ۾ داخل نواب محمد احمد خان
قصوري ڪيس لڳائي قتل جو مقدمو هلايو ويو. جنرل ضياءُ الحق ۲ آڪٽومبر ۱۹۷۷ع تي پنهنجي نوي
ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ واري اعلان تان ڦري ويو ۽ هن پيپلز پارٽي کي سڌو سنئون
ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي احتساب جو ڍونگ رچايو، نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي ليڊرن ۽
ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيا ۽ انهن مٿان سخت مصيبتون شروع ٿيون. پيپلز پارٽي جي
اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن مٿان ڪيس داخل ٿيا، هڪ رٽائر ڀٽو دشمن جج جسٽس مولوي مشتاق
کي ڦل بئنچ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. جنهن ۱۸ مارچ ۱۹۷۸ع تي اٽڪل ڇهه مهينا
ڪيس هلائي ڀٽو صاحب کي سزائي موت ڏني. ڪيس هلڻ واري عرصي ۾ چيف جسٽس ۽ ڀٽو صاحب ۾
جهڙپ ۽ بحث به ٿيو ۽ ڀٽو صاحب جي ڪنهن به قانوني دليل کي تسليم ڪو نه ڪيو ويو.
شروع ۾ ڀٽو صاحب سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي حق ۾ ڪو نه هيو ۽ عوامي درعمل
ڏانهن انتظار ڪرڻ لڳو پر بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ وڪيلن جي ان دليل تي اپيل داخل ڪيائين
ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ صوبي جا جج هيا ۽ سپريم ڪورٽ ۾ مختلف صوبن جا جج آهن، اتي
هر حال ۾ انصاف ملندو ۲۵ مارچ ۱۹۷۸ع تي سپريم ڪورٽ ۾
اپيل داخل ڪئي پر جيئن ته ڀٽو صاحب جي وڪيلن ۽ حڪومت ڪيسن کي گهڻي ڊيگهه ڏني تنهن
ڪري ڀٽو صاحب کي انصاف ڏيندڙ ٻن ججن کي رٽئرمينٽ واري مرحلي مان گذرڻو پيو. نتيجي
۾ نون ججن مان ستن ڄڻن ڪيس هلايو ۽ اپريل ۱۹۷۸ع کان هلندڙ ڪيس ۷ فيبروري ۱۹۷۹ع تائين هليو ۽ هڪ
صوبي جي چئن ججن ڀٽو صاحب جي اپيل رد ڪئي جڏهن ته سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد صوبي سان
لاڳاپيل ٽن ججن اپيل منظور ڪندي ڀٽو صاحب کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو. نظرثاني جي
اپيل ساڳي عدالت ۾ داخل ڪئي وئي جيڪا به ۲۴ فيبروري ۱۹۷۹ع تي رد ڪئي وئي، ان
وچ ۾ صدر پاڪستان چوڌري فضل الاهي کان به استعيفا ڏياري وئي ڇاڪاڻ ته هن ڦاسي واري
سزا تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هيو. هاڻي ڀٽو صاحب کي مليل تمام سهولتون واپس وٺي
اٽڪل ڇهن فٽن واري سزائي موت جي قيدين واري ڪال ڪوٺڙي ۾ فرش تي سمهڻ لاءِ مجبور
ڪيو. ۲۴ فيبروري ۱۹۷۹ع کان ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تائين ڀٽو صاحب کي
ڦاسي جي ڪال ڪوٺڙي ۾ رکڻ جو مقصد هيو ته کيس تمام گهڻيو اذيتون ۽ تڪليفون ڏنيون
وڃن ته جيئن هو مجبور ٿي معافي لاءِ درخواست ڏئي، ڀٽو صاحب کي علاج جي سهولت کان
محروم رکيو ويو. دنيا جي هيڏي وڏي ليڊر ۽ امير گهراڻي جي فرد کي هر طرح جون تڪليفون
ڏنيون ويون، ڀٽو صاحب جيل جي ماني ڪو نه کائيندو هيو ست رشي طعام کائيندڙ ڪيترا
ڏينهن بک تي رهيو سندس جسماني حالت به ڪمزور ٿي وئي هئي. جسم تان گوشت به گهٽجي
ويو هيو. دنيا جي هوائن ۽ موسمن ۾ گردش ڪندڙ عظيم انسان موت جي ڪوٺڙي ۾ هڪ هنڌ فرش
تي سمهڻ ڪري تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو هيو. سندس جسم ٿڪجي پيو هيو، اکيون به ڪمزوري
۾ هيڻائپ ظاهر ڪن پيون، ڪمري ۾ جيت جڻيا ۽ ڪيڙا مڪوڙا هيا، سڄي عمر عطر ۽ خوشبو
وارن بسترن تي سمهڻ وارو اميراڻو ٻار بدبودار ڪمري ۾ بند هيو، هن کي ساهه ۾ تڪليف
هئي. دنيا جا وڏا روشندان ۽ فانوس لڳل ڪمرن ۾ آرام ڪندڙ انسان هڪ اونداهه ڪوٺڙي ۾
وقت گهاريندو هيو. سندس اونداهي ڪمري اڳيان کليل ميدان ۾ فوجي ڪئمپ هئي، ڪمري مٿان
جهمپ ڏنا ويندا هيا، کيس ننڊ نه ڪرڻ ڏني ويندي هئي، هڪ ڏينهن ٽن پاليل قيدين کي
سندس ڪمري ۾ موڪلي تشدد ڪيو ويو. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر ڦاسي جي ڪوٺي
۾ هارائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو هڪ اهڙي لوهه جو ٺهيل انسان هيو جيڪو ڪنهن به گرمي يا
تپش سان پگهلجي نه سگهيو، ظالمن اهو چاهيو ته ڀٽو صاحب کي سياسي موت مارجي پر ڀٽو
صاحب سنڌ جي صحرا جو ڄاول فرزند هيو هن ڪنهن به محاذ تان زندگي ۾ هار ڪو نه مڃي
هئي ۽ هار جيت لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيندو هيو، اهو ڀلا ڪيئن ٿو تڪليفن سبب هار
مڃي. ۳۰ اپريل تي هماليا جهڙي هن انسان پنهنجي پياري زال محترمه
نصرت ڀٽو ۽ پياري ڌيءُ بينظير ڀٽو صاحبه سان آخري ملاقات ڪئي ۽ پنهنجا ڪتاب، سگار
۽ ٻيو سامان واپس ڪيو، رات جو هڪ کان ٻي وڳي تائين ڀٽو صاحب پنهنجي ڏاڙهي ڪوڙي
ڦاسي لاءِ تيار ٿي ويو. هن جوڌي جوان وڏي حوصلي سان ڦاسي گهاٽ ۾ ڏينهن گذاريا جنهن
جو سندس مخالفن پڻ اظهار ڪيو آهي. هو موت کان ڪين ڊنو ۽ وڏي حوصلي سان شهادت جو
جام پي امر ٿي ويو.
ڀٽو صاحب جي ڦاسي بابت هڪ راءِ ڪونهي، ڪنهن جو چوڻ آهي
ته ڀٽو صاحب کي شام جو ڦاسي واري ڪوٺيءَ ۾ تشدد ڪري هلاڪ ڪيو ويو ۽ ڪن جو چوڻ آهي
ته کيس ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. ۴ اپريل ۱۹۷۹ع جي صبح جو شهيد
ڀٽو کي فوجي نگراني ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو واري اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ڀٽو
صاحب تي تاثر لکڻ کان اڳ
اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته قائد عوام شهيد ڀٽو در اصل تاريخ جو شاگرد هيو ۽ هو تاريخ
۾ هيرو رهڻ پسند ڪندو هيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس سياست ۽ حڪومتي انداز ٻين عام
رواجي سياستدانن کان مختلف رهيو. سال ۱۹۷۱ع ۾ منهنجي سياسي استاد
عبدالوحيد ڪٽپر صاحب خاص ڪچهري ۾ ٻڌايو ته ڀٽو صاحب هڪ دفعي پاڻ سٺي موڊ ۾ ويٺو
هيو هو جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته رات جو المرتضيٰ تي ڪچهري لاءِ ڪٽپر صاحب،
عبدالرزاق سومرو صاحب، سردار پير بخش ڀٽو صاحب کي گهرائي پيئڻ پيئارڻ واري ڪچهري
کان علاوه پروگرام، حال احوال، بحث مباحثا به ڪندو هيو، ڀٽو صاحب تاريخ تي بحث
ڪندي ڪٽپر صاحب کي ٻڌايو ته مان پنهنجو موت بستري تي بيمار انسان جي حيثيت ۾ ڏسڻ
نه ٿو چاهيان ۽ مان اهڙو موت چاهيان ٿو جنهن وسيلي تاريخ ۾ مون کي خوبصورت لفظن ۾
ياد ڪيو وڃي ۽ منهنجو اولاد جيڪڏهن ڪٿي به وڃي ۽ اهو ظاهر ٿئي ته ذوالفقار علي ڀٽو
جو اولاد آهي ته ماڻهو انهن جو آڌرڀاءُ عزت احترام وچان اٿي بيهي ڪن. ٻيهر شيخ
مجيب الرحمان سان بنگلاديش ٺهڻ کان اڳ آخري ملاقات بابت پنهنجي ڪتابThe Great Tragedy ۾ اظهار ڪيو آهي،
شيخ مجيب پاڻ ڀٽو صاحب کي چيو ”اسان ڪنهن به ٺاهه تي ڪو نه پهتا آهيون ۽ هاڻي فوجي
جنرل مون کي قتل ڪري ڇڏيندا پر ڀٽو صاحب مون کان پوءِ هو اوهان کي به قتل ڪندا،
ڇاڪاڻ ته اهي ملڪ مٿان عوامي حاڪميت ڏسڻ ڪو نه ٿا چاهين.“ ڀٽو صاحب اتي به شيخ
مجيب کي اهو جواب ڏنو ته ”مان تاريخ جو شاگرد آهيان ۽ مان اهڙي موت کي ترجيح ڏيندس
ته مون کي ماري منهنجو لاش گهوڙن جي پيرن ۾ ٻڌي گهليو وڃي پر مان تاريڪيءَ ۾ مرڻ
پسند نه ڪندس“ اهو ئي سبب آهي جو ڀٽو صاحب سڀ ملڪي ۽ عالمي فيصلا تمام جلد ڪيا. هو
جيل جا ٻه سال ۽ مصيبتون پنهنجي حوصلي ۽ صبر سان سهندو آهيو. هر هڪ گهاءُ پنهنجي
سيني تي برداشت ڪيو. جيل ۾ طبعي موت مرڻ بدران بکون ڪاٽيون ۽ ان گهڙيءَ جو انتظار
ڪيو ته ڪڏهن ٿا کيس جابر پنهنجن هٿن سان قتل ڪن. سنڌي روايتن مطابق هو هڪ ضدي سنڌي
وڏيرو هيو جيڪو پنهنجي انا کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪندو
آهي. ڀٽو صاحب کي مڪمل طرح ڄاڻ هئي ته فوجي جنرلن جو هڪ ٽولو ۽ اسلامي اتحاد جون
پرڏيهي مخالف قوتون ڀٽو صاحب کي زنده ڪو نه ڇڏينديون ڇاڪاڻ ته هن مصر جي جمال
الناصر، انڊونيشيا جي بابائي قوم صدر ڊاڪٽر احمد سوئيڪار نو ۽ پنهنجي ٽين هم خيال
دوست سعودي عرب جي شاهه فيصل جو حشر پنهنجين اکين سان ڏٺو هيو، ڀٽو صاحب پاڻ ذهني
طرح به اهڙي موت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار هيو ۽ هن مقابلو ڪري موت کان جابرن کي
شڪست ڏني. هن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پڻ اعلان ڪندي چيو هيو ته ”مان حيرت ۾ وجهي ڇڏڻ
جي صلاحيت رکان ٿو ۽ هڪ ڏينهن سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندس، هاٿين کي خبر ناهي ته
اسان ريگستان جا ماڻهو ڪهڙي ڌاتو مان جڙيل آهيون.“
ڀٽو صاحب آخري ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ لڳاتار ٽي ڏينهن
خطاب ڪندي غير جمهوري حڪومتن جي وڏي حمايتي وڪيل اي ڪي بروهي صاحب کي مخاطب ٿيندي
چيو هيو ته ”مان سنڌ جو دودو آهيان، مان مومل ماڻيندس مان راڻو آهيان،“ اهو به کلم کلا ڀٽو
صاحب جو اعلان ته ”وقت ٻڌائيندو ته ڪير ڪامياب ٿيو ۽ آخري مسڪراهٽ ڪير ماڻيندو“
ظاهر ڪري ٿو ته هن جيئري ئي ڦاسي جي ڦندي کي چمي ڏني هئي، ڀٽو صاحب دنيا جو پهريون
اڳواڻ آهي جنهن لاءِ اٽڪل ۲۷ ماڻهن پاڻ کي زندهه جلايو ۽
ڦاسي تي چاڙهيو، دنيا ۾ ڪنهن به اڳواڻ جي موت بعد سندس ڪنهن به چاهيندڙ پاڻ ڪو نه
ساڙيو پر شهيد ڀٽو لاءِ ائين به ٿيو. شهيد ڀٽو دنيا جو اهو ليڊر آهي جنهن جي
حمايتن کي صرف ”جيئي ڀٽو“ جي نعري هڻڻ ڪري ۱۵ ڪوڙا لڳن پيا ته زنا ڪندڙ کي
به اوترا ڪوڙا پيا لڳن پر سندس چاهيندڙ هر ڪوڙي تي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا. سندس
حمايتن کي ڦاسي به ڏني وئي پر هنن ڦاسي ڏانهن ويندي به ”جيئي ڀٽو“ جا نعرا پئي
لڳايا.
در اصل ”جيئي ڀٽو سدا جيئي“ ڪير جيئي ڀٽو جيئي“ سو کير
پيئي ڀٽو جيئي“ جا نعرا ٻارڙن، جوانن، عورتن، پوڙهن جي زبان تي جهونگاريندڙ گيت
بڻجي ويو. جهنگ جر، ڳوٺ واهڻ، شهر هوٽل ۾ هر هنڌ ”جيئي ڀٽو“ جو نئون گيت مقبول
هيو. هي نعرو غريبن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو. ڀٽو صاحب کي خبر هئي ته جيڪڏهن هن
ظلم ۽ ڏاڍ خلاف آڻ مڃي ته پوءِ ٽين دنيا، عالم اسلام ۽ لاطيني دنيا جو غريب عوام
ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ”ڀٽو“ تي اعتبار ڪو نه ڪندا. ڀٽو صاحب ملڪ جي غريب سان دوستي
پنهنجي خون جي ريٽي رت ڏئي قائم ڪئي آهي. ڀٽو صاحب جي اهڙي دوستي کي ڪا به ٽينڪ يا
توب ٽوڙي نه ٿي سگهي، ڀٽو صاحب ايندڙ ٻن صدين تائين ماڻهن جي دلين تي حڪمراني
ڪندو. پهريان به زندگي ۾ ڀٽو صاحب غريبن لاءِ هڪ پارس هيو ۽ شهادت بعد به ديوتا
آهي. اڄ به ماڻهو کيس ياد ڪري روئيندا آهن ته ڪاوڙ ۾ سندس دشمنن مٿان غصي ۾ به
ايندا آهن.
ڀٽو صاحب هڪ پارس هيو جيڪو ان کي لڳو اهو سونو ٿي ويو.
ڀٽو صاحب دوستن جو دوست ۽ مخالفن جو مخالف هيو، وٽس محبت به انتها جي هئي ته نفرت
به انتها جي هئي پر سندس محبت ڪندڙ به انتها تائين ۽ کانئس نفرت ڪندڙ به انتها
تائين هيا. ڀٽو صاحب جي دوستن مان ساڻس گهڻو ڪري ڪنهن به وفا نه ڪئي ۽ اهي هاڻي
زندگي ۾ هيري مان زيرو ٿي ويا آهن، سندس مخالفت ۾ پاڪستان جي گهڻو ڪري تمام
سياستدانن جنرل ضياءُ الحق جو ساٿ ڏيندي ڀٽو صاحب کي ڦاسي ڏياري ڇاڪاڻ ته هو زنده
ڀٽو کان سياسي ميدان ۾ ڪڏهن به کٽي ڪو نه سگهيا، ڀٽو صاحب زندگي ۾ به انهن تمام
سياستدانن کان وڏو هيو ۽ شهادت بعد به قبر ۾ انهن کان سياسي آسمان جي بلندين تي
آهي. ۵۱ سالن جي هن عالمي اڳواڻ لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن مان رحم
جون اپيلون آيون. وڏن حاڪمن بادشاهن عالمي طاقتن، ادارن اپيلون ڪيون پر پاڪستاني
سياستدانن ڪا به رحم جي اپيل نه ڪئي. مان سمجهان ٿو ته انهن ۽ هڪ فوجي ٽولي ڀٽو
صاحب کي شهيد ڪري ڀٽو صاحب کي ڪو به نقصان نه پهچايو پر انهن هن قوم ۽ ملڪ کان هڪ
دلير، مجاهد عالمي رهبر ۽ قوم جو مقدر تبديل ڪندڙ اڳواڻ کسي ورتو، ڀٽو صاحب انهن
انسانن مان هيو جيڪي پنهنجي خدا داد صلاحيتن سبب قومن کي هڪ طرف کان موڙي رخ ٻئي
طرف ڪرڻ ڄاڻيندا آهن ۽ قومن کي هڪ جمپ ذريعي هڪ سئو سال ترقي جي ميدان ۾ اڳتي وٺي
ويندا آهن. ڀٽو صاحب جي زندگي فرانس جي اڳواڻ نيپولين بونا پارٽ سان ملي ٿي. ٻئي
وطن پرست، قومپرست هيا، گهڻ پاسائين شخصيت هيا، تاريخ ۾ ٻئي امر آهن، ٻنهي شديد
ترين محبتن ۽ نفرتن کي جنم ڏنو، ٻنهي جي مرڻ بعد ملڪ جي انقلابين کي احساس ٿيو ته
ڳڙهي خدا خش ڀٽو ۾ ڄاول ريگستاني انسان ڀٽو ۽ ڪوريسڪا جي بيابانن ۾ ڄاول نيپولين
قومي ترقي لاءِ ڪيتري اهميت رکن پيا. هنن شڪست کاڌل قوم کي خوشحال معاشري ۾ تبديل
ڪيو. نيپولين ڪوريسڪا جي بيابان ۽ ڀٽو صاحب ڳڙهي خدا بخش جي واهڻ يا ڳوٺ کي عالمي
تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. ٻنهي کي عزت مجروح ڪندڙ قيد ۾ رکيو ويو، سندن دوستن آخري
ڏينهن ۾ دوستي وارو ڪردار ادا نه ڪيو. ٻنهي جيل ۾ رهي به قوم لاءِ ڪجهه ڪرڻ جا
پيغام ڏنا، ٻنهي جيل مان ڪتاب لکيا جيڪي سندن مرڻ بعد شايع ٿيا. ڀٽو صاحب نيپولين
بونا پارٽ کي تمام گهڻو پسند ڪندو هيو، ڀٽو صاحب سان پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت ۽
سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي به ساٿ نه ڏنو ليڪن سندس وفادار زال بيگم نصرت ڀٽو صاحبه
۽ پياري ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان شهيد ڀٽو
لاءِ قيد مان به وڙهنديون آيون پر قيد ۾ بند هر سهولت کان محروم قيدياڻيون ڇا ڪري
پيون سگهن؟ هن ڪائنات ۾ قدرت انسان کي ويسر ڏني آهي اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو ٿورڙي
عرصي ۾ پنهنجي ويجهي ۽ پياري عزيز کي به مرڻ بعد وساريو ڇڏن ٿا. پر ڀٽو صاحب کي اڄ
به ماڻهو سڪ وچان ياد پيا ڪن.
تاريخ هر هڪ سان انصاف ڪندي آهي ”والٽيئر“ جي دفن ڪرڻ
مهل ڪو به فرينچ پادري تيار نه هيو پر جڏهن ٽيهن چاليهن سالن بعد سندس تابوت
پروشيا مان فرانس آندو ويو ته هو قوم جو ”هيرو“ ٿي چڪو هيو. تاريخ والٽيئر کي به
زندهه قرار ڏنو آهي، آمريڪا ۾ ڦاسي تي چڙهندڙ جوڙي روز نبرگ کي به تاحيات عزت ڏني
آهي، تاريخ ڀٽو شهيد سان انصاف ڪيو آهي ۽ کيس اڄوڪي دور جو مخدوم بلاول شهيد ۽
سقراط سڏيو آهي. ايندڙ دور ۾ تاريخ شهيد ڀٽو لاءِ دنيا جي قومن ۾ سچ جي پانڌيئڙن،
عوام جي آزادي، ڏاڍ ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ڪندڙ، بک، جهالت، بيروزگاري ۽ مفلسي کان
نجات چاهيندڙ غريب ۽ غلام قومن جي زبانن تان پابندي ۽ خاموشين جا تالا ٽوڙيندڙ،
حقن لاءِ اٿندڙ، هٿن مان مجبوري جا زنجير ٽوڙيندڙ بهادر دلير ۽ حوصله مند ”ديوتا“
جو خطاب لکي رکي ڇڏيو آهي. هڪ دور ايندو جڏهن مسلم دنيا، ايشيا، آفريڪا، ٽين دنيا
۽ لاطيني آمريڪا جون مظلوم قومون پنهنجي روشن مستقبل ۾ ڇوٽڪاري لاءِ شهيد ڀٽو جي
ٻاريل مشعل مان ڏيئا ٻاري اونداهي کي ختم ڪرڻ لاءِ روشني سان گس گهيڙ، پنڌ پيچرا،
رستا رانهون ڳولي منزل ماڻيندا، ڀٽو صاحب مڪمل طرح سان انسان هيو ۽ پهريون
پاڪستاني اڳواڻ يا سياستدان هيو جنهن کي تاريخ، علم، ادب، فن، هنر، ثقافت، فلم،
راند، سائنس، قانون، موسيقي، زراعت کان علاوه عالمي معاملن تي وسيع ترين ڄاڻ هئي.
هو تاريخ جي حوالي سان ملڪن ۽ براعظم ۾ ايندڙ ويهن يا
پنجاهه سالن بعد ٿيندڙ تبديلين بابت پيش گوئي ڪندو هيو ۽ سندس پيشن گويون سچ ثابت
ٿيون. هو هڪ ڪلاسيڪل طبيعت، جديد سوچ، محبت ڪندڙ، سچ جو ساٿاري، فيصلي جي قوت
رکندڙ اڳواڻ هيو.
ڀٽو صاحب پهرين شادي پنهنجي خاندان ۾ محترمه امير شيرين
بيگم سان سال ۱۹۴۰ع ۾ ڪئي، جڏهن سندس عمر صرف ۱۲ سال هئي. پهرين زال
مان کيس ڪو به اولاد ڪو نه هيو، ٻي شادي ۵ سيپٽمبر ۱۹۵۱ع تي ايران جي هڪ
نامياري پارسي واپاري مرزا محمد اصفحاني جي ڌيءُ نصرت اصفحاني سان ٿي. بيگم نصرت
صاحبه جيس اينڊ ميري ڪائونٽ مان سينيئر ڪئمبرج پاس هئي، ڀٽو صاحب کي تاريخ ۱۲ جون ۱۹۵۳ع تي ڌيءُ بينظير
ڀٽو صاحبه، ۱۸ سيپٽمبر ۱۹۵۴ع تي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو صاحب، ۲۴ آگسٽ ۱۹۵۶ع تي ڌيءُ صنم ۽ ۲۱ نومبر ۱۹۵۸ع تي پٽ شاهنواز ڀٽو
ڄائو.
مددي ڪتاب: زلفي ڀٽو هز لائيف اينڊ ٽائيمس
آف پاڪستان، ڊاٽر آف ايسٽ، شهاب نامه، جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو. دي گريٽ ٽريجڊي،
ريشيپنگ فارن پاليسي، ڪيترا ڪتاب رسالا ۽ لائبريريون شامل آهن.
لاڙڪاڻو ليڊرن جي
ڌرتي تان کنيل
ذوالفقار علي ڀٽو
هڪ عظيم انسان
گل محمد جکراڻي (سينئر)
سنڌ جي سر زمين مان
ڪيترن ئي عظيم شخصيتن جنم ورتو، انهن عظيم انسانن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به شامل
آهي. سر شاهنواز ڀٽو جي گهر مان هڪ انمول هيرو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو ذوالفقار علي
ڀٽو رکيو ويو. شهيد ڀٽو ننڍپڻ کان ڏاڍو هوشيار ۽ دور انديش ۽ غير معمولي شخصيت جو مالڪ
هو. ان جو واضح ثبوت اهو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن زير تعليم هو ته هن ۲۶ اپريل ۱۹۴۵ع تي قائداعظم محمد
علي جناح کي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته ”هن وقت آئون اسڪول ۾ پڙهيو آهيان، ان ڪري
قيام پاڪستان لاءِ اوهان جي مدد نٿو ڪري سگهان مگر اهو وقت پري نه آهي جڏهن مان پاڪستان
لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيندس.“
اڄ ۴ اپريل ۲۰۱۳ع تي سنڌ ڌرتي جي عظيم شخصيت ۽ لاڙڪاڻي جي لال ذوالفقار علي ڀٽو جو ۳۴ هون شهادت جو ڏهاڙو ملهايون پيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي منتخب حڪومت
کي فوجي آمر جنرل ضياءَ ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ”نام نهاد آپيشن فيئر پلي“ جي نالي سان ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪري
ختم ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ شهيد ڀٽو کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي عدالت ذريعي قتل
ڪرائي شهيد ڪيو. ۴ اپريل ۱۹۷۹ع وارو ڏينهن پاڪستان ۽ پوري دنيا لاءِ هڪ ڪارو ڏينهن هو جنهن ڏينهن تي
پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو
تختئه دار تي چاڙهيو ويو. قائد عوام پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز ان وقت شروع ڪيو جڏهن
سڪندر مرزا ملڪ جي نمائندگي لاءِ هن کي اقوام متحده موڪليو. شهيد ڀٽي ۲۵ اپريل ۱۹۵۷ تي اقوام
متحده ۾ عالمي امن جي اهميت تي هڪ پرجوش ۽ بامقصد تقرير ڪئي۔ شهيد ڀٽي جي ان تقرير
کي غير ملڪي ميڊيا وڏي اهميت ڏني. ڪجهه عرصي کانپوءِ شهيد ڀٽو کي ٻيهر حڪومت پاڪستان
طرفان ۱۹۵۸ع ۾ اقوام متحده موڪليو ويو. اهڙي طرح
شهيد ڀٽو کي ٻه دفعا اقوام متحده ۾ تقرير ڪرڻ جو موقعو مليو. ان تقريرن جي ڪري شهيد
ڀٽو نه صرف پاڪستان بلڪه پوري دنيا اندر مشهور ٿي ويو. اهڙي طرح شهيد ڀٽو پاڪستان سان
گڏوگڏ پوري دنيا اندر هڪ اهم اڳواڻ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. جڏهن
آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي جنرل ايوب خان اقتدار ۾ آيو ته هن
شهيد ڀٽو سان رابطو ڪري چيو ته هن وقت ملڪ کي اوهان جهڙي ليڊر جي سخت ضرورت آهي ان
ڪري وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿي پاڪستان جي خدمت ڪريو. اهڙي طرح شهيد ڀٽو ملڪ جي ترقي
۽ غريب عوام جي ڀلائي خاطر جنرل ايوب خان جي درخواست تي وزير تجارت جي حيثيت ۾ وفاقي
ڪابينا ۾ شامل ٿيو. شهيد ڀٽو جي صلاحيتن ۽ قابليت جي ڪري ۱۹۶۳ع ۾ محمد علي بوگرهه جي وفات ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جو وزير خارجه مقرر ٿيو
پر ڪجهه سالن اندر ڪشمير تي جنرل ايوب خان سان اختلافن جي ڪري ۱۹۶۶ع ۾ وزارت خارجه کان استعيفيٰ ڏيئي ايوب ڪابينا کان ڌار ٿي ويو. شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو جي فهم ۽ فراست ۽ ديانتداري سب پوري دنيا اندر عالم آشڪار ٿي ويو
هو.
شهيد ڀٽي حڪومت کان ڌار ٿيڻ بعد عوام جي حقن
۽ ايوبي آمريت جي خاتمي لاءِ ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان
پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو. شهيد ڀٽي پنهنجي پارٽي جي منشور ۾ هڪڙا چار اصول ڏنا (۱) اسلام اسان جو دين آهي. (۲) جمهوريت
اسان جي سياست آهي (۳) سوشلزم اسان جي معيشت
آهي. (۴) طاقت جو سرچشمو عوام آهي. انهن چئن
اصولن کي کڻي شهيد ڀٽو سياست جي ميدان تي هڪ شينهن وانگر لٿو. پيپلزپارٽي جي قيام کانپوءِ
شهيد ڀٽي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪري عوام کي ايوبي آمريت خلاف جاڳايو ۽ پ پ جي منشور
کي عوام آڏو پيش ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ محنت جي ڪري نيٺ ايوب
خان اقتدار کان الڳ ٿي ويو. پر هن ويندي ويندي اقتدار جنرل يحيٰ خان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
جنرل يحيٰ خان اقتدار سنڀاليندي ئي ون يونٽ کي ختم ڪري ملڪ اندر عام چونڊن جو اعلان
ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ملڪ اندر ۱۹۷۰ع ۾ چونڊون
ٿيون. ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
پاڻ پنجن سيٽن تان ڪاميابي ماڻي جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي مغربي پاڪستان ۾ اڪثريت
سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻئي طرف مشرقي پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي عوامي ليگ
سوڀ ماڻي ورتي پر افسوس ته جنرل يحيٰ خان جي غلط پاليسين ۽ مشرقي پاڪستان ۾ فوج ڪشي
ڪري اقتدار عوام جي منتخب نمائندن حوالي ٿي نه سگهي جنهن جي ڪري ملڪ ٽٽي ويو. پاڪستان
جي ٽٽڻ بعد باقي بچيل مغربي پاڪستان جيڪو هن وقت اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي جون واڳون
شهيد ڀٽو جي حوالي ڪيون ويون. جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان جي غلط پاليسين ۽ بنگالي
عوام جا حق تسليم نه ڪرڻ جي ڪري پاڪستان ٻه اڌ ٿي ويو ۽ پاڪ فوج جا ۹۰ هزار کان مٿي سپاهي هندستان جي قبضي هيٺ اچي قيدي بڻجي ويا.
بهرحال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي قائدانه
صلاحيتن ۽ سياسي بصيرت جي ذريعي شملا معاهدي تحت هندستان کان ۹۰ هزار فوجي جوانن ۽ پنج هزار مربع ميل زمين به واپس ڪرايا. شهيد ڀٽي اقتدار
سنڀاليندي ئي ملڪ جي ترقي لاءِ مختلف منصوبن تي عمل شروع ڪرائي ڏنو. شهيد ذوالفقار
علي ڀٽو پنهنجي دور اقتدار ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، انهن ۾ ملڪ کي ۱۹۷۳ع جو متفقه آئين ڏيڻ، پاڪستان اسٽيل مل جو قيام، ٽيڪسيلا ۾ هيوي ميڪنيڪل
ڪامپليڪس جو قيام، لکين بيروزگار ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ڏيڻ، بي زمين هارين
۾ زمين ورهائڻ، ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڏيارڻ ۽ مزدورن جي ڀلائي لاءِ ليبر پاليسي کان
علاوه ٻيا کوڙ سارا منصوبا شامل آهن. شهيد ڀٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ملڪ معاشي طور
تباهه ٿي چڪو هو مگر شهيد ڀٽي پنهنجي همت ۽ غير معمولي قيادت ۽ صلاحيت جي ڪري پاڪستان
کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ عالمي سطح تي پاڪستاني
قوم جو تشخص اجاگر ٿيو ۽ پاڪستان جي نئين سر اڏاوت ۽ تعمير جو دور شروع ٿيو. شهيد ڀٽي
جي دور ۾ ملڪي معيشت مضبوط ٿي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عالم اسلام کي هڪ پليٽ فارم تي
گڏائڻ لاءِ ۱۹۷۴ع ۾ پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور ۾ اسلامي
سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي. هو هڪ عظيم ۽ بهادر اڳواڻ هو، جنهن سامراجي قوتن جي مخالفت
باوجود ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ لاءِ ۱۹۷۶ع ۾ فرانس
سان ائٽمي ري پروسيسنگ جو معاهدو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هن ملڪ جي ترقي لاءِ ڇا
ڇا نه ڪيو، مگر افسوس ته سامراجي قوتن جي سازش تحت عوامي حقن جي علمبردار ۽ پاڪستان
کي مضبوط بڻائيندڙ اڳواڻ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي ۱۹۷۷ع ۾ ختم ڪيو ويو ۽ هڪ منصوبي ۽ سازش تحت جنرل ضياءَ شهيد ڀٽو کي ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڦاسي تي چاڙهي
شهيد ڪري ڇڏيو۔ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عظيم ڪارنامن ۽ قربانين جو مثال پوري دنيا
اندر نٿو ملي.
زيڊ اي ڀٽو
مظلومن جو حامي
لڪشمڻ مهيشوري
مجبور جو همدم، مظلوم جو حامي،
مزدور جي قسمت ۽ ڪڙمي جو مقدر رڳو ڀٽو آهي ۽ اهو چوڻ غلط نه هوندو ته ڀٽو هڪ جذبو
آهي، جرئت آهي، اعتماد آهي، انصاف آهي، تهذيب ۽ تجويز آهي، تحسين آهي، زميني
حقيقتن جي روشني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي شخصيت کي سمجهڻو پوندو. ملڪ ۽ عوام
لاءِ ڪيل سندس خدمتن کي ڏسڻو پوندو ۽ هن جي قتل جي ڪارڻ تي غور ڪرڻو پوندو.
۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو
اقتدار سنڀاليو، اُن وقت پوري قوم مايوسي جو شڪار هئي، پر قائد عوام پنهنجي تدبير
۽ غيرمعمولي صلاحيتن سان ملڪ جي نئين سر تعمير ڪئي، پاڪستاني قوم کي شڪست ۽ ذلت جي
احساس مان ڪڍي ڪري خود اعتمادي پيدا ڪئي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان لاءِ
جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، انهن جي ڪري اڄ پاڪستان هڪ جديد قومي رياست جي حيثيت ۾
موجود آهي ۽ اڄ به اسلامي دنيا جي پهرين ائٽمي قوت آهي. جيڪڏهن قائد عوام اها
نمايان ڪارڪردگي سرانجام نه ڏئي ها ته پاڪسان شايد ۱۹۷۱ع جي الميي مان نڪري نه سگهي ها.
پاڪستان جي نئين سر جوڙجڪ ۾
قائد عوام پنهنجي حڪومت جي پنجن سالن، ڇهن مهينن ۽ پندرنهن ڏينهن جي عرصي دوران ۱۹۷۳ع ۾ پاڪستان جو پهريون متفقه وفاقي، جمهوري ۽ اسلامي آئين ڏنو. شمله معاهدي
تحت ۹۰ هزار جنگي قيدي ڀارت جي قيد
مان آزاد ڪرايا، ڀارت جي قبضي مان پاڪستان جي پنج هزار چورس ميل ايراضي واپس ڪرائي.
سرحدي معاهدي تحت چين جي قبضي مان ۷۵۰ چورس
ميل پاڪستاني علائقو واپس ڪرايو. فرانس ۽ ڪئنيڊا سان ٻه ائٽمي معاهدا ڪري ملڪ کي
ائٽمي ٽيڪنالاجي ڏني. ڪراچي جي ائٽمي گهر (ڪينوپ) جو قيام عمل ۾ آندو. مخصوص ماڻهن
کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي پاليسي کي ختم ڪري هر پاڪستان کي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي عمل
کي يقيني بڻايو. قومي شناختي ڪارڊ لاءِ پهريون ڀيرو هر پاڪستاني کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ
مفت جاري ڪرايو. چين جي سهڪار سان ٽيڪسلا هيوي ڪمپليڪس جو قيام عمل ۾ آندو. پاڪستان
اسٽيل جي تعمير شروع ڪرائي، ڪامره ۾ بئراج رع بلڊ فيڪٽري قائم ڪئي. تربيلا ڊيم جي
توسيع ۽ تڪميل ٿي، چشمه بئراج جي تعمير ٿي، شاهراهه قراقرم جي تعمير چين جي تعاون
سان مڪمل ٿي. بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ ۱۵۰ ڪلو واٽ جو ميڊيم ويو ٽرانس ميٽر لڳرايو.، اسلام آباد ۾ پارليامينٽ جي
عمارت جو ڪم شروع ڪرايو، اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي ياد ۾ لاهور ۾ ۱۶۰ فوٽ بلند مينار ٺهرايو. ڪراچي ۾ عباسي شهيد اسپتال، لياري ۾ جنرل اسپتال ۽
پشاور ۾ حيات محمد شير پائو اسپتال تعمير ڪرائي. جڏهن ته ملڪ ۾ سندس اسلامي خدمتن
جو ڪو ٻيو مثال نٿو ملي. هن پهريون ڀيرو ملڪ ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو قيام
عمل ۾ آندو. مخصوص ماڻهن کي حج ڪرڻ جي اجازت کي ختم ڪرائي هر پاڪستاني مسلمان کي
حج ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو اعلان ڪيو ته جيڪو ختم
نبوت ﷺ کي نٿو مڃي، اهو مسلمان ناهي، پر اسيمبلي مان پڻ بل منظور ڪرايو ته جيڪو شخص
ختم نبوت ﷺ جي خلاف عقيدي جي پرچار ڪندو، اهو ڪافر آهي، اهڙي طرح قاديانين کي
غيرمسلم اقليت قرار ڏنو ويو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي
بسيرت، آزاد پرڏيهي پاليسي ۽ مثالي ملڪي خدمتن جي ڪري سامراجي قوتن ۽ انهن جي
پگهاردارن کي چڱي ريت معلوم ٿي ويو هو ته ڀٽو هڪ اهڙي جدوجهد جي شروعات ڪئي آهي،
جنهن سان غيرملڪي آقائن ۽ استحصالي قوتن جو خاتمو ٿيندو، جنهن سان عوام کي طاقت جو
سرچشمو هجڻ جو احساس اڀرندو. حق حاصل ڪرڻ لاءِ حوصلو ۽ همت ملي، سرمائيدار،
جاگيردار ۽ آفيسر شاهي جي ظلم ۽ زيادتين، اقربا پروي جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي
آهي. ملڪي دفاع مضبوط ٿي رهيو آهي ۽ غير ملڪي تسلط ۽ آمريت جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي،
ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس حڪومت جي خلاف ٻاهرين ۽ اندروني سازشون شروع ڪيون
ويون. هر هنڌ اها پروپئگنڊا شروع ڪئي وئي ته امير اشرافيه تي وڏو ظلم ٿي رهيو آهي،
ننڍن ماڻهن کي عزت ڏني پئي وڃي، ڪالهه جن
کان ڪير پڇندو به نه هو، ان کي ليڊر بڻايو پيو وڃي. دنيا جي انقلابن جي تاريخ شاهد
آهي ته جتي به محڪوم عوام پنهجي اتحاد سان ظالم حڪمرانن تي فتح حاصل ڪري پاڻ سان ٿيندڙ
ظلمن ۽ زيادتين جو حساب وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اتي اهڙي قسم جي سازش ۽ پروپئگنڊا
ٿيندي رهندي آهي، باوجود ان جي ذوالفقار علي ڀٽو جيڪي ملڪي ۽ عوامي خدمت سرانجام ڏني،
جن جو مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ ان جو مثال نٿو ملي.
قائد عوام جي انقلابي پروگرام
کي روڪڻ لاءِ منظم طريقي سان سازشون شروع ڪيون ويون، انهن سازشن ۾ بين االاقوامي
آقائن ڀرپور مدد ڪئي ۽ ظالماڻي نظام کي جاري رکڻ لاءِ ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڀرپور ڪردار
ادا ڪيو. آخرڪار ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي عوام جي پهرين چونڊيل وزيراعظم پاڪستان ۾ پهرين انقلابي دور جي موجد
ذوالفقار علي ڀٽو کي رات جي تاريڪي ۾ بندوق جي نوڪ تي غير آئيني طريقي سان اقتدار
تان لاهي قيدي بنايو ويو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. ۵ جولاءِ کانپوءِ غاصب فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق ۹۰
ڏينهن جي اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو. آمر اهڙو
واعدو بيت الله ۽ اقوام متحده جي سامهون جمهوري ملڪن سان ڪيو، پر هن انهن سڀني
واعدن کان منهن موڙي پنهنجي ظالم حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکي. ضياءُ الحق
جي ظالم دور جو مثال شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي ملندو هجي، ان دور ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن
کي ۸۰ هزار جي لڳ ڀڳ ڦٽڪا هنيا ويا.
مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا، جيلن ۾ بند ڪري انسانيت کي لڄائيندڙ تشدد ڪيو ويو، کين
ڦاهين تي چاڙهيو ويو. ظالم حڪمران جڏهن هر طرح سان مايوس ٿيا ته هنن کي قائد عوام
کي جسماني طور تي ختم ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا صورت نظر نه آئي ۽ نواب محمد احمد خان جي
قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ۴ اپريل
۱۹۷۹ع تي کيس ڦاهي ڏني وئي. انهن
سمورين ڳالهين جي مطالعي ۽ تجزيي مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته شهيد ڀٽو جي موت
جو ڪارڻ سياسي عوامي مقبوليت، بي مثال ملڪي خدمت، خاص ڪري ملڪ کي ائٽمي ٽيڪنالاجي
سان ليس ڪرڻ سامراجي قوتن جي خلاف بين الاقوامي اتحاد جوڙڻ جي ڪوشش، اسلامي رياستن
جي دنيا ۾ حيثيت کي مڃائڻ لاءِ اسلامي بلاڪ جو تصور ڏيڻ هو.
شهيد ڀٽو اصولن جي خاطر سوليءَ
تي چڙهڻ قبول ڪيو، پر آمر جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو. ان عظيم انسان جي قتل تي
لکين انسانن احتجاج ڪيو ۽ خودڪشيون ڪيون. دنيا جي مهذب قومن رحم جي نالي تي اپيلون
ڪيون، پر اهي سڀ بي فائديمند ثابت ٿيون. هڪ عظيم ۽ بي گناهه انسان کي انسان دوستي
جي جرم ۾ ڦاهي ڏني وئي، پر قائد عوام جي قاتل ۽ اقتدار جي حوس ۾ انڌي جنرل ۽ ان جا
غيرملڪي آقا، سرمائيدار، وڏيرا ۽ جاگيردار اهو سمجهي نه سگهيا ته ڀٽو مُئو ناهي بلڪه
هو نظريو بڻجي چڪو آهي ۽ نظريا ڪڏهن به ناهن مرندا.
عالمي مبصرن سچ لکيو هو ته
مارجي ويل ڀٽو، زنده ڀٽو کان وڌيڪ طاقتور آهي، ڇوته شهيد ڀٽو هڪ فڪر بنجي چڪو آهي،
جنهن کي ظلم جي طاقت سان ختم نٿو ڪري سگهجي. فڪر پنهنجي سچائي جي دم سان هميشه
زنده رهي ٿو ۽ ان سان عوام کي رهنمائي ملندي آهي. تاريخ پنهنجو پاڻ کي ورجايو، انسان
جو پيار ۽ عقيدو مظلوم عوام جي حصي ۾ آيو، اڄ ملڪ جا سڀئي باشعور، انسان دوست ۽
ظلم جي خلاف جنگ ڪندڙ قائد عوام سان عقيدتمندي جو کليل نموني اظهار ڪري رهيا آهن.
شهيد ڀٽو جي نظريي جي تڪميل جو عهد ڪري رهيا آهن. اڄ به شهيد ڀٽو جا مخالف کيس ڦاهي ڏيڻ جي نه رڳو مذمت ڪري رهيا
آهن، بلڪه انهيءَ آمراڻي عمل کي ملڪ لاءِ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏئي رهيا آهن. اڄ
به ملڪ ۾ قائد عوام جو نظريو ملڪ ۽ عوام جي خدمت ۽ رهنمائي ڪري رهيو آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
تاريخ ۾ زنده رهندو
عاجز جمالي
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اڄ
تائين عوام تائين جمهوريت جو ڦل پهچي نه سگهيو آهي. ان ڪري هر سرڪار جي خرابي کي
جمهوري نظام جي خرابي قرار ڏئي جمهوري نظام تي لعنت ملامت ڪئي وڃي ٿي. پاڪستان جي
سياسي تاريخ ۾ مڪمل جمهوريت ڪڏهن رهي ئي ڪانهي. هن ملڪ ۾ يا ته آمريت رهي آهي يا
جمهوريت جي نالي تي چونڊن وسيلي ايندڙ حڪومتون ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي جي ڀيانڪ شڪل
رهيون آهن. ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي نواز شريف جي هاڻوڪي حڪومت تائين جمهوري حڪومتون
مڪمل جمهوري يا آزاد جمهوري حڪومتون نه رهيون آهن. جمهوري اختيارن ۾ مداخلت خلاف
آواز اٿاريندي ذوالفقار ڀٽو مڪمل جمهوري حقن لاءِ رياست تي سگهه يا ڏنڊي ذريعي
قابض رهندڙ قوتن خلاف جيئن ئي مهاڏو اٽڪائڻ شروع ڪيو ته سندس ڪمزور جمهوري حڪومت
کي به فوج مارشل لا هڻي کيس رستي تان هٽايو، ان لاءِ پاڪستان قومي اتحاد نالي ٺاهيل
نو جماعتي اسٽيبلشمينٽ نواز ان اتحاد کي استعمال ڪيو ويو، جيڪو بنيادي طور تي ٺهيو
ئي ذوالفقار علي ڀٽو کي رستي تان هٽائڻ لاءِ هو، پر ان اتحاد کي ڀُٽي کي چونڊن ۾ شڪست
ڏئي اقتدار سنڀالڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو هو. اهو ٺيڪو امريڪا جي مرضي تي پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ
ان اتحاد کي ڏياريو جنهن جي قيادت مذهبي اڳواڻ ڪري رهيا هئا. اهي اڳواڻ جن هميشه
ذوالفقار علي ڀٽو کي سوشلزم جو پيروڪار چئي اسلام دشمن سڏيو پئي. حالانڪه ذوالفقار
علي ڀُٽي جو اسلامي سوشلزم جو تصور ئي سوشلزم جي بنيادي فلسفي جي خلاف هو، پر دنيا
۾ سوشلزم جي اڀار ۽ زوردار تحريڪن سبب ڀُٽي سوشلزم جو نعرو هنيو، پر سوشلزم هڪ
سياسي نظام آهي، اسلام مذهب آهي. جيئن مذهبي ڌرين اسلام کي سياسي پروگرام جو حصو بڻايو،
تيئن ڀُٽي سندن مقابلو ڪرڻ لاءِ اسلامي سوشلزم جو رستو ڏنو. سندس چين سان دوستي
سبب به رجعت پسند ڌريون پريشان هيون ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ سوويت يونين جي
حمايت يافته سوشلسٽ نظام جي اچڻ سبب پڻ جهادي قوتون يا آمريڪي فنڊز تي هلندڙ ڌريون
پريشان هيون. پاڪستان ۾ سوشلسٽ حامي ڌرين جي سرگرمين ۾ واڌ سبب به رياستي ادارا ۽
اسٽيبلشمينٽ پريشان هئا، هو اهي سمورا گناهه ڀٽو جي کاتي ۾ وجهي رهيا هئا. حالانڪه
تلخ حقيقت اها هئي ته ۱۹۷۲ع جي ڀُٽي
۽ ۱۹۷۷ع جي ڀُٽي ۾ به وڏو فرق اچي ويو
هو. جاگيردارن سرمائيدارن خلاف ميدان تي لهندڙ ڀٽو بعد ۾ نيشنل عوامي پارٽي جي حڪومت
کي ختم ڪرڻ تي ڪيئن راضي ٿيو. ساڳيو ڀٽو بلوچستان ۾ جاري آپريشن ڇو ختم نه ڪري
سگهيو. ڀٽو قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ تي ڪيئن راضي ٿيو؟ ڇو ته اهي سمورا
مطالبا ته پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ ۽ بنيادپرست ڌرين جا هئا، پاڪستان جي عوام جا ڪونه
هئا، پر ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي ڀٽو کي مجبور ڪندي رهي ۽ ڀٽو مسلسل ڪمزور ٿيندو رهيو،
پوءِ به کيس رستي تان هٽائڻ لاءِ مٿس قتل جو ڪيس مڙهي کيس جيل ۾ وڌو ويو، ائين چار
اپريل ۱۹۷۹ع تي کيس ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڦاهي
تي چاڙهيو ويو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي تاريخ ۾
زنده هجڻ کي اڄ اسان جي ملڪ ۾ هڪ چٿر جو درجو مليل آهي، پر حقيقت اها آهي ته ڀٽو
تاريخ ۾ زنده رهڻو آهي. اسان کي پيپلز پارٽي جي موجوده سرڪار تي تنقيد ڪرڻ جو پورو
حق آهي، پر سرڪار جي هر خرابي کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي کاتي ۾ وجهي مٿس چٿر ڪرڻ
وقت ياد رکڻ گهرجي ته اسين جيڪڏهن سياست کي هن ملڪ ۾ ڪمزور ڪريون پيا ته اڻ سڌيءَ
ريت غير سياسي رياستي ادارن، پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ يا ڀٽو کي راهه تان هٽائيندڙ
آمريتن لاءِ رستو صاف ڪري رهيا آهيون. سوويت يونين ۾ سوشلزم آڻيندڙ ڪامريڊ لينن جي
ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ گورباچوف دنيا ۾ پروسٽرائيڪا جو تصور ڏنو، جنهن سبب سوويت
يونين ٽُٽي ويو.
ته ان جو اهو قطعي مطلب نه ٿيو
ته سڄو ڏوهه ڪامريڊ لينن جو هوندو. حالانڪه سوشلزم زوال پذير ٿي ويو، پر هڪ نظام
جي صورت ۾ دنيا اندر سوشلزم هڪ ڪامياب انسان دوست نظام آهي، پر سڄي دنيا ۾ امريڪا
اڄ به سوشلسٽ نظام خلاف هر سال کربين ڊالر خرچ ڪندو آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو تي تنقيد ڪندڙ
ماڻهن کان اها ڳالهه وسري وئي ته ۱۹۷۳ع جي
آئين کان اڳ اسان سنڌين جو موجوده پاڪستان ۾ حال ڇا هو؟ وفاقي ڪامورا شاهي ۾ اسان
جو حصو ڪيترو هو؟ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اسان جي شرح ڪيتري هئي؟ سنڌي ٻولي سرڪاري ادارن
۾ ڪيتري لکي ويندي هئي، پي آءِ اي، ڪسٽم، بندرگاهن، شپنگ ڪارپوريشن سميت سمورين ڪارپوريشنز
۾ سنڌي ڪيترا هئا ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي اچڻ کانپوءِ اها شرح ڪيتري وڌي؟ ڪوٽا سسٽم
جيتوڻيڪ سٺي ڳالهه ناهي، پر ان ۾ آئيني طور ٻهراڙين کي روزگار ۽ تعليمي ادارن ۾
تحفظ مليل آهي. ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ ننڍن صوبن کي سندن
حقن جو تحفظ مليل آهي. ذوالفقار علي ڀٽو آئين ۾ پهريون ڀيرو مزدورن يا هارين جي
محنت کي آئين جي شڪل ۾ تسليم ڪرايو. پاڪستان جي سياست ۾ ڪافي نواڻ آندي، پر ڀٽو به
مڪمل آزاد هو نه سندس دور مڪمل جمهوري دور هو. اسٽبلشمينٽ، ڀٽو جي خلاف ماحول ٺاهي
جنرل ضياءُ کي مارشل لا لڳائڻ جو رستو ڏنو. جنرل ضياءَ جي بدترين آمريت خود هڪ ڊگهي
ڪهاڻي آهي. ۱۱ سالن تائين هڪ مڪمل عوام دشمن ڪرتوتن
جو دور هو، جنهن سڀ کان وڏو جرم اهو ڪيو جو هن ملڪ مٿان بنيادپرستي، جهادي،
طالبان، هيروئن، ڪلاشنڪوف، منشيات جو ڪاروبار، افغان پناهگير، شاگرد سياست جو
خاتمو، ترقي پسند سياست کي چيڀاٽڻ جهڙيون بيماريون ڏنيون.
اسان ان ٻه واٽي تي بيٺا آهيون
جو ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي ۳۸ سال
گذرڻ وڃڻ باوجود اسان وٽ سياست ڀٽو جي آهي يا ڀٽو مخالفت جي آهي. ڀٽو جي مخالفت جي
سياست ۾ اسان کي جنرل ضياءَ جي ڀيانڪ شڪل اڄ به ڊيڄاري رهي آهي، ڇو ته جنرل ضياءَ
جي ڀيانڪ شڪل جو ٻيو روپ جنرل مشرف جو آهي، جيڪو پڻ اوترو ئي خطرناڪ آهي.
ڀٽو ڇو
زنده آهي؟
قصو هڪ
صديءَ جو!
اقبال يوسف
”ڪل ڀي ڀُٽو زنده ٿا، آج ڀي ڀُٽو
زنده هي“ جڏهن اهو نعرو سنڌ کان پختونخوا تائين گونجندو آهي ته ۹۰ واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيندڙ نسل سوال ڪندا آهن ته ڀُٽو ڇو زنده آهي؟ اُنهن کي
ٻڌايو ته اسان جي تاريخ جو هي ڪردار لازوال ڇو آهي، ڀٽو ڇو زنده آهي؟
جناب ذوالفقار علي ڀُٽو ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي اباڻي
گهر ۾ پيدا ٿيو. سنڌي روايت مطابق مقامي مسجد ۾ وڃي تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ هُن
جي والد اعلان ڪيو ته سندس پُٽ کي ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان پُڪاريو وڃي.
ذوالفقار، حضرت علي عه جي تلوار جو نالو هو.
جناب ڀٽو جو ننڍپڻ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ
۾ گذريو. هُن جو والد شاهنواز ڀُٽو پنهنجي فيمليءَ سان گڏ ۱۹۳۸ع ۾ بمبئي شفٽ ٿيو ته جناب ڀُٽو کي بمبئي جي ڪيٿيڊرل هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو.
اُن کان اڳ هو ڪجهه عرصو پونا ۾ زير تعليم رهيو. جناب ڀُٽو اسڪول جي زماني ۾ ئي
مُلڪي ۽ غير مُلڪي سياست ۽ تاريخ ۾ دلچسپي وٺندو هو. قيامِ پاڪستان کان اڳ
قائداعظم محمد علي جناح کي هن نوجوان شاگرد خط لکيو هو، جنهن ۾ لکيو هو، ”مان اڃا
اسڪول ۾ پڙهان ٿو، تنهن ڪري پنهنجي مقدس وطن جي قيام ۾ عملي طور تي مدد نٿو ڪري
سگهان، پر اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن مان پاڪستان جي لاءِ جان قربان ڪندس.“ اهي
لفظ بمبئي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ۱۶ ورهين
جي شاگرد ۲۶ اپريل ۱۹۴۶ع تي لکيا هُئا. جنهن قائداعظم جي پاڪستان کي عالمِ اسلام جو قلعو بڻائي ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي شهادت جو مرتبو حاصل ڪيو ۽
تاريخ ۾ امر ٿي ويو.
جناب ڀُٽي امريڪا ۽ برطانيه ۾
اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ ۱۹۵۱ع ۾ جڏهن
هو موڪل دوران پاڪستان آيو ته ۱۹۵۱ع ۾ ليڊي
نصرت سان هُن جي شادي ٿي وئي. شاديءَ کان پوءِ جناب ڀُٽو پنهنجي تعليم جاري رکي،
لنڪن اِن مان بئرسٽريءَ جي ڊگري ورتي، اُن ئي يونيورسٽي کيس ليڪچررشپ جي پيشڪش ڪئي.
اُن دوران هُن کي والد جي علالت جو اطلاع مليو ته هو جلد ئي پاڪستان اچي ويو. هُن
واپس لنڊن وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان ۾ رهي ڪري پنهنجي عملي زندگيءَ جو
آغاز ڪيو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪئي. هُن جو پهريون ئي ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو،
جنهن جو فيصلو ٻُڌائيندي انگريز چيف جسٽس، خلافِ معمول ڀُٽو جي ذهانت ۽ قابليت جي
تعريف ڪورٽ روم ۾ هنن لفظن سان ڪئي ”مان وڏي اعتماد ۽ يقين سان گڏ پنهنجي عدالت جي
ڪمري ۾ اهو اعلان ڪرڻ چاهيان ٿو ته مسٽر ڀُٽو جلد هن مُلڪ جو وڏو نامور ۽ ڪامياب وڪيل
بڻجي ويندو.“ سڄي دنيا ڏٺو ته ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي قوم جو وڪيل بڻجي هر بين
الاقوامي فورم تي عالمِ اسلام ۽ ٽئين دنيا جي مظلوم عوام جو ڪيس وڙهندو رهيو. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ جي قيام خلاف سنڌ يونٽ فرنٽ قائم ڪيو ۽ ون يونٽ جي خلاف
تقريرون ڪيون، اُن وقت سنڌ جو وزيراعليٰ ايوب کهڙو هو. اولهه پاڪستان جا حڪمران
پنهنجي مفاد جي خلاف بلند ٿيندڙ آواز کي ڪيئن ٿي برداشت ڪري سگهيا، اُنهن ڀُٽو کي
قيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پر سنڌ ۾ ڀُٽو خاندان جي سياسي اثر رسوخ جي پيش نظر سرڪار
کي پنهنجا حڪم واپس وٺڻا پيا. اُنهن ڏينهن ۾ ڀُٽو عملي سياست ۾ اچڻ کان پاسو ڪري
رهيو هو پر حڪمرانن کي جناب ڀُٽو جي صلاحيتن جو اندازو ٿي چُڪو هو، تنهن ڪري ۱۹۵۷ع ۾ گڏيل قومن ۾ ويندڙ وفد ۾ ڀُٽو کي شامل ڪيو ويو، هُن ”امن ۽ جارحيت“ جي
موضوع تي پنهنجي پهرين عالمي تقرير ڪئي، اُن تقرير جا پڙاڏا اڃا گڏيل قومن جي
ايوانن ۾ گونجي ئي رهيا هُئا ته هُن کي پنهنجي والد جي انتقال جي خبر ملي ۽ هو وطن
واپس اچي ويو.
مارچ ۱۹۵۸ع ۾ بحري سرحدن جي سلسلي ۾ جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ٻئي عالمي ڪانفرنس ۾
جناب ڀُٽو کي پاڪستان جي نمائندگيءَ جو موقعو مليو، جتي هُن پنج تقريرون ڪيون،
اُنهن تقريرن ۾ جيڪو ڪجهه ڀُٽي چيو، ڏهه سالن کان پوءِ عالمي قوتن کي اُهوئي ڪرڻو
پيو ۽ خود پاڪستان جي بحري سرحدن جي توسيع جو فيصلو به اُن زماني جي نوجوان ڀُٽو
جي عملي ڪاوش آهي. آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ۾
ايوب خان جي ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙ ذوالفقار علي ڀُٽو ڪنهن سفارش تي نه ويو هو، پر
اُن حڪومت جي مجبوري بڻجي ويو هو. ايوب خان جي پهرين ڏهه رُڪني ڪابينا اندر جرنل ۽
ڪرنل هئا.
اُن ڪابينا ۾ ذوالفقار علي ڀُٽو
سڀ کان ننڍي ڄمار رکندڙ پر سڀ کان وڌيڪ قابل ۽ اعليٰ تعليم يافته، بي داغ سياسي ڪردار
۽ عالمي مامرن تي دسترس رکڻ وارو وزير هو. سڄي برصغير ۾ ڪنهن کي ايتري ننڍي عمر ۾
مرڪزي وزارت ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. کيس پهريان وزارت تجارت جو قلمدان ڏنو ويو، پوءِ
تيل جي وزارت، گيس ۽ معدني ذخيرن جي اضافي چارج ڏني وئي، اُن کان پوءِ ڀُٽو کي
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وزارت ڏني وئي ۽ پاڪستان جو پهريون ائٽامڪ ري ايڪٽر قائم ڪرڻ
۾ جناب ڀُٽو ذاتي طور تي ڪردار ادا ڪيو. ۱۹۶۱ع ۾ جناب ڀُٽو جي وزارت اطلاعات، بجلي ۽ آبپاشي جي وزارت ڏني وئي، جنهن تحت
هُن زراعت جي ترقيءَ جي لاءِ ۷۵۰۰ ميل ڊگهي
شاخ جي تعمير ڪرائي ۽ ۳۱۰۰۰ ٽيوب ويل لڳرائڻ جو انقلابي ڪم ڪري ڏيکاريو. ۱۹۶۱ع ۾ پنڊت نهرو پاڪستان تي ڪشمير ۾ جارحيت جو الزام لڳايو ته جناب ڀٽو پاڪستان
جي طرف کان ڀرپور جواب ڏنو، اُنهن ڏينهن ۾ پرڏيهي وزير محمد علي بوگره پنهنجي
علالت سبب غير فعال هو. تنهن ڪري جناب ڀُٽو پرڏيهي وزير نه هوندي به پرڏيهي مامرن
تي سرگرم عمل هو. ۱۹۶۲ع ۾ جناب ڀُٽو کي انڊسٽري ۽
قدرتي وسيلن جي وزارت ڏني وئي. هو پرڏيهي پاليسي تي هڪ فعال ترجمان بڻجي چُڪو هو ۽
چين جي حمايت ۽ دوستيءَ سبب لاڳيتو اڳيان وڌي رهيو هو. ۱۹۶۳ع ۾ محمد علي بوگره جي انتقال کان پوءِ جناب ڀُٽو کي مڪمل طور تي پرڏيهي
وزارت جو قلمدان ڏنو ويو. ذوالفقار علي ڀُٽي چين جو تاريخي دورو ڪيو ۽ چين سان پاڪستان
جي دوستي جو معمار بڻجي ويو. جناب ڀُٽو جي ڪامياب پرجوش حڪمت عملي سان چين اسان جو
عظيم دوست بڻجي ويو.
۶ ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري ڏنو،
پاڪ فوج سرحدن جو دفاع ڪري رهي هُئي ته جناب ڀُٽو عالمي فورم تي ڀارت جي خلاف ڪيس
وڙهي رهيو هو. ۲۲ ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي هُن تاريخي خطاب ڪيو. هُن چيو ته
”اسان هزار سال تائين وڙهنداسين، اسان پنهنجي دفاع ۾ وڙهنداسين، اسان پنهنجي وقار
جي لاءِ وڙهنداسين، اسان زندگي جي نشونما ڏيڻ وارا ماڻهو آهيون، اسان نٿا چاهيون
ته اسان جو نانءُ نشان مٽايو وڃي. اسان پنهنجي وقار جي لاءِ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو
آهي. پاڪستان خاطر وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
انهن ڏينهن ۾ ڀُٽو جي تقرير ريڊيو
تي نشر ڪئي ويندي هُئي. اهي تقريرون انگريزي ۾ هونديون هيون، پر بازارن ۾، هوٽلن
تي، دُڪانن تي جتي ريڊيو تي تقرير هلندي هُئي ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿي ويندا هُئا. ماڻهو
انگريزي نه ڄاڻندا هُئا، پر ڀُٽو جي لهجي مان ڄاڻي وٺندا هُئا ته اهو پاڪستانين جي
دلين جو آواز آهي ۽ واقعي ڀُٽو هر دل جو آواز بڻجي ويندو هو. اهڙي نموني ۲۳
ڊسمبر ۱۹۶۵ع تي
جناب ڀُٽو هڪ ڀيرو ٻيهر سلامتي ڪونسل کي خطاب ڪيو ۽ هن ڀيري هُن ساڳي نموني ڀارتي
پرڏيهي وزير تي ڇوهه ڇنڊيا ته ڀارتي وفد کسڪي نڪري ويو. تاشقند معاهدي کان پوءِ
جناب ڀُٽو جڏهن ايوب حڪومت کان علحدگي جو فيصلو ڪري ورتو ته ايوب حڪومت اها خبر
جاري ڪري ڇڏي ته پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي علالت سبب موڪل تي هليو ويو
آهي، پر دنيا ڏسي رهي هُئي ته بيمار ڀُٽو هوائي جهاز بجاءِ ٽرين جو تڪليف ڏيندڙ
سفر اختيار ڪري رهيو هو. راولپنڊي اسٽيشن تي ڀُٽو کي رخصت ڪرڻ صرف ٻه ماڻهو آيا، هڪ
غلام مصطفيٰ کر ۽ ٻيو غلام مصطفيٰ جتوئي. پر جڏهن اها ٽرين لاهور پهتي ته ٻه لک ماڻهن
هُن جو عظيم الشان استقبال ڪري ايوب حڪومت کي رخصت ڪرڻ جو پيغام ڏنو.
جناب ڀٽو ڪجهه عرصي جي لاءِ ٻاهرين
ملڪ ويو ۽ جلد واپس اچي ويو ۽ هن پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
دوستن سان صلاح مشوري کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ۲۹ نومبر ۱۹۶۷ع تي لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي
گهر تي ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ ٺاهي وئي.
پارٽي جي قيام سان گڏ ئي پارٽي
کي منظم ڪرڻ جي لاءِ جناب ڀٽو عوامي رابطا مهم شروع ڪئي ۽ تمام مختصر عرصي ۾ اولهه
پاڪستان جي سڀ کان وڏي ترقي پسند پارٽي بڻجي وئي. ڀٽو جي ان سرگرمي کان بيزار ٿي
اولهه پاڪستان جي گورنر رٽائرڊ جنرل موسيٰ، ڀٽو صاحب کي گرفتار ڪري ورتو ته بيگم
نصرت ڀٽو پهرين ڀيرو ۱۹۶۸ع ۾
عملي طور تي سياست ۾ آئي. اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جيڪڏهن ايئر مارشل اصغر
خان پاران بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ ڀٽو جي لاءِ هڪ وڏي جلوس ۾ شرڪت ڪئي. آخرڪار ۲۵ مارچ ۱۹۶۹ع تي ايوب خان حڪومت يحيٰ خان
جي حوالي ڪئي ۽ ملڪ ۾ ٻي مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي. ڪجهه عرصي کانپوءِ سياسي قيدي
آزاد ڪيا ويا ۽ سياسي سرگرميون بحال ٿيون.
هي اُهو دور هو، هڪ طرف فوجي حڪومت،
ٻئي طرف رجعت پسند سياسي پارٽيون ۽ مذهبي پارٽيون، ٽئين پاسي زرد صحافت هئي ۽ چوٿين
طرف اوڀر واري پاسي احساس محرومي جون چڻنگون دکي باهه جي صورت اختيار ڪري رهيون
هيون. ڀٽي صاحب پاران ۴ جنوري
۱۹۷۰ع تي ڪراچي جي نشتر پارڪ جي چئن
پاسن کان جنگ جي شروعات ڪئي ۽ ۷ ڊسمبر ۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي
اولهه پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي بڻجي آڏو آئي، جنهن جو انقلابي منشور
عوام جو اعتماد حاصل ڪري چڪو هو.
۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۰ع تي هاريل پاڪستان جو اقتدار
ذوالفقار علي ڀٽو کي اڪثريتي چونڊيل پارٽي جو سربراهه هجڻ سبب منتقل ڪيو ويو. جناب
ڀٽو جي حڪومت ۵ سال ۶ مهينا ۱۵ ڏينهن
جي تاريخ ان عظيم ڪارنامن تي مشتمل آهي، جنهن جي ڪري اڄ پاڪستان سياسي، اقتصادي ۽
سماجي طور تي قائم ۽ دائم آهي. پاڪستان جي هڪ متفقه آئين، ۹۰ هزار جنگي قيدين جي واپسي، پنج هزار چورس ميل جو علائقو دشمن کان واپس
مليو. پارٽي جي منشور مطابق هن انقلابي صنعتي، اقتصادي، زرعي اصلاحات نافذ ڪيا. پاڪستان
کي ايٽمي قوت بڻائڻ جي شروعات ڪئي. اسلامي سربراهه ڪانفرنس محنت ڪشن، شاگردن،
هارين جي لاءِ ڏور رس انقلابي قدم، شهرن جي ترقي جا لاتعداد منصوبا، پاڪستان اسٽيل
مل جو قيام، پورٽ قاسم جو قيام، ۲۲
خاندانن جي هٿان دولت وٺي هزارين مڊل ڪلاس واپارين ۽ صنعتڪارن جي لاءِ رستو پيدا ڪرڻ،
ڪيترن ملڪن ۾ واپاري ۽ صنعتي ۽ ترقياتي معاهدا ۽ پاسپورٽ کي عام ڪري پاڪستان جي
افرادي قوت کي ٻاهرين ملڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي عظيم الشان پاليسي اُن دور ۾ شروع ڪئي
وئي.
ڀٽو شهيد جي دور ۾ ۱۹۷۳ع کان جون ۱۹۷۷ع تائين پنج کان وڌيڪ ماڻهو ٻاهرين
ملڪ نوڪرين جي لاءِ ويا ۽ انهيءَ پاليسي جي نتيجي ۾ اڄ تقريبن ۳۰ لک ماڻهو ٻاهرين ملڪ خدمتون سرانجام ڏئي وڏي تعداد ۾ ناڻو اماڻيندا رهيا.
پاڪستان جو ايٽمي پروگرام اهڙي طرح شروع ڪيو ته هن جي اچڻ کانپوءِ ڪوئي حڪمران هن
کي رول بيڪ ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو ۽ انهيءَ جي سزا ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏني
وئي. ڀٽو جي دور جي آزادانه پرڏيهي پاليسي ايتري قدر شاندار هئي جو نه صرف اسلامي
دنيا جي سمورن ملڪن سان بلڪه يورپي ملڪن سان هن جا مثالي لاڳاپا هئا. ٽي وي ۾ رنگ ڀٽو
جي دور ۾ آيو، توهان جي اهم قومي شناختي دستاويز توهان جو شناختي ڪارڊ ڀٽو جي دور
۾ جاري ڪيو ويو. اڄ جي جمهوريت ڀٽو شهيد جو تحفو آهي، جيڪڏهن ۱۹۷۳ع جو متفقه آئين نه هجي ها ته اسان ڪٿي هجون ها ۽ اڳوڻي چيف جسٽس نسيم حسن
شاهه جي ان اعتراف کانپوءِ ته ”اسان ڀٽو کي ڦاسي جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ضياءَ الحق
جي دٻاءُ ۾ ڪيو“ ڀٽو جي شهادت ثابت ٿي چڪي آهي، ان لاءِ ڀٽو زنده آهي ۽ زنده
رهندو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
موت کي شڪست ڏيندڙ
محمد ساجد جوکيو
ايم پي اي
اهي انسان انتهائي خوش نصيب
هوندا آهن جن جو نالو انهن جي زندگي ۾ ته سڃاڻپ بڻجي ويندو آهي پر اهي مري وڃڻ کان
پوءِ به پنهنجي قدمن جا نشان تاريخ جي صفحن تي ڇڏي ويندا آهن، جنهن تي انسان ته ڇا
پر تاريخ به ناز ڪندي رهندي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهن شخصيتن مان هڪ آهي
جنهن پنهنجي علم، عقل، فهم، سياسي، ڏاهپ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪيل شاهڪار ڪارنامن سان پاڪستان
ته ڇا پر پوري دنيا اندر اهڙو ته پنهنجو نالو پيدا ڪري ويو، جيڪو رهندي دنيا تائين
قائم رهندو ۽ دائم رهندو. موت ان کي ايندو آهي جنهن جي تدفين کان پوءِ دنيا ان کي
وساري ڇڏيندي آهي پر شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي موت کي شڪست ڏئي پنهنجي بقا کي برقرار
رکيو ۽ سياسي عقيدي طور ان کي مڃڻ وارا هاڻي کيس سياسي مرشد چئي رهيا آهن. هونئن
به ماهر نفسيات جو چوڻ آهي ته زندهه رهڻ ۽ موت کان پوءِ به پنهنجو پاڻ کي زندهه رکڻ
لاءِ هر انسان جو خواب به هوندو آهي ته خواهش به ۽ اها خواهش انساني نفسيات ۽
خواهشات جو حصو بڻجي سدائين ان کي تحرڪ ۾ آڻيندي آهي، شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو به هڪ ڏينهن
قائداعظم جي تصوير کي غور سان ڏسندي فرمايو هو ته: انشاء الله مان به هڪ ڏينهن
تاريخ ۾ قائداعظم کان وڌيڪ پنهنجو نالو پيدا ڪري اهڙا منفرد ڪاراناما سرانجام ڏيندي
ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندس، جنهن ڪري منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ به تاريخ مونکي بهترين
لفظن سان ياد ڪندي رهندي. در اصل فنا ۽ بقا ڪائنات جا ٻه الڳ الڳ رنگ ۽ ٻئي متضاد
پهلو آهن، فنا هر صورت ۾ انسان جو مقدر آهي، انسان ته ڇا پر هر اها ساهه واري شئي
جيڪا ڪائنات ۾ وجود رکي ٿي ان کي هر صورت ۾ فنا ٿيڻو آهي، جنهن لاءِ قرآن پاڪ ۾
فرمايل آهي ته ”قُلُ نَفسُ ذائقت المَوت“ رب ڪائنات سموري نظام جو بنياد ئي فنا تي
رکيو آهي پر ان فنا ۾ هڪ پهلو بقا جو به آهي پوءِ اها بقا ٿوري عرصي لاءِ هجي يا
گهڻي عرصي لاءِ پر بهرحال پوءِ به ان کي آخر هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو هوندو آهي، انسان
جيڪڏهن غور ڪري ڏسي ته يقينن ان نتيجي تي پهچندو ته جنهن ڏينهن فنا ۽ بقا هوندي
اهوئي ڏينهن يوم حساب جو هوندو ۽ يوم حساب تائين فنا ۽ بقا جو سلسلو جاري رهندو.
هي به هڪ دلچسپ ۽ قابل غور راز
آهي ته الله تبارڪ ۽ تعاليٰ ڪائنات جي هر شئي جو مقدر فنا تي رکيو آهي ۽ انسان کي
شعور جي اک کولڻ سان ئي ان کي معلوم ٿي ويندو آهي ته ان کي هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ هي
زندگي ان لاءِ هر حال ۾ فاني آهي پر ان جي باوجود انسان جي فطرت ۾ زندهه رهڻ جو هڪ
جذبو ۽ اتساهه هڪ ئي وقت مشعل بڻجي روشن ٿي رهي ٿو بلڪه ائين کڻي چئجي ته انسان کي
اهو جذبو متحرڪ رکي ٿو ۽ اهو جذبو آهي بقا ۾ رهڻ جو يعني ڪائنات جي خالق انسان ۾ هڪ
ئي وقت خير ۽ شر سان گڏوگڏ بقا جي خواهش به رکي ڇڏي آهي. انسان ذات جي اوليت اها
هوندي آهي ته هو هر حال ۾ فنا کي شڪست ڏئي پر انسان ڪڏهن به فنا کي شڪست نه ڏئي سگهندو
آهي ڇو ته اهو ربي اَمُر هوندو آهي ته جيڪو ڄائو آهي سو موت جو ذائقو ضرورچکيندو،
تنهن ڪري انسان پنهنجي بقا جي ذريعي موت کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو يا سادن
لفظن ۾ ان ڳالهه کي ائين کڻي بيان ڪجي ته انسان اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به ته هن کي هڪ
ڏينهن هن دنيا مان راهي ٿيڻو آهي پر تنهن هوندي به هن جي آخري ڏينهن تائين اها ڪوشش
هوندي آهي ته جيترو ٿي سگهي وڌيڪ زندهه رهي سگهي پر جي نه ته مري وڃڻ کان پوءِ به
ان جي دل ۾ عوام جي دلين ۾ زندهه رهڻ جي خواهش هوندي آهي تنهن ڪري هڪ ڪامياب انسان
مختلف تدبيرون تيار ڪندو رهندو آهي. انسان ذات جي اها ئي خواهش ۽ تدبير انسان کان
اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏياريندي آهي جيڪي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ به ماڻهن جي
دلين ۽ تاريخ جي صفحن تي کيس زندهه رکن ٿا، تنهن ڪري انسان مرڻ کان پوءِ به پنهنجو
پاڻ کي زندهه رکڻ جي ڪوشش ۾ ڏينهن رات مصروف عمل رهي ٿو، غائب ٿيڻ کان پوءِ به
حاضر رهڻ چاهي ٿو ۽ ان جو ذڪر يا ڪارنامن جو ذڪر زندهه انسانن کي مختلف شڪلين ۾
گرمائيندو رهي ٿو، اهي ماڻهو ان جي يادن ۾ گلاب جو عرق بڻجي خوشبو ڦهلائيندا رهن ٿا
۽ ڪڏهن ڪڏهن نشان منزل يا مڪمل طور اهو انسان منزل به بڻجي ويندو آهي، جيڪا منزل
شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ ۽ قوم جي بهترين خدمتن عيوض حاصل ڪري ورتي. اسين جڏهن
انسان ذات جي زندگي تي غور ۽ فڪر ڪيون ٿا ته اسان کي دنيا جون عظيم ايجادون،
تخليقون، انسانيت جي عظيم خدمت، قومن جا مقدر، حيات زندگي، عبادتون، سخاوتون،
قربانيون ۽ انساني زندگي جي حيران ڪندڙ ڪرامتن جي پردي پويان سڀ کان وڌيڪ بقا ۾ رهڻ
جو جذبو نظر اچي ٿو، جنهن کي رب ڪائنات پنهنجي قدرت سان پيدا ڪرڻ وقت انسان جي
فطرت ۾ ڀرپور نموني ڀري ڇڏيو آهي، گويا جيڪي ماڻهو ان جذبي يا انساني فطرت کي دٻائي
ان جي اُبتڙ هڪ عام سطح جي زندگي گذارڻ کي اوليت ڏيندا آهن، اهي اشرف المخلوقات هئڻ
جي باوجود به اشرف ناهن هوندا ڇوته اشرف المخلوقات جي فطرت آهي فنا کي شڪست ڏيڻ ۽
اها شڪست صرف بقا جي ذريعي ئي ڏئي سگهجي ٿي. هاڻي ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو
ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو به پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏئي
ويو آهي، جنهن کان موت به شڪست کائي ويو آهي ۽ فنا کي شڪست ڏيندي بقا واري زندگي
طرف روانو ٿي ويو جنهن کي اڄ ڪروڙين انسان عزت ۽ احترام سان ياد ڪري رهيا آهن ۽ هو
ڪروڙين عوام جي دلين تي اڄ به حڪمراني ڪري رهيو آهي.
چوڻ جو مقصد اهو آهي ته بقا
انساني جبلت جو جزو آهي پر بذات خود ان بقا جا به ٻه پهلو هوندا آهن هڪ دنوي ۽ ٻيو
روحاني، دنوي بقا جي تحريڪ سائنسي ايجادون، ذهني، ادبي ۽ غير ادبي، تخليقون انساني
خدمتن جي صورت ۾ ظاهر ٿينديون آهن ۽ هر
تخليق ان جي شعور ۾ سرگرم نظر ايندي آهي جڏهن ته روحاني بقا صرف رضا الاهي جي حصول
جي خواهش کي جنم ڏئي ٿي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته رضا الاهي جي حق ادا ڪرڻ جا ٻه
نظريا بيان ٿيل آهن هڪ حقوق الله ۽ ٻيو حقوق العباد يعني عابدن جا حق جنهن ۾ انسان ذات جي خدمت کي
عين عبادت سمجهيو ويندو آهي. جنهن خلق خدا جي خدمت ڪئي گويا ان رب پاڪ کي ريجهايو،
شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو به ملڪ ۽ قوم جي شاندار خدمت ڪندي حقوق العباد جو صحيح حق
ادا ڪيو آهي جنهن کي ڪير به گهٽائي نٿو سگهي.
آءُ اهو به چئي رهيو آهيان ته
فنا ۽ بقا وارا ٻئي پهلو الله پاڪ پنهنجي قدرت سان انساني فطرت ۾ ڀرپور نموني ڀري ڇڏيا
آهن ۽ اهي ٻئي تحريڪون پيدائش کان وٺي موت تائين انساني زندگي جو پيڇو ڪندي سرگرم
۽ مُتحرڪ رهن ٿيون. دنياوي بقا جي حوالي سان وڏا وڏا سائنسدان بلب جي ايجاد کان وٺي
ايٽم بم جي ٺاهڻ تائين، مليريائي بخار ۽ تپ دڪ کان وٺي ڪينسرجي علاج جي تحقيق
تائين يا وڏا وڏا شاعر اديب، فلاسافر، عالمي سياسي رهنما قومن جي تقدير بدلائڻ
وارا، انسان کي هيٺان کان کڻي مٿي بلندين تائين پهچائڻ وارا پنهنجي الڳ الڳ شعبن ۾
خدمتن عيوض به تاريخ ۾زندهه رهيا آهن، جيڪي سدائين جي لاءِ انساني حافظي ۾ به
زندهه رهڻ جي خواهش رکندا آهن، ۽ وڏن وڏن انعامن سان فيضياب ٿي چڪا هوندا آهن انهن
جو نالو انهن جا ڪارناما انهن جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن، انهن ۾ ڪجهه ضرب مثل ته ڪجهه
پاڻ مثال بڻجي ويندا آهن، اهڙي قسم جا انسان جڏهن زندهه هوندا آهن ته ماڻهو انهن مٿان
گل نڇاور ڪندا آهن ۽ انهن کي اعزاز بخشيا ويندا آهن، لکڻ وارا انهن لاءِ قصيدا
لکندا آهن پر جڏهن اهي انسان مري يا ماريا ويندا آهن ته اهي تاريخ جو حصو بڻجي
باقي رهندڙ انسانن جي دلين تي نقش چٽي ويندا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به اهڙن
انسانن مان هڪ هو جيڪو پنهنجي ڪيل ڪارنامن سبب الڳ سڃاڻپ رکي ٿو ۽ ڪروڙين انسانن
جي دلين ۾ اڄ به آباد آهي. ضياءُ الحق ان کي مارڻ چاهيو پر هو مري نه سگهيو، قرآن ٿو
فرمائي ته شهيد زندهه هوندا آهن انهن کي ڪڏهن به مرده نه چئو صرف زندهه انسانن جي
اکين کان اوجهل ٿي ويندا آهن جن کي عام انسان جي اک نٿي ڏسي سگهي. شهيد ذوالفقار
علي ڀُٽي موت کي گلي لڳائي اهو ثابت ڪيو ته وقت جي يزيد پاران ڏنل موت جي سزا هن
کي فنا نه ٿي ڪري سگهي. ضياءُ الحق ۽ ان جي حوارين اهو سمجهيو ته ذوالفقار علي ڀُٽي
کي موت ڏيڻ سان ان جو نالو ۽ ان جو سياسي ڪيريئر سدائين لاءِ ختم ٿي ويندو پر
ضياءُ الحق ۽ ان جي حوارين جا پنهنجا نصيب کوٽا نڪتا جو هو پاڻ هميشه لاءِ فنا ٿي
ويا جن جو ڪير به هاڻي عزت سان نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي. ضياءُ الحق سنڌ جي هڪ
رهنما کي چيو هو ته قبر هڪڙي آهي ۽ ڄڻا ٻه آهيون جڏهن ته قبر ۾ هڪ ئي کي وڃڻو آهي،
تنهن ڪري مان ضياءُالحق زندهه رهڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هن وقت حڪومت جي طاقت مون وٽ
ئي آهي جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو قيد ۾ آهي، تنهن ڪري موت ان جو مقدر بڻجي چڪو آهي
۽ قبر ان لاءِ تيار آهي. هاڻي خدا جي قدرت ڏسو ته جيڪو ماڻهو زندهه رهڻ پئي چاهيو،
ان کي اهڙو ته ڀيانڪ موت اچي ويو جو ان جي جسم جي هڪ هڏي به هٿ ڪانه آئي ۽ اهڙي ته
موت ان کي شڪست ڏني جو هن ملڪ جي ڌرتي به ان جي جسم کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه رهي،
تنهن ڪري ان جي خاڪي جسم کي مٿي ئي خاڪ ٿيڻو پيو ۽ ان جي خاڪي جسم کي خاڪ به نصيب ڪانه
ٿي جنهن جو هاڻي ڪير به نالو عزت سان وٺڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته شهيد ذوالفقار
علي ڀٽو ملڪ جي هر انسان جي دل ۾ زندهه آهي جيڪا ان جي بقا واري زندگي جو بي مثال
ثبوت آهي، جيئي ڀٽو ان جي نالي ۽ نعري جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، تاريخ شاهد آهي ته
شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ڪال ڪوٺڙي ۾ رهندي
جسماني طور انتهائي ڪمزور ٿي چڪو هو پر تنهن هوندي به هُن وقت جي يزيد اڳيان ڪنڌ
نه جهڪايو، جڏهن هن کي ڦاسي گهاٽ طرف آندو پئي ويو ته ان کي اسٽريچرتي کڻي ڦاسي
گهاٽ تائين پهچايو ويو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي موت کي پنهنجي اکين سان تمام گهڻو
ويجهو ڏٺو پر موت ان کي ڊيڄاري نه سگهيو، جنهن ڦاسي گهاٽ تي چڙهڻ کان اڳ ڪابه
دانهن يا رڙ نه ڪئي، بلڪه گلي ۾ پوندڙ رسي کي چمي ڏئي مسڪرائيندو موت کي شڪست ڏئي
بقا جي زندگي طرف روانو ٿي ويو، اڄ هو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي اَباڻي قبرستان ۾ آرامي
آهي، جنهن جي هڪ پاسي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ته ٻئي پاسي ان جي وني مادر جمهوريت
بيگم نصرت ڀٽو آرامي آهن. اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ۳۸ هين ورسي آهي، جتي لکين سياسي عقيدت مند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد
محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندا ۽ سندن مٿان عقيدت
جا گل نڇاور ڪندا، اهڙي طرح تاريخ اهو ثابت ڪيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وقت جي
يزيد هٿان مري ته ڪونه سگهيو پر فنا کي شڪست ڏئي بقا کي برقرار رکندي تاريخ جو
فاتح بڻجي ويو جنهن لاءِ خلق خدا اڄ به اهو نعرو بلندي ڪندي رهي ٿي ته ”جب تڪ سورج
چاند رهيگا، ڀٽو تيرا نام رهيگا“.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
مزدور جو ڀٽو زندهه آهي
شمشاد قريشي
ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف ملڪي
وحدت جو مرڪزي نقطو آهي پر هن مملڪت خداداد پاڪستان جي ضمانت به آهي، بظاهر ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي کيس جبر جي تاريخ تي
سوليءَ چاڙهيو. پر سج جا ڪرڻا اڄ به هن خطي کي زندگيءَ جي فرحت بخشي رهيا آهن،
ظلمت جي ضيا سمجهيو ته هو مٽيءَ ۾ دفن ٿي مري ويندو پر تاريخ فيصلو ڪيو ته ڀُٽو ڪالهه
به زندهه هو ۽ اڄ به زندهه آهي.
اڄ ان عظيم ۽ محب وطن اڳواڻ جو ۳۸ هون شهادت جو ڏينهن آهي، جنهن جي قائداڻين صلاحيتن ۽ دور انديشيءَ کي دنيا
مڃي ٿي، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو هڪ عالمي سطح جو اڳواڻ هو پر هن سڄي
دنيا ۾ پاڪستان جي ساک کي به بحال ڪيو. هو نه رڳو پاڪستاني عوام جو اڳواڻ هو پر
چئني صوبن جي عوام وچ ۾ يڪجهتيءَ جي علامت به هو. هن پاڪستان ۽ مسلم امت جي وقار
لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي هميشه عظيم اڳواڻ طور
ياد رکيو ويندو. جيڪو ظلم، ستم، جبر ۽ ڏاڍ هيٺ دٻيل عوام جو آواز بڻجي اڀريو ۽ ظلم
۽ استحصال جي شڪار عوام کي زبان ڏني. ڪمزورن کي طاقتور بڻايو ۽ محروم طبقن کي
زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏنو. هن اصولن تان ڦرڻ بجاءِ پنهنجي جان جو نذرانو
پيش ڪيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جا نظريا
اڄ به زندهه آهن، جيڪي نوجوان نسل کي اتساهن ٿا. پاڪستان پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ۽
همدرد، پارٽيءَ جي منشور تي عمل ڪندي، ستم، ظلم ۽ جبر جي ستايل ماڻهن جي مدد ڪندا
رهن ٿا.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۳۰ نومبر ۱۹۶۲ع تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو
جيڪو ڏيئو ٻاريو هو، تنهن جو مقصد پاڪستان جي مضبوطي عوام جي خوشحالي ۽ جمهوري
نظام لاڳو ڪرڻ هو. پنهنجي ان عزم خاطر
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي زندگي گهوري ڇڏي ۽ راولپنڊي جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ شهيد
ڀٽي پنهنجو مشن پنهنجي لاڏلي ڌيءُ بينظير ڀٽو جي حوالي ڪيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو
وري اهو مشن انتهائي خوبصورتيءَ سان نڀايو.
شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀُٽو،
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نظرين کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي،
انقلابي مشن تي عمل ڪندي پاڪستان کي هڪ حقيقي جمهوري، مستحڪم، خوشحال ۽ فلاحي
رياست بڻائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ وقف ڪري ڇڏيو. هن ملڪ ۽ عوام جي حق ۾ پنهنجون ڪوششون
همت، حوصلي، عزم ۽ دانشمنديءَ سان پنهنجي شهادت تائين جاري رکيو.
الله جي ڪَرمَ سان شهيد ڀٽي جو ڏوهٽو،
شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي فرزند بلاول ڀٽي
زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوري قدرن کي نظر ۾ رکندي هن قافلي
کي اڳتي وڌائيندي عوام جي دلين تي راڄ ڪندي عوام لاءِ اٽي، لٽي ۽ اجهي وارو خواب
پورو ڪندي.
۲۰۱۸ع
وارين عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي نوجوان قيادت بلاول ڀٽي زرداري ۽ آصف علي
زرداري آصفه ۽ بختاور جي صورت ۾ شهيد قائد جي مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نئون باب
لکندي.. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي فڪر جا مخالف اڄ
ان جي فڪر ۽ خيالن جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا جيڪا پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي عظيم
فتح آهي.
ملڪ جي عوام ۽ پورهيتن جي حقن
لاءِ قائد عوام نه صرف صنعتن جو ڄار وڇايو، ملڪي انجنيئرنگ جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ
لاءِ پاڪستان اسٽيل جو بنياد ۳۰ نومبر
۱۹۷۳ع تي رکيو، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن
کي روزگار مليو ۽ ملڪ ۽ قوم ترقيءَ جي راهه تي هلي پئي. موجودهه نواز حڪومت اڄ ملڪ
جي واحد فولادي اداري پاڪستان اسٽيل کي بند ڪري نه رڳو ملڪ جي معيشت کي نقصان
پهچائي ٿي پر هن اداري سان لاڳاپيل هزارين مورڳو لکين ماڻهن جي گهرن جو چُلهو وسائڻ
گهري ٿي، نواز حڪومت جي مزدور دشمن ارادن خلاف پاڪستان اسٽيل پيپلز ورڪر يونين سي
بي اي پنهنجي قائد جي نشاني پاڪستان اسٽيل جو دفاع ۽ پورهيتن جي حقن، تحفظ ۽
روزگار جي لاءِ پرامن جدوجهد ۽ عدليه ۾ جنگ وڙهي رهي آهي. ۽ ۱۲ اپريل ۲۰۱۷ع کان پاڪستان اسٽيل جا فولادي
پورهيت وفاقي حڪومت جي مزدور دشمن ارادن کي ناڪام بڻائيندي اداري جي بحاليءَ تائين
جدوجهد جاري رکندا.
ڀٽو هڪ نظريي، هڪ مشن، هڪ حسين
جذبي، هڪ جهد مسلسل، ۽ روايت ٽوڙيندڙ هڪ عزم جو نالو آهي، هُو مختلف شڪلين ۾ زندهه
آهي، اڄ به ملڪ ان مشن ان قوت ۽ ان ئي عزم جو خواهشمند آهي، اهو فڪر ۽ عمل جيڪو
معاشري جي صورت تبديل ڪري ڇڏيندو، ۽ سمورن آمرن، لٽيرن غيرن جي ايجنٽن ۽ عوام دشمن
طبقن کان نجات حاصل ڪري وٺندو.
(ليکڪ پاڪستان اسٽيل پيپلز ورڪر
يونين (سي بي اي جو چيئرمين آهي).
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
تاريخ جي آئيني ۾
شاهد حسين تيوڻو
ملڪ جي سرزمين ڪيترن ئي عظيم ۽
اعلي انسانن کي جنم ڏنو آهي. جيڪي پنهنجي قوم ۽ وطن خاطر شهادت جو جام پي هميشه
لاءِ امر بڻجي ويا. اهڙا جوڌا ۽ دلير مڙس جن سچ جي خاطر پنهنجي زندگيءَ جي ڪابه
پرواهه نه ڪئي ۽ڪڏهن به ظلم ۽ ظالم اڳيان نه جهڪندي پنهنجي منهن تي مرڪ سجائي
هميشه لاءِ شهادت جو لقب ماڻي آرامي ٿيا پوءِ اهو دودو سومرو هجي، شاهه عنايت شهيد
هجي، مخدوم بلاول ۽ هوش محمد شهيد هجي يا وري ذولفقار علي ڀٽو هجي جن حق جو نعرو لڳايو،
ماروئڙن ۽ جهانگيڙن جي درد کي محسوس ڪيو ۽ انهن لاءِ پنهنجي زندگي قربان ڪئي، جيڪي
تاريخ جي ورقن ۾ هميشه جي لاءِ يادگار رهجي ويا..
ضلعو لاڙڪاڻو جنهن پنهنجي تاريخ
۾ ڪيترن ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، انهن شخصيتن ۾ ذولفقار علي ڀٽو جو شمار ڪجهه
نرالو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ۵ جنوري ۱۹۲۸ ع ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي گھر ۾ ٿيو سندس والده
محترم جو نالو خورشيد بيگم آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جو علم سان چاهه هجڻ ڪري شروعاتي
تعليم Cathedral and John Cannon School مان حاصل ڪئي ان کان پوءِ ۱۹۴۷ ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِSouthern California يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي
جتي ٻن سالن تائين پڙهيو ۽ ان کان پوءِ ۱۹۴۹عUniversity of California Berkeley مان بي ايHonors سياست جي شعبي ۾ پاس ڪيائين.
سندس علم سان عشق هجڻ ناتي هن قانون جي شعبي ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ۱۹۵۰ع ۾United Kingdom ڏانهن سفر ڪيو ۽ ” آڪسفورڊ “ يونيورسٽي ۾ داخلا
ورتي جتان وڪالتL.L.B جو امتحان پاس ڪيو. ڀٽي
صاحب پهرين شادي ۱۹۴۳ ع ۾ ڪئي
هئي پر ان کان پوءِ ٻي شادي نصرت اصفهاني سان ۸ سيپٽبر ۱۹۵۱ع ڪراچيءَ ۾ ٿي، جنهن مان کيس ۱۹۵۳ ع ۾ دنيا جي عظيم عورت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جنم ورتو . ان کانپوءِ ۱۹۵۴ع ۾ بهادر مير مرتضى جو به جنم ٿيو. ۱۹۵۷ ع ۾ صنم ڀٽو به ساڳئي ئي گھر ۾ اک کولي جڏهن ته ۱۹۵۸ع ۾ معصوم شاهه نواز ڀُٽي به نصرت ڀٽو جي ئي ڪک مان جنم ورتو.
قومن کي دلير ۽ ذهين اڳواڻن جي
ضرورت هوندي آهي. جيڪي پنهنجي وطن ۽ قوم کي مضبوط ڪندا آهن ۽ انهن کي صحيح دڳ ڏيکاريندا آهن ۽ قوم جي خوشحاليءَ لاءِ جفاڪشي ڪندا آهن. دنيا
۾ اهڙن انسانن جو وجود تمام گھٽ ٿيندو آهي جيڪي غريبن ۽ مسڪينن لاءِ رات ڏينهن پاڻ
پتوڙي ۽ پنهنجي زندگي جو ٻليدان ڏين اهڙن
عظيم انسان جي فهرست ۾ شهيد ذوالفقار ڀٽو جو نالو پڻ چٽن اکرن ۾ لکيل نظر ايندو
جنهن ماروئڙن مسڪينن لاءِ اٽي لٽي ۽ اجھي جو نعرو هنيو پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ ڪيترا
ئي لاها چاڙها ڏٺا ذوالفقار علي ڀٽو هڪ سياستدان هجڻ ڪري ۱۹۶۰ ع ۾ کيس پاڻي، بجلي، اطلاعات ۽ صنعت جو قلمدان سونپيو ويو جنهن ۾ هن ملڪ
کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اهم ۽ مانائتا ڪم سرانجام ڏنا. ڀٽو صاحب هوشيار
سياستدان هجڻ ڪري کيس ۱۹۶۳ع ۾ پرڏيهي
وزير مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ ملڪ کي مظبوط ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوششون ڪيون ۽ ڪيترن ئي
ملڪن سان پاڪستان جا تعلقات مضبوط ڪيا . ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان
جو چوٿون صدر هجڻ جي حيثيت سان عهدو سنڀاليو ۽ ان کانپوءِ ۱۴-۰۸-۱۹۷۳ کان پاڪستان جو نائين وزير اعظم جي حيثيت سان عهدي تي مقرر ٿيو ۽ پاڪستان
جي معيشت ، جمهوريت ۽ طاقت کي مضبوط ڪيو ۽ ڪيترا ئي وڏا پروگرام شروع ڪرايا، جنهن
۾ پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد وڌو، قاسم
پورٽ جو بنياد پيو، دشمنن کي للڪاريو ۽ پاڪستان کي اعلى سطح تي به مضبوط ڪرڻ
لاءِ ”ائٽمي“ پروگرام ڏياريو ۽ ملڪ جي جمهوريت کي ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ نئون آئين ڏنو،
جيڪو اڄ ڏينهن تائين رائج آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا اڏول ۽
اُتم انسان صدين ۾ ئي پيدا ٿيندا آهن، اهڙن پٽن تي ته ڌرتيءَ کي به ناز هوندو آهي.
حق ۽ باطل جي جنگ جيڪا ازل کان جاري آهي، ڪڏهن حق غالب ٿو ٿئي ته ڪڏهن وري باطل
پنهنجي عارضي ڪاميابيءَ تي خوش ٿئي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن پاڪستان پيپلز
پارٽيءَ جو بنياد وڌو ۽ عوام جو هيرو بڻجي ويو پر افسوس جو غير فطري قوتون هن ارڏي ۽ کري انسان جي سچائيءَ کي وڪوڙي ويون
۽ نيٺ انسان ۽ پاڪستان دشمن قوتن ذوالفقار علي ڀٽي کي ۴ اپريل ۱۹۷۹ع ۾ ڦاهي تي چاڙهي شهيد ڪيو، پر
ملڪ ۽ قوم جي دشمنن کي شايد اها پرک نه هئي ته شهيد هميشه زنده هوندا آهن، انهن کي
ڪڏهن به مات نه ٿي اچي سگهي ۽ ائين ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به ڪروڙين عوام جي
دلين ۾ زندهه آهي، ۽ جيڪو ڏينهن قيامت تائين زندهه رهڻو آهي.
تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين مان
توکان مور نه مرڻو هان.
ذوالفقار علي ڀٽو
هڪ سحر انگيز ڪردار
اسحاق سومرو
ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به پاڪستان
جو سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندڙ ليڊر آهي، جنهن کي صرف ۵۱ سالن جي عمر ۾ يعني ۴ اپريل۱۹۷۹ع تي راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي. هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ تمام وڏيون
ڪاميابيون ماڻيون، هو نه رڳو پاڪستان جو مقبول ترين ليڊر هو پر ٽين دنيا جي ملڪن
توڙي عرب ملڪن ۾ به پسند ڪيو ويندو هو. هن پنهنجي ۵۱ سالن جي زندگيءَ ۾ جيتري مقبوليت ۽ شُهرت ماڻي ايتري مقبوليت شايد ئي دنيا
جي ڪنهن ليڊر کي نصيب ٿي هجي.
ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي والد
سر شاهنواز ڀٽي جي ٻيو نمبر گهرواري ”لکي ٻائي“ عرف خورشيد بيگم مان ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي پيدا ٿيو. لکي ٻائي پونا
هندستان جي هڪ عام گهراڻي جي عورت هئي ۽ هو هڪ غريب ماءُ جو عظيم پٽ هو. سندس
والده کي ڀٽن جي جاگيردار قبيلي ۾ سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو هو، اهو ئي سبب هو جو
ذوالفقار علي ڀُٽي کي پنهنجي ماءُ سان بيحد پيار ۽ سندس جو خيال ۽ اونو رهندو هو ۽
انهيءَ جي ئي ڪري هو هن ملڪ جي غريبن ۽ اٻوجهه عوام جو ليڊر بڻيو.
هن پنهنجي روايتي سنڌي
جاگيرداريءَ واري طاقت جي سهاري اقتدار نه ماڻيو پر هو پنهنجي ئي طبقي جو غير
روايتي فرد ثابت ٿيو، جنهن پنهنجي سياسي بصيرت سان جاگيرداري نظام ۾ انتشار پيدا ڪري
اقتدار حاصل ڪيو ۽ سندس ڦاسي تي چڙهڻ ”آمر حڪمران جي آڻ نه مڃڻ واري عمل“ کيس تاريخ
جي ورقن ۾ امر بڻائي ڇڏيو.
اڄ به ملڪ ۾ هڪ طرف ڀٽو دشمني ۽
ٻئي طرف ڀٽو دوستيءَ واري فضا قائم آهي. ڀُٽي جو خوف واري مرض يعني (ڀٽو فوبيا)
جنهن ۾ ڀٽو جا مخالف مبتلا آهن. ٻئي طرف ڀٽو جو جنون يا) ڀٽو فيليا (ڀٽي جي عشق ۾
ديوانا آهن. پاڪستان جي سياست کي سمجهڻ لاءِ به ڀٽو کي ئي سمجهڻو پوندو، ان جي
شخصيت ۽ ڪردار کي سمجهڻ لاءِ ان جي چوڌاري تاريخي ۽ سماجي پهلوئن کي به سمجهڻو
پوندو ته ڀٽو ۽ سندس پارٽي اڄ به مقبول ڇو آهي؟ جو ملڪ جون فسطائي، بنياد پرست
قوتون ان جون مخالف آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جيڪڏهن صرف جاگيردار يا وڏيرو هو ته پوءِ
اڄ به عام ماڻهو ۽ هاري کيس ڇو ٿا ياد ڪن ۽ ان سان پيار ڪن؟
انهيءَ لاءِ ته ڀُٽي ماڻهن کي
زبان ڏني، کين سندن عزت جو احساس ڏياريو، هن عوام جي دشمن کي دشمن سڏيو. ذوالفقار
علي ڀُٽي پنهنجي دور حڪومت ۾ کليل ڪچهرين جو رواج وڌو. اردوءَ ۾ ڪچهريءَ جو مطلب ڪورٽ
يا عدالت ورتو ويندو ويو ۽ ان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي وئي ته ڀٽو پنهنجي ڪچهرين ۾
يعني پنهنجي عدالت ٿو لڳائي ۽ کيس بادشاهي ذهن جي علامت ڪوٺيو ويو. پر انهن کليل ڪچهرين
۾ ڀٽو انهيءَ عوام جي اڳيان انهن جاگيردارن ۽ ڪامورن کان پڇاڻو ڪندو هو، جنهن سان
صدين کان پيڙهيل هاريءَ کي خوشي ٿيندي هئي ته اسان جون بي عزتيون ڪندڙن کان ڪو ته آهي،
جيڪو انهن کي بي عزتو ڪري ٿو، جيڪا عوام لاءِ هڪ نفسياتي برتري هئي. ان سان کين
آزاديءَ جو احساس پيدا ٿيو ۽ اُهي کليون ڪچهريون
هڪ مقبول عام سياسي فورم هونديون هيون، جنهن ذريعي پهريون دفعو وري فڪري انقلاب
شروع ٿيو ۽ ماڻهن اُهو علامتي نعرو هڻڻ شروع ڪيو ته ڀَتُ وڏيري جو ۽ ووٽ ڀُٽي جو،
جيڪو درحقيقت ان وقت جي جڙتو قوتن جي خلاف عوامي مزاحمت جو اظهار هو جنهن ڀُٽي کي
پنهنجي مزاحمت جي علامت بنائي ڇڏيو.
ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي بنياد وجهڻ ۱۹۶۷ کان وٺي
۱۹۷۹ع تائين صرف ۱۲ سال مليا، جنهن ۾ هن عوام کي زبان ڏيڻ سان گڏ اقتدار به ماڻيو، ملڪ کي
ترقي ۽ خوشحالي ڏني ۽ پنهنجي پارٽي ٺاهڻ کانپوءِ جي ۱۲ سالن جي مختصر عرصي ۾ عالمي قوتن، جنرلن ۽ ججن جي گڏيل سازشن ذريعي نه رڳو
کيس اقتدار کان محروم ڪيو ويو، پر کيس سوليءَ تي چاڙهيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جو ڄم
ته سنڌ جي هڪ جاگيردار گهراڻي ۾ ٿيو پر سندس والده جي غريب هجڻ واري احساس ۽ پيءُ
جي تربيت کيس روايتي جاگيرداراڻي سياست کان پاسيرو رکيو ۽ هو پنهنجي طبقي جي هڪ
باغي سياستدان جي حيثيت سان سامهون آيو. هن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ته آئون دولت جو
لالچي نه آهيان، مون قومي خزاني مان هڪ رپيو به غير ضروري خرچ نه ڪيو آهي، زرعي سڌارن
۾ منهنجي خاندان جي هزارين ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي وئي آهي. مون وٽ ايٽم بم جي طاقت
کان به وڌيڪ عوام جي طاقت آهي، مون جمهوريت ۽ سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. ان لاءِ
مون پنهنجي جاگيرداريءَ واري حيثيت کي ٿڏي ڇڏيو آهي. آئون سوشلسٽ آهيان، هڪ
ايماندار سوشلسٽ جيڪو پنهنجي آخري ساهه تائين هتان جي غريبن لاءِ لڙندو ۽ ”اُهو
فطرت جو قانون نه آهي ته هتان جا ماڻهو هميشه نااميديءَ ۾ رَهن ۽ سندن اولاد
بيمارين ۽ غربت ۾ مري وڃي.“ هن هڪ ٻي تقرير ۾ چيو ته اسين پنهنجي سينن ۾ گوليون
کائڻ لاءِ تيار آهيون، پر انقلاب ضرور آڻينداسون، عوام کي ماني ۽ ڪپڙا ۽ گهر ضرور ڏينداسون نه ته ڪرسيءَ کي ٿڏي ڇڏينداسون،“
آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جون زندگيون به قربان ڪرڻ
لاءِ تيار آهيان، آئون قتل ٿيڻ کان هرگز نٿو ڊڄان ۽ ائين چوندي هن پنهنجي شرٽ جا بٽڻ
کولي ڇڏيا ۽ للڪاريندي چيو ته اچو گوليون هلايو، آئون تيار آهيان“، ماڻهن جي خاطر
جيڪڏهن هڪڙو ڀٽو قتل به ٿي ويو ته هزارين ڀٽا پيدا ٿيندا ۽ آخرڪار هن جا اُهي لفظ
۽ تقريرون سچ ثابت ٿيون، هن نه رڳو پنهنجي جان قربان ڪئي پر سندس جو عوام سان ڪيل
واعدو به پورو ٿيو، سندس اولاد کي به سندس پيروي ڪندي ۽ انهن ساڳين ئي قوتن سان ويڙهاند
ڪندي ماريو ويو.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي اُها
مقبوليت ۽ ارڏائي طاقتور اسٽيبلشمينٽ، فوجي جنرلن، مذهبي جماعتن ۽ ججن کان به
برداشت نه ٿي سگهي جو کيس ۵
جولاءِ تي فوجي بغاوت جي ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو. هن کي قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾
جيل ۾ وڌو ويو. سندس مٿان ڪيس ڪنهن ننڍي عدالت جي بجاءِ سڌو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾
هلايو ويو، انهيءَ دوران سندس ضمانت جي درخواست منظور ڪندڙ جج جسٽس صمدانيءَ کي
لاهور هاءِ ڪورٽ مان هٽايو ويو ۽ جنرل ضياءُ الحق پنهنجي هڪ ويجهي دوست مولوي
مشتاق کي ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪيس هلائڻ تي مقرر ڪرايو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي مولوي
مشتاق سميت سڀني ججن ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي جي اپيل سپريم ڪورٽ
۾ داخل ڪئي وئي ته ڪيس هلائيندڙ بئنچ جي ٻن ججن کي جبري طور تي هٽايو ويو، جن مان
هڪ جج جسٽس يعقوب علي هو.
سپريم ڪورٽ جي انهيءَ بئنچ ۾
جنرل ضياءُ الحق جو حمايتي انوارالحق به شامل هو، جيڪو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو
چيف جسٽس پڻ هو، جنهن کي عدالتي ڪارروائي هلائڻ جو ڪو به تجربو ۽ تربيت نه هئي، پر
هو عدالتي سروس ۾ هڪ ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت سان داخل ٿيو هو، انوارالحق، جنرل ضياءُ
الحق کي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ سندس فوجي انقلاب کي صحيح ۽ جائز چئي ان
کي نظريه ضرورت قرار ڏنو هو. ذوالفقار علي ڀُٽي جي خلاف انهيءَ ڪيس ۾ جنرل ضياءُ
الحق جو وڪيل ڳڙهي ياسين ڄائو سنڌي اي ڪي بروهي هو ۽ اٽارني جنرل شريف الدين
پيرزادو هئا. جڏهن ته ڀُٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائيندڙ ۷ ججن مان ٽن غير پنجابي ججن جسٽس دراب پٽيل، جسٽس صفدر علي شاهه ۽ جسٽس
حليم کيس بري قرار ڏنو هو .انهن ڏينهن ۾ گهرو وزارت جو سيڪريٽري روئداد خان هو، جيڪو
ذوالفقار علي ڀٽي جون رحم جي لاءِ آيل مختلف اڳواڻن جي اپيلن کي غير اهم ۽ غير
ضروري سمجهي نظرانداز ڪندو هو.
ذوالفقار علي ڀُٽي جي سوانح
حيات لکندڙ آمريڪي پروفيسر اسٽينلي وولپرٽZulfi Bhutto of
Pakistan ۾ لکيو آهي ته هن جڏهن
ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ڏيندڙ ۽ سندس حڪومت جي خاتمي کي جائز قرار ڏيندڙ ۽ تنهن وقت
جي چيف جسٽس انوارالحق سان ملاقات ڪري پڇيو هو ته هن ڀُٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ۽ هن
جي حڪومت خلاف فيصلو ڇو ڏنو هو ته هن ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ کيس چيو هو
ته هو هن جي اهليت ۽ قابليت لاءِ سندس استاد جسٽس ڪارنلس کان معلوم ڪري.
Stanley Wolpert جڏهن انتهائي ڪمزور ۽ بيمار جسٽس ڪارنلس سان لاهور ۾ ملاقات ڪري
معلومات ورتي ته هو انوارالحق جي طرفان ڀٽي کي ڏنل ڦاسيءَ واري سزا جي فيصلي کي ڪيئن
ٿو ڏسي، جنهن تي ڪارنلس وراڻيو ته مون کي يقين آهي ته انهيءَ اهو فيصلو صحيح ڪيو ۽
هن والپرٽ کي پاڻ بابت ٻڌايو ته آئون ڪلڪتي ۾ پيدا ٿيس، ورهاڱي کانپوءِ مون کي
منهنجي پنجابي دوستن لاهور ۾ اچي رهڻ ۽ وڪالت ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ آئون هتي اچي پاڪستان
جي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيس ۽ انهن پنجابين جي مهرباني سان ئي مون کي اُهو اهم
عهدو نصيب ٿيو. هن کيس چيو ته سنڌين تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن نانگ ۽ سنڌي
گڏ اچي وڃن ۽ توهان وٽ صرف هڪ ئي گولي هجي ته پهرين سنڌيءَ کي ماري ڇڏيو. هي هئا
انوارالحق جي استاد ۽ پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي هڪ چيف جسٽس جا سنڌين بابت خيال،
جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته سنڌين جي قيادت بابت خيال ۽ فيصلا جيڪي هميشه سنڌ ۽ سنڌي
دشمنيءَ جي بنياد تي ڪيا ويا آهن. جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي کي راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاسيءَ
تي چاڙهيو ويو هو ته جنرل ضياءُ الحق پنهنجي ٽن سنڌي همدرد سياستدانن سان مشورو ڪيو
هو ۽ کانئن صلاح ورتي هئي ته مون ڀُٽي کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي
مشورو ڏيو ته ڀُٽي جي لاش کي ڪنهن اڻڄاڻايل هنڌ تي دفن ڪيو وڃي، سندس لاش کي سمنڊ
حوالي ڪيو وڃي، يا وري وارثن جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن تي سندس ٻن دوستن کيس لاش مائٽن
حوالي ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، جڏهن ته سندس ٽئين گهڻ گهري دوست کيس صلاح ڏني هئي ته ڀُٽي
جي لاش کي سنڌ کان ٻاهر پشاور ۾ دفنايو وڃي.
تنهن ڪري ملڪي ليول توڙي سنڌ ۾
به اڄ ڀٽو دوستي ۽ ڀٽو دشمني واري سياست آهي، ڀُٽي جي قرباني ۽ سندس خاندان جون
قربانيون ۽ عوام کي زبان ۽ سياسي شعور ۽ سگهه ڏيڻ واريون خوبيون پاڪستاني سياست جو
محور آهن.
ذوالفقار علي ڀُٽي يقينن پنهنجي
دور ۾ چڱن ڪمن سان گڏ غلطيون به ڪيون، جيڪي پڻ تاريخ جو حصو آهن، پر ڀٽو فيڪٽر اڄ به
هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي، جيستائين هيءُ ملڪ قائم آهي، تيستائين اُهو فيڪٽر
موجود رهندو، جنهن ڀُٽي کي جسماني طور تي ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو
ويو پر اڄ به هن جي چاهيندڙن ۾ ڪا به ڪمي نه آئي آهي، ۽ ڀٽو زندهه آهي.
ڀٽو ڪير سڏائي
عاجز ڌامراھ
شعور سنڀالڻ کان وٺي ڳڙهي خدا
بخش جي مٽي ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻ تائين هن جي سموري زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن هڪ
عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي. اهو ته ڪنهن جي وهم گمان ۾ ئي نه هو ته سنڌ ۽ بمبئي
جي سياست جي متحرڪ ڪردار ۽ تحريڪ پاڪستان جي اهم اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽو جي گهر جنم
وٺندڙ ذلفي اڳتي هلي دنيا جي سياست جو هڪ اهم باب بڻجي ويندو. ڀارت جي ضلعي حسار ۾
سرسوتي درياءَ جي ڪناري آباد ڳوٺ موزو ڀٽو کان سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي لڏي ايندڙ سر
شاهنواز ڀٽو جي گهر ۵ جنوري
۱۹۲۷ع تي ڀٽو جو جنم ٿيو. پنهنجي ڪاليج
واري دور ۾ پاڪستان جي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو ۽ اتان کان ئي کيس عوام جي لاءِ ڪم ڪرڻ
جو اتساهه مليو. سياست ته کيس ورثي ۾ ملي پر هن ذاتي طور به سياست جي علم کي چڱي
ريت پڙهيو ۽ پرکيو. پاڪستان اچڻ بعد هن پنهنجي عملي زندگي جي شروعات ڪئي ۽ ايوب
خان جي ڪابينا ۾ واپار جي وزير جي حيثيت سان ان جي ابتدا ڪيائين. هن پنهنجي ذهانت
جي ڪري ايوب خان جي ڪابينا ۾ پنهنجي حيثيت مڃرائي تنهنڪري کيس بعد ۾ ٻين وزارتن
سان گڏ پرڏيهي وزير به بنايو. پنهنجي سمورين وزارتن دوران هُن ڪڏهن به عوامي ۽
قومي مفادن تي سمجهوتو نه ڪيو، ايستائين جو تاشقند معاهدي تي ايوب خان سان اختلاف ڪندي
وزارت تان ئي استعيفا ڏئي ڇڏيائين. ايوب خان جي خلاف ان بغاوت کيس عوام ۾ هيرو
بنائي ڇڏيو. ۲۱ جون ۱۹۶۷ع تي لاهور کان لاڙڪاڻي اچڻ وقت لاهور اسٽيشن تي هزارن جي تعداد ۾ سندس
مداح گڏ ٿيا ۽ سندس حق ۾ نعرا هڻڻ شروع ڪيائون. ذوالفقار علي ڀٽو کي اهو منظر دل ۾
ويهي رهيو ۽ هُن عهد ڪيو ته هاڻي هن مظلوم عوام جي حقن جي جدوجهد ڪبي. ان ڏينهن
کان ئي هُن پنهنجي ساٿين سان صلاح مشورا شروع ڪيا ۽ آخرڪار ۳۰ نومبر ۱۹۶۷ع تي لاهور ۾ مبشر حسين جي گهر
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي مظلوم، محڪوم، پيڙهيل ۽ پسمانده عوام جي حقن لاءِ
پهرين عوامي جمهوري پارٽي ”پاڪستان پيپلز پارٽي“ جو بنياد وڌو ۽ ڳاڙهي، ڪاري ۽
سائي رنگ واري جهنڊي سان ان پارٽي جو اعلان ڪيو ويو، ڳاڙهو رنگ انقلاب جي نشاني،
سائو رنگ اسلام جي علامت ۽ ڪارو رنگ ظلم خلاف جدوجهد کي ظاهر ڪري ٿو. شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان عوام جي حقن لاءِ جدوجهد
شروع ڪئي ته پوري ملڪ جي عوام کيس زبردست موٽ ڏني ۽ هو ملڪ جو پهريون چونڊيل
وزيراعظم بنجي ويو.
هُن قوم کي سقوط ڍاڪا جي ڪري
مايوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ ملڪ جي نئين سر منصوبابندي ڪري اڳتي وڌايو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
هڪ طرف پاڪستان کي داخلي طور مضبوط ڪيو ته ٻئي طرف بيروني طور به مضبوط سفارتي لاڳاپا
جوڙيائين جنهن ۾ چين، سعودي عرب ۽ روس سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيائين، ملڪ جي
سلامتي کي محفوظ بنائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام شروع ڪيائين. ملڪ ۾ صنعتي انقلاب
آندائين ۽ پوري قوم کي هڪ مضبوط پاڪستان ڏانهن اڳتي وٺي آيو. ڀٽو جي اڳواڻي ۾ پوري
دنيا جي اسلامي ملڪن سان گڏوگڏ سوشلسٽ ملڪن جو هڪ گڏيل بلاڪ جڙي رهيو هو، ان عمل
کي روڪڻ لاءِ دشمنن پنهنجون سازشون شروع ڪيون ۽ آخرڪار ملڪ جي پهرئين چونڊيل
وزيراعظم جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ کيس هڪ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاسائي آخرڪار ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي راولپنڊي ۾ کيس ان ئي ڪوڙي
ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو کي بار بار چيو ويو ته، تون معافي وٺ
۽ عوام جي حقن واري جدوجهد تان هٿ کڻ ته توکي اسان آزاد ٿا ڪريون. پر اڳيان به ڀٽو
هو هن چيو ”منهنجو خدا ٿو ڄاڻي ته مون هن ماڻهو جو خون ناهي ڪيو، جيڪڏهن مون اهڙو ڏوهه
ڪيو هجي ها ته مون ۾ ايترو حوصلو آهي ته آئون ان جو اعتراف به ڪيان ها.“
شهيد ذوالقفار علي ڀٽو هن ملڪ
جي عوام کي زبان ڏني، هن ملڪ جي عوام کي پنهنجي حقن جي جدوجهد جو احساس ڏياريو، هن
ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، اڄ جيڪڏهن پاڪستان دنيا جي نقشي جي هڪ مضبوط جمهوري ملڪ
طور موجود آهي ته ان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس خاندان جو خون شامل آهي. اڄ
جيڪڏهن پاڪستان سي پيڪ تحت چين سان گڏجي هلي ٿو ته اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو
ويزن آهي. اڄ جيڪڏهن پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ رول ماڊل مسلم قوم جي حيثيت ماڻڻ
لاءِ چند قدم جي فاصلي تي آهي ته ان ۾ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دورانديشي شامل
آهي. جيتوڻيڪ اڄ کان ۳۸ سال اڳ
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جسماني طور عوام کان پري ڪري ڳڙهي خدابخش ۾ ابدي ننڊ
سمهاريو ويو آهي پر ڀٽو پوءِ به زنده آهي... زڀٽو ڪير سڏائي!
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
عظيم اڳواڻ
ڊاڪٽر بشير احمد
شاد
چيتاريان
چڻڪن، سنڀاريان سهي
اندر
روح رهي، صورت سُپرين جي
(شاهه)
ڪجھ شخصيتون نه رڳو پنهنجي وجود
۾ جاذبِ نظر هونديون آهن پر پنهنجي فڪر و نظر ۾ به همه گير هونديون آهن. شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو اهڙين ئي عظيم شخصيتن ۾ شامل ٿئي ٿو. موهن جي دڙي جي
ماٿر مان جنم وٺندڙ هن شخص پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ، پنهنجي فڪر ۽ دانش توڙي سياسي بصيرت
سبب، جنهن طرح عوام جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ محبت جو ٻج ڇٽيو، ان جو مثال ملڻ محال
آهي. هن هالار جيڏي اڏول انسان، هماليه جيڏن عظيم ارادن سان پنهنجي ديس جي غريب
عوام جي تقدير مَٽائڻ جو عظم کڻي ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ جي نعري سان پنهنجي سياسي
جدوجهد جوقبلو متعين ڪيو. سياست ۽ حڪومت جي اعلى ايوانن کان تختهءِ دار تائين شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو سدائين پنهنجن ارادن ۾ اٽل ۽ اڏول رهيو. هن جي سياست جو محور
عوام هيو، تنهن ڪري عوام سان محبت سندس رڳ رڳ ۾ رچيل هئي. هن جو ايمان هيو ته سندس
رتبو ۽ شان و شوڪت نه رڳو سندس ذهانت پر عوامي حمايت جي بدولت آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سچ جي
رند جو پانڌي هيو، ۽ سچ جو پاهڻي پنڌ سدائين پير پٿون ڪندو آهي. ڀُٽي صاحب کي پتو
هيو ته هو جنهن راهه جو مسافر آهي، ان جي منزل موت آهي، پر اهڙو موت جيڪو هزار
زندگين کان بهتر هوندو آهي، اصولن تي قربان ٿيڻ وارو موت، جيڪو ماڻهوءَ کي امرتا
بخشيندو آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو هڪ بي ڊپو ۽
بهادر اڳواڻ هيو، هن جو اندازِ تخاطب کرو ۽ بيباڪانه هيو، جنهن جو مثال ۱۵ ڊسمبر ۱۹۷۱ تي نيو يارڪ ۾ سلامتي ڪائونسل
جي اجلاس ۾ ڪيل سندس يادگار تقرير آهي جنهن ۾ هن ان دور جي حالتن جي پس منظر ۾ ملڪ
جي سالميت جو دفاع ڪندي ان عالمي فورم تي وڏي واڪ چيو هو ته ”گڏيل قومن وارو ادارو
هڪ منافق ۽ دوکيباز ادارو آهي، شرمناڪ شڪست کي قانوني شڪل ڏيڻ واري سلامتي ڪائونسل
واري فيصلي جو حصو نه بڻجندس.... منهنجي ملڪ جا ماڻهو ۽ منهنجو عوام مري رهيو آهي،
تنهن ڪري مان سمجھان ٿو ته جيڪڏهن مان هينئر نه ڳالهائيندس ته ان سان اوهان جي
ڪوشش کي هٿي ملندي.“
شاهه
لطيف اهڙن ئي بهادر ۽ اڙٻنگ ڪردارن لاءِ چيو هو ته:
ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جھيڙيندي
ڇڏيا
ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙلَ
وڇيرا هيٺ
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ
جنين ميهڻو
(شاهه)
ذوالفقار علي ڀٽو کي آمريت جي
اک ۾ اک ملائي ڳالهائڻ جو حوصلو هيو. هو ڪڏهن به ظلم جي ڪاري رات کي ڏينهن مڃڻ
لاءِ تيار نه هيو. هو هڪ اهڙو ڏيئو هيو جنهن کي طوفانن سان منهن مقابل ٿيڻ جي جرات
هئي. بقول شاعر:
هم ڪج ادا چراغ ڪه جب
بهي هوا چلي
طاقون ڪو ڇوڙ کر سرِ
ديوار آ گئي
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انهن
سڀني کي پنهنجو سڄڻ ۽ ساٿي سمجھيو، جيڪي جمهوريت جي راهه ۾ پنهنجن سرن سان ڪفن ٻڌي
هلڻ جا هيراڪ هيا. اهڙا ئي ماڻهو جن لاءِ ڀٽائي چيو هو: ”مون سين هلي سا، جا جيءُ
مٺو نه ڪري“. ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جي واٽ ۾ شهادت جي منزل کي قبوليو ۽ آخري
وقت تائين جبر ۽ ڏاڍ جي ديون اڳيان سر بڪف نه ٿيو. هن پنهنجو سياسي ورثو پنهنجي
ڏاهي ڌيءُ محترمه بينظير ڀٽو ڏانهن منتقل ڪيو.
راولپنڊي جيل جي سابق سڪورٽي سپرنٽينڊنٽ
ڪرنل رفيع الدين پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته : ”ڀٽو صاحب پاڪستان، عام سياست،
ڏيهي توڙي پرڏيهي حالتن ۽ پنهنجي مقدمي بابت ته گھڻيون ڳالهيون ڪندو رهندو هو، پر
هن پنهنجي ڪٽنب بابت بلڪل گھٽ ڳالهايو. البته جڏهن به محترمه بينظير ڀٽو جو ڪنهن
طرح ذڪر ٿيو، ته سدائين ان بابت هڪ خاص قدردانيءَ جي انداز ۾ ڳالهايو. هو عام طور
چوندو هو: ڪرنل رفيع! آئون جيئرو رهان يا نه رهان، پر مونکي ڀروسو آهي، ته منهنجي
ڌيءَ منهنجو مقصد هر حال ۾ پورو ڪندي، ڇو ته الله تعالى هن کي گھڻيون خوبيون ڏنيون
آهن. هوءَ رڳو پڙهيل لکيل ئي نه، بلڪه گھڻي هوشيار، سياڻي ۽ عقلمند به آهي، هو
جڏهن اهو چوندو هيو ته بينظير ۾ سياست کي سمجھڻ جي هن کان به وڌيڪ صلاحيت ۽ قابليت
آهي، ته منهنجي دماغ ۾ اهو سوال اڀرندو هيو ته هوءَ ته اڃا شاگرديءَ جي زماني ۾
آهي. هن کي اڃا تائين سياست سان ڪو واسطو نه پيو آهي ۽ نه ئي عملي زندگيءَ جو ڪو
تجربو اٿس، ته اها ڳالهه منهنجي سمجھ کان مٿاهين ڀانئبي هئي..... هو سدائين چوندو
هيو ته مان جيئرو رهان يا نه رهان منهنجي ڌيءَ پاڪستان جي ڏتڙيل ۽ پيڙيل عوام کي
سندن مقصد واري واٽ تائين سوڀ سان گڏ وٺي ويندي. هو محترمه بينظير ڀٽو جي ڏاهپ ۽
ذهني صلاحيت کي گھڻو ساراهيندو هو. بلڪ هڪ ڀيري ته هن چيو هو ته بينظير پاڪستان ۽
هندستان جي تاريخ ۾ بينظير بڻجي ويندي.“
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو
انڪشاف ۽ اڳ ڪٿي سورنهن آنا صحيح نڪتي، ڇو ته جڏهن سندس ذهين ڌيءَ محترمه بينظير
ڀٽو عملي سياست ۾ پير پاتو ته جمهوريت دشمن عناصر سندس قائدانه صلاحيت ۽ سياسي
بصيرت ڏسي ڏندين آڱرين اچي ويا. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو قيد ۾ هيو ته هن وٽ ٻي ڪا
به واٽ نه هئي سواءِ ان جي ته هو پنهنجي لاڏلي ڌيءَ پنڪيءَ کي سياست جي ميدان ۾
آڻي، ڇو ته ڀُٽي صاحب کي سندس ذهانت ۽ اورچائيءَ تي ڀروسو هيو. انهيءَ سلسلي ۾ هن
پنهنجي وڪيل يحيى بختيار وسيلي، ميڊم نصرت ڀٽو ڏانهن سنيهو اماڻيو ته ”هوءَ پنڪيءَ کي ملڪ اندر سياسي دورا ڪرائي.“
شهيد ڀٽي جي اهڙي هدايت بعد محترمه بينظير ڀٽو ۱۴ فيبروري ۱۹۷۸ تي سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو
ڪيو. حڪومت طرفان جيئن ته عوامي گڏجاڻين ۽ جلسن تي پابندي مڙيل هئي، تنهن ڪري هُن،
چار ديوارين اندر گڏجاڻين کي خطاب ڪيو. جنرل ضياءُ الحق ۱۴ کان ۱۷ فيبروري تائين حالتن جو جائزو
وٺندو رهيو ۽ کيس ڀٽو خاندان خاص طور محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي سرگرمين جي رپورٽ
ملندي رهي، ان وقت انٽيليجنس اهي رپورٽون پيش ڪيون ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو کي هڪدم
گرفتار نه ڪيو ويو ته هوءَ عوام کي ڀڙڪائڻ ۽ باغي بڻائڻ ۾ ڪامياب ويندي.
۵
جولاءِ ۱۹۷۷ واري ڪاري ڏينهن کان وٺي ۴ اپريل ۱۹۷۹ واري دهشت ناڪ عدالتي ظلم
تائين جمهوري روايتن کي جنهن بيدرديءَ سان ڪچليو ويو، اهو سڀ ڪجھ تاريخ جي ڦرهيءَ
تان هرگز ميساري نه ٿو سگھجي. ۴ اپريل
تي شهيد ڀٽو جي وجود کي ختم ڪري آمر قوتن ائين پئي ڀانئيو ته هاڻي شايد پاڪستان ۾
جمهوريت جو ٻوٽو ٻيهر وڌي وڻ نه ٿي سگھندو، پر اها سندن ڀل هئي. ڏاڍ جي گھوڙي تي
سوار انهن بي سمجھن کي هن مٽيءَ جي طاقت جي ساڃاهه ئي نه هئي، هنن کي پتو ئي نه
هيو ته هن ڌرتيءَ مٿان وهيل رت مان جمهوريت جا گلاب ٽڙندا آهن.
هن مٽيءَ جي مرتبي کان ڪير
هوندو بي خبر
هن مٽيءَ ۾ لاش پوريل پڻ
ڪندا آهن سفر
هن مٽيءَ مان جڙيل ماڻهو
مرڻ کان پو ڀي حيات
هن مٽيءَ ۾ ساهه آهي،
هيءَ مٽي آهي امر
مٽيءَ جي امرتا جا انڪاري،
شهيدن جي لهوءَ جا منڪر، انڌ جي گھوڙي جا هسوار، بظاهر ذوالفقار علي ڀٽو کي تختهءِ
دار تي رسائي، پنهنجي آمراڻي ڪرت ۾ ڪامياب ويا پر شايد کين خبر نه هئي ته ڀٽو هڪ
شخص نه پر هڪ نظريو آهي، جنهن کي ميٽڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ،
توڙي جو شهيد ڀٽو اسان ۾ موجود نه آهي پر سندس نعرو هر لب تي زنده آهي.
سوريءَ چڙهڻ، سيڄ پسڻ، ايءُ ڪم
عاشقن
پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهان. (شاهه)
ذوالفقار علي ڀٽو
گهڻ رخي ۽ گهڻ رنگي شخصيت
آصف جيلاني
اها ۱۹۵۴ع جي ڳالهه
آهي، مظفر علي منصوري صاحب، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اي پي پي ۾ هو ۽ ڊان جي مشير حسن سان
گڏ آئون سنڌ چيف ڪورٽ جي ڪيفي ۾ ويٺو هئس ته ڇويهن سالن جو هڪ نوجوان، سنهي چنبڙيل
پتلون، جسم تي ڇڪي چاڙهيل ڪوٽ، چمڪدار غير ملڪي جوتا پاتل ۽ چال اهڙي جو ڄڻ فرش تي
رقص تي موسيقي جي تيز ڌن سان قدم ملائي رهيو هجي. هي ذوالفقار علي ڀٽو هو، جيڪو ڪيليفورنيا
جي برڪلي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ تازو تازو پاڪستان موٽيو هو ۽ ڪراچيءَ
۾ وڪالت شروع ڪئي هئائين. ان زماني ۾ هو سنڌ جي مشهور وڪيل رام چنداڻي ڏنگو مل جي چيمبرس
سان لاڳاپيل هو. گانڌي گارڊن جي پٺيان ان علائقي ۾، جيڪو گارڊن ايسٽ سڏجندو هو، هي
پنهنجي والد سر شاهنواز جي بنگلي ۾ رهندو هو. آئون ان زماني ۾ ان علائقي ۾ خيرپور هائوس
جي ويجهو رهندو هئس ۽ وقت بوقت ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي. سنڌ چيف ڪورٽ جي ڪيفي
۾ مونکي ڏسي هو اسان جي ميز ڏانهن آيو هو. انهن ڏينهن ۾ هو تمام گهڻو خوش هو. چوڻ لڳو:
”آصف، مونکي پهريون ڪيس مليو آهي، جيڪو تمام گهڻو اهم آهي. سنڌ جي هاري اڳواڻ حيدر
بخش جتوئيءَ کي وزير اعلى ايوب کهڙي گرفتار ڪرائي ورتو آهي، آئون ان جي ناحق بند ۾
رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃي رهيو آهيان، پر مونکي ڊپ آهي ته کهڙو
مونکي به گرفتار ڪرائي وٺندو.“ وري ڪجهه دير ترسي چوڻ لڳو: ”جيڪڏهن چئن ڏينهن کانپوءِ
آئون ڪراچيءَ نه موٽان ته تون منهنجي ناحق بند ۾ رکڻ خلاف درخواست داخل ڪرائجانءِ.“
مون منصوري صاحب ۽ مشير حسن سان، ڀُٽي صاحب جو
تعارف ڪرايو. مونکي ڄاڻ هئي ته ان جي والد سر شاهنواز، کيس سفارتڪار بڻائڻ ٿي چاهيو.
منصوري صاحب کانئس پڇيو ته، ”ڇا سياست ۾ اچڻ جو ڪو به ارادو ڪونهي؟“ تنهن تي ڀُٽي صاحب
چيو ته، ”ارادو ته آهي پر.....“ مون پُڇيو: ”پر ڇا؟“ تنهن تي ڀُٽي صاحب وراڻيو ته،
”ڪا به جماعت مناسب نظر نٿي اچي.“ پوءِ وري پاڻ ئي چيائين ته؛ ”مسلم ليگ زميندارن
۽ جاگيردارن ۽ ويل وقت جي سياستدانن جي جماعت آهي.“ مون ائين ئي چئي ڇڏيو ته، ”پوءِ
ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي وڃو.“ تنهن تي چوڻ لڳو، ”نظريا ڀلي خوشنما ڇو نه هجن، پر اها
منهنجي مزاج جي مطابق نه آهي.“ منصوري صاحب چيو ته ان لاءِ آسائش واري زندگيءَ کي تياڳڻو
پوندو ۽ جاگيردارن جو چوغو لاهي مزدورن ۽ هارين ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. مون چيو ته، ”آزاد
پاڪستان پارٽيءَ جي باري ۾ ڀلا ڇا خيال آهي؟ ان ترقي پسند پارٽيءَ ۾ ته پڙهيل لکيل،
روشن خيال ۽ خود وڪالت جي پيشي سان تعلق رکندڙ اهم ماڻهو موجود آهن، جهڙوڪ بئريسٽر
نور العارفين، محمود علي قصوري، فخر الدين جي ابراهيم وغيره.“ ڀُٽو صاحب چوڻ لڳو،
”اُتي اڳ ۾ ئي ميان افتخار الدين ۽ شوڪت حيات جهڙا نالي چڙهيا سياستدان موجود آهن،
آئون انهن ۾ گرهجي ويندس.“ منصوري صاحب سوال ڪيو ته، ”عوامي ليگ جي باري ۾ ڀلا توهان
ناهي سوچيو؟“ ڀُٽي صاحب وراڻيو، ”ان جماعت جون پاڙون بنگال ۾ آهن، ان جا مسئلا ۽ شبيهه
بنگالي آهي، پاڪستان جي هن اُلهندي حصي ۾ اها پارٽي ڪڏهن به مڃتا ماڻي نه سگهندي.“
مشير حسن تڙي کڙي چيو، ”پوءِ ته صرف جماعت اسلامي ئي رهجي وئي آهي.“ تنهن تي هن هڪ
وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيو ته، ”آئون ۽ مُلن جي جماعت ۾ شامل ٿيان؟“ مون چيو: ”ائين ڇو نٿو
ٿي سگهي، دين به ملي ويندو ۽ دنياوي سياست ۾ به نالو ٿيندو.“ چوڻ لڳو: ”نه، اُتي مون
جهڙي روشن خيال ماڻهوءَ جي ڪابه گنجائش ڪانهي.“
وڏي زميندار سر شاهنواز ڀُٽي جي پُٽ، نازن سان
پليل، ذوالفقار علي ڀٽي سان اهو اسان جو تفصيلي تعارف هو، جيڪو غريب هارين جي اڳواڻ
جي لاءِ ڪيس وڙهڻ وڃي رهيو هو ۽ جيڪو ملڪ جي سياست ۾ اچڻ جو خواهشمند هو، پر ڪا جماعت
کيس مناسب نظر نٿي آئي. ان ملاقات ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي تضادن سان ڀريل شخصيت ظاهر
ٿي وئي هئي. پوءِ وڏو عرصو گذري ويو، ڀُٽي
صاحب کي نه ڪو وڏو ڪيس مليو، ۽ هونئن به ان کي اهڙي ڪا ضرورت به نه هئي. گهڻو وقت هن
جو اشرافيا جي پارٽين ۾ گذرندو هو يا وري لاڙڪاڻي ۾ المرتضى ۾، جتي هو با اثر ماڻهن
۽ اميرن کي تتر ٻٽيهر جون دعوتون ڏيندو هو.
آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو جنرل ايوب خان جي قيادت ۾ فوج ملڪ فيروز خان
نون جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو. ان مارشل لا تحت جنرل ايوب خان
پنهنجي ڪابينا ۾ سمورن صوبن مان وزير شامل ڪرڻ چاهيا ٿي. سنڌ ۾ ايوب خان کان ايتريقدر
نفرت هئي ۽ مارشلا جي ايتري ته سخت مخالفت هئي، جو ڪوبه سنڌي سياستدان فوجي ڪابينا
۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. جنرل ايوب ان ڏکيائيءَ جو صدر اسڪندر مرزا سان ذڪر ڪيو.
اسڪندر مرزا جي ايراني نسل جي زال ناهيد، ذوالفقار علي ڀُٽي جي ونيءَ بيگم نصرت ڀُٽو
جي ويجهي سهيلي هئي ۽ ان جي ڪري اسڪندر مرزا ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا
هئا. ڪيترائي ڀيرا اسڪندر مرزا شڪار لاءِ لاڙڪاڻي وڃي چُڪو هو. اسڪندر مرزا سنڌ مان
مارشل لا جي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڀُٽي صاحب جو نالو ايوب خان کي پيش ڪيو، جيڪو هن
قبول ڪري ورتو. اهڙي نموني ڀُٽو صاحب پهريون ڀيرو سياست ۾ فوجي حڪومت جو سهارو وٺي
داخل ٿيو. بيشڪ ان دور ۾ وزير تجارت جي حيثيت سان ڀُٽي صاحب جو سڀ کان وڏو ڪارنامو
سوويت يونين کي پاڪستان ۾ فولاد جي پهرئين ڪارخاني قائم ڪرڻ واري منصوبي لاءِ راضي
ڪرڻ هو، جنهن سان پاڪستان جي صنعتي ترقيءَ هڪ نئون موڙ ورتو. ان بعد ۱۹۶۳ع ۾ وزير خارجه جي حيثيت سان هن جو ڪارنامو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سرحد
جي تعين جي حوالي سان ٺاهه هو. سن ۱۹۵۸ع ۾ فوجي حڪومت جي رستي سياست ۾ داخل ٿيڻ سان ڀُٽي جي سياسي تقدير تي
فوج اڻ مٽ مهر ثبت ڪري ڇڏي هئي، جنهن سبب ان کي ڦاسي جي تختي تائين به نجات نه ملي.
ڀُٽي صاحب کي ان ڳالهه جو شديد احساس هو ته، جيئن ته سندس تعلق ملڪ جي ننڍي صوبي سنڌ
سان آهي، تنهن ڪري اقتدار جي حصول ۾ ان کي فوج جي سهاري کان ٻيو ڪوبه رستو نظر نٿي
آيو ۽ ان لاءِ هن کي وڏي قربان پڻ ڏيڻي پوندي. بنگلاديش جي بحران جي سلسلي ۾ ڀُٽي صاحب
تي اهو ئي الزام لڳندو رهيو آهي ته هن فوج جو موقف اختيار ڪيو ۽ شيخ مجيب سان ”هوڏانهن
توهان، هيڏانهن اسان“ جي نعري جي بنياد تي دوبدو مقابلو ڪيو ۽ مفاهمت جا سمورا در ٻيڪڙي
ڇڏيا.
بنگلاديش قائم ٿيڻ کانپوءِ هن ملڪ جي شڪست کاڌل
فورسز جي اميج کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، ايتريقدر جو فوج جي پراڻي وردي به بدلائي
ڇڏي ۽ واعدو ڪيو ته هو پاڪستان جي فوج کي ايشيا جي بهترين ويڙهاڪ فوج بڻائي ڇڏيندو
۽ پوءِ فوج کي بدناميءَ کان بچائڻ لاءِ هن اُوڀر پاڪستان ۾ سياسي ۽ عسڪري انياءَ جي
باري ۾ حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ کي ڪرف ڪڙن ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن کي سُڻس پوڻ
نه ڏني، جڏهن ته ان وقت ان ڳالهه جي سخت ضرورت هئي ته قوم کلي طرح انهن ڳالهين تي بحث
ڪري، جن جي نتيجي ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو. پوءِ ملڪ جي ٽٽڻ وارين حالتن جي ذميوار جنرل يحى
خان کي اقتدار تان لاهڻ کانپوءِ ان جي موت تائين ان خلاف هن ڪيس هلائڻ کان به صاف انڪار
ڪيو. ان سلسلي ۾ بيشڪ آمريڪا جو به دٻاءُ هو ته يحى خان ۾ هٿ نه وڌو وڃي.
جنرلن جو خوف ڀُٽي صاحب جي ذهن تي طاري هو. مونکي
ياد آهي ته ۱۹۷۱ع ۾ ملڪ ٽٽڻ کانپوءِ جڏهن ڀُٽي صاحب اقوام
متحده جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ وطن واپس وڃي رهيو هو ته لنڊن هيٿرو
جي هوائي اڏي تي ترسيو. اهو آچر جو ڏينهن هو، وي آءِ پي لائونج ۾، ان جي تڏهوڪي برطانوي
وزير خارجه سر ايلڪ ڊگلس هيوم سان ملاقات ٿي. ان ملاقات کانپوءِ خبر پئي ته جنرلن جهاز
لنڊن موڪلڻ بدران روم موڪليو آهي. ان اُڏام لاءِ کيس هيٿرو جي يورپي ٽرمينل ڏانهن وڃڻو
پيو. روم لاءِ اُڏام ۾ ٽي ڪلاڪ دير هئي. ان دروان ڀُٽي صاحب جو اصرار هو ته آئون ساڻس
گڏ رهان. ملڪ ٽٽڻ جو صدمو ايترو ته شديد هو، جو آئون ڳالهائي به نه پئي سگهيس ۽ ڀُٽو
صاحب ان ڳالهه تي سخت پريشان هو ته جنرلن جهاز روم ڇو موڪليو آهي؟ لائونج ۾ ويٺي ويٺي
ان چيو، ”آصف، رباط جي ان ڊرامي جو قصو ٻڌاءِ، جيڪو يحى خان کي پيش آيو هو.“ منهنجو
هانءُ هڄي ويو ته هن وقت جڏهن ملڪ تي اهڙي آفت اچي پئي آهي ۽ ملڪ ٽٽي ويو آهي، ڀُٽو
صاحب يحى خان جي انهن ڪرتوتن جو اهو قصو ٻُڌڻ لاءِ بيتاب آهي، جيڪو رباط ۾ پهرين اسلامي
سربراهي ڪانفرنس دوران پيش آيو هو ۽ جيڪو مون کيس ۱۹۶۸ع ۾ لنڊن ۾ ٻڌايو هو، جڏهن هو پيپلز پارٽيءَ جي تنظيم سازيءَ جي سلسلي
۾ هتي آيو هو. مون دل ۾ سوچيو ته هي ڪو وقت آهي اهڙن قصن جو! مون موضوع بدلائڻ لاءِ
ان جي هن ڳڻتيءَ کي ورجايو ته جنرلن آخر جهاز روم ڇو موڪليو آهي؟ پاڻ چوڻ لڳو؛ ”اهي
جنرل ان جهاز کي تباهه ته نه ڪرائيندا؟“ مون کيس تسلي ڏني ته هن وقت فوج کي سندس تمام
گهڻي ضرورت آهي ملڪ کي سنگين بحران مان ڪڍڻ لاءِ. مون کيس چيو ته ۱۹۵۸ع ۾ فوج کي سندس ايتري ضرورت نه هئي، جيتري هاڻي آهي. کيس ٻڌايم ته،
”سن ۱۹۵۸ع ۾ جڏهن توهان مارشل لا جي حڪومت ۾ شامل
ٿيا هئا ته ان وقت توهان وٽ ڪابه سياسي قوت نه هئي، پر هن وقت توهان باقي رهيل پاڪستان
جي پارليامينٽ ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جا سربراهه آهيو.“ ڀُٽي صاحب جي چهري مان لڳي رهيو
هو ته هو اهي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ بيتاب آهي.
۱۹۷۲ع جي شروع ۾ ڀُٽي صاحب
جڏهن ايران، ترڪي، مراڪش، تيونس، الجزائر، لبيا، مصر ۽ شام جي طوفاني دوري تي نڪتو
هو ته آئون ساڻس گڏ هئس. ترڪيءَ ۾ گاديءَ واري شهر انقره جي ٽڪريءَ تي ڪمال اتا ترڪ
جي تربت تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ اُتي رکيل ڪتاب ۾ ڪمال اتا ترڪ کي مخاطب ٿيندي هن لکيو
هو ته، جهڙي ريت شڪست کاڌل ترڪيءَ کي توهان ڏکئي دور ۾ سنڀاليو هو ۽ ان جي نئين سر
اوسر لاءِ پتوڙيو هو ۽ ان جي عظمت کي بحال ڪيو، اهڙو ئي چئلينج مونکي پنهنجي ملڪ ۾
درپيش آهي.“ ۽ پوءِ جڏهن دمشق ۾ ان اٺن ملڪن جو دورو مڪمل ڪيو ته شام جي صدر حافظ الاسد
سان هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته، ”پاڪستان جي مهارت ۽ عرب سرمائي جي اشتراڪ سان
اسان اسلامي دنيا جي ترقي ۽ سگهه لاءِ نوان دروازا کولي سگهون ٿا.“ ڀُٽي صاحب جو اهو
واضح اشارو ايٽمي توانائيءَ جي ميدان ۾ اشتراڪ جي حوالي سان هو. ان ڪوبه شڪ ناهي ته
اُهي ماڻهو به، جيڪي ڀُٽي صاحب جا سياسي مخالف هئا ۽ هاڻي به ان جي سياست جا مخالف
آهن، اُهي هن ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا ته پاڪستان ايٽمي هٿيارن جي ميدان ۾ جيڪو ڪجهه
حاصل ڪيو، ان جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀُٽي کي وڃي ٿو ۽ در اصل ان ڪري ئي کيس نه صرف
اقتدار کان محروم ٿيڻو پيو پر ڦاسيءَ تي به چاڙهيو ويو. اها ڪهڙي ستم ظريفي آهي ته
۱۹۷۱ع ۾ ڀُٽي صاحب بنگلاديش جي بحران ۾ فوج
جو ڀرپور سان ساٿ ڏنو، ٽٽل ملڪ کي ڏکئي وقت ۾ سنڀاليو پر انهيءَ فوج ۱۹۷۱ع ۾ هن جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ۱۹۷۹ع ۾ کيس
ڦاسي ڏئي ڇڏي.
آخري ملاقات
ڀُٽي صاحب سان منهنجي آخري ملاقات جولاءِ ۱۹۷۳ع ۾ لنڊن ۾ ٿي هئي، جڏهن هو برطانيا جي سرڪاري دوري تي آيو هو. اها چڱي
ڊگهي ملاقات هئي پر ان لاءِ سندس اهو شرط هو ته ان ملاقات جي حوالي سان ٻڙڪ به ٻاهر
نه ويندي. خبر ناهي ڇو هو ماضيءَ جي يادگيرين کي کوٽي رهيو هو. هن پاڻ ۱۹۵۴ع جي سنڌ چيف ڪورٽ واري ملاقات ياد ڏياري ۽ شڪايت ڪندي چيو ته تون اهو
طعنو ڏيندو هئين ته آئون سياست ۾ فوج جي ذريعي آيو آهيان پر ماڻهو ان ڳالهه جو اعتراف
ڇو نه ٿا ڪن ته مون پاڪستان جي سياست کي زميندارن ۽ جاگيردارن جي محلاتن مان ڪڍي عوام
جي حوالي ڪيو.“ وڌيڪ چوڻ لڳو، ”۽ ها، اهو آئون ئي هئس، جنهن آمر ايوب خان جي خلاف بغاوت
جو علم بلند ڪيو.“
مونکي ڀُٽي صاحب جي جاگيرداراڻي انا جو چڱيءَ
ريت احساس هو ۽ مونکي اها خبر هئي ته هو پنهنجي ڪابه مخالفت ۽ تنقيد برداشت ڪرڻ جو
عادي نه هو. مونکي ان جي سُٺي موڊ سبب اها همت ٿي جو مون کيس چيو ته، ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي
ته پاڪستان جي تاريخ ۾ اها ڳالهه هميشه روشن رهندي پر ان تنقيد کان توهان پلئه آجو
نٿا ڪرائي سگهو ته پيپلز پارٽيءَ قائم ٿيڻ وقت جيڪي ترقي پسند ماڻهو توهان سان گڏ هئا،
اُهي ماڻهو جن ۱۹۷۰ع جي عام چونڊن ۾ توهان کي ۽ توهان جي
پارٽيءَ کي سوڀارو ڪيو هو، اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ اُهي هڪ ٻئي پٺيان توهان کان ڌار
ٿي ويا ۽ پوءِ توهان پنهنجي پيپلز پارٽيءَ جو سمورو انتظام وقار احمد نالي هڪ سرڪاري
آفيسر جي حوالي ڪري ڇڏيو.“ مون کيس اهو پڻ چيو ته، ”ماڻهو ان ڳالهه جو اعتراف ڪن ٿا
ته توهان ملڪ ۾ صدارتي نظام قائم ڪرڻ جا زبردست خواهشمند هئا پر توهان عوام جي اڪثريت
۽ انهن جماعتن جي راءِ جو خيال رکيو، جيڪي ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت چاهينديون هيون
۽ توهان آئين انهن جي ئي خواهشن مطابق مرتب ڪيو پر ان سان گڏوگڏ ماڻهن جي سمجهه ۾ اها
ڳالهه نه آئي ته ان کانپوءِ فورن توهان بلوچستان ۽ سرحد ۾ مخالف ڌر نعپ جون حڪومتون
برطرف ڪري ڇڏيون.“ ڀُٽي صاحب رازداراڻي انداز ۾ چيو ته، ”مون تي سخت دٻاءُ هو.“ ۽ پوءِ
خاموش ٿي ويو. سندس خاموشيءَ جو مطلب اهو هو ته آئون کانئس اهو راز پڇڻ لاءِ اصرار
نه ڪريان. مون ان زماني ۾ جيڪو ٻڌو هو، هڪ لحاظ کان ان جي تصديق ٿي وئي ته اهي حڪومتون
برطرف ڪرڻ لاءِ شهنشاهه ايران ۽ آمريڪا جو دٻاءُ هو.
ڀُٽي صاحب موضوع بدلائيندي چيو ته، ”۱۹۶۳ع جا اُهي ڏينهن ياد اٿئي، جڏهن دهلي ۽ ڪلڪتي ۾ ڪشمير جي باري ۾ سردار
سورن سنگهه سان مذاڪرات دوران ملاقاتون ٿيون
هيون ۽ هندستان جي سياسي مستقبل جي باري ۾ به بحث ٿيو هو.“ ڀُٽي صاحب منهنجي ان ڳالهه
سان اتفاق ڪيو ته هندستان پنهنجي معيشت جي حڪمت عمليءَ جي بنياد تي ملڪ کي مستحڪم ڪري
ورتو آهي. مثال طور: نظام جي ذريعي مخالف رياستن کي هڪ ٻئي سان جوڙي ورتو آهي. ڀُٽي
صاحب جي راءِ هئي ته توڙي جو چين سان ۱۹۶۲ع جي جنگ
۾ هندستان کي بري شڪست ٿي هئي پر ان جي نتيجي ۾ هندستان فوجي ۽ صنعتي لحاظ کان تيزيءَ
سان ترقي ڪندو، جيڪا پاڪستان لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب هوندي. ڪشمير جي ذڪر تي مونکي جبرالٽر
آپريشن ۽ ان کانپوءِ ۱۹۶۵ع جي جنگ جي سلسلي
۾ ڀُٽي صاحب جي ڪردار تي سخت تنقيد ياد آئي ته ان ڪشمير ۾ صورتحال جو صحيح تجزيو نه
ڪيو ۽ بنا سوچڻ جي چار هزار ڪمانڊوز واديءَ ۾ داخل ڪري ڇڏيا، اهو ڄاڻڻ بنا ته ڪشمير
جي عوام جي کيس حمايت ملي سگهندي يا نه. ۽ پوءِ ۱۹۶۵ع جي جنگ ۾ اهو سوچڻ کانسواءِ ئي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ برطانيا هٿيارن جي
سپلاءِ بند ڪري ڇڏي ته جنگ ڪيئن جاري رکي سگهبي، صدر ايوب خان کي ان جنگ ۾ ٽپي پوڻ
تي مجبور ڪيو. ڀُٽو صاحب ڪيتري دير تائين ڪمري جي ڇت کي تڪيندو رهيو. انهن سمورن سوالن
جي جواب ۾ هن صرف اهو چيو ته هڪ طرف آمريڪا اسان سان دغا ڪئي ۽ ٻئي طرف ڳجها ادارا
نڪما ثابت ٿيا. ڪافي رات گذري چُڪي هئي ۽ مون نٿي چاهيو ته اها ملاقات ڀُٽي صاحب جي
ناراضگيءَ ۽ ڪاوڙ تي ختم ٿئي، ان ڪري مون ان بحث ۾ الجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
واپسيءَ تي آئون اهو سوچيندو آيس ته ڪيتريقدر
تضاد آهن ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت ۾. هڪ طرف اهڙي سياسي بصيرت، جنهن جي پاڪستاني
سياستدان ۾ شديد کوٽ آهي، روشن خيال ۽ اعلى تعليم يافته ..... ۽ ٻئي طرف خالص جاگيرداراڻو
حاڪماڻو انداز..... پنهنجي خلاف ٿورڙي ڳالهه ۽ تنقيد برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
هو اهڙي ريت ڪاوڙجي وڃي ٿو ۽ پوءِ وکري وڃي ٿو. صرف اهو ئي نه، هو سالن تائين ان شخص
کي معاف نٿو ڪري ۽ نه ئي وساري ٿو، جيڪو ان جي مزاج خلاف ڪا ڳالهه چوي ٿو. گهڻن ماڻهن
وانگر آئون به اهو سوچيان ٿو ته جيڪڏهن ۱۹۷۱ع ۾ ڀُٽو
صاحب شيخ مجيب سان سياسي مفاهمت ڪري وٺي ها ۽ اقتدار ۾ ڀائيواريءَ تي راضي ٿي وڃي ها
ته اڄ پاڪستان جو نقشو ئي مختلف هجي ها. جيڪڏهن ۱۹۷۱ع جي جنگ کانپوءِ اُهو صحيح معنى ۾ جنرلن جو احتساب ڪري ها ته پاڪستان
جي سياست تان فوج جي بالادستي کان هميشه لاءِ نجات ملي وڃي ها. اهي بهترين موقعا هئا،
جيڪي ذوالفقار علي ڀُٽي وڃائي ڇڏيا، جنهن جا نتيجا خود ان جي لاءِ خطرناڪ ۽ ملڪ لاءِ
تباهه ڪندڙ ثابت ٿيا.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
يارن جو يار
مير نادر علي
ابڙو
شهيد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو
جي ۲۹ هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي.
ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستاني سياست جو محور هو سندن گيت جمهوريت جو راڳ اڄ به ڪلهه
وانگي ڳائجي ٿو. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي جان جيون جا سمورا ڏينهن دکي انسانيت جا
راڳ آلاپيندي انهن لاءِ جدوجهد ڪندي گذاريا. عوام کي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو
ڏنو. هن جو جمهوريت جي تاج کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڏو ۽ نه وسارڻ جهڙو يادگار ڪردار رهيو
آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن نالو عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو نه ته هن ڌرتي تي
ڪيئي انسان آيا هليا به ويا پر چند ماڻهو ئي سماجي رشتا نڀائيندي امر رهيا آهن.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جو ابو هو. جنهن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.
ٻين لاءِ جيئڻ جو فن سيکاريو
اقوام متحده جي پليٽ فارم کان ويندي اسلام آباد جي ايوانن تائين هن جو هڪ آواز هو.
جيڪو هن ملڪ جي غريب طبقي جو هو، هو پاڻ جنگي قيدين جي آزادي کان ويندي زندگي جي
هر پل ۾ عوام خاطر انتهائي بيقرار نظر آيا. هن جو رشتو عوام سان هڪ زنجير وانگي
جڙيل هو. جنهن کي عوام جي دلين تان ميسارجي نٿو سگهجي. پاڻ شهادت جو جام اوتي ڇڏيو
پر اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي نڪو سر جهڪايو، هر هنڌ تي پنهنجي اصولن مٿي
اٽل نظر آيو، ڦاهي تي مرڪي چڙهيو ۽ مرڪون ۽ لازوال رونقون ڇڏي قوم کي ويڳاڻو ڪري
هليو ويو. سندس اصول پرستي سبب اڄ ملڪ جو ٻچو ٻچو جيئي ڀٽو جو نعرو ٿو هڻي سندن جو
پيغام اڄ پوري ملڪ ۾ جمهوريت جو راڳ بنجي گونجي رهيو آهي ۽ نا سمجهه ٻار به جيئي
ڀٽو جو نعرو ٿا هڻن. لاڙڪاڻي ۾ اڄ به اهي ڳالهيون راڄن ۾ ڳائجن ٿيون ته شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو جو محبتي رشتو منهنجي والد محترم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان هو،
انهيءَ ڪري هو اوطاق ۽ چيمبر تي ضرور ايندا هئا جتي هند ۽ سنڌ جي اديبن جا ميلا
متل رهندا ۽ رات جي پهرن ۾ ڪچهريون رچنديون هيون. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهيءَ
اوطاق تي ايندو هو جتي وڏا سياسي بحث ڇڙندا هئا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو منهنجي بابا
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي صلاح مشورن لاءِ المرتضيٰ هائوس ۽ اسلام آباد گهرائيندو
رهندو هو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي اصرار تي بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي
ڊائريڪٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ڪرايو. جنهن دوران ڊائريڪٽ ڀرتيون نه ڪيون
وينديون هيون. امڙ ڳالهه ڪندي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ دفعي جڏهن چيمبر تي
آيو ته بابا مرحوم کي چيائين ته پنهنجو پٽ ڏيکار. گهڻي اسرار تي بابا تجڻن ۾ هوندي
به مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏيکاريو، جنهن مون کي ڳلن تي چمي ڏيندي پيار
ڪيو آئون ڪيڏو نه خوشنصيب انسان آهيان جو هڪ اهڙي امر شخص جي چپن جي چميءَ منهنجي
ڳلن واس ڏنو، جيڪو جمهوريت جو بابا ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. سندن انهيءَ طبيعت ۽ عوام جي هر پل محبتن جو ذڪر
ڪندي بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر اها ڳالهه ڪندو هو ته جي هن ڌرتي تي شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو جنم نه وٺي ها ته نه ڄاڻ ڌرتي واسين جو ڪهڙو حال ٿئي ها! اڄ به
هيڏو سڄو عرصو گذرڻ باوجود به سموري ملڪ جو عوام ڀٽي جي نالي تي جان نثار ڪرڻ لاءِ
آتو آهي. هينئر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي پئي وڃي پوري پاڪستان مان
هزارين ڀٽي جا ديوانا ڪي پيرين پنڌ ته ڪي گاڏين جي قافلن ۾ لاڙڪاڻي پهچن پيا. پر
انهن قافلن ۾ هڪ سوڳ وارو ماحول هن لاءِ آهي جو انهن جي قائد شهيد بينظير ڀٽو اڄ
زندهه نه آهي جي هو زندهه هجي ها ته اڄ لاڙڪاڻي جون رونقون ئي ٻيون هجن ها. هن جي
شهادت بعد غمن جا سايا اڃان تائين ڪارڪن لڏي تي برقرار آهن. محترمه شهيد بينظير
ڀٽو جيڪو پنهنجو والد جو پيغام کڻي ملڪ آئي هئي ۽ جمهوريت جي ٻيڙي کي اڳتي تارڻ
پئي چاهيائين پر هن کي به ڀائرن ۽ پيءُ وانگر شهيد ڪيو ويو. جڏهن شهيد راڻي بينظير
ڀٽو جلاوطني ختم ڪري ملڪ وَري ته سندن آجيان لاءِ آئون به ڪراچي ۾ هيس، جتي جشن
جون خوشيون بعد ۾ لوهه جي لالاڻ ۾ رڱجي ويون ۽ سمورو ماحول سوڳوار بڻجي ويو. اڄ
جتي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جون يادون سندن پيءُ جي سالگرهه ۾ ساريون وينديون ته اتي
وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام ورجايو ويندو. آئون پنهنجي پاران شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي رب ڪريم کان دعاگو آهيان ته شل شهيد ڀُٽي
جي شيدائي سندن ڇڏيل جمهوريت جي واڳ کي اڳتي لاءِ انهيءَ جوش ۽ جذبي سان کڻي اڳتي
وڌن جتي محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڇڏي وئي هئي.
(سوڀ، هلال پاڪستان،
سنڌ، مهراڻ، سُڪار، سنڌو، فيصلو، خبرون، عبرت)
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو
ھڪ تاريخ ساز شخصيت
ڊاڪٽر محمد يعقوب
مغل
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو
ايشيا جي عظيم تاريخ ساز شخصيت ھو، جنھن عالم اسلام جي اتحاد ۽ مسلمانن جي يڪجھتي
۽ پاڪستان جي وقار جي يڪجھتي لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. ذوالفقار علي ڀٽو جي
قتل جو فيصلو جسٽس مولوي مشتاق حسين جي چوڻ مطابق، ڀٽو جو فيصلو انصاف جي بنياد تي
نه پر قانون مطابق ڪيو ويو ھو ۽ جيڪڏھن عدالت قانون مطابق فيصلو ڪندي ته فيصلو ڪجھه
ٻيو ٿيندو. ڀٽو کي نواب محمد خان جي قتل جي ڪيس مان آزاد ٿيڻ کپندو ھو ۽ ھي به ته ڀٽو
جو بچاءُ فوجداري قانون تحت نه ڪيو ويو. مطلب ته ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ھڪ عظيم تاريخ ساز شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو
کي ڦاھي ڏيئي غريبن جي ھمدرد، عوامي قائد، مزدورن، ھارين ۽ شاگردن کي عزت ڏيندڙ
عظيم اڳواڻ کي ھميشه لاءِ جدا ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي قتل ايڏو وڏو
سانحو آھي، جنھن کي وسارڻ عام ماڻھوءَ جي وس کان ٻاھر آھي. اڄ انھيءَ المناڪ موقعي
تي شھيد ڀٽو جي تاريخ ساز شخصيت ۽ ڪارنامن جو مختصر ذڪر ڪنداسين.
ذوالفقار علي ڀٽو
جي سياسي زندگي جو آغاز ۱۹۵۷ع ۾ ٿيو. جڏھن ھن اقوام متحده ۾ جنرل اسيمبلي جي ڇھين ڪميٽي ۾ پاڪستان جي
نمائندي جي حيثيت ۾ خطاب ڪيو. سندس تقرير جو موضوع ھو ”امن، عالم ۽ جارحيت“، سندس
تقرير جو خلاصو ھي ھو ته عالمي امن ڳالھين سان قائم نه ٿيندو، بلڪه ان لاءِ ٺوس
قدم کڻڻا پوندا. ۱۹۵۸ع ۾ ٻيھر ذوالفقار علي ڀٽو کي اقوام متحده ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو
مليو. ھن دفعي ڀٽو صاحب اقوام متحده ۾ پنج ڀيرا مختلف موضوعن تي مدلل تقريرون ڪري
عالمي مدبرن ۽ مقررن کان خوب داد تحسين حاصل ڪيو. ڪيترن ئي مدبرن حڪومت پاڪستان کي
ذوالفقار علي ڀٽو جي باري ۾ تعريفي ڪلمات لکي پنھنجي آزادانه راءِ جو اظھار ڪيو. ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي ميجر جنرل سڪندر مرزا صدر پاڪستان ملڪ
جو آئين ٽوڙي مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جنرل ايوب خان کي وزيراعظم نامزد ڪيو. پھرئين ڪيبنيٽ
۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۳۰ سالن جي ننڍي عمر ۾ وزير تجارت جو عھدو سنڀالي عملي سياسي زندگي ۾ قدم
رکيو. ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي جنرل ايوب خان ميجر جنرل سڪندر مرزا کي صدارت تان ھٽائي پاڻ صدر پاڪستان
جو حلف کنيو ۽ نئين ڪيبنيٽ ۾ ٻيھر نوجوان ذوالفقار علي ڀٽو کي شامل ڪيو. پاڪستان
جي سياسي تاريخ ۾ ان وقت تائين ڪوبه شخص ايڏي ننڍي عمر ۾ وزير نه بڻيو ھو. ڊسمبر ۱۹۶۰ع ۾ جڏھن ڀٽو صاحب تيل، بجلي ۽ قدرتي وسيلن
جو وزير ھو ته کيس سوويت يونين سان تيل جي ٺاھه بابت ڳالھيون ڪرڻ جي سلسلي ۾ ماسڪو
وڃڻو پيو. ان دوري بعد پاڪستان جا سياسي تعلقات سوويت يونين سان بھتر ٿيا. اڳتي
ھلي سوويت يونين جي تعاون سان پاڪستان ۾ پھرين اسٽيل مل لڳائي وئي. جنوري ۱۹۶۳ع ۾ محمد علي بوگره جي وفات بعد ذوالفقار
علي ڀٽو کي پاڪستان جي وزير خارجه جي حيثيت ۾ خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، انھيءَ سان ۱۹۶۰ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي پاڪستان جي
نمائندگي جي حيثيت ۾ جنرل اسيمبلي جي انھيءَ مشھور اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جو موقعو مليو
ھو، جنھن ۾ دنيا جي عظيم سياستدانن ۽ مدبرن به شرڪت ڪئي ھئي، جن سان ڀٽو صاحب کي
ملڻ جو موقعو مليو ھو. انھن عالمي مدبرن ۽ حڪمرانن ۾ روس جو وزيراعظم خروشيف، مصر
جو صدر جمال عبدالناصر، انڊونيشيا جو صدر سوئيڪارنو، برطانيه جو وزيراعظم مئڪملن،
ھندستان جو وزيراعظم پنڊت جواھر لال نھرو، ڪيوبا جو ليڊر فيڊل ڪاسترو ۽ ٻين ڪيترن
ئي مشھور ۽ معروف مدبرن سان ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڻ جو موقعو مليو ھو. انھيءَ
اجلاس مان واپسيءَ بعد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي خارجه پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ سوچيو ۽ نئين انداز ۾ خارجه
پاليسي جي جوڙجڪ ڪئي. ھن ڳالھه تي سڀ متفق آھن ته ذوالفقار علي ڀٽو وزير خارجه جي
حيثيت ۾ جيڪي خدمتون ڪيون، اھي فراموش نٿيون ڪري سگھجن. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان
جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڪامياب وزير خارجه ھو. سندس خارجه پاليسي جي نتيجي ۾ پاڪستان
کي دنيا ۾ وڏي شھرت حاصل ٿي ۽ بحيثيت قوم دنيا جي قومن ۾ پاڪستان جو تعارف ٿيو. گڏيل
پاڪستان جي ٽُٽڻ بعد ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي ذوالفقار ڀٽو پهريائين صدر پاڪستان ۽
بعد ۾ وزيراعظم بڻيو. ڀٽو صاحب غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ ھو، سندس شخصيت پُرڪشش
۽ مقناطيسي ھئي ۽ ساڻس ملندڙ ھر شخص سندس مداح بڻجي ويندو ھو. سندس حافظو ايترو ته
تيز ھو جو کيس ملندڙن جا نالا، ساڻن ڪيل ملاقاتون ۽ واقعات چٽي طرح ياد رھندا ھئا.
ڀٽو صاحب جي سياسي زندگي جا واقعا ۽ ملڪ لاءِ ڪيل خدمتون ڪارناما ھن ننڍي مقالي ۾
بيان ڪرڻ ممڪن نه آھن. رڳو چند اھم ۽ تاريخي واقعن جو سرسري جائزو وٺي سگھجي ٿو.
۱۹۷۱ع جي خانه جنگي بعد جڏھن بيروني سازشن ۽ ھندستان جي فوجي مدد بعد مشرقي پاڪستان
بنگلاديش بڻيو ۽ نوي ھزار پاڪستاني فوجي ھندستان وٽ قيد ۾ ھئا ته ان وقت اھا
ذوالفقار علي ڀٽو جي تاريخ ساز شخصيت ھئي، جنھن عوام ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ شملا
معاھدي بعد جنگي قيدي آزاد ڪرايا، انھيءَ کان علاوه ڀٽو صاحب جو اھو به ڪارنامو
آھي ته سڀني سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ۱۹۷۳ع جو اسلامي آئين پاڪستان ۾ نافذ ڪيو، اڄ به
پاڪستان ۾ اھو ساڳيو ۱۹۷۳ع وارو دستور رائج آھي.
ذوالفقار علي ڀٽو
دور انديش سياستدان ھو ۽ پھريون ڀيرو اقوام متحده ۾ پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت ۾
چين جي ميمبر ٿيڻ لاءِ دنيا جي عظيم طاقتن جو ڌيان ڇڪايو ۽ وضاحت ڪندي چيو ته ”چين
جي ستر ڪروڙ عوام کي نظرانداز ڪري عوامي جمھوريه چين کي ميمبر بنائڻ کانسواءِ اقوام
متحده بين الاقوامي آزادي ۽ بني نوع انسان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪوبه انقلابي
قدم نٿي کڻي سگھي.“ تقرير جاري رکندي ڀٽو صاحب چيو ته ”آءٌ اوھان (سلامتي ڪائونسل
جي ميمبرن) کان معلوم ڪرڻ گھران ٿو ته ڇا اھو قدرت جو قانون آھي ته آفريقا ۽ ايشيا
جا باشنده پسمانده، ڪم علم ۽ بکيا رھن؟ ڇا اھو اسان جي نصيب ۾ لکيل آھي ته اسين
بدحال رھون؟ نه بلڪل نه، اسين پسماندگي ۽ افلاس جو طوق لاھڻ چاھيون ٿا ۽ پنھنجي
عوام جي بھترين تعمير ڪرڻ چاھيون ٿا ۽ اسان جي خواھش آھي ته اسان جا آئنده نسل
عزت، اطمينان ۽ خوشحالي جي زندگي گذارين.“
دراصل ڀٽو صاحب
تاريخ جي وسيع مطالعي، سياسي شعور ۽ عالمي سياست کان واقفيت سبب منفرد فڪر جو اڳواڻ
ھو. عالمي طاقتن جي چالبازين ۽ آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن خاص ڪري اسلامي دنيا کي اقتصادي
غلامي ۾ جڪڙڻ جي منصوبابندي کان باخبر ھو، کيس اھا ڄاڻ ھئي ته عالمي طاقتون ٻين ملڪن
تي روايتي انداز ۾ قبضو ڪرڻ جي بجاءِ ٻين طريقن سان جديد نو آبادياتي نظام قائم ڪرڻ
چاھين ٿيون. ترقي يافته ملڪن ۾ حالتن مطابق پنھنجون پاليسيون تبديل ڪري ڪڏھن فوجي
آمرن جي سرپرستي ته وري ڪڏھن اطاعت گذار بادشاھن ۽ مطيع ۽ فرمانبردار سياستدانن جي
حڪومتن جو ساٿ ڏيڻ عالمي طاقتن جي پاليسين جو اھم عنصر رھيو آھي. ذوالفقار علي ڀٽو
ھميشه رنگ، نسل ۽ علاقائيت کان مٿانھون ٿي سوچيو. ھن غريب ۽ مظلوم عوام کي حق ڏيارڻ
لاءِ جدوجھد ڪئي. ھو دنيا جي مظلوم عوام جو حامي ھو. ھن واضح لفظن ۾ چيو ته ”آئون
رنگ، نسل ۽ علائقيت جو قائل نه آھيان، آئون انگريزن جي ان فرسوده فلسفي جو انڪاري
آھيان ته رنگ، نسل ۽ علائقي جي بنياد تي ڪا قوم وڏي يا ننڍي ٿئي ٿي يا بزدل يا
بھادر ٿئي ٿي. منھنجي ويجھو سمورا انسان برابر آھن، کڻي ڪو ڪارو آفريقي ھجي يا
چيني، جاپاني، ننڍو ويٽ نامي يا ڊگھو آمريڪي، اھا سوچ منھنجي زندگي جو نظريو آھي.
اوھين مون کي سنڌي غير سنڌي جي بنيادن تي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪريو. اوھين اڃا ريگستان جي عوام کان ناواقف آھيو.
اوھان کي حق نٿو پھچي ته اوھان سنڌ جي عوام کي بزدل چئو.“ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سڄي
زندگي دنيا جي پست قومن ۽ پٺتي پيل عوام لاءِ جدوجھد ڪئي. ھو رنگ ۽ نسل جو قائل ڪونه
ھو، ھميشه پنھنجي نظرين جو بنا خوف اظھار ڪندو ھو. سندس چوڻ ھو ته ”آئون پنھنجن
خيالن ۽ نظرين کي چند ڏينھن جي اقتدار لاءِ قربان نٿو ڪري سگھان. اقتدار اچڻي وڃڻي
شيءِ آھي، اقتدار سدائين ڪنھن وٽ نه رھيو آھي، سڪندر، فرعون، چنگيز خان ۽ ھٽلر جھڙن
حڪمرانن جو اقتدار ختم ٿي ويو. جيڪا شيءِ ھميشه رھي ٿي ۽ جيڪا شيءِ غير فاني آھي،
اھا ھيءَ آھي ته ڪنهن ڇا ڪيو، ڪنھن عوام جي خدمت ڪئي، ڪنھن عدل انصاف ڪيو، ڪنھن
قوم پرستي ڪئي، ڪنھن پنھنجو سڀ ڪجھه عوام لاءِ قربان ڪيو؟ تاريخ ڪڏھن به ڪنھن ظالم
کي خراج تحسين پيش نٿي ڪري ۽ نه ڪنھن مظلوم ۽ انسانيت دوست جي قرباني کي نظرانداز ڪري
ٿي.“
ذوالفقار علي ڀٽو
پاڪستان جو پھريون وزيرخارجه ھو، جنھن آزاد خارجه پاليسي جو بنياد رکيو. انھيءَ ڪري
کيس آزاد خارجه پاليسي جو معمار چيو وڃي ٿو. پاڪستان کي دنيا جي عظيم طاقت چين جي
ويجھو آڻڻ ۾ به ڀٽو صاحب تاريخي ڪردار ادا ڪيو. انھيءَ سان گڏوگڏ ذوالفقار علي ڀٽو
آفريقي ۽ ايشيائي استحڪام لاءِ جدوجھد ڪئي. عالمِ اسلام کي متحد ڪرڻ لاءِ اسلامي
ملڪن جي اڳواڻن، سربراھن ۽ وزيراعظمن جو ميڙ ۱۹۷۴ع ۾ لاھور ۾ ڪوٺايو. انھن سڀني ڳالھين کان
سندس اھم ڪارنامو اھو آھي ته ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ لاءِ ڊاڪٽر
عبدالقدير خان کي پاڪستان آڻي پورا وسيلا استعمال ڪيا ۽ انھيءَ عزم جو اظھار ڪيو
ته چاھي اسان کي گاھه کائڻو پوي پر پاڪستان ايٽمي طاقت ضرور بڻبو. اڄ ذوالفقار علي
ڀٽو جو خواب حقيقت بڻجي چڪو آھي ۽ ھاڻي پاڪستان دنيا جي ستين ۽ عالم اسلام جي
پھرين ايٽمي طاقت بڻجي چڪو آھي. خدا جي فضل سان ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي
دورانديشي سبب اڄ پاڪستان پنھنجي دفاع ڪرڻ جي قابل بڻجي چڪو آھي ۽ ھاڻي دشمن کي پاڪستان
تي حملي ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي ۽ جيڪڏھن دشمن حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ناڪامي ۽
رسوائي کان سواءِ ٻيو ڪجھه به حاصل نه ٿيندو. اڄ به وزيراعظم عمران خان جي حڪومت،
سڀ سياسي پاررٽيون ۽ افواج پاڪستان دشمن خلاف متحد آھن. انشاءَ الله جيڪڏھن ٻيھر ڀارت
پاڪستان تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته افواج پاڪستان ھر وقت جواب ڏيڻ لاءِ چوڪس ۽ ھر
قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھي.
(ليکڪ سابق سفارتڪار
۽ سابق ڊائريڪٽر قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي آھي)
قائدِ عوام شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو
يومِ شهادت جي حوالي سان
گل محمد جکراڻي
سينئر
اڄ دنيا جي عظيم اڳواڻ
۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ۴۰ هون يومِ شهادت ڳڙهي خدا بخش ۾ ملهايو پيو
وڃي پر هن دفعي لڳي ٿو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ شهيد ڀٽي جو شهادت جو ڏهاڙو ڪجهه مختلف
انداز سان ملهايو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته نيب جهڙي نموني سان پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو
زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جا ڪيس ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪري هڪ
جنگ جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن
سابق صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو نيب آڏو پيش ٿيڻ لاءِ پهتا ته پارٽي جا ڪارڪن
۽ جيالا پنهنجي قيادت سان اظهار يڪجهتي لاءِ وڏي انگ موجود هئا پر افسوس جهڙي ڳالهه
آهي ته تبديلي سرڪار جي آشير واد سان اسلام آباد جي پوليس پ پ ڪارڪنن ۽ منتخب
نمائندن مٿان لاٺي چارج ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو،
اهڙي طرح سڄو علائقو ميدانِ جنگ ۾ تبديل ٿي ويو. هي ته هيو پ پ جيالن جو ننڍڙو ٽريلر،
باقي لڳي ٿو ته اصل فلم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي بعد شروع ٿيڻ واري آهي.
بهرحال اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي ۽ شهادت جو ڏهاڙو آهي، اچو ته شهيد ڀٽي
جي شخصيت ۽ ان جي سياسي زندگي جو جائزو وٺون.
۱۹۷۱ع ۾ پاڪستان ٽٽي چڪو هو، باقي بچيل پاڪستان جو اقتدار ڀٽو صاحب جي حوالي ڪيو
ويو هو، ذوالفقار علي ڀٽو جو دور هنگامن ۽ بحرانن سان ڀريل رهيو، شهيد ڀٽو جو دور
طويل داستان سان ڀريل آهي، جنهن کي هڪ آرٽيڪل ۾ بند نٿو ڪري سگهجي، ڀٽو ان وقت
اقتدار سنڀاليو، جڏهن پاڪستاني قوم پنهنجي تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيو هو،
پاڪستان جو وجود چڪنا چور ٿي ويو هو، انهن حالتن ۾ هڪ اميد جو ڪرڻو جيڪڏهن بچيل هو
ته اهو فقط ذوالفقار علي ڀٽو هيو، فوج جو مورال ختم ٿي چڪو هو، ان وقت قوم جون
نظرون ذوالفقار علي ڀٽو ۾ ڄميل هيون، جيڪو هڪ مسيحا جي روپ ۾ سامهون اچي چڪو هو،
ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي اميدن مطابق اقتدار سنڀاليو، ڀٽي اقتدار سنڀاليندي ئي پرڏيهي
پاليسي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو، ڀٽو صاحب جي سياسي بصيرت جي ڪري عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي
وڃايل ساک ۽ حيثيت ٻيهر بحال ٿي وئي، چين ۽ لبيا کان علاوه عرب ملڪ پاڪستان جا
دوست ٿي ويا، اها ڳالهه هڪ معجزي کان گهٽ نه هو. هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي، ۱۹۶۰ ۽ ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ هن دنيا ۾ ڪيترائي اهم اڳواڻ پيدا ٿيا،
انهن ۾ سعودي عرب جو شاهه فيصل، شام جو صدر حافظ الاسد، ايران جو امام خميني، مصر
جو جمال عبدالناصر ۽ انور سادات، اردن جو شاهه حسين، آمريڪا جو صدر جان ايف ڪينيڊي،
ڏکڻ آفريڪا جو نيلسن منڊيلا، انڊونيشيا جو سئيڪارنو، پي ايل او جو ياسر عرفات،
لبيا جو ڪرنل قذافي، هندوستان جو مسز اندرا گانڌي، برطانيا جو مارگريٽ ٿيچر
ملائيشيا جو مهاتير محمد ۽ الجزائر جو صدر ابو محي الدين عرف بومدين شامل آهن پر
سياسي تاريخدانن جو خيال آهي ته پاڪستان جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي ڏهن ملڪن
۽ ايشيا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو ليڊر هو، ڀٽو صاحب بيشمار صلاحيتن جو مالڪ هو، هن جي
يادداشت تمام تيز ۽ حيران ڪندڙ هو، هو ٽيبل ٽاڪ جو وڏو ماهر هو، مخالفن کي مذاڪرات
جي دوران شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ ۽ عوامي جلسن ۾ عوام جي دلين کي کٽيندڙ ليڊر
هو۔ ذوالفقار علي ڀٽو بي انتها حاضر دماغ ۽ حاضر جواب به هيو، هن جي حاضر دماغي جا
۲ مثال پيش ڪريان ٿو، ۱۹۶۳ع ۾ جڏهن ڀٽو پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ آمريڪا جي دوري تي
ويو، اتي هن جي ملاقات ان وقت جي صدر جان ايف ڪينيڊي سان ٿي، صدر ڪينيڊي ڀٽو صاحب
جي ذهانت کان ڏاڍو متاثر هو، صدر ڪينيڊي ڳالهين دوران ڀٽو صاحب کي چيو ته ”مسٽر ڀٽو
جيڪڏهن اوهان امريڪن شهري هجو ها ته اوهان يقينن آمريڪا جا وزير هجو ها“ ان تي ڀٽي
فوري جواب ڏيندي چيو ته ”مسٽر پريزيڊنٽ جيڪڏهن مان آمريڪا جو شهري هجان ها ته مان
آمريڪا جو وزير نه پر آمريڪا جو صدر هجان ها“ صدر ڪينيڊي وري ڀٽو صاحب کي مخاطب ٿيندي
چيو ته ”مسٽر ڀٽو اوهان کي خبر آهي ته اوهان دنيا جي پاور هيڊ ڪوارٽر وائيٽ هائوس
۾ بيٺا آهيو؟“ ڀٽو صاحب چيو ”ها مون کي خبر آهي اڄ دنيا جو پاور هيڊ ڪوارٽر وائيٽ
هائوس منهنجي قدمن جي هيٺان آهي.“ بهرحال شهيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو عظيم ۽
بهادر اڳواڻ هيو. هن کي پنهجا ويجها دوست مشورو ڏيندا هئا ته ”اوهان آمريڪا سان ٽڪر
نه کائو ڇاڪاڻ ته امريڪن انتقام وٺڻ واري معاملي ۾ وڏا سنگدل آهن، ان کان علاوه
سرمائيدارن جي خلاف به نه ڳالهايو، دنيا جو تاجر ۽ سرمائيدار طبقو اوهان جو دشمن ٿي
ويندو، مذهبي جماعتن خلاف به نه ڳالهايو ۽ فوج کي به بيرڪن تائين محدود نه ڪريو، ٻي
صورت ۾ فوج ۽ مذهبي جماعتون اوهان جو گهيراءُ تنگ ڪري ڇڏيندا، ان ڪري ڪجهه نرمي ڪيو
ته جيئن سسٽم هلندو رهي، ان تي ڀٽو صاحب جواب ۾ چوندو هو ته ”منهنجي به دل چوي ٿي
ته مان مصلحت ڪريان پر ڇا ڪريان جڏهن مان لاڙڪاڻي، لاهور، پشاور ۽ بلوچستان جي شهر
نوشڪي يا ٻين پٺتي پيل علائقن جي غريب هارين ۽ مزدورن جي حالتن کي ڏسندو آهيان ته
مان بيوس ٿي ويندو آهيان ۽ مان پاڻ کان سوال ڪندو آهيان ته ڇا ذوالفقار تون به
مصلحت کان ڪم وٺندين ته پوءِ هن غريب ۽ بي سهارا قوم جي تقدير ڪير تبديل ڪندو؟“
اڄ شهيد ڀٽي جو ۴۰هون يومِ شهادت آهي، ان ڪري شهيد ڀٽو جي
زندگي ۽ ڪارنامن تي روشني وجهڻ تمام ضروري آهي، ذوالفقار ڀٽو خلاف سازشن جو سلسلو
ان وقت شروع ٿيو، جڏهن ۱۹۷۶ع ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر پاڪستان جي دوري تي آيو هو، هينري ڪسنجر
ڀٽو صاحب سان ملاقات دوران پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو،
ڀٽو صاحب امريڪي وزير کي کتو جواب ڏنو۔ جڏهن هينري ڪسنجر واپسي مهل جهاز تي سوار ٿي
رهيو هو ته هن ڀٽي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”جڏهن ريل سامهون اچي وڃي ته عقلمند
ماڻهو پٽڙي کان هٽي ويندو آهي پر توهان ياد رکو اسان توهان کي نشانِ عبرت بڻائينداسين.“
بهرحال ڀٽو صاحب پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو، اصل ۾ ان ئي ڏينهن ڀٽو صاحب کي ختم ڪرڻ
جو فيصلو ٿي چڪو هو۔ جڏهن ۷ مارچ ۱۹۷۷ تي ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ اندر چونڊون ڪرايون، ان وقت
جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽِي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، پر مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ۰۹ جماعتن تي ٻڌل پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلين
جا الزام مڙهي نتيجن کي تسليم نه ڪيو، اهڙي طرح قومي اتحاد عرف نوستاري سان تعلق
رکندڙ جماعتن ڌانڌلين جا الزام هڻي ذوالفقار علي ڀٽو جي منتخب حڪومت خلاف احتجاجي
تحريڪ شروع ڪري ڏني، ان احتجاج ڪري ملڪ اندر هنگامن ُوارو دور شروع ٿي ويو، اهڙن
حالتن جي باوجود به ذوالفقار علي ڀُٽي مخالف ڌر سان مذاڪرات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،
ذوالفقار علي ڀُٽِي جي سياسي بصيرت ۽ تدبر جي ڪري قومي اتحاد جا اڳواڻ مذاڪرات
لاءِ پڻ راضي ٿيا، قومي اتحاد جي اڳواڻن کي ٽيبل تي آڻي ذوالفقار علي ڀُٽِي هڪ اهم
ڪارنامو سرانجام ڏنو ڳالهين جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽِي جي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ
۾ ملڪ اندر نئين سر چونڊون ڪرائڻ لاءِ اتفاق ٿي ويو هو، ۰۴ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ معاهدي جو ڊرافٽ به
تيار ڪيو ويو هو، پر بدقسمتي سان ان وقت جي فوجي سربراهه جنرل ضياءُ جيڪو اڳواٽ ئي
سامراجي قُووتن سان ملي چڪو هو ۽ هن اقتدار تي قبضي لاءِ منصوبو جوڙي ڇڏيو هو،
جنرل ضياءُ الحق پنهنجي سازشي منصوبي تحت اقتدار تي قبضي لاءِ ۰۵ جولائي ۱۹۷۷ تي رات جي اونداهي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي
چونڊيل ۽ جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر مارشل لاءِ نافذ ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح ملڪ
جي چونڊيل وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀُٽو کي گرفتار ڪري
پنجاب جي شهر ڪوهه مري ۾ نظربند ڪيو ويو، جنرل ضياءُ الحق ۱۹۷۳ع جي آئين کي معطل ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح ۰۵ جولائي۱۹۷۷ع تي ملڪ اندر وري ٻيهر آمريت جو دورشروع ٿي
ويو، هي آمريت ملڪ جو سڀ کان طويل ترين آمريتي دور هو، جنرل ضياءُ رات جي اونداهي
۾ هڪ ڌاڙيل ۽ رهزن جيان واردات ڪري چونڊيل جمهوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لاءِ هڻي
پاڪستان کي هڪ ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، جنرل ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀُٽو سان ذاتي
دشمني ۾ ايترو ته انڌو ٿي ويو هو جو هن ڀُٽِي کي جسماني طور تي ختم ڪرڻ جو پڪو
ارادو ڪري ڇڏيو هو ۽ اڄوڪي ڏهاڙي تي ان وقت جي ججن، جنرلن ۽ سامراجي قوتن جي ڳٺ جوڙ
سان قائدِ عوام ذوالفقار علي ڀُٽو کي عدالت ذريعي قتل ڪري شهيد ڪيو ويو.
دنيا جو عظيم اڳواڻ
ذوالفقار علي ڀُٽو، جنهن ۰۵ جنوري ۱۹۲۸ تي هن دنيا ۾ سر شاهنواز ڀٽو جي گهر ۾ اک کولي، قائد
عوام ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي عملي سياسي زندگي جو آغاز صدرِ پاڪستان سڪندر مرزا
جي دور ۾ شروع ڪيو هو، ذوالفقار علي ڀُٽِي ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۵۷ تي اقوامِ متحده ۾ عالمي امن جي اهميت تي هڪ پرجوش ۽
بامقصد تقرير ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا کي متاثر ڪري ڇڏيو هو، ڪجهه عرصي بعد هڪ ڀيرو
ٻيهر ذوالفقار علي ڀُٽِي کي اقوامِ متحده ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو اعزاز
مليو، اهڙي طرح ذوالفقار علي ڀُٽو نه صرف پاڪستان بلڪه پوري دنيا اندر مشهوري ماڻي
ورتي، سڪندر مرزا جي حڪومت ختم ٿيڻ کان بعد جڏهن جنرل ايوب خان اقتدار ۾ آيو ته هن
به ذوالفقار علي ڀُٽو جي قابليت ۽ سياسي تدبر کان متاثر ٿي کيس درخواست ڪئي ته هو
ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خدمت لاءِ سندس ڪابينا ۾ شامل ٿئي، قائد عوام ذوالفقارعلي ڀُٽِي
عوام جي خدمت خاطر ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ جنرل ايوب خان جي درخواست کي قبول ڪندي
وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿي ويو، محمد علي بوگره جي وفات بعد ڀُٽو کي ملڪ پرڏيهي وزير
مقرر ڪيو ويو، هو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۶ع تائين پرڏيهي وزير جي عهدي تي فائز رهيو، ڀُٽي ڪشمير جي مسئلي تي جنرل
ايوب خان سان اختلاف ڪندي ۱۹۶۶ع ۾ وزارت تان مستعفي ٿي ايوب ڪابينا کان الڳ ٿي ويو، اهڙي
طرح هن ايوبي آمريت کي پِڻ للڪاريو، ذوالفقار علي ڀُٽو ايوب ڪابينا کان ڌار ٿيڻ
کان بعد هڪ مختصر عرصي اندر عوام جي حقن ۽ ايوبي آمريت جي خاتمي لاءِ ۱۹۶۷ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو،
ذوالفقار علي ڀٽو جي مسلسل سياسي جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت جي ڪري نيٺ جنرل ايوب خان
اقتدار کان الڳ ٿي ويو.
اڄ شهيد ڀٽو جسماني
طور تي گڏ نه آهي پر پاڪستان توڙي عالمي دنيا جي مظلوم ۽ غريب عوام جي دلين تي راڄ
ڪري رهيو آهي، هڪ ڳالهه بلڪل واضح آهي ته پيپلزپارٽي اڄ به ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي
آهي، ان ڪري پيپلزپارٽي جي موجوده قيادت خاص ڪري چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري ۽ شريڪ
چيئرمين آصف علي زرداري کي گهرجي ته شهيد ڀُٽِي جي سياسي فڪر مطابق پيپلزپارٽي کي
مضبوط ڪرڻ لاءِ پارٽي جي قرباني ڏيندڙ ورڪرن کي عزت ۽ جائز مقام ڏنو وڃي ۽ عوام
سان رابطا مهم شروع ڪري ڏين، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اڄ به سياست جو محور شهيد ڀُٽو جي
حامي ۽ شهيد ڀُٽو جو مخالف گروپن ۾ ورهايل آهي ان ڪري پيپلزپارٽي کي مضبوط ڪرڻ
لاءِ سينئر ۽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪنن کي جائز مقام ڏيڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته
موجوده حالتن ۾ لڳي ٿو مستقبل ۾ پارٽي تي ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي، ڏکي وقت ۾ پارٽي
جا پراڻا ۽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪن ”نيب ۽ نيازي“ جي ڳٺ جوڙ کي منهن ڏيئي سگهن ٿا.
(نوٽ: ليکڪ
پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي)
ذوالفقار
علي ڀٽو
قائد عوام
[ ۱۹۲۸ع – ۱۹۷۹ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
لاڙڪاڻو، سنڌ جو مکيه شهر آهي.
سياسي ۽ ادبي اعتبار کان سڄيءَ سنڌي ۾ لاڙڪاڻي کي فوقيت حاصل آهي. سياسي لحاظ کان
به سنڌ جي آئينده جو فيصلو ڪنهن زماني کان هن شهر ۾ ئي ٿيندو رهيو آهي؛ ۽ لاڙڪاڻي
جي سياستدانن کي سنڌ جي سڀني سياستدانن تي فوقيت حاصل رهندي آئي آهي. سنڌ جا وڏا
وزير يا وزير هر دؤر ۾ لاڙڪاڻي مان ئي مڙئي ٿيندا رهيا آهن. ڪو به اهڙو دؤر نه رهيو آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جو ڪو ماڻهو
وزير نه ٿيو آهي.
پاڪستان تي جڏهن آمريت مسلط ٿي
هئي، ته اُن کي هٽائڻ لاءِ سڀ راهون بند ٿيل هيون، تڏهن هڪ عظيم سياسي هستي
لاڙڪاڻي مان ئي اُٿي کڙي ٿي هئي؛ جنهن آمريت جي خلاف عوامي جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي.
اُهو عظيم سياسي رهنماءُ، فخر ايشيا، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي شخصيت هئي؛
جنهن آمريت جي بت کي ڀڃي پورا ڀورا ڪندي ”عوامي حڪومت“ کي وجود ۾ آندو هو. هيءَ هڪ
اُها عظيم شخصيت هئي؛ جنهن ۱۹۷۱ع جي
”پاڪ-هند-جنگ“ کانپوءِ ”پاڪستان“ جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائي ورتو
هو، نه فقط ايترو، پر پاڪستان جي تباهه حال معيشت کي پڻ پنهنجي ذاتي صلاحيتن وسيلي
مستحڪم بڻايو هو. اُن سان گڏوگڏ بين الاقوامي حيثيت سان پاڪستان کي پروقار
بڻايائين. لاڙڪاڻي کي سندس ذات تي سدائين فخر رهندو.
جناب ذوالفقار علي ولد شاهنواز
خان ڀٽو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ رتيديري تعلقي جي ڳوٺ خدا بخش ڀٽي ۾ ۱۴ شعبان ۱۳۴۷هه مطابق ۵ جنوري سنه ۱۹۲۸ع تي تولد ٿيو. ننڍپڻ
کان ئي نهايت ذهين هو. ستت ئي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم اي (سياست) ۾ پاس ڪري،
ڪجهه وقت لاءِ اُتي ئي ليڪچراريءَ جي عهدي تي فائز رهيو؛ پوءِ لنڊن مان بئريسٽريءَ
جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪري، ۱۹۵۶ع ۾ پاڪستان واپس وريو. اُن کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ قانون واري ڪاليج اندر
ليڪچرار به ٿي ڪم ڪيائين؛ جتان ۱۸ مئي ۱۹۵۸ع تي سياست جي ميدان ۾ ايندي، وزير تجارت بڻيو.
۲۷
آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي، جڏهن ايوب خان ڏاڍائيءَ
سان سڪندر مرزا کي زوريءَ لاهي پاڻ صدر بڻيو، تڏهن به ڀٽو صاحب وزير جي عهدي تي
فائز رهيو. ۱۹۶۳ع تائين سندس فوليا بدلجندا
رهيا. ساڳئي ئي سال جڏهن محمد علي بوگره وفات ڪئي، ته سندس جاءِ تي ڀٽي صاحب کي
وزير خارجه مقرر ڪيو ويو؛ جنهن عهدي تي پاڻ جون ۱۹۶۶ع تائين نهايت ديانتداريءَ سان ڪم ڪندو رهيو.
هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪا
۱۹۶۵ع ۾ جنگ لڳي هئي، تنهن لاءِ ڀٽو
صاحب آمريڪا ڏانهن ”اقوام متحده“ ۾ هن سوال کي پيش ڪرڻ لاءِ ويو؛ جتي هن مرد مجاهد
اهڙي ته جوشيلي تقرير ڪئي، جنهن تمام ملڪن جي ميمبرن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون.
جنگ بعد ايوب خان کيس حڪومت کان علحده ڪري ڇڏيو. پوءِ جناب ڀٽي صاحب ”پاڪستان
پيپلس پارٽي“ جي نالي سان پنهنجي هڪ علحده سياسي جماعت جوڙي؛ جنهن ۱۹۷۰ع ۾ وڏي اڪثري سان اليڪشن کٽي ورتي.
۱۹۷۱ع واري
ٻي پاڪ-ڀارت لڙائي ختم ٿيڻ تي، اُن وقت
جي صدر يحيٰ خان (وفات ۸–۸–۱۹۸۰ع) صدارت جون واڳون سندس حوالي
ڪيون. اوڀر بنگال کي ”اوڀر پاڪستان“ به سڏبو هو، جيڪو ۱۹۷۱ع ۾ پاڪ- هند جنگ ۾ اسان کان علحده ٿي، آزاد مملڪت ”بنگله ديش“ بڻجي ويو. پاڻ ۴
جولاءِ سنه ۱۹۷۷ع تائين آئيني طرح سان پاڪستان
جو وزيراعظم رهيو. سندس دؤرِ حڪومت
۾ ”پاڪستان“ ترقيءَ جي راه تي گامزن ٿيندو رهيو. ۴ جولاءِ ۱۹۷۹ع تي وفات ڪيائين؛ کيس اَباڻي قبرستان (نئون ديرو) ۾ جاءِ ڏني وئي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
استاد لغاري
ذوالفقارعلي ڀٽو
ولد سر شاهنواز ڀٽو، ۰۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي، سنڌ جي مشهور شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو ۽ ۰۴ اپريل ۱۹۷۹ع جي رات جو ۱۲ وڳي شهيد ٿي ويو. سندس ڪل ٽوٽل عمر ۵۱ سال ٿي. تحت الشعور جي کاڻ کوٽيندي، مون کي
ياد اچي ٿو، ته ذوالفقارعلي ڀٽو صاحب، سال ۱۹۶۵ع ۾، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي ڪيبنٽ ۾ وزيرِ خارجه
هيو. جنهن پاڪ ڀارت جنگ دوران، اقوامِ متحده ۾ زوردار تقريرون ڪيون، جنهن جي نتيجي
۾، روس جي شهر تاشقند ۾ هندوستان جي وزيرِاعظم لال بهادر شاستري ۽ ايوب خان جي وچ
۾، جنگ بنديءَ تي اتفاق ٿيو ۽ لڙائيءَ بند ٿي ويئي.
۱۹۶۸ع ۾، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌائين ۽ ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ۾، اولھ پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ
سيٽون کٽيائين. اوڀر پاڪستان ۽ اولھ پاڪستان ۾، شيخ مجيب الرحمٰن مجموعي طور تي، سڀ
کان وڌيڪ سيٽون کٽيون، پر کيس اقتدار نه ڏنو ويو. نتيجي ۾ بنگال ٽُٽي ويو ۽ باقي
بچيل پاڪستان جو وزيرِ اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي بنايو ويو. جنهن ايندي
شرط هندوستان جي قبضي هيٺ آيل، اولھ پاڪستان جا علائقا ۽ ۹۳ ھزار پاڪستاني جنگي قيدي آزاد ڪرائي، باقي
بچيل پاڪستان کي، ترقيءَ جي روشن راھ تي وٺي ھليو.
پاڪستان ۾ موجود
رجعت پرست قوتن کي، ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي روشن خيالي پسند نه آئي ۽ ھوڏانهن ڀٽي
صاحب پاڻ به، ملڪ جي قوم پرست پارٽين ۽ اڳواڻن کي ڪچلڻ شروع ڪري ڇڏيو، جنهن جي
نتيجي ۾، ملڪ انتشار جو شڪار ٿيڻ لڳو. ان وچ ۾، ڀٽي صاحب پنهنجي پاڻ کي مستحڪم ۽
مضبوط بنائڻ جي خيال سان، ڏهن سينيئر جنرلن جي سينارٽي ختم ڪري، هڪ بنھ جونيئر
جنرل کي پنهنجو وفادار ۽ ايماندار سمجھي، چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو، جنهن جو
نالو هيو جنرل ضياءُالحق. ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي انهيءَ عظيم احسان ۽ اعليٰ رتبي
تي آڻڻ جي بدلي ۾، ضياءُالحق ۰۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع جي رات جو، سندس تختو اونڌو ڪري، اقتدار تي قبضو ڪري
ورتو. پر ضياءُالحق اڃان اتي بس ڪو نه ڪئي، هن جي من ۾، اڃان ڪا ٻي رٿ رٿيل هئي،
جيڪا ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي خلاف، قتل جي ڪُوڙي ڪيس جي صورت ۾ ظاهر ٿي. لاهور
هاءِ ڪورٽ، مولوي مشتاق جي اڳواڻيءَ ۾، انتهائيءَ اُجلت ۾ سزاءِ موت جو فيصلو ٻُڌايو.
ڀٽو صاحب فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ويو، ليڪن سپريم ڪورٽ، ايس انوارالحق جي اڳواڻيءَ
۾، انتهائي مختصر مدت ۾، سندس اپيل نامنظور ڪري ڇڏي. ڀٽي صاحب کي لاهور ڊسٽرڪ جيل
مان کڻي، راولپنڊي ڊسٽرڪ جيل منتقل ڪيو ويو. جتي سندس خانگي ڪپڙا لهرائي، قيدين
وارا ڪپڙا پارايا ويا. هاڻي پوري دنيا کي پڪ ٿي ويئي، ته ڀٽو صاحب وڃڻ وارو آهي.
مون کي ياد آهي، ته پوري دنيا سان گڏ، آمريڪا، انڊيا، اسرائيل ۽ اقوامِ متحده به
رحم جون اپيلون ڪيون، ليڪن ضياءُالحق چيو، “وُهي ھوگا، جو عدالت ڪهيگي”. عدالت ته
پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪي هئي.
مون کي چڱي ۽ چٽيءَ
طرح سان ياد آهي اها رات، جڏهن بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي
(جيڪي ان وقت جيل ۾ بند هيون) رات جو آخري ملاقات لاءِ آندو ويو. اڌ ڪلاڪ جي
ملاقات کان پوءِ، انهن کي واپس روانو ڪيو ويو. ان کان فورن پوءِ، چار ڄڻا ڀٽي صاحب
وٽ آيا، جن آخري وصيت نامي تي اچي صحيح ورتي. سندس ڳچيءَ جي ماپ ورتائون ۽ وزن به ڪيائون،
ته ڪيترو ٿلهو رسو هن لاءِ ڪافي ٿيندو. ان کان پوءِ کيس مطمئن ڪرڻ جي لاءِ چيائون:
“ڀٽا صاحب! اسين تنهنجا سڀ کان وڏا سڄڻ ۽ خيرخواھ آهيون. انڊيا، اسرائيل يا آمريڪا
کي ڪا به طاقت ناهي، جو اهي تنهنجو وار به ونگو ڪري سگھن، يا تو کي ڪو نقصان
پهچائي سگھن. اسان کي خوف آهي، ته متان ڪو ٻيو اندروني دشمن حملو ڪري، توکي ڇڏائي
وڃي ۽ پوءِ توسان ناانصافي ٿئي، ان ڪري تون جلدي جلدي غسل ڪري وٺ، جو توکي ٿورڙي
دير کان پوءِ، ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندو”.
ھاءِ افسوس! اسان
پنهنجن ھٿن سان، عالمِ اسلام کي ڪهڙيءَ ريت مضبوط ڪري رهيا آهيون؟
منصور کي ڦاسي،
انوارالسادات کي گولي.
عدنان ميندرس کي ڦاسي،
شاھ فيصل کي گولي.
سُورهيه بادشاھ کي ڦاسي،
لياقت علي خان کي گولي.
ذوالفقارعلي ڀٽي کي
ڦاسي، شيخ مجيب الرحمٰن کي گولي.
صدام حسين کي ڦاسي،
شهيد راڻيءَ کي گولي.
ڊاڪٽر نجيب الله کي
ڦاسي، ڪرنل قذافي کي گولي.
ياسر عرفات کي زھر،
رفيق ھريري کي گولي.
دارا شڪوھ، سرمد ۽
صوفي شاھ عنايت کي تلوارون.
ڇا رڳو ڦاسيون،
گوليون ۽ تلوارون ئي عالمِ اسلام جي مضبوطيءَ جون ضامن آهن؟ رحم دلي، سلامتي ۽
مهربانيءَ جو عالمِ اسلام سان ڪوئي تعلق ڪونهي؟ نورالهديٰ شاھ هڪ هنڌ لکي ٿي، “ھر
دور ۾ هڪ حُسين ھوندو آهي ۽ هڪ يزيد. حق ۽ ناحق جي جنگ ۾، حُسين ھميشه شهادت جو
رتبو ماڻي سُرخرو ٿيندو آهي ۽ يذيد سدائين ديوارن سان سر ٽڪرائيندو رهندو آهي”.
راولپنڊي جيل جو
سابق سيڪورٽي سپرنٽنڊنٽ ڪرنل رفيع الدين پنهنجي ڪتاب “ڀٽي جا آخري ۳۲۳ ڏينهن ۾ لکي ٿو، ته “۰۴ اپريل ۱۹۷۹ع جي رات جو ۱۲ وڳي، چار ڄڻا (جلاد) مسٽر ڀٽي صاحب وٽ آيا ۽ سندس
کولِيءَ کي کوليائون. کيس چيائون، “ڀٽا صاحب! تون ڦاسيءَ گھاٽ تائين پيدل ھلندين
يا اسان توکي کڻي ھلون؟” ڀٽي صاحب جو چهرو بلڪل زرد ۽ پيلو ٿي ويو ۽ ھُو زبان مان
هڪ لفظ به ڪڇي ڪو نه سگھيو. پوءِ ڀٽي صاحب جون ٻيئي ٻانهون پٺيان کان ورائي، زور
سان ڇڪي ٻَڌائون. کيس ٽنگا ٽولِيءَ ڪري، اسٽريچر تي ليٽائي، تڙ تڪڙ ۾ ڦاسيءَ گھاٽ
تي پهتا، جتي تارا مسيح نالي هڪ جلاد اڳيئي موجود ھيو. اتي ڀٽي صاحب جا ٻيئي پير ڇڪي
ٻَڌائون ۽ جلاد کي چيائون “اسي في الفور ڦانسي لگا دو”. جلاد ڦاسيءَ جو گھوڙو دٻايو
۽ ڀٽو صاحب کوھ ۾ ھليو ويو. آئون ڏاڪڻ تان لهي ھيٺ ويس، ڀٽي صاحب جو جسم جھٽڪي
سببان لُڏي رهيو هو. ڀٽي صاحب جي لُڏندڙ جسم جي آڱر مان، جلاد تارا مسيح سونِي مُنڊِي
لاهي، پنهنجي کيسي ۾ وجھي ڇڏي هئي. اسان پنهنجي پوري پوري ايمانداري ۽ انصاف جي
تقاضائن کي آڏو رکندي، اها مُنڊيءَ واپس ورتي، ته جيئن امانت باسلامت پهچائي
سگھجي، ڇو جو اسان ھن ملڪ جا ماڻهو، بيحد ايماندار ۽ انصاف پسند ٿيندا آهيون”.
چون ٿا، ته ڀٽي
صاحب جي جسد خاڪيءَ جون، ڳجھيون ۽ اعتراض جوڳيون تصويرون به ڪڍيائون. هڪ مُلان ۽
چار پنج ماڻهو ٻيا به موجود هئا، جن جنازي نماز پڙهائي، پوءِ ميت کي کڻي، ڳڙهي
خدابخش ۾ آڻي، راتو رات دفن ڪري ڇڏيائون. اها آهي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي
آخري ڪهاڻي. جيڪا سندس شهادت جي چاليهن سالن کان پوءِ آئون لکي سگھيو آهيان. ان
کان اڳ ۾، مون کي جرئت ۽ ھمت نه ٿيندي هئي، ته آئون ڇا لکان؟ ۽ ڪيئن لکان؟ لکڻ مهل
آئون ڏڪي ويندو هوس، پين ۽ پنو ھٿن مان ڇڏائي ويندا هئا. مون کي ۱۹۷۰ع کان وٺي، ۰۴ اپريل ۱۹۷۹ع تائين، ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي زندگيءَ
جو احوال ۽ ڪهاڻي، لمحه به لمحه ۽ اکر به اکر ياد آهي. آئون سندس يادگيرين تي آڌاريل،
هڪ عدد ناول لکان ته لکي ٿو سگھان.
شيخ اياز هڪ ھنڌ
لکيو ھو: “رات جو پويون پهر آهي، ھُو ڦاسيءَ جي رسيءَ ۾ لڙڪي رهيو آهي. لُريءَ ۾
ھُن جا پير اگھاڙا آهن. پير، جي تخت تان لهي، تختي تائين پهتا آهن ۽ ھاڻي مُڙي ويا
آهن ۽ ڪنهن سوڙهي گھٽيءَ جو رستو ڏيکارن ٿا. مان انهن ٿڌن پيرن تي، پنهنجا ڪوسا ھٿ
رکي سوچيان ٿو، جي مان هن کي جاڳايان، ته ڇا ھو پنهنجو منهن مون کان لڪائيندو؟ هو
جو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، ڇا ھو اهو مڃيندو، ته رڍون ۽ بگھڙ گڏ نه پالبا آهن؟”.
آ بگھڙ جيئن، پر
بگھڙ ناهي،
آدمي نيٺ ڀاءُ ڪنهن
جو آ ؟
ٿو سُڪي ئي نه خُون
خنجر تي،
غور سان ڏِس، ته
گھاءُ ڪنهن جو آ؟
(ڊيلي هلال پاڪستان
جي ٿورن سان. خميس ۰۴ اپريل ۲۰۱۹ ع.)
شهيد ڀٽو جو جنم
ابراهيم لاشاري
لاڙڪاڻي
شهر کي سياسي اعتبار کان سنڌ جي ٻئين شهرن کان وڌيڪ فوقيت رهندي آئي آهي ڇو جو هن
شهر جو سياسي ليڊر يا ڪارڪن ۽ سياستدانن کي پڻ ٻيئن سياستدانن تي فوقيت رهندي آئي
آهي، لاڙڪاڻي شهر کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته وقت به وقت هتان وزيراعظم، وزيراعلي،
۽ وزير لاڙڪاڻو منجهان ئي ٿيندا آيا آهن. هن وقت هي شهر شهيدن جوشهر پڻ سڏجڻ لڳو
آهي ڇو جو هن لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري تعلقي جي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي سياسي
شخصيت جناب سر شاهنواز خان ڀٽو جي گهر منجهه ايشيا جو عظيم عوامي ليڊر جناب ذوالفقار
علي ڀٽو ۱۴ شعبان ۱۳۴۷
هجري مطابق ۵ جنوري
۱۹۲۸ ع خميس ڏينهن پنهنجي زندگي جو
سفر شروع ڪيو، ننڍپڻ کان اعلي ذهانيت جي هن شخص کي والد صاحب سال ۱۹۳۷ع ۾ ڪئيٿڊرل ۽ جان ڪونن هاءِ اسڪول بمبئي ۾ داخل ڪرايو جتان هن ابتدائي
تعليم حاصل ڪري ستت ئي سيپٽمبر ۱۹۴۷ع ڌاري
لاس اينجلس يونيورسٽي آف ڪيليفورينا آمريڪا ۾ داخل ٿيو ۽ تنهن بعد وري برڪلي
يونيورسٽي ڪيليفورينا منجهان هن سياست ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي سال ۱۹۵۲ع ڌاري هن ذهين عوامي رهنما آڪسفورڊ يونيورسٽي مان اصول قانون ۾ ماسٽر جي ڊگري
حاصل ڪئي ۽ هڪ سال بعد سال ۱۹۵۳ع ڌاري
هن ڏاهي انسان بئريسٽري جي سند لنڊن جي (لنڪن ان يونيورسٽي) مان امتيازي حيثيت سان پڻ حاصل ڪري ورتي ذولفقار علي ڀٽو واحد پهريون ايشائي
شخص هئو جنهن کي اهيو اعزاز هو ته انگلستان جي هڪ يونيورسٽي (سائوٿمپٽن) منجهه بين
الاقوامي قانون جو (استاد) ڪري مقرر ڪيو تنهن بعد جناب ذولفقار علي ڀٽو صاحب پنهنجو
وطن پيارو پاڪستان اچي وسايو ۽ مسلم لا ڪاليج ڪراچي ۾ (دستوريات) جي شعبي سان سلهاڙجي
ليڪچرار جو عهدو ماڻيائين ، ان زماني ۾ ذولفقار علي ڀٽو صاحب نوجوانن کي پنهنجي ڏاهپ
۽ علم ڄاڻ جي وسيلي دستوريات جي اصولن کان آگاهه ڪندو ۽ رهنماني ڏيندو رهندو هو ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع ڌاري جڏهن ايوب خان وڏي ڏڍائي سان اسڪندر مرزا کي زوري لاهي صدر پاڻ بڻجي
ويهي رهيو ته ان زماني هي عوام جو سچو ليڊر جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پڻ وزير هو
جنرل ايوب جي صدارت واري زماني ۾ ڀٽو صاحب ڪيترن ئي کاتن جو وفاقي وزير رهندو آيو
پهريان کيس ۱۸ مئي ۱۹۵۸ع تي وزير تجارت جو عهدو مليو هيس بعد ۾ وري ۱۹۶۰ع کان ۱۹۶۲ع تائين اقليتن معاملن، قومي تعمير
۽ اطلاعات جو وزير پڻ رهيو. سال ۱۹۶۲ع ڌاري
وري سندس کي وزير صنعت و قدرتي وسائل ۽ امور ڪشمير پڻ مقرر ٿيو پاڪستان جي ان وقت
وزير خارجه محمد علي بوگرا جي لاڏاڻي بعد هن ذهين شخصيت کي اهو اهم عهدو يعني وزير
خارجه ۲۴ جنوري ۱۹۶۳ع ڌاري منصب تي مقرر ڪيو ويو ڪجهه سالن بعد سال ۱۹۶۵ع ڌاري انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ جنگ لڳي تنهن لاءِ هن عظيم عوامي ليڊر آمريڪا ملڪ منجهه (اقوام متحده) ۾ پهچي
پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان جو موقف اهڙي طرح ته پيش ڪيو جو سڀني ملڪن جيا ميمبرس اچرچ ۾ اچي ويا ڇو جو هن سنڌي سپوت اهڙي ته
جوشيلي انداز ۾ تقرير ڪئي جو سڄو هال تارين سان گونجهي اٿيو ۽ پنهنجي موقت تي مضبوطي
سان دليل پيش ڪيا، ڪن ڳالهين جي ڪري سال ۱۹۶۶ع ۾ (تاشقند معاهدي) بابت ذوالفقار
علي ڀٽو صاحب ۽ صدر ايوب ۾ اصولي اختلافات ٿي پيا انهي ڪري سندس کي انهن اهم عهدي
تان به صدر ايوب هٽائي ڇڏيو. ڪافي عرصو جيل ۾ به ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي گذارڻو
پيو پر پوءِ جلدي ٻين سياسي جماعتن جي زور (دٻاءَ) سبب ايوب گورنمينٽ کيس جيل مان آزاد
ڪيو هن عوامي ليڊر هڪ نئين پارٽي ٺاهڻ لاءِ دوستن سان صلاح مشورا ڪري عوام جي
نمائندا تنظيم ۳۰ نومبر سال ۱۹۶۷ع تي هڪ سياسي پارٽي (پاڪستان پيپلز پارٽي) نالي سان بنياد پنجاب صوبي جي شهر
لاهور ۾ وڌو. سال ۱۹۶۸ع ڌاري هن ايوب خان خلاف تحريڪ
هلائڻ جو اعلان ڪيو. ڀٽو صاحب ماڻهن کي جمهوريت جي واٽ ۽ پنهنجا جموري حق حاصل ڪرڻ
لاءِ ووٽ جي طاقت ۽ اهميت کي به محسوس ڪرايو نيٺ ايوب خان ۲۵ مارچ ۱۹۶۹ع تي اقتدار ڇڏيو پر حڪمت جون
واڳون وري به هڪ فوجي جنرل يحي خان جي حوالي ڪيائين ،يحي خان ڊسمبر ۱۹۷۰ع ڌاري هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي بنياد تي وفاقي پارلياماني نظام تحت قومي اسمبلي
۽ ۲۷ ڊسمبر ۱۹۷۰ع ڌاري وري صوبائي اسمبلي جون چونڊون ڪرايون ، عام چونڊن منجهه اولهه پاڪستان
۾ ڀٽو صاحب ۽ اوڀر پاڪستان منجهه شيخ مجيب الرحمن وڏي عوامي اڪثيريت سان کٽيو انهي
سبب ڪري ٻنهي ۾ اقتدار جي حاصلات لاءِ ڇڪتاڻ ٿي پئي. جنهن بعد اوڀر پاڪستان اسان کان
جدا ٿي ملڪ (بنگلاديش ) بڻجي ويو ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع ڌاري جنرل يحي خان استعيفا ڏئي
ڇڏي جنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو صاحب اولهه پاڪستان جو صدر ۽ پهريون سول چيف مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر جو عهدو سنڀاليو ۽ ۱۰ اپريل
۱۹۷۳ع ڌاري پاڪستان جو دستور پاس ٿيڻ
بعد پاڻ پاڪستان جو وزير اعظم جو عهدي تي ڪم ڪيائين جيڪو ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪندو
رهيو . هن عوامي ليڊر جي دوري حڪومت پاڪستان منجهه سونهري دور طور سمجهو ويندو آهي.
آخر ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع ان زماني جي فوجي سربراهه جنرل ضياءَ الحق اوچتو اڌ رات جو هن عوامي هيري
ليڊر جو تختو اونڌ ڪري پاڻ اقتدار تي قبضو ڪري سڄي ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ڇڏي جناب ذوالفقار
علي ڀٽو صاحب کي نواب محمد احمد قصوري قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾
مٿس ڪيس هلايو ويو. ڪافي عرصو ڪيس هليو مڱر هن عظيم ليڊر کي آزاد نه ڪيو ويو ۽ موت
جي سزا ٻڌائي وئي نيٺ ظالم حڪمران ۴ اپريل
۱۹۷۹ع تي کيس ڦاسي ڏني.
زيڊ اي ڀٽو جو جنم ڏهاڙو ۽ اڄوڪا چئلينجز!
گل محمد جکراڻي
اڄ ۵ جنوري ۲۰۲۰ آھي، هِن ڏينهن تي دنيا جي عظيم اڳواڻ ۽ پاڪستان
پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ۹۲ھون جنم ڏينهن پوري پاڪستان ۾ ملھايو پيو وڃي،
خاص ڪري شھيد ڀٽو جو يوم ولادت ڳڙھي خدا بخش ۾ وڏي جوش ۽ خروش سان ملھايو پيو وڃي
پر ھن دفعي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت لاءِ اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجھ چئلنجز آھن، جن ۾
نيب جي ڪاري قانون کان علاوه آرمي ايڪٽ جي منظوري به پڻ شامل آهي. نيب ۽ نيازي سرڪار
پارٽي قيادت کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ جھڙي نموني سان پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري
۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جا ڪيس ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪري ھڪ جنگ جو
ماحول پيدا ڪيو، بھرحال ان سمورن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي پارٽي کي فيصلو ڪرڻ گھرجي
۽ اصولن تي ڪا به سوديبازي نه گھرجي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ھزارين ڪاڪنن
جي قربانين، شھيد ڀٽو ۽ شھيد بي بي جي فلسفي جو امين آهي، ان ڪري سليڪٽيڊ وزيراعظم
۽ سليڪٽرن جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ڪندو. ھر وقت ملڪي مفادن جو راڳ
آلاپي پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ جو ھي سلسلو ڪيتري عرصي تائين جاري رھندو؟ منهنجي نظر
۾ آمريت جو دروازو ٻيھر کوليو پيو وڃي ۽ جمھوري قوتن کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو،
پارليامينٽ ڪمزور ٿيندي.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو
آمر جنرل ايوب خان جي آمراڻن قدمن ۽ عوامي
حقن جي حاصلات لاءِ اختلاف ڪندي پرڏيهي وزير جي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ۱۹۶۷ ۾ پ پ پ جو بنياد وڌو. شھيد ڀٽي ڪڏهن به
اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، آخري دم تائين سامراجي قوتن سان مقابلو ڪيو، آخرڪار
جنرل ضياءَ جھڙي ظالم ۽ منافق فوجي آمر سان مھاڏو اٽڪائيندي شھادت جو جام نوش ڪيو.
اھڙي طرح شھيد محترمه بينظير ڀٽو به پنهنجي عظيم والد جي نقش قدم تي عمل ڪندي جنرل
ضياءَ ۽ جنرل پرويز مشرف جھڙي آمرن سان مقابلو ڪندي لياقت باغ راولپنڊي دھشتگردن ۽
آمرن کي چئلينج ڪندي شھيد ٿي وئي. اھڙي طرح پ پ جي سوين ڪارڪنن شھادت جو جام نوش ڪيو،
ھزارين ڪارڪنن جيل جون صعوبتون برداشت ڪيا ۽ پنهنجي جسمن تي ڦٽڪا برداشت ڪيا ۽ ڦاسي
جي ڦندي کي چمندي جيئي ڀٽو جا نعرا ھڻي شھيد ڀٽو جي نظريي کي زندھ رکيو آهي. ۱۹۷۱ع ۾ پاڪستان ٽٽي چڪو ھو، باقي بچيل پاڪستان
جو اقتدار ڀٽو صاحب جي حوالي ڪيو ويو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو دور ھنگامن ۽
بحرانن سان ڀريل رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو جو دور طويل داستان سان ڀريل آهي، جنھن کي
ھڪ آرٽيڪل ۾ بند نٿو ڪري سگھجي. ان وقت ڀٽو اقتدار سنڀاليو، جڏھن پاڪستاني قوم
پنهنجي تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهي هئي، پاڪستان جو وجود چڪنا چور ٿي ويو
ھو، ان حالت ۾ هي ملڪ ڪنهن جي ڪري بچيل هو ته اھو فقط ذوالفقار علي ڀٽو ھو. ۱۹۷۱ جي جنگ کان پوءِ فوج جو مورال ختم ٿي چڪو
ھو، ان ڪري ان وقت قوم جون نظرون ذوالفقار علي ڀٽو ۾ هيون، جيڪو ھڪ مسيحا جي روپ ۾
سامھون اچي چڪو ھو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي اميدن مطابق اقتدار سنڀاليو، هن
پرڏيهي پاليسي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو، ڀٽو صاحب جي سياسي بصيرت جي ڪري عالمي دنيا ۾ پاڪستان
جي وڃايل ساک ۽ حيثيت ٻيھر بحال ٿي وئي، چين ۽ لبيا کان علاوه عرب ملڪ پاڪستان جا
دوست ٿي ويا، اھا ڳالھ ھڪ معجزي کان گھٽ نه هئي. ھڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته ۱۹۶۰ ۽ ۱۹۷۰ واري ڏھاڪي ۾ ھن دنيا ۾ ڪيترائي اھم اڳواڻ پيدا ٿيا،
انھن ۾ سعودي عرب جو شاھ فيصل، شام جو صدر حافظ الاسد، ايران جو امام خميني، مصر
جو جمال عبدالناصر ۽ انور سادات، اردن جو شاھ حسين، آمريڪا جو صدر جان ايف ڪينيڊي،
ڏکڻ آفريڪا جو نيلسن منڊيلا، انڊونيشيا جو سئيڪارنو، پي ايل او جو ياسر عرفات،
لبيا جو ڪرنل قذافي، ھندوستان جي مسز انڌرا گانڌي، برطانيا جو مارگريٽ ٿيچر،
ملائيشيا جو مھاتير محمد ۽ الجزائر جو صدر ابو محي الدين شامل آھن پر سياسي تاريخدانن
جو خيال آهي ته پاڪستان جو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي ڏھن ملڪن ۽ ايشيا جو سڀ
کان وڏي ۾ وڏو ليڊر ھو، ڀٽو صاحب بي شمار صلاحيتن جو مالڪ ھو، ھن جي يادداشت تمام
تيز ۽ حيران ڪندڙ ھئي، ھن کي سڄا پڙهيل ڪتاب ياد رھندا ھئا، ڀٽو صاحب ٽيبل ٽاڪ جو
وڏو ماھر ھو، مخالفن کي مذاڪرات جي دوران شڪست ڏيڻ جو صلاحيت رکندڙ ۽ عوامي جلسن ۾
عوام جي دلين کي کٽيندڙ ليڊر ھو، ذوالفقار علي ڀٽو بي انتھا حاضر دماغ ۽ حاضر جواب
به هو، ھن جي حاضر دماغي جا ۲ مثال پيش ڪريان ٿو، ۱۹۶۳ ۾ جڏھن شھيد ڀٽو پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾
آمريڪا جي دوري تي ويو اتي ھن جي ملاقات ان وقت جي صدر جان ايف ڪينيڊي سان ٿي، صدر
ڪينيڊي ڀٽو صاحب جي ذھانت کان ڏاڍو متاثر ھو، صدر ڪينيڊي ڳالهين دوران ڀٽو صاحب کي
چيو ته مسٽر ڀٽو جيڪڏهن اوھان آمريڪن شھري ھجو ھا ته اوھان يقينن آمريڪا جا وزير
ھجو ھا، ان تي شهيد ڀٽي فوري جواب ڏيندي چيو ته مسٽر پريذيڊنٽ جيڪڏهن مان آمريڪا
جو شھري ھجان ھا ته آمريڪا جو وزير نه پر آمريڪا جو صدر ھجان ھا، صدر ڪينيڊي وري ڀٽو
صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته مسٽر ڀٽو اوھان کي خبر آهي ته اوھان دنيا جي پاور هيڊ ڪوارٽر
وائٽ ھائوس ۾ بيٺا آهيو؟ ڀٽو صاحب چيو ھا مون کي خبر آھي ته اڄ دنيا جو پاور هيڊ ڪوارٽر
وائيٽ هائوس منهنجي قدمن جي هيٺان آھي. بھرحال شھيد ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو
عظيم ۽ بھادر اڳواڻ ھو. ھن کي پنھنجا
ويجها دوست مشورو ڏيندا ھئا ته سائين اوھان آمريڪا سان ٽڪر نه کائو، ڇاڪاڻ ته آمريڪن
انتقام وٺڻ واري معاملي ۾ وڏا سنگدل آھن، ان کان علاوه سرمائيداري جي خلاف به نه ڳالھايو،
دنيا جا تاجر ۽ سرمائيدار طبقو اوھان جا دشمن ٿي ويندا. مذهبي جماعتن خلاف به نه ڳالهايو
۽ فوج کي به بيرڪن تائين محدود نه ڪريو، ٻي صورت ۾ فوج ۽ مذهبي جماعتون اوھان جو
گهيرو تنگ ڪري ڇڏيندا، ان ڪري ڪجھ نرمي ڪريو ته جيئن سسٽم ھلندو رھي، ان تي ڀٽو
صاحب جواب ۾ چوندو ھو ته منھنجي به دل چوي ٿي ته مان مصلحت سان هلان پر ڇا ڪريان جڏھن
مان لاڙڪاڻي، لاھور، پشاور ۽ بلوچستان جي شھرن ۽ ٻين پٺتي پيل علائقن جي غريب
هارين ۽ مزدورن جي حالتن کي ڏسندو آهيان ته بيوس ٿي ويندو آهيان ۽ مان پاڻ کان
سوال ڪندو آهيان ته ڇا ذوالفقار تون به مصلحت کان ڪم وٺندين؟ ته پوءِ ھن غريب ۽ بي
سھارا قوم جي تقدير ڪير تبديل ڪندو۔ بھرحال اڄ شهيد ڀٽي جو ۹۲ ھون يوم ولادت آهي، ان ڪري شهيد ڀٽو جي
زندگي ۽ ڪارنامن تي روشني وجھڻ تمام ضروري آھي، شھيد ڀٽو خلاف سازشن جو سلسلو ان
وقت شروع ٿيو، جڏھن ۱۹۷۶ ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير هينري ڪسنجر پاڪستان جي دوري تي آيو ھو، هينري ڪسنجر
ڀٽو صاحب سان ملاقات دوران پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻائڻ تي پنھنجي تحفظات جو اظھار ڪيو
هو، ڀٽو صاحب آمريڪي پرڏيهي وزير کي کتو جواب ڏنو، جڏھن هينري ڪسنجر واپسي مھل
جھاز تي سوار ٿي رهيو ھو ته ھن ڀٽي صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو ته جڏھن ريل سامھون
اچي وڃي ته عقلمند ماڻهو پٽڙي کان هٽي ويندو آهي پر توھان ياد رکو، اسان توھان کي
نشان عبرت بنائينداسين. پر ڀٽو صاحب پنهنجي فيصلي ۽ اصولن تي اٽل رهيو، ان ڪري سامراجي
قوتن انهي ڏينهن ڀٽو صاحب کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
جڏھن ۷ مارچ ۱۹۷۷ تي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ اندر چونڊون
ڪرايون ته ان وقت جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽِي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي پر
مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ۰۹ جماعتن تي ٻڌل پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلين جا الزام مڙهي
نتيجن کي تسليم نه ڪيو، اهڙي طرح قومي اتحاد عرف ۹ ستاري سان تعلق رکندڙ جماعتن ڌانڌلين جا
الزام هڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني،
ان احتجاج ڪري ملڪ اندر وڳوڙن وارو دور شروع ٿي ويو، اهڙن حالتن جي باوجود به شهيد
ذوالفقار علي ڀُٽي مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي
جي سياسي بصيرت ۽ تدبر جي ڪري قومي اتحاد جا اڳواڻ ڳالهين لاءِ راضي ٿيا، قومي
اتحاد جي اڳواڻن کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي هڪ اهم ڪارنامو
سرانجام ڏنو، ڳالهين جي ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ مخالف ڌرجي وچ ۾ ملڪ
اندر نئين سر چونڊون ڪرائڻ لاءِ اتفاق ٿي ويو هو، ۰۴ جولائي۱۹۷۷ تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ معاهدي جو ڊرافٽ به
تيار ڪيو ويو پر بدقسمتي سان ان وقت جي فوجي سربراهه جنرل ضياءَ جيڪو اڳواٽ ئي
سامراجي قوتن سان ملي چڪو هو ۽ هن اقتدار تي قبضي ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙي ڇڏيو هو،
جنرل ضياءُ الحق پنهنجي سازشي منصوبي تحت اقتدار تي قبضي لاءِ ۰۵ جولائي ۱۹۷۷ تي رات جي اونداهي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
جي منتخب ۽ جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر مارشل لا نافذ ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح ملڪ
جي چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ذوالفقار علي ڀُٽو کي گرفتار ڪري
پنجاب جي شهر ڪوهه مري ۾ قيد ڪيو ويو، جنرل ضياءُ الحق ۱۹۷۳جي آئين کي معطل ڪري ڇڏيو، ۰۵ جولائي ۱۹۷۷ تي ملڪ اندر وري ٻيهر آمريت جو دور شروع ٿي ويو، هي آمريت ملڪ جو سڀ کان
طويل ترين آمريتي دور هو، جنرل ضياءَ رات جي انڌيري ۾ هڪ ڌاڙيل ۽ رهزن جيان واردات
ڪري چونڊيل جمهوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا هڻي پاڪستان کي وري هڪ ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي
ڇڏيو، جنرل ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ذاتي دشمني ۾ ايترو ته انڌو ٿي ويو هو
جو هن شهيد ڀٽي کي جسماني طور تي ختم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو.
اڄ ۰۵ جنوري ۲۰۲۰ تي شھيد ڀٽو جي سالگرھ جو ڏينهن ملھايو پيو
وڃي. دنيا جو عظيم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀُٽو ۰۵ جنوري ۱۹۲۸ تي جنم ورتو، هن سر شاهنواز ڀٽو جي گهر ۾
اک کولي، قائد عوام شهيد ذالفقار علي ڀٽو پنهنجي عملي سياسي زندگي جو آغاز سڪندر
مرزا جي دور ۾ شروع ڪيو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۵۷ تي اقوام متحده ۾ عالمي امن جي اهميت تي هڪ
پرجوش ۽ بامقصد تقرير ڪري ملڪي ۽ غيرملڪي ميڊيا کي متاثر ڪري ڇڏيو، ڪجهه عرصي بعد
هڪ ڀيرو ٻيهر شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي اقوامِ متحده ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ
جو اعزاز مليو، اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو نه صرف پاڪستان بلڪه پوري دنيا
اندر مشهوري ماڻي ورتي، سڪندر مرزا جي حڪومت ختم ٿيڻ کان بعد جڏهن جنرل ايوب خان
اقتدار ۾ آيو ته هن به شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي قابليت ۽ سياسي تدبر کان متاثر ٿي
شهيد ڀُٽي کي درخواست ڪئي ته هو ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خدمت لاءِ سندس ڪابينا ۾
شامل ٿئي، قائد عوام ذاوالفقارعلي ڀُٽي عوام جي خدمت خاطر ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي
لاءِ جنرل ايوب خان جي درخواست کي قبول ڪندي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿي ويو، محمد علي
بوگره جي وفات بعد شهيد ڀُٽو کي وزير خارجه مقرر ڪيو ويو، شھيد ڀٽو ۱۹۶۳ کان ۱۹۶۶ تائين ان عهدي تي فائز رهيو، شهيد ڀُٽي ڪشمير
جي مسئلي تي جنرل ايوب خان سان اختلاف ڪندي ۱۹۶۶ ۾ مستعفي ٿي ايوب ڪابينا کان الڳ ٿي ويو،
اهڙي طرح هن ايوبي آمريت کي پِڻ للڪاريو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ايوب ڪابينا کان ڌار
ٿيڻ کان بعد هڪ مختصر عرصي اندر عوام جي حقن ۽ ايوبي آمريت جي خاتمي لاءِ ۱۹۶۷ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو، شهيد
ذوالفقار علي ڀٽو جي مسلسل سياسي جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنت جي ڪري نيٺ جنرل ايوب خان
اقتدار کان الڳ ٿي ويو پر هن ويندي ويندي اقتدار هڪ ٻئي آمر جنرل يحى خان جي حوالي
ڪري ڇڏيو، جنرل يحيٰ خان اقتدار جي واڳ سنڀاليندي ئي ون يونٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ
اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح پاڪستان اندر ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، ۱۹۷۰ وارين چونڊن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو پاڻ ۰۵ سيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته پاڪستان
پيپلزپارٽي اولهه پاڪستان ۾ اڪثريتي جماعت جي حيثيت ۾ سامهون اچي وئي. جڏهن ته اوڀر
پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمٰن جي پارٽي عوامي ليگ ڪاميابي ماڻي ورتي پر افسوس ته
جنرل يحيٰ خان جي غلط پاليسين ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فوج ڪشي جي ڪري اقتدار عوام جي
منتخب نمائندن حوالي ٿي نه سگهيو، جنهن جي ڪري پاڪستان ٽُٽِي ٻه اڌ ٿي ويو. پاڪستان
ٽُٽڻ بعد باقي بچيل اولهه پاڪستان جيڪو هن وقت اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي، ان جون
واڳون شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي ڪيون ويون، جنرل ايوب خان ۽ جنرل يحيٰ خان
جي غلط پاليسين ۽ بنگالي عوام تي ظالماڻين ڪارروائين جي ڪري پاڪستان بدقسمتي سان ٻن
حصن ۾ تقسيم ٿي ويو.
ذوالفقار علي ڀُٽو
پنهنجي دور اقتدار ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، ان ۾ ملڪ کي متفقه طور تي ۱۹۷۳ع جو دستور ڏيڻ، پاڪستان اسٽيل ملز جو قيام،
ٽيڪسلا ۾ هيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس جو قيام، لکين بيروزگار ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن ۾
روزگار ڏيارڻ، بي زمين هارين ۾ زمين ورهائڻ، ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڏيارڻ ۽ مزدورن
جي ڀلائي لاءِ ليبر پاليسي کان علاوه ٻيا کوڙ سارا منصوبا شامل آهن، شهيد ڀٽو جي
اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ملڪ معاشي طور تي مڪمل تباهه ٿي چڪو هو پر هن پنهنجي ڏاهپ، همٿ
۽ غيرمعمولي قيادت ۽ صلاحيتن جي ڪري پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو،
ذُوالفقار علي ڀُٽو جي دور ۾ عالمي سطح تي پاڪستاني قوم جو تشخص اجاگر ٿيو ۽ پاڪستان
جي نئين سر اڏاوت ۽ تعمير جو دور پڻ شروع ٿيو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي عالم اسلام
کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ ۱۹۷۴ع ۾ مسلمان ملڪن کي گڏ ڪري اسلامي سربراهه ڪانفرس ڪوٺائي،
جيڪو هڪ اهم ۽ عظيم ڪارنامو آهي! بھرحال اڄ قائد عوام ذالفقار علي ڀُٽي جي سالگرھ
کي پوري ملڪ اندر ملهايو پيو وڃي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪڏهن به اصولن تي
سوديبازي نه ڪئي، هن فوجي آمرن جنرل ايوب خان کان وٺي جنرل ضياءَ تائين سڀني آمرن
جو دليري سان مقابلو ڪيو. اڄ جيڪڏهن پاڪستان اسلامي دنيا جي واحد ائٽمي قوت آهي ته
اهو فقط شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جو دور پاڪستان
جي تاريخ جو اهم ۽ سنهري دور هو، شھيد ڀٽو ھڪ مدبر ۽ دُورانديش سياستدان ھو، اڄ هو
اسان سان جسماني طور تي گڏ نه آهي پر پاڪستان توڙي عالمي دنيا جي مظلوم ۽ غريب
عوام جي دلين تي راڄ ڪري رھيو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي اڄ به ملڪ جي سڀ کان وڏي ۾
وڏي پارٽي آهي، ان ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي جي موجوده قيادت خاص ڪري چيئرمين بلاول ڀُٽو
زرداري ۽ شريڪ چيئرمين اڳوڻي صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري کي گهرجي ته شهيد ڀُٽي
جي سياسي فڪر ۽ نظريي مطابق فيصلا ڪڪن ۽ ڪنهن به مصلحت پسندي جو شڪار نه ٿين. پارٽي
قيادت کي گھرجي ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پارٽي جي قرباني ڏيندڙ ورڪرن
کي عزت ۽ جائز مقام ڏنو وڃي، پاڪستان ۾ اڄ به سياست جو محور شھيد ڀُٽو جي حامي ۽
شھيد ڀُٽو جو مخالف گروپن ۾ ورهايل آهي، ان ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي کي مضبوط ڪرڻ
لاءِ سينئر ۽ قرباني ڏيندڙ ڪارڪنن کي جائز مقام ڏيڻ تمام ضروري آهي. اميد ته پارٽي
جو نوجوان چيئرمين ۽ شھيد بي بي جو لال بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي عظيم نانا شھيد ڀٽو
۽ پنهنجي والد شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏسيل راھ تي ھلي جمھوري قوتن ۽ پارليامينٽ
کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ڪندو.
ذوالفقار
علي ڀٽو
اڄ به
زندھ آھي
سھيل جوڻيجو
۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي سنڌ جي سونھاري سرزمين لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ سر
شاهنواز ڀٽي جي گھر ۾ ذوالفقار ڀٽي جو جنم ٿيو، سندس ماءُ جو نالو خورشيد بيگم ڀٽو
ھو، پاڻ پنج ڀاءُ ۽ ڀينرون هئا، جن ۾ ممتاز بيگم ڀٽو، سڪندر علي ڀٽو، منور سلام ڀٽو،
امداد علي ڀٽو ۽ آخر ۾ ذوالفقار علي ڀٽو. سندس ھڪڙي ڀيڻ جو نالو بينظير ڀٽو ھو، جيڪا
ٻالڪپڻ ۾ فوت ٿي وئي هئي، ان جي ياد ۾ ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي ڌيءَ جو نالو به
بينظير رکيو، جنهن کي خاندان ۾ پنڪي چيو ويندو هو. پاڪستان جي آزادي کان اڳ ۾ ھي
جنهن ڳوٺ ۾ رھندا هئا، ان ڳوٺ جو نالو معظم ڀٽو ھو، انهن جي خاندان جو پسمنظر ڏسجي
ته هي آزادي کان اڳ ۾ انڊيا جي رياست ھريانا جي ضلعي ھسار جي شھر سانتسر ۾ رهندڙ
هئا، سندس تعليم برطانيا آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ يوڪي بارڪيلي ۾ ٿي.
سياست:
۱۹۵۷ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو گڏيل قومن سان پاڻي ٺاهه واري معاھدي جي وفد جو
نوجوان ميمبر بڻيو، ۱۹۶۰ع ۾ پاڪستان جي ان وقت جي صدر سڪندر مرزا سندس ذھانت ڏسي کيس پروموشن ڏيئي
پاڻي، بجلي، اطلاعات ۽ صعنت جو وزير ڪري رکيو. ۱۹۶۳ع ۾ جنرل ايوب جي ڪابينا جو سڀ کان ننڍي عمر
وارو پرڏيھي وزير بڻيو ۽ ان وقت ڀٽي پنهنجي پاڙيسري ملڪ چائنا سان وڌيڪ رشتا مضبوط
ڪرڻ تي زور ڏنو.
پيپلز پارٽي جو ٺهڻ:
ڀٽو لاهور ۾ مبشر
حسين جي گهر پ پ جو بنياد رکيو، پارٽي جو منشور ھو ته ”اسلام اسان جو دين آهي،
جمھوريت ۽ سوشلزم اسان جي سياست ۽ طاقت جو سرچشمو عوام آهي”. پ پ جي ٺهڻ کان پوءِ
ذوالفقار علي ڀٽي کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو.
۱۹۷۱ع جي ڍاڪا واقعي کان پوءِ پاڪستان جا ۹۰ ھزار فوجي قيدي بڻايا ويا ۽ ڪجهه زمينن تي
قبضو به ڪيو ويو جيڪي بعد ۾ ذوالفقار ڀٽي آزاد ڪرايا، ڪراچي ۾ نيو ڪليئر پاور جو
افتتاح ڪرايو ۽ اسٽيل مل جھڙي صنعت پاڪستان کي ڏياري. ان کانپوءِ جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ملڪ ۾ اليڪشن ٿي ته ان ۾ پ پ پ چونڊن جو
بائيڪاٽ ڪري عوام مھم هلائي، جنهن ۾ ملڪي حالتون خراب ٿي ويون. ان ماحول کي ڏسندي
ملڪ ۾ آمر جنرل يحيٰ مارشل لانافذ ڪري ڇڏي. پوءِ آمر ضياءَ الحق ذوالفقار علي ڀٽي
کي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو، جنهن ۾ ۴ اپريل ۱۹۸۹ع تي کيس عدالت جي حڪم تحت ڦاسي ڏني وئي. ڀٽو جيڪي عوام
دوست ڪم ڪيا ۽ ملڪ لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن عيوض اڄ به عوام جي دلين
۾ زنده آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو
پنج جولاءِ ۱۹۷۷ع کان چار اپريل ۱۹۷۹ع تائين وارو لاڪ ڊائون!
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ ۴ اپريل جي تاريخ کي پاڪستان ۾ وڏي اهميت
حاصل آهي، حالانڪ اپريل جو مهينو ”اپريل فول“ جهڙي بيوقوف بنائڻ واري پهرين تاريخ
کان شروع ٿيندو آهي، پاڪستان ۾ ۴ اپريل جي تاريخ ۱۹۷۹ع تي دنيا ۽ پاڪستان جي تاريخ ساز ۽ طلسماتي شخصيت
ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ڪيس جي سزا ۾ ڦاسي ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ سندس آخري
رسمن ۾ رڳو ڪجهه گهرڀاتي ۽ ڪجهه پاڙا وارا ئي شريڪ هئا ۽ ان وقت جي سرڪاري ميڊيا ٽي
وي ۽ ريڊيو رڳو هڪ سرڪاري هئنڊ آئوٽ گهرو وزارت طرفان پڙهي ٻڌايو، حالانڪ ان وقت
لفظ لاڪ ڊائون ميڊيا ۾ مروج نه هو، نه ته نيوز ڪاسٽر اطهر لوڌي (ضياءُ الحق جو
پيارو چشمي) خبرن ۾ اهو لفظ نشر ڪري ها. جڏهن ته ۱۹۷۷ع جي چونڊن تان حڪمران پ پ ۽ قومي اتحاد جي
جهيڙي جو دنگ ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع جي هڪ ڪاري رات ۾ آمر ضياءُ الحق هڪ جمهوري حڪومت کي هٽائي ۽ وزيراعظم
ذوالفقار علي ڀٽو کان اقتدار ڦري ان کي موجوده ۽ مروج لفظ ميڊيا موجب قرنطينه ڀيڙو
ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ ۾ سياست لاءِ لاڪ ڊائون نافذ ڪري ڇڏيو.
هڪ چونڊيل وزيراعظم
ذوالفقار علي ڀٽو کي ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو هو، جنهن کي اڄڪلهه جي زماني جي ٻولي
۾ ائين لکڻ پڙهڻ گهرجي ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ”آئسوليشن“ ۾ ويهاريو ويو هو، ان
دوران ذوالفقار علي ڀٽو مسلسل ”آئسوليشن“ ۾ رهندي همت نه هاري ۽ ڪيس وڙهندو رهيو،
سندس وڪيل يحيٰ بختيار هو ۽ مخالفت ۾ سرڪار پاران اعجاز بٽالوي ۽ ٻيا وغيره هئا،
شايد ضياءُ الحق کي اها خبر نه هئي ته هن لاءِ زنده ڀٽو کان وڌيڪ خطرناڪ ڀٽو واري
قبر هوندي. بهرحال، ڏک اهو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو دنيا ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي
سربراهن جو ڪلهي ڪانڌي ٿي رهيو هو، ان جي مڙهه کي ڪلهو ڏيڻ وارو ڪوبه غيرملڪي ۽ ڪو
وڏو ملڪي، جنازي ۾ نه هو، ڇوته ان وقت هن وقت جهڙو لاڪ ڊائون لڳل هو، جيئن هجوم نه
ٿئي، تاريخ جي آئيني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار ملڻ کان خاتمي تائين هڪ نظر
وجهون ته هر انسان جي قسمت جا عجيب رنگ هوندا آهن، دنيا ۽ پاڪستان جي عظيم شخصيت
ذوالفقار علي ڀٽو کي حڪومت ڪرڻ لاءِ اقتدار جي ڪرسي ان وقت ملي، جڏهن ملڪ تي بارش
وسي رهي هئي ۽ وري ذوالفقار علي ڀٽو کان اقتدار جي ڪرسي کسي وئي ته ان وقت به سنڌ
۾ بارش وسي رهي هئي. البته اقتدار ملڻ ۽ اقتدار وڃڻ وقت جي بارش ۾ صرف اهو فرق هو
ته اقتدار جي ڏور ملڻ وقت هندستان ۽ پاڪستان جي لڙائي سبب بم ۽ گولن جو مينهن وسي
رهيو هو ۽ اقتدار وڃڻ وقت آسمان تان بادل قدرتي طور بارش وسائي رهيا هئا. هن ۾ صرف
اتفاق هو، حيراني جي ڳالهه نه آهي، حيراني واري ڳالهه اها آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو
کي اقتدار ڏيڻ وارو فوجي سربراهه صدر يحيٰ خان هو ته وري واپس اقتدار ڦرڻ وارو به
هڪ فوجي سربراهه ضياءُ الحق هو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع کان ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تائين اقتدار مليو، ان تي هڪ نظر:
ذوالفقار علي ڀٽو ۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي پاڪستان جو صدر ٿيو، ۸ جنوري ۱۹۷۲ع تي (پهرين پاڪستاني ليڊر) باباءِ بنگلاديش
شيخ مجيب الرحمان کي آزاد ڪيو، ۲۳ کان ۲۸ جنوري ۱۹۷۲ع تائين ڇهن ڏينهن جو دورو دوست اسلامي ملڪن ترڪي، مراڪش،
مصر ۽ شام جو ڪرڻ کانپوءِ دولت مشترڪه (گڏيل قومن) کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ۱۹ فيبروري ۱۹۷۲ع تي آمريڪا، پاڪستان جي امداد بحال ڪئي،
(جيڪا بنگلاديش جي لڙائي سبب بند ڪئي هئي). ۳ مارچ ۱۹۷۲ع تي جنرل ٽڪا خان کي فوج جو سربراهه ۽ ظفر
چوڌري کي ايئر مارشل مقرر ڪيو ويو. ۱۵ مارچ ۱۹۷۲ع کان بطور صدر مملڪت روس جو پهريون سرڪاري دورو ڪيو، ۱۷ اپريل ۱۹۷۲ع تي عبوري آئين تحت ملڪ مان مارشل ختم ڪرڻ
جي منظوري ڏني، ۱۹ اپريل ۱۹۷۲ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جو پهريون اجلاس ڪيو. ۲۱ اپريل ۱۹۷۲ع تي ملڪ مان مارشل لا ختم ڪئي، ۲۹ مئي ۱۹۷۲ع کان ۱۰ جون تائين اسلامي ملڪن سعودي عرب، ترڪي ۽
ايران جا تفصيلي دورا ڪرڻ ويو، جيئن ڀارت کان ۱۹۷۱ع ۾ گرفتار ڪيل ۹۰ هزار جنگي قيدي آزاد ڪرائي سگهجن. ۲۱ جون ۱۹۷۲ع تي اسلامي ملڪن جي حمايت سان ڀارت کان جنگي
قيدي ڇڏائڻ لاءِ ويو. ۲ جولاءِ ۱۹۷۲ع تي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ وزيراعظم انڌرا گانڌي وچ ۾ شملا معاهدو ڪيو ويو ۽
شمله معاهدي بعد قيدي آزادي ٿي پهتا. ۱۰ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي چوڌري فضل الاهي کي پاڪستان جو صدر مقرر ڪيو ويو، ۱۵ آگسٽ ۱۹۷۳ع کان ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم
مقرر ٿيو. ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۳ع کان ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تائين ۳ سال ۱۰ مهينا ۲۱ ڏينهن بطور وزيراعظم رهيو. ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي ملڪ جو متفقه طور تي ٽيون آئين منظور ڪيو.
۱۵ سيپٽمبر ۱۹۷۳ع کان بطور وزيراعظم وچ اوڀر ۽ آمريڪا جي دوري تي ويو، ڊسمبر ۱۹۷۳ع کان نار جي رياستن جا دورا ڪيا. پهرين
جنوري ۱۹۷۴ع تي ناڻي جي وزير ڊاڪٽر مبشر حسن بئنڪون ۽ ٻيا صنعتي ادارا قومي تحويل ۾ ورتا.
۲۲ کان ۲۴ فيبروري ۱۹۷۴ع تائين ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڻ کان ڌار ٿيل
بنگالي صوبي کي ۱۹۷۱ع بطور آزاد ملڪ بنگلاديش تسليم ڪيو ويو، جنهن لاءِ جماعت اسلامي سخت
مخالفت هئي. ۲۹ فيبروري ۱۹۷۶ع (آچر ڏينهن) تي فوج جو سربراهه جنرل ٽڪا خان رٽائر ٿيو ۽ فوج جو نئون
سربراهه ضياءُ الحق مقرر ٿيو. ۱۰ آگسٽ ۱۹۷۶ع تي آرمريڪا جو پرڏيهي وزير هينري ڪيسينجر پاڪستان آيو
۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ائٽمي پروگرام ختم ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پروگرام ختم نه ڪرڻ
جي صورت ۾ اها ڌمڪي به ڏني ته پاڪستان کي دنيا جو مثال بنايو ويندو. ۱۹۷۶ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۾ چونڊون نه ڪرايون،
جيڪي ۱۹۷۰ع ۾ ٿيڻ سبب ٿيڻ گهرجن ها. ۷ مارچ ۱۹۷۷ع تي ملڪ ۾ اليڪشن ٿي، پر ان ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
مٿان ڌانڌلي جو الزام لڳو ۽ ملڪ ۾ احتجاج ۽ هنگاما ٿيڻ لڳا. ۴ جون ۱۹۷۷ع تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مخالف ڌر
قومي اتحاد وچ ۾ (مفتي محمود، مولانا عبدالغفور ۽ نوابزاده نصرالله خان) ٻيهر اليڪشن
لاءِ ٺاهه ٿي ويو. ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي فوج جي سربراهه ضياءُ الحق وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري
ڪاري رات وچ ۾ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. (هتي ياد رهي ته پهرين جولاءِ کان اڳ ئي
سنڌ ۾ زبردست سانوڻي جي برسات پئي هئي ۽ هر ضلعي ۾ نقصان ٿيو هو). ۱۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪوهه مري ۾ ضياءُ
الحق ملاقات ڪري سڀني سياستدانن کي آزاد ڪري چونڊون ڪرائڻ جو واعدو ڪيو. ۲۷ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ضياءُ الحق قوم کي خطاب دوران آڪٽوبر ۱۹۷۷ع تي اليڪشن ڪرائڻ جو واعدو ڪيو. ۲۸ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مفتي
محمود سان ملاقات ڪري کين آزاد ڪيو. ۲ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي ضياءُ الحق چونڊن جو يقين ڏياريو. ۳ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ۷۰ ڪلفٽن ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو. هن تي لاهور ۾ نواب محمد احمد خان قصوري جي
قتل جو الزام هنيو ويو هو. ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽو اعلان ڪيو ته آڪٽوبر ۷۷ع جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڪامياب ٿيڻ بعد فوج
جي سربراهه ضياءُ الحق کي عهدي تان رٽائر ڪندي ۽ آئين جي خلاف ورزي ۽ ٽوڙڻ خلاف هن
تي ڪيس هلائيندي. ۹ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ضمانت جج مولوي مشتاق حسين رد ڪئي. ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع تي سلطاني شاهد سعود بيان رڪارڊ ڪرايو. ۲۱ آڪٽوبر ۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو
ته مون جماعت اسلامي جي ماڻهو کي فوج جو سربراهه مقرر ڪري وڏي غلطي ڪئي. ۲۵ جنوري ۱۹۷۸ع تي اچانڪ ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي
بينظير ڀٽو پنهنجي هڪ بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو کي لاهور
هاءِ ڪورٽ ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائڻ واري آهي. ۲۵ مارچ ۱۹۷۸ع تي ڪيس خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي، پهرين
اپريل ۱۹۷۸ع تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي شروع ٿي. ۱۸ مئي ۱۹۷۸ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان
هيلي ڪاپٽر ۾ راولپنڊي سينٽرل جيل موڪليو ويو. ۵ جولاءِ ۱۹۷۸ع تي ضياءُ الحق (وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو
جي حڪمت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال بعد) ۲۲ ڄڻن واري ڪابينا ٺاهي. ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۷۸ع تي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت
جي آخري شخصيت صدر چوڌري فضل الاهي کي به ضياءُ الحق لاهي ڇڏيو. ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۷۸ع تي سپريم ڪورٽ ۾ شنوائي مڪمل ٿيڻ بعد
فيصلو محفوظ ڪيو ويو. ۶ فيبروري ۱۹۷۹ع تي ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس پهرين وڏي گهرواري امير بيگم ملاقات ڪئي. ۲۴ مارچ ۱۹۷۹ع تي ذوالفقار علي ڀٽو سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني
اپيل داخل ڪئي جيڪا رد ڪئي وئي. ۲۶ مارچ ۱۹۷۹ع تي بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو سان
ملاقات ڪئي، ۳ اپريل ۱۹۷۹ع تي ذوالفقار علي ڀٽو سان نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو آخري ۽ ڊگهي ملاقات ڪئي. ۳ اپريل ۱۹۷۹ع تي ضياءُ الحق بطور صدر ذوالفقار علي ڀٽو
کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ صحيحون ڪري ڇڏيون. ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي ڪاري رات ۾ کيس ڦاهي ڏئي، صبح ۱۰هين وڳي مڙهه ڪانڌين مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
غريب ماڻهن جي دلين ۾ اُميد جا ديپ ٻاريندڙ
گل محمد جکراڻي
اڄ ۴ اپريل ۲۰۲۰ آھي. اڄوڪي ڏينهن تي دنيا جي عظيم اڳواڻ ۽
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني چيئرمين شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو
ويو. اڄ شھيد ڀٽو جو ۴۱ھون يومِ شھادت آھي، پر ھي پھريون دفعو ھوندو جو شھيد ڀٽو جي ورسي ڪورونا
وائرس جي ڪري ڳڙھي خدا بخش ڀٽو سميت ڪٿي به ميڙاڪي يا جلسي جي صورت ۾ نه پئي ملھائي
وڃي. ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به افراتفري ۽ لاڪ ڊائون آھي، انڪري پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڪورونا وائرس جي ڪري ڀٽو صاحب جي
ورسي سميت تمام سياسي سرگرمين کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، پر ان جي باوجود پارٽيءَ جا
جيالا ۽ ڪارڪن پنهنجي عظيم اڳواڻ شھيد ڀٽو کي ياد ڪرڻ ۽ خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ
دعائون ۽ قرآن خواني ضرور ڪرائيندا. ھن دفعي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سموري قيادت
۽ سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سان منهن ڏيڻ ۾ مصروف آهي. ڇاڪاڻ ته ڪورونا وائرس پوري
دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آھي.
شھيد ڀٽو جي ھڪ
سپاهي ۽ ڪارڪن جي حيثيت سان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي وساري نٿو سگهجي. اڄوڪي ڏينهن
جي حوالي سان شھيد ڀٽو کي ياد ڪرڻ تمام ضروري آهي. شھيد ڀٽو جي شھادت جي موقعي تي
سنڌ واسين کي اپيل آهي ته هو پنهنجي گھرن ۾ رھن، پنهنجي گھر ڀاتين ۽ پاڙي وارن ۽ سڄي
سنڌ کي ھن ڪورونا جھڙي موذي وبا کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي
عمل ڪن ته جيئن ھن بيماريءَ کان نجات ملي سگهي. بھرحال اڄ اسان جو اصل موضوع شھيد
ذوالفقار علي ڀُٽي جي ورسي آهي، ان ڏھاڙي جي حوالي سان شھيد ڀٽو جي سياسي زندگيءَ
تي ڪجھ روشني وجھڻ تمام ضروري آهي. تاشقند معاھدي کان پوءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو
جا صدر جنرل ايوب خان سان اختلاف پيدا ٿيا. انهن اختلافن جي ڪري ھن وزير خارجه جي
عھدي تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. شھيد ڀُٽي ايوب شاھيءَ جو مقابلو ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو،
انڪري ھن ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو. شھيد ڀٽو ھڪ مدبر ۽ ڏاھو سياستدان
ھو. ھن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، آخري دم تائين پنهنجي اصولن تي قائم
رھيو ۽ سامراجي قوتن سان مقابلو ڪندو رھيو.
اچو ته شھيد ڀٽو جي
شخصيت ۽ ان جي سياسي زندگيءَ جو جائزو وٺون. ۱۹۷۱ع ۾ جنرل يحيٰ خان جي غلطين جي ڪري پاڪستان ٽُٽي
چڪو ھو، باقي بچيل پاڪستان جو اقتدار ڀٽو صاحب جي حوالي ڪيو ويو. شھيد ذوالفقار
علي ڀٽو ان وقت اقتدار سنڀاليو، جڏھن پاڪستان تاريخ جي بدترين دور مان گذري رھيو
ھو. پاڪستان جو وجود چڪنا چور ٿي چڪو ھو. انهن حالتن ۾ پاڪستاني قوم جون اميدون
فقط ذوالفقار علي ڀٽو ۾ ھيون. ڀٽو صاحب واحد ليڊر ھيو، جيڪو ھن تباھ حال ملڪ کي سنڀاري
سگھيو پئي. ۱۹۷۱ع جي جنگ کان پوءِ فوج جو مورال بلڪل ختم ٿي چڪو ھو، انڪري ان وقت قوم جون
نظرون ذوالفقار علي ڀٽو ۾ کتل هيون. ذوالفقار علي ڀٽو ھڪ مسيحا جي روپ ۾ سامھون
اچي چڪو ھو. هُن عوام جي اميدن مطابق اقتدار سنڀاليو. اقتدار سنڀاليندي ئي خارجه
پاليسيءَ تي وڌيڪ توجه ڏنائين. ڀٽو صاحب جي سياسي ڏاھپ جي ڪري عالمي دنيا ۾ پاڪستان
جي وڃايل ساک ۽ حيثيت ٻيھر بحال ٿي وئي. چين ۽ لبيا کان علاوه عرب ملڪ پاڪستان جا
دوست ٿي ويا. ھڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۷۰ع واري ڏھاڪي ۾ ھن دنيا اندر ڪيترائي اھم سياسي اڳواڻ
پيدا ٿيا، انھن ۾ سعودي عرب جو شاھ فيصل، شام جو صدر حافظ الاسد، ايران جو امام
خميني، مصر جو جمال عبدالناصر ۽ انور سادات، اردن جو شاھ حسين، آمريڪا جو صدر جان
ايف ڪينيڊي، ڏکڻ آفريڪا جو نيلسن منڊيلا، انڊونيشيا جو سئيڪارنو، پي ايل او جو
ياسر عرفات، لبيا جو ڪرنل قذافي، ھندوستان جي مسز اندرا گانڌي، برطانيه جي مارگريٽ
ٿيچر، ملائيشيا جو مھاتير محمد ۽ الجزائر جو صدر بومدين شامل ھئا. ليڪن سياسي
تاريخدانن جو خيال آھي ته پاڪستان جو ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جي ڏھن ملڪن کان علاوه
ايشيا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو ليڊر ھو.
ذوالفقار علي ڀٽو بيشمار
صلاحيتن جو مالڪ ھو. ھن جي ياداشت تمام تيز ۽ حيران ڪندڙ ھئي. ھن کي پڙھيل ڪتاب
ياد رھندا ھئا. ھو ٽيبل ٽاڪ جو به وڏو ماھر ھو. مخالفن کي ڳالهين ذريعي شڪست ڏيڻ
جي صلاحيت رکندڙ ۽ عوامي جلسن ۾ عوام جون دليون کٽيندڙ اڳواڻ ھو. ذوالفقار علي ڀٽو
بي انتھا حاضر دماغ ۽ حاضر جواب به ھيو. هُو دنيا جو عظيم ۽ بھادر اڳواڻ ھو. ھن کي
پنھنجا ويجھا دوست مشورو ڏيندا ھئا ته سائين اوھان آمريڪا جھڙي سپر پاور سان ٽڪر
نه کائو، ڇاڪاڻ ته امريڪن انتقام وٺڻ واري معاملي ۾ وڏا سنگدل آھن. ان کان علاوه
سرمائيدارن جي خلاف به نه ڳالھايو. دنيا جا تاجر ۽ سرمائيدار طبقو اوھان جا دشمن ٿي
ويندا. مذھبي جماعتن خلاف به نه ڳالھايو ۽ فوج کي به بيرڪن تائين محدود نه ڪيو. ٻي
صورت ۾ سڀئي اوھان جو گھيرو تنگ ڪري ڇڏيندا، ان ڪري ڪجھ نرمي ڪيو ته جيئن سسٽم
ھلندو رھي. ان تي ڀٽو صاحب جواب ۾ چوندو ھو، منھنجي دل به چوي ٿي ته مان مصلحت ڪيان،
پر ڇا ڪيان جڏھن مان پٺتي پيل علائقن جي غريب ھارين ۽ مزدورن جي حالتن کي ڏسندو
آھيان ته مان بيوس ٿي ويندو آھيان ۽ مان پاڻ کان سوال ڪندو آھيان ته ڇا ذوالفقار
تون به مصلحت کان ڪم وٺندين؟ ته پوءِ ھن غريب ۽ بي سھارا قوم جي تقدير ڪير تبديل ڪندو؟
شھيد ڀٽو خلاف
سازشن جو سلسلو ان وقت شروع ٿيو، جڏھن ۱۹۷۶ع ۾ آمريڪا جو وزير خارجه ھينري ڪسنجر پاڪستان جي دوري
تي آيو ھو. ھينري ڪسنجر ڀٽو صاحب سان ملاقات دوران پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ تي
پنھنجي تحفظاتن جو اظھار ڪيو. ڀٽو صاحب امريڪي وزير خارجه کي ٺپ جواب ڏيئي ڇڏيو. جڏھن
ھينري ڪسنجر واپسي مھل جھاز تي سوار ٿي رھيو ھو ته ھن شھيد ڀٽو کي مخاطب ٿيندي چيو
ته جڏھن ريل سامھون اچي وڃي ته عقلمند ماڻهو پٽڙيءَ تان ھٽي ويندو آھي، پر توھان
ياد رکو اسان توھان کي نشانِ عبرت بڻائينداسين. ڀٽو صاحب پنھنجي فيصلي ۽ اصولن تي
اٽل رھيو. انڪري سامراجي قوتن ان ئي ڏينھن ڀُٽي صاحب کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ان راند جي شروعات ان وقت ٿي جڏھن ۷ مارچ ۱۹۷۷ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ملڪ اندر چونڊون ڪرايون. ان
وقت جي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي. مگر مخالف ڌر
سان تعلق رکندڙ ۹ جماعتن تي ٻڌل اتحاد پاڪستان قومي اتحاد ڌانڌلين جا الزام مڙهي چونڊ نتيجن
کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي طرح مخالف ڌر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي منتخب حڪومت
خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڏني. ان احتجاج جي ڪري ملڪ اندر ڀڃ ڊاهه وارو دور
شروع ٿي ويو. اهڙين حالتن جي باوجود شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سياسي بصيرت جو مظاهرو
ڪندي، مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سياسي حڪمت
عملي ۽ تدبر جي ڪري قومي اتحاد جا اڳواڻ ڳالهين لاءِ راضي ٿيا. قومي اتحاد جي اڳواڻن
کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻڻ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جو هڪ اهم ڪارنامو ھو. انهن ڳالهين
جي ڪري پاڪستان پيپلز پارٽِي جي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ملڪ اندر نئين سر چونڊون
ڪرائڻ لاءِ اتفاق ٿي ويو. ۰۴ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ معاهدي جو ڊرافٽ به تيار ٿي ويو
پر بدقسمتيءَ سان ان وقت جي فوجي سربراهه جنرل ضياءَ جيڪو اڳواٽ ئي سامراجي قوتن
سان ملي چڪو هو ۽ هن اقتدار تي قبضي ڪرڻ لاءِ منصوبو ٺاهي ڇڏيو هو. جنرل ضياءَ
الحق پنهنجي سازشي منصوبي کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ۰۵ جولائي ۱۹۷۷ تي رات جي انڌيري ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
جي چونڊيل جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر مارشل لاءِ نافذ ڪري ڇڏيو. ملڪ جي چونڊيل
وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو کي گرفتار ڪري پنجاب جي شهر ڪوهه مريءَ ۾ نظربند ڪيو
ويو. جنرل ضياءَ ۱۹۷۳ع جي آئين کي معطل ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ملڪ اندر ٻيهر آمريت جو دور شروع ٿي
ويو. جنرل ضياءَ جي آمريت، ملڪ جو سڀ کان طويل ترين آمريتي دور هو. هُن مارشل لاءِ
لاڳو ڪري پاڪستان کي وري هڪ ڌُٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
جو ذاتي دشمن بڻجي چڪو ھو، انڪري هن شهيد ڀٽو کي جسماني طور ختم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري
ڇڏيو.
دنيا جي ھن عظيم اڳواڻ
۰۵ جنوري ۱۹۲۸ تي سر شاهنواز ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. ھن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات
سڪندر مرزا جي دور ۾ ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۵۷ع تي اقوام متحده ۾ عالمي امن جي اهميت تي هڪ
پُرجوش ۽ بامقصد تقرير ڪري ملڪي ۽ غيرملڪي ذرائع ابلاغ کي متاثر ڪري ڇڏيو. ڪجهه
عرصي بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ذوالفقار علي ڀُٽو کي اقوامِ متحده ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ
جو اعزاز مليو. اهڙي طرح شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو نه صرف پاڪستان بلڪه پوري دنيا اندر
مشهوري ماڻي ورتي. سڪندر مرزا جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن جنرل ايوب خان
اقتدار ۾ آيو ته هن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو کي درخواست ڪئي ته هو ملڪ جي ترقي ۽
عوام جي خدمت لاءِ سندس ڪابينا ۾ شامل ٿئي. شھيد ڀٽو عوام جي خدمت ۽ ملڪ جي تعمير
۽ ترقي لاءِ ايوب خان جي درخواست کي قبول ڪندي وفاقي ڪابينه ۾ شامل ٿي ويو. شھيد ڀٽو
۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۶ع تائين ملڪ جو وزير خارجه رهيو. شهيد ڀُٽو جا ڪشمير جي مسئلي تي جنرل ايوب
خان سان اختلاف پيدا ٿي ويا، انڪري ھن ۱۹۶۶ع ۾ وزارت خارجه جي عھدي تان استعيفى ڏئي ايوب ڪابينه
کان الڳ ٿي ويو. اهڙي طرح ھن ايوبي آمريت جي خاتمي لاءِ سياسي جدوجھد جو فيصلو ڪري
ورتو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو مختصر عرصي اندر عوام جي حقن لاءِ ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مسلسل سياسي جدوجهد ۽ اڻٿڪ محنتن جي ڪري نيٺ جنرل ايوب
خان اقتدار کان الڳ ٿي ويو، پر هن ويندي ويندي اقتدار جنرل يحى خان جي حوالي ڪري ڇڏيو.
يحيٰ خان اقتدار سنڀاليندي ئي ون يونٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ اندر عام چونڊون ڪرائڻ جو
اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون. ۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي مغربي
پاڪستان ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ سامهون اچي وئي. جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾
عوامي ليگ کي ڪاميابي حاصل ٿي پر افسوس جنرل يحى خان جي غلط پاليسين ۽ مشرقي پاڪستان
اندر فوجي ڪارروائين جي ڪري اقتدار عوام جي منتخب نمائندن حوالي نه ٿي سگهيو، جنهن
جي نتيجي پاڪستان ٽُٽِي ٻن حصن ۾ وراھجي ويو. پاڪستان ٽُٽڻ کان پوءِ باقي بچيل پاڪستان
جو اقتدار شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي ڪيو ويو. پاڪستان ۽ ھندوستان وچ ۾ لڳل
جنگ جي دوران پاڪ فوج جا ۹۰ هزار کان مٿي فوجي جوان ڀارتي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا
ھئا، اهڙي طرح ۹۰ هزار فوجي هندستان جي قيد ۾ هليا ويا. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽِي اقتدار سنڀالڻ
کان پوءِ پنهنجي قائدانه صلاحيتن ۽ سياسي بصيرت جي ذريعي شملا معاهدي تحت هندستان
کان ۹۰ هزار فوجي جوانن ۽ پنج هزار مربع ميل زمين به واپس ڪرائي اهم ڪارنامو
سرانجام ڏنو.
شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي
پنهنجي دور اقتدار ۾ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ مختلف منصوبن تي عمل شروع ڪري ڏنو. شهيد
ذوالفقار علي ڀُٽو پنهنجي دورِ اقتدار ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، ان ۾ ملڪ کي
متفقه طور تي ۱۹۷۳ع جي آئين کان علاوه پاڪستان اسٽيل مل جو قيام، ٽيڪسلا ۾ هيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس
جو قيام، لکين بيروزگار ماڻهن کي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار ڏيارڻ، بي زمين هارين ۾
زمين ورهائڻ، ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڏيارڻ ۽ مزدورن جي ڀلائي لاءِ ليبر پاليسيءَ
کان علاوه ٻيا کوڙ سارا منصوبه شامل آهن. شهيد ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ملڪ
معاشي طور تي مڪمل تباهه ٿي چڪو هو. مگر هن پنهنجي ڏاهپ ۽ غير معمولي قيادت ۽
صلاحيتن جي ڪري پاڪستان کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو. شهيد ذُوالفقار علي ڀُٽو
جي دور ۾ عالمي سطح تي پاڪستاني قوم جو تشخص بحال ٿيو ۽ پاڪستان جي نئين سر اڏاوت
۽ تعمير جو دور شروع ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي عالمِ اسلام کي هڪ پليٽ فارم تي
گڏائڻ لاءِ ۱۹۷۴ع ۾ مسلمان ملڪن کي گڏ ڪري اسلامي سربراهه ڪانفرس ڪوٺائي، جيڪو هڪ عظيم ڪارنامو
آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. هن آمرن جنرل ايوب
خان کان وٺي جنرل ضياءَ تائين سڀني جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. اڄ جيڪڏهن پاڪستان
اسلامي دنيا جي واحد ايٽمي قوت آهي ته اهو فقط شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو
جو دور پاڪستان جي تاريخ جو اهم ۽ سنهري دور هو. شھيد ڀٽو ھڪ مدبر ۽ دُورانديش
سياستدان ھو. اڄ هو اسان سان جسماني طور تي گڏ نه آهي پر پاڪستان توڙي عالمي دنيا
جي مظلوم ۽ غريب عوام جي دلين تي اڄ به راڄ ڪري رھيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي اڄ
به ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽِي آهي ۽ نوجوان چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداريءَ جي قيادت ۾
متحد آھي. پاڪستان ۾ اڄ به سياست جو محور شھيد ڀُٽو جي حامي ۽ شھيد ڀُٽو جو مخالف
گروپن ۾ ورهايل آهي. اميد ته پارٽي جو نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي
عظيم نانا شھيد ڀٽو ۽ پنهنجي عظيم ماءُ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏسيل راھ تي ھلي
ملڪي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ۽ شھيد ڀٽو جي نظريي ۽ فلسفي مطابق پارٽيءَ
کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ شھيد راڻي محترما بينظير ڀٽو سان ڪم ڪندڙ وفادار ڪارڪنن کي اڳتي
آڻڻ جو موقعو فراھم ڪندو.
شھيد ڀٽو اسان جي
دلين ۾ زندھ آهي ۽ ھميشه زنده رھندو. هن موقعي تي سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي
شاھ جو ذڪر نه ڪرڻ ھڪ وڏي زيادتي ھوندي. اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ مرحوم سيد عبدالله
شاهه جي بھادر پٽ ۽ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سپاھي ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ جي
بھادر ڪارڪن سنڌ جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه سنڌ جي عوام کي ڪورونا کان بچائڻ
لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان لاءِ کيس خراج تحسين پيش ڪجي ٿو. سنڌ اندر لاڪ ڊائون
جو فيصلو ھڪ وقتائتو فيصلو آهي ان فيصلي سان ھزارين ماڻهن جون زندگيون محفوظ
رھيون. مراد علي شاهه جي بروقت قدمن کي عالمي دنيا ۾ به ساراھيو ويو. الله پاڪ کان
دعا آهي ته اسان سڀني پاڪستان واسين سميت عالمِ اسلام ۽ پوري دنيا کي ڪورونا وائرس
کان محفوظ رکي. آمين.
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جمعو
فقير
وقت جي بادشاهه ۽ هڪ
گداگر جي دوستي جو حال و احوال
آصف رضا موريو
جمعو فقير پنهنجي
بصيرت آميز چَرِچَنِ، ڀوڳن، سَنتُ طبيعتي ۽ معنيٰ خيز جملن جي ڏي وٺ سبب ”لاڙڪاڻو
شهر جو وتايو فقـير“ طور مشهور آهي. پنهنجي من جي بادشاهه هن فقير جا گفتا سالڪن
وارا ۽ فقيري رنگ ۾ رنڱيل هوندا هئا. ڇو ته غريب هوندي به هي شخص انتهائي داناءُ
هوندو هيو. جانورن سان محبت ۽ ڀوڳ ٺڪائن جي ڪري، جمعو فقير جيترو پنهنجي جيئري عام
۽ خاص ۾ مشهور هوندو هيو، اوترو ئي هن وقت به هو نوجوان نسل ۾ مشهور آهي. سندس
دانائيءَ ڀرين ڳالهين مان ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو ماڻهو به لاڀ پائيندو هيو، تنهن ڪري
ئي جڏهن به هو لاڙڪاڻو ايندو هيو ته جمعو فقيرسان ڪچهري ڪرڻ جو الڪو هوندو هيس.
جمعو فقير کي
سدائين مَٿي سان بنڊل رومالن جا ٻڌل هوندا هئا. سڄي هٿ ۾ گڏهه جون رينون پڪڙيل، کٻي
هٿ ۾ هڪ ڊگهي لٺ، ڏوئي سان پاتل چشمائي اکيون جن مان کٻي اک ٿورڙي سڄيل، ميرانجهي
گودڙي، هڪ وڏو ٿانو، ڦاٽل چتيل بوٽ يا چپل ۽ پلٽڻ ڪتن ۽ ٻلين جي ڪَڍَ، روڊن، گهٽين،
بازارن، ڪورٽن ۽ دوڪانن سامهون شهر ۾ گشت ڪندو نظر ايندو هيو. کيس جيڪا به کائڻ جوڳي
شيءِ، مراديءَ ۾ ملندي هئي ته ان جا ڳَڀا ٽُڪر ڪري، پنهنجي رولو ساٿاري جانورن ڏانهن
اڇلائيندو رهندو هيو. جن کي هو ڪامريڊ سڏيندو هيو. جيڪي سندس پويان وڏي عقيدت ۽
احترام سان، گڏهه پيران اهڙي ريت هلندا رهندا هيا، جيئن ڪنهن جنرل يا اڳواڻ سان،
سندس پروٽوڪول وارا هلندا آهن.
جمعو فقير، ذات جو سومرو ۽ قمبر تعلقي جي مشهور
شهر دوست علي بنگلن جي اولهه ۾ واقع ڳوٺ ڪور سليمان جو ويٺل هيو، جيڪو قمبر شهر کان ۲۵ ڪلوميٽر کن پري آهي. هن وقت فقير جو ڳوٺ يو سي ڪور ڪمال ۾ اچي ٿو. جوانيءَ
جي ڏينهن ۾ ئي فقير ڳوٺان لڏي قمبر شهر ۾ اچي ويٺو. شهر جي خاص روڊ تي، پراڻي ميونسپالٽي
آفيس جي داخلي دروازي ڀرسان، پٺاڻ واري مسجد وٽ، ان جاءِ تي سندس حجامڪو دوڪان
هوندو هيو، جتي هاڻي ذوالفقار علي ڪلهوڙو جو جنرل اسٽور ۽ فوٽو اسٽيٽ مشين وارو دوڪان
موجود آهي. ان دور ۾ جمعو فقير جي دوڪان سامهون، شهر جي نالي وهندي هئي. جڏهن فقير
وٽ ڪو گيراڪ ڏاڙهي ڪوڙائڻ ايندو هيو ته ان کان پڇندو هيو ته؛ ”ٽڪي واري ڏاڙهي ٺاهيان
يا آني واري؟“ جيڪڏهن ڪو گيراڪ چوندو هيس ته؛ ”ٽڪي واري ڏاڙهي ڪوڙ ته فقير دوڪان اڳيان
وهندڙ نالي جي گندي پاڻيءَ مان وٽي ڀريندو هيو. جنهن تي جڏهن گيراڪ ڪاوڙبو هيو ته
فقير چوندو هيس ته؛ ”ابا! ٽڪي ۾، ناليءَ جي پاڻيءَ سان ئي ته سيرب ٺهي سگهندي نه.“
فقير طبيعت ۾ هيو رمدو جوگي. تنهنڪري ڪجهه عرصي کان بعد، کيس قمبر ۾ مزو نه آيو ته
شهر جي ويجهڙي ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ لڏي ڪجهه عرصو اتي رهي تهان پوءِ لڏي اچي لاڙڪاڻو
شهر ۾ ٿانئڪو ٿيو.
لاڙڪاڻو اچڻ بعد،
فقير شهر جي ڏاکڻئين حصي رحمت پور محلي ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پڻ هن حجامڪو دوڪان
کوليو. سندس ٿڌيرڙي طبيعت سبب، جلد ئي ڌنڌو ڄمي ويو پر گهڻو عرصو نه هلي سگهيو يا
کڻي چئجي ته فقير ان ڪم کي وڌيڪ هلائي نه سگهيو. ان جو سبب شايد ڪمزوري ۽ پوڙهاپو
هجي يا وري حجامڪي ڌنڌي ۾ متعارف ٿيل جديد شين سان فقير جهڙي پراڻي ڪاريگرن جي
ناواقفيت. بھرحال عمر جي آخري حصي ۾ جڏهن سندس ڌنڌو داڙي پوئتي پوڻ لڳو ته فقير
اهو ڪم ڇڏي ڏنو. ان دوران ئي سندس طبيعت ۾ فقيري رنگ جو لاڙو اسرڻ لڳو، جنه ڪري
دنياوي رنگ ڍنگ ڇڏي پنهنجي گڏهه تي چڙهي گداگري ڪرڻ لڳو. جمعو فقير ٻين عام فقيرن
جيان خيرات لاءِ نه هٿ ڊگهيريندو هيو ۽ نه ئي ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ ڪنهن کان سهڪار
گهرندو هيو. شهر جي رستن ۽ گهٽين ۾ گهمندي گهمندي، کيس راهگير پاڻ مرادو خيرات ڏئي
ڇڏيندا هيا.
گداگريءَ کان علاوه
فقير جو عمر جي آخري ڏينهن تائين هڪ ٻيو به روزانو جو معمول هوندو هيو ته هو
پنهنجي گڏھه تي چڙهي لاڙڪاڻو جي گوشت مارڪيٽ
۾ وڃي، ڪاسائين کان جانورن جي گوشت جا ڇڇڙا ڪٺا ڪندو هيو. جيڪي پوءِ لاڙڪاڻو شهر
جي گهٽين، رستن ۽ چوواٽن تي ڀٽڪندڙ بي گهر، آوارا ۽ رولو ڪتن ۽ ٻلين کي اڇلائي
کارائيندو رهندو هيو. ڪيترن مهينن جي ان وهنوار کان پوءِ، شهر جا اهي ڪتا به ساڻس
اهڙا ته مانوس ٿي پيار ڪرڻ لڳا جو جاڏي جمعي فقير جي گڏهه جا پير، تيڏانهن رولو ڪتن
جو لشڪر، سندس پويان مارچ ڪندو رهندو هيو.
ڀٽو سان تعقات
جمعو فقير، غريب هئڻ
جي باوجود، جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دوست طور لاڙڪاڻو واسين سان گڏ دنيا ڀر ۾
مشهور هيو. ڀٽي سان سندس لاڳاپا، ويجهڙي دوست جهڙا ئي هوندا هيا، جن جي شروعات ڀٽو
جي وزارت کان به اڳ ٿي هئي. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته فقير کي دعوت
موڪلي، پنهنجي گهر گهرائي، ساڻس خوش دليءَ سان حالي احوالي ٿيندو هو. ذوالفقار علي
ڀٽو سان، فقير جو دوستاڻو تعلق، وزارت خارجه وارن ڏينهن ۾ هيئن جڙيو جو ڀٽي صاحب
کي ڪنهن ٻڌايو ته شھر ۾ گڏھه تي گهمندڙ ھڪ فقيرمنش ڪو داناءُ ماڻهو آهي، جيڪومزاح
جي انداز ۾ سون جا گفتا اچاريندو آهي. ڀٽي صاحب پاڻ به سامين جي سلوڪن جو قدردان
هيو، تنهن ڪري هن پنهنجي ماڻهن کي چيو؛ ان فقير کي احترام سان المرتضيٰ هاؤس وٺي
اچو. ماڻھن جڏهن وڃي جمعي فقير کي ٻڌايو ته؛ ”تو کي ڀٽي صاحب پاڻ وٽ گهرايو آھي“ ته
فقير مٿن ڪاوڙجي پيو؛ ”مان ڪو ڀٽي جو نوڪر آھيان ڇا جو سندس سڏ تي ڀڳو وڃان.“ جڏهن
فقير تي، سنگت جي ڪا حجت ۽ حيلو نه هليو ته لاچار انهن وڃي ڀٽي صاحب کي سموري
ماجرا ٻڌائي. جنهن تي ڀٽو صاحب پاڻ گهران نڪري، گاڏيءَ تي چڙهي، جمعو فقير سان وڃي
مليو. جيڪو ان وقت لاڙڪاڻه جي موجوده ڪينيڊي مارڪيٽ وٽ، پپر جي هڪ وشال وڻ هيٺان،
بيٺو پنهنجي گڏھه کي گاهه کارائي رهيو هيو. ڀٽي صاحب کي اٽالي سان ايندي ڏسي، فقير
پڇيس؛ ”ڀٽا صاحب! ڪيڏانهن ڀلجي پيو آھين؟“ ڀٽي صاحب کيس ورندي ڏني ته؛ ”فقير سائين
خدمت ۾ حاضري ڀرڻ آيو آھيان.“ تنهن تي جمعي فقير کيس مرڪندي وراڻيو ته؛ ”ابا مان ڪهڙو
ماستر آھيان جو حاضري ڀرڻ آيو آھين.“ ڀٽو صاحب جواب ڏنس؛ ”جيڪڏهن حاضري قبول پوي
ته پوءِ سنگت ڪجي.“
جمعو فقير؛ ”ڀٽا
صاحب! دوستي رکڻ سولي آ پر ٻيلي نڀائڻ ڏکيرڙي
اٿئي.“ ڀٽو صاحب به مڙڻ وارو مڙس ڪٿي هيو. چيائينس؛ ”ڀلا دوستي رکي ڏس پوءِ به
مرضيءَ جو مالڪ آھين.“ تنهن تي جمعي فقير چيس ته؛ ”صاحب! تڏي تي لنگهي آيو آھين!
تو کي موٽايان نه ٿو. متان ڪڏهن مهڻو ڏئي وجهين.“
اهڙيءَ ريت لاڙڪاڻو
شهر جي رستن تي گداگري ڪندڙ ميرانجهي منش ۽ پنهنجي وقت جي هڪ سگهاري شهنشاهه جي
دوستي جي شروعات ٿي. جيڪا ٻنهي عمر جي آخري گهڙين تائين، مڙس ماڻهو ٿي نڀائي ۽ ڏيهان
ڏيهه سندن دوستي جا چرچا شهرت جا پر پائي اڏرندا رهيا. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻو
ايندو هيو ته جمعو فقير سان ملڻ جو وارو وس ڪري ڪو نه گسائيندو هيو. سندس سڏ تي فقير به پنهنجي ڪُتا ڪمپنيءَ سميت
وزير اعظم، اميرن، سفيرن، وزيرن ۽ ڪامورن
جي سامهون المرتضيٰ هائوس پهچي ويندو هيو. انهن وڏن ماڻهن جي روب تاب ۾ ته فقير ڪٿي
اچڻ وارو هيو. پر ڀٽو صاحب سان گفتگو ڪندي انهن جي هوڏ جي کل لاهڻ جو ڪو موقعو ڪو نه
وڃائيندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڀٽي جا سڀئي ساٿي کانئس سامهون ايندي لنوائيندا
هئا. ايتري تائين جو ڀٽو صاحب جو تمام لاڏلو ايس پي پڃل جوڻيجو، جنهن کان شهر جا
تمام بدمعاش، ڏنگا ۽ ڏاگها پاسا وٺندا هيا سو پڻ، فقير جي سامهون اچڻ کان
لهرائيندو هيو ته هي مستانو متان ڪو ڀوڳ هڻي پٽڪو نه لاهي وجهي.
هڪ ڀيري جي ڳالهه
آهي ته ڀٽي صاحب جي هڪ کُليل ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ فقير، گڏهه تي سوار ٿي
المرتضيٰ هائوس پُهتو ته ايس پي پڃل جوڻيجي ۽ هڪ وزير کيس اندر وڃڻ ڪو نه ڏنو. فقير
به واپسي کان نابري واري ڳچ وقت تائين بيٺو رهيو جيستائين مٿس ڀٽي صاحب جي نظر نه
پئي. جنهن ڏسندي ئي کيس پاڻ ڏانهن اچڻ لاءِ اشارو ڪيو. تنهن تي فقير گڏهه کي ڳٽ ڳٽ
ڪندي، اڳتي وڌائيندي ايس پي ۽ وزير ڏانهن نهاريندي چيو؛ ”ڀُٽا صاحب اچون ته سهي پر
تُنهنجا ڪُتا، ملڻ لاءِ اڳتي ڇڏين ئي ڪو نه ٿا!“
ان واقعي کان ٻه
چار ڏينهن پوءِ، جمعو فقير وڃي ايس پي هائوس تي پهتو. اتفاق سان ايس پي پڃل شهر جي
گشت لاءِ تيار ٿي پئي نڪتو، سو جُمعي کي ڏسي چيائين؛ ”جُمعا وري ڇا کٽو اٿئي جو هيڏاهن ڀيڙو ٿيو آهين. ان ڏينهن
ڀُٽي صاحب آڏو بيعزتي ڪرڻ کان پوءِ به هانءُ نه ٺريو اٿئي ڇا؟“ جمعي مُرڪندي
وراڻيس: ”ايس پي صاحب، ڪالهانڪو منهنجي گڏهه گُم ٿي وئي آهي. سو هتي ڳولهڻ آيو
آهيان ته متان ڪٿي اُها ناناڻي (ايس پي هائوس) ته اچي نه نڪتي آهي!“ ايس پي سياڻو
ماڻهو هيو، هن پنهنجي اسٽاف آڏو وڌيڪ بيعزتيءَ کان بچڻ لاءِ سَوَ جو نوٽ کڻي،
جُمعي فقير جي تريءَ تي رکيو. جنهن پئسا وٺي آسمان ڏانهن منهن ڪري چيو: ”پوليسارو
۽ خرچي..... بي مرادن مان مراد، واهه موليٰ منهنجا ڀاڳ.“
جمعو فقير اهو واحد
ماڻھو هو، جيڪو نه صرف ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀوڳ چرچا ڪندو هو پر هو فقيراڻي انداز
۾ ڀٽي کي تکيون مٺيون ڳالهيون به چئي ويندو هيو. ڀٽو صاحب وزيراعظم بڻجڻ کان پوءِ
جڏهن پهريون ڀيرو جمعي فقير سان مليو ۽ کيس چيائين؛ ”فقير سائين مونکي دعا ڪندو ڪر.“
تنهن تي جمعي فقير وراڻيس؛ ”ڀٽا صاحب! لڳي ٿو وزيراعظم ٿيڻ تي خوش ڪو نه آھين. ڀلا
هاڻي هڪڙو ڪم ٿا ڪيون. تون مون وارو گڏھه سنڀالي جمعو ٿيءُ ته مان وري تو واري سيٽ
ولاري ڀٽو ٿو ٿئان.“ تنهن تي ڀٽي صاحب ڪرسيءَ
تان اٿي چيس ته؛ ”منظور آھي مونکي ڏي پنهنجو گڏھه.“ ان موقعي تي کوڙ سارا وزير،
مشير ۽ اعليٰ عملدار پڻ ڪچهريءَ ۾ موجود هئا. جمعي فقير، ڀٽي کي راضي ڏسي چيو؛ ”نه
ابا! مان پنهنجو گڏھه اصل ڪو نه ڏيندس. ڀٽا صاحب اڳ ۾ ئي تو وٽ جام گڏھه آهن،
پهرين انهن کي ته سنڀال.“ سندس اهڙي جواب تي ڀٽي صاحب کلي ڏنو ۽ اتي موجود سڀني جا
منهن لهي ويا.
ڀٽي صاحب، هڪ دفعي
جمعي فقير کي چيو؛ ”تو کي گهر ٺھرائي ڏيان.“ تنهن تي فقير ناراض ٿيندي چيس؛ ”جي ٻيهر
ڪڏهن اهڙي ڳالهه چيئي پوءِ صاحب پاڻ واري ياري ختم.“ هڪ دفعي جي ڳالهه ڪندا آهن ته
ڀٽو صاحب مهين جو دڙو ايئرپورٽ تي جهاز تان لهي ايئرپورٽ روڊ ورتيون لاڙڪاڻو شهر پيو
اچي. جمعو فقير کي به ڀٽي جي اچڻ جي خبر پئي ته ابوبڪر مقام وٽان اڳ وٺي وچ روڊ تي
گڏهه سوڌو بيهي رهيو. پروٽوڪول وارن کي سندس ڀٽي سان دوستي جي خبر هئي ان لاءِ ڪنهن
هٽايس ڪو نه.. اتان گذرندي ڀٽي جي فقير تي نظر پئي ته پنهنجي لشڪر سميت بيهي رهيو.
ساڻس حالي احوالي ٿي موڪلائڻ مهل، ھجتي انداز ۾ چيائينس ته؛ ”فقير! اڄ رات جي ماني،
مون سان گڏ کائيندؤ.“ جمعي فقير چيس؛ ”هڪ شرط تي ماني کائبي ته ان دعوت تي اسان ٻنهي
کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هوندو.“ تنهن تي ڀٽي صاحب پڇيس ته؛ ”ڀلا ايئن ڇو؟“ تنهن تي
جمعي فقير چيس ته؛ ”ڀٽا صاحب! تون پاڻ سان جيڪي ماڻھو کنيو ٿو وتين، اهي آھن بد
فضيلتا. سي سمورو مال رهڙي ويندا.“ ڀٽو صاحب، سندس ڳالهه تي ڏاڍو کليو. چيائينس؛ ”فقير!
تنهنجي ڳالهه منظور آهي.“ رات جي مانيءَ وقت سرڪاري پروٽوڪول وارا، جڏھن جمعي فقير
وٽ پهتا ۽ کيس گاڏيءَ ۾ ويهي هلڻ لاءِ چيائون ته فقير کين کتو جواب ڏيندي چيو ته؛ ”دعوت
۾ مون سان گڏ، منهنجو گڏھه به هلندو، ٻي صورت ۾ ڍڪي ڀلي.“ انتظاميه ۽ پروٽوڪول وارا
اچي ڦاٿا. آخر مسئلو ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو، جنهن تي ڀٽي صاحب کين حڪم ڪيو ته؛ ”جيئن
جمعو فقير چوي تيئن ڪيو.“ اهڙيءَ ريت جمعو فقير، پنهنجي گڏھه سميت المرتضيٰ هاؤس پهتو،
جت نه رڳو هن پاڻ ماني کاڌي پر پنهنجي گڏھه کي به وزير اعظم جي گهر ۾ پيٽ ڀري گاهه
جي دعوت کارايائين.
پاڪستان جي تاريخ
جي انتهائي اڏول سياسي ڪردار، ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جهڙي پروقار ۽ قدآور شخصيت جي
جمعو فقير جهڙي مسڪين ماڻهوءَ سان دوستيءَ جو راز ۽ رمز ته اهي پاڻ ئي ڄاڻن پر
فقير به ساڻس ياري خوب نڀائي. ايتري تائين جو ڀٽو صاحب جي گرفتاريءَ کان پوءِ ان
تي ٿيندڙ ظلم و ستم، جيل قيد، زيادتين، سزا، اپيل وغيره واري تمام عرصي ۾ ٿيندڙ
احتجاجن ۽ مارچن جي مورچن تي پنهنجي گڏهه تي چڙهي پنهنجي بي زبان ساٿين سان گڏ
خاموش احتجاجي طور بهرو وٺندو هيو. اها ٻي ڳالهه آهي جو سندس بيڪار وجود کي نه
وردين وارا اهميت ڏيندا هئا نه ميڊيا وارا ڪوريج ۽ نه ئي وري ڀٽو جا ساٿي. کيس هڪ
عام تماشائي، گداگر ۽ رونشي ڪوڏيو سمجهي، نظر انداز ڪيل هن فقير جي دل جي اڌمن کي
صرف ان جو گڏهه يا ان جا وفادار ڪتا ئي سمجهندا هيا جيڪي هن جا سچا همدرد ۽ ساٿي
هوندا هيا. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي سينٽرل جيل راولپنڊيءَ ۾
سوريءَ کي سينگار بڻايو ته پنهنجي عظيم دوست جي شهادت تي هي جهوريل ۽ جهريل فقير، ڪيترن
ئي ڏينهن تائين ٻارڙن وانگر ريهون ۽ رڙيون ڪري روئندو رهيو.
ڀٽو صاحب جي شهادت
کان پوءِ جمعو فقير جي دل به هن شهر ۽ شهر واسين مان اچاٽ ٿي وئي ھئي. تنهن ڪري
آهستي آهستي شهر جي رستن ۽ گهٽين ۾ سندس واهپو گهٽبو ويو. ائين به ٻڌو ويو آهي ته
پنهنجا پراوا سندس ظاهري هيئت جي ڪري ته اڳ ۾ ئي بيزار هوندا هيا، ان لاءِ زندگيءَ
جي آخري ڏهاڙن ۾ جمعي فقير جو ٺڪاڻو قبرستان ۾ ڪانن، پکن ۽ ڦاٽل ساٽل ڪپڙن جي ٺھيل
هڪ جهوپڙي هوندي هئي، جتي پاڻ ڳچ وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هيو. ان دوران سندس
طبيعت به خراب رهڻ لڳي هئي. ڪو ڌڻي ڌوڪي هئس ڪو نه. جنهن ڪري آخرڪار پيريءَ جي
لاچارگي ۽ هيڻائي جي ور چڙهيل هيءُ فقير، جيڪو بادشاهن جي ڪاڻِ ڪو نه ڪڍندو هيو پر
وقت جو شهنشاهه سندس در تي حاضري ڀريندو هيو، ان پنهنجي دوست ذوالفقار علي ڀٽو جي
وفات جي اڳلي سال ۱۹۸۰ع ۾ ئي پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪري هن دار فاني کي الوداع
چيو.
ذوالفقار علي ڀٽو
بھار آندا پٽن جا لاشا
امين ارباب
هو جيڪو ديس جو اهڙو
جادو جنتر هو جنهن جي لفظ لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا
هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾ صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي ماڻهو ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي
چاهيو.
“روٽي ڪپڙا
اور مڪان” هن جو نعرو هو ۽ هن عوام کي طاقت جو سرچشمو ، سوشلزم کي معيشت ۽ جمهوريت
کي منزل ڪوٺيندي اسلام کي پنهنجو عظيم دين قرار ڏنو ۽ چيو ته“مونسين هلي سا جا
جيءَ مٺو نه ڪري”
لاڙڪاڻي جي چيڪي مٽيءَ
مان جنم وٺندڙ، ممبئي ۾ شروعاتي تعليم حاصل ڪندڙ سر شاهنواز ڀُٽي جو ذلفي جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو ته ننڍي
کنڊ جي قسمت بابت فيصلا ٿي رهيا هئا. ۱۹۴۹ع ۾ برڪلي ڪيمپس ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ذوالفقار علي ڀٽو
ايشيا جو اهو پهريون شاگرد هو جنهن کي برڪلي شاگرد ڪائونسل ۾ ميمبر طور چونڊيو
ويو. ۱۹۵۰ع ۾ آڪسفورڊ مان پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجويشن جي ڊگري حاصل ڪندڙ ڀٽي جڏهن
تعليم پوري ڪئي ته سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچرار بڻيو. صلاحيتن جو هي صاحب ان وقت ۱۹۵۷ع ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو نمائندو بڻيو جڏهن
ملڪ مٿي ايوب دور جو راڄ هو. ۱۹۵۸ع ۾ ڪامرس جو وزير بڻجڻ کانپوءِ جڏهن کيس ۱۹۵۹ع ۾ انفارميشن جو وزير بڻايو ويو ته هن
اطلاعات کاتي ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آنديون. ۱۹۶۰ع ۾ معدنيات جو وزير بڻجندڙ ذوالفقار علي ڀٽو
۱۹۶۵ع تائين يو اين اي ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻ رهيو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۵ع تائين پرڏيهي وزير رھندڙ ذوالفقار علي ڀٽي
جڏهن ۱۹۶۶ع ۾ پرڏيهي وزارت تان استعيفا ڏني ته ايوب خان حڪومت ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ هو
ايوب حڪومت خلاف بغاوت ڪندي هر واهڻ ۽ وستي ۾ پهتو، هن مظلوم ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو
۽ ماڻهن کي پنهنجن حقن ۽ وسيلن جي مالڪي جو پهريون ڀيرو احساس ڏياريو.
جڏهن هن پيپلزپارٽي
جو بنياد رکيو ته ماڻھن هن جي دل کولي آجيان ڪئي، جڏهن ايوب خان ڀٽي جي عوام ۾
مقبوليت ڏٺي ته هن پاڻ کي هيڻو ۽ ڪمزور محسوس ڪيو. ۱۲ نومبر ۱۹۶۸ع تي ڀٽو گرفتار ٿي ويو ۽ ڀٽي کي آڻ مڃائڻ
لاءِ حيلا هلايا ويا پر نه جھڪيو ته هي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جو ماڻهو نه جھڪيو.
۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊن جو اعلان ٿيو ته پيپلزپارٽي جي نشان تلوار تي ٺپو ھڻڻ لاءِ
مظلوم عوام جون قطارون لڳي ويون، نتيجا آيا ۽ ڀٽو کٽي ويو، عوام سان ڪيل واعدن جو
وقت اچي ويو ۽ ڀٽي ۱۹۷۲ع ۾ ملڪ جي سڀني ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي مزدورن لاءِ نئين پاليسيءَ جو
اعلان ڪيو ۽ چيو ته هاڻي جنهن به ڪارخاني مان نفعو حاصل ٿيندو ان تي مزدورن جو حق
هوندو، اعلان ڪيل پاليسيءَ تحت پهريون ڀيرو ڪارخاني جي مزدور کي پينشن ۽ انشورنس
ملڻ جي پڪ ملي.
مزدورن جي فلاح
بهبود لاءِ اعلان ڪيل پاليسيءَ کانپوءِ ڀُٽي پورهيو ڪندڙ هارين کي به نه وساريو.
زرعي سڌارن جو اعلان ڪندي چيو ته ڪنهن کي به ڏيڊ سئو ايڪڙ زمين کان وڌيڪ زمين رکڻ
جي اجازت نه هوندي، ڀٽي جي هن اعلان کانپوءِ هزارين ايڪڙ زرعي زمين جي ورهاست ٿي ۽
سالن کان هارپو ڪندڙ هاري زمين جا مالڪ بڻجي ويا. هن عوام جون دليون کٽي ورتيون ۽
سڄي ملڪ ۾ “جيئي ڀٽو” جا نعرا گونجي پيا.
اڃان ڀٽي جي اقتدار
کي ڪجهه سال ئي گذريا هئا ته ڀٽو امتحان ۾ اچي ويو، ۹۰ هزار فوجي قيدي ڀارت جي قيد مان آزاد ڪرائڻ
ڀٽي لاءِ هڪ چئلينج بڻجي ويو، سڄي دنيا جون اکيون ڀٽي ۾، پاڪستان جي عزت ۽ وقار جو
سوال! هڪڙي پاسي ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم ته ٻئي پاسي اندرا گانڌي وزيراعظم.
ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت جي پنڪي شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو کي ساڻ وٺي ڀارت
هليو ويو، جتي اندرا گانڌي سان ڳالهيون ڪيون، اندرا رات پيٽ ۾ پاڪستان جا ۹۰ هزار جنگي قيدي آزاد ڪري ڇڏيا، سڄي دنيا کي
ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ ڏيھه واپسي تي ملڪ جي ماڻهن ڀٽي کي کڻي سيني سان لاتو.
ڀٽي رڳو ۹۰ هزار فوجين کي نه ڇڏايو پر هن ملڪ لاءِ ڪيترا
ئي ڪارناما ڪيا . اسٽيل مل کان وٺي موهن جو دڙو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين،شاگردن
کان اڌ ڀاڙو، سرڪاري بسون، شهرن جي مقابلي ۾ ٻهراڙي کي ترجيح، ڪوٽا سسٽم، هاري ڪورٽون،
هر مرڪزي شهرن ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽلون، اسڪالر شپ جا موقعا، ۱۹۷۳ع جو آئين، شملا معاهدو ۽ ايٽمي پلانٽ اهڙا
ته ڪارناما هئا جنهن کي ملڪ جا ماڻهو ڪڏهن به وساري نه سگهندا.
آمريڪا جڏهن دنيا مٺ
۾ ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيو هو، آمريڪا جڏهن اسلامي ملڪن کي پنهنجي اشاري تي هلائڻ جي
همت ساري رهيو هو ته هن اسلامي ملڪن جي سربراهن کي گڏ ڪيو ۽ چيو ته “اسلامي دنيا هڪ
بلاڪ ۽ ان کي پنهنجي حيثيت آهي، اچو ته هڪ ٿي وڃون ۽ مڙي مٺ ٿي وڃون” ۽ پوءِ شاھ
فيصل، ڪرنل قذافي، شهنشاه ايران ۽ ياسر عرفات جهڙن عظيم ليڊرن کي هڪ ٽيبل تي آڻي
اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيئرمين چونڊيو
ويو.
ڳوٺن جي گهٽين مان
ووٽ وٺي وزيراعظم بڻجندڙ ڀٽي جڏهن ملڪ کان پوءِ عالمي ليڊر جي حيثيت اختيار ڪئي ته
هن جي خلاف دنيا جا سمورا دشمن هڪ ٿي ويا. غريب ملڪن جي محبوب اڳواڻن خلاف جنگ جوٽيندڙ
۽اسلام دشمن سموريون قوتون هڪ ٿي ويون ۽ پاڪستان ۾ لانگ بوٽ وارن کي آشيرواد حاصل ٿي
ويو. ۵ جولائي ۱۹۷۷ع ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آمر ضياءُ الحق جي اشاري آڏو ڪنڌ جهڪائي بيهي
رهيو، عوامي راڄ تي ڏينهن ڏٺي ڌاڙو لڳڻ کانپوءِ سڄو ملڪ مارشل لا جي ڪاري چنبي هيٺ
اچي ويو، اظهار راءِ جي وات تي هٿ اچي ويو. پنجين جنوري ۱۹۲۸ع ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان جنم وٺندڙ ڪروڙين دلين جو
هڪڙو شهزادو چوٿين اپريل ۱۹۷۹ع تي عوام کان کسجي مائٽياڻي مٽيءَ ۾ مدفون ٿي ويو.
ذوالفقار علي ڀٽو
سندس ورسي جي موقعي تي
منھن جي زير تصنيف آتم ڪٿا جي ھڪ باب مان ٽڪرو
خير محمد ڪولاچي
جڏھن صدارت سنڀاليائين
تہ مھيني کن کان پوءِ ھو لاڙڪاڻي آيو جتي ٻہ ٽي ڏينھن ترسڻ دوران ھن ھڪ ڏينھن باڊھ
جو دورو ڪيو ۽ اتي عوامي ڪچھري کي خطاب ڪيائين جيڪو ھڪ ننڊي جلسي ۾ بدلجي ويو.
اسان بہ سڀ اتي موجود ھئاسين. اتي ھن تقرير کي روڪي چيو تہ مان چونڊ مھم دوران ھن
شھر ۾ ايندو ھوس تہ ھتان جا سڀ چڱا مڙس منھن جي پارٽي جي خلاف ھئا پر ھڪ غريب شخص
منھن جو ساٿي بڻيل رھيو سو ھو دين محمد بروھي. ڪٿي آھي دين محمد بروھي؟ اھو چئي ھو
تقرير روڪي چاچي دين محمد جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. چاچو دين محمد اسٽيج جي ويجھو
بيٺو ھو سو اسٽيج تي چڙھيو تہ کيس ڀاڪر پاتائين جنھن تي تاڙيون وڃي ويون. بس اھو ڪامورا
شاھي کي گڏيل پيغام ھو جنھن کان پوءِ ھر آفيسر چاچي دين محمد کي عزت بہ ڏيندو ھو
تہ ان جا ڪم بہ ڪندو ھو. مون محسوس ڪيو تہ ھر آفيسر کي ھن جو خيال رکڻ لاءِ چوڻ
بجاءِ ڪيئن نہ ذھانت سان ڪامورا شاھي کي ھڪ ئي پيغام ڏئي ڇڏيو. سندس تقرير کان
پوءِ ماڻھون درخواستون کڻي وٽس پھتا تن تي ھو نوٽ ھڻندو ويو. ھڪ درخواست معيد شاھ
بہ پنھنجي پٽ جي نوڪري لاءِ کڻي وٽس پھتو تہ اتي بيٺل ھڪ ڪارڪن ڀٽي صاحب کي ياد ڏيارو
تہ سائين ھي اھو معيد شاھ اٿو جنھن جي گھر واري عورتن جي پولنگ اسٽيشن تي گڙٻڙ ڪئي
ھئي. ان تي معيد شاھ کي ڏسي چيائين تہ تون اھو آھين. ان تي معيد شاھ چيس تہ سائين
ھاڻ تہ اسان سڀ توھان جي پارٽي جا آھيون. تنھن تي ڀٽي صاحب وراڻيس تہ تنھنجي منھنجي
پارٽي ۾ ڪا جاءِ ڪونھي پر تنھنجي پٽ کي نوڪري ڏيون ٿا. پوءِ کيس درخواست تي نوٽ ھڻي
ڏنائين، جنھن تي ھن جي پٽ کي نوڪري ملي ويئي. پوءِ حڪومت ڪرڻ دوران مٿس مخالفن تي
سختي ڪرڻ جا بہ الزام لڳا پر ان ڏينھن اسان مخالف جي پٽ کي نوڪري ڏيڻ واري سندس
عمل کي بہ ڏٺو. سندس اھڙو ھڪ مثال ٻيو بہ ھو جڏھن لاڙڪاڻي جي سياستدان ۽ پنھنجي ھڪ
وڏي مخالف قاضي فضل الله جي چوڻ تي ھن اسان جي ھڪ ٻئي دوست کي بہ ڪسٽم کاتي ۾ نوڪري
ڏني ھئي.
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پاڪستان
پير مڪرم الحق
ڪجهه ڏينهن پهرين
سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي پهرين آئين ساز وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ۴۱هين ورسيءَ جي موقعي تي مختلف مضمون ۽
تصويرون ڏسڻ ۾ آيون، وري پاڪستان جي هاڻوڪي حالت به سامهون آهي. يقين ڪريو ته دل
ملول ٿي وئي. پاڪستان ڪهڙا ذهين ۽ دورانديش، پنهنجن ئي مير صادقن جي هٿان وڃائي ڇڏيا.
ڀٽو جو خواب هو ته پاڪستان کي دنيا جي اهم ملڪن ۾ شامل ڪرائي. ڇهن ستن سالن جي
عرصي ۾ ڪيترائي اصلاحي ۽ ڪيترا وڏا پراجيڪٽ پاڪستان ۾ شروع ٿيا پر جڏهن ۱۹۷۴ع ۾ ڀٽو ٻي اسلامي ملڪن جي سربراهه ڪانفرنس
منعقد ڪئي ته بين الاقوامي قوتون هوشيار ٿي ويون ته هن شخص جي ذهانت ۽ اهليت اهڙي
آهي جو هي مسلم ملڪن کي گڏ ڪري هڪ مضبوط ترين بلاڪ ٺاهي اسرائيل ۽ امريڪا جي لاءِ
مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو. اسلامي ملڪن OIC (Organization
of Islamic countries) جي تنظيم جي
جوڙجڪ ۱۹۶۹ع ۾ ڪولالمپور ۾ ٿيڻ واري هڪ اجلاس ۾ ٿي ۽ ملائيشيا جي نامور سياستدان ۽
وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان کي ان تنظيم جو پهريون سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. تنڪو
عبدالرحمان مليشيا کي برطانوي تسلط کان آزاد ڪرائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.
انهيءَ لاءِ هن کي ”باپو“ جو خطاب مليو هو. مطلب ته هو بابائي مليشيا سمجهيو ويندو
آهي. پيشي جي لحاظ وڪيل هو. ۱۹۵۵ع کان ۱۹۷۰ع تائين ملڪ جو سربراهه رهڻ کانپوءِ هن ۱۹۷۵ع تائين اسلامي تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جون
ذميواريون سنڀاليون. تنڪو عبدالرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ۾ گهڻي هڪجهڙائي هئي. ٻئي
وڪيل هئڻ کان علاوه محب وطن ۽ اعتدال پسند مسلمان به هئا. ۱۹۷۳ع ۾ تنڪو عبدالرحمان کي شدت سان احساس ٿيو
ته هن تنظيم پهرين ڏينهن کان ڪو خاص تاثر پيدا نه ڪري سگهي آهي. ان لاءِ هن
ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ هڪ ويهڪ ۾ اهو طئه ڪيو ته هڪ اسلامي ملڪن جي سربراهه ڪانفرنس
منعقد ڪئي وڃي، جنهن جي صدارت جي لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو تجويز ڪيو، جنهن
کي ڀٽو صاحب خوشدليءَ سان قبول ڪيو ۽ لاهور کي ميزبانيءَ جو شرف بخشڻ جي درخواست ڪئي.
اهڙي طرح نه صرف پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم کي اسلامي تنظيم جي سربراهن جي اجلاس
جي صدارت نصيب ٿي، بلڪه لاهور شهر کي ان اهم ترين اجلاس جي ميزبانيءَ جو شرف به
بخشو ويو. ۲۲ کان ۲۴ فيبروري ۱۹۷۴ع ۾ ان اجلاس جي ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ وارن اهم سربراهن ۾ سعودي عرب جو شاهه
فهد، فلسطين جي آزادي جو مجاهد ياسر عرفات، مصر جو انور سادات، لبيا جو ڪرنل
قذافي، الجزائر جو صدر بومدين ڪويتي شاهه الصبحاح ۽ بنگلاديش جو چونڊيل وزيراعظم
شيخ مجيب الرحمان به موجود هو. بنگلاديش کي پاڪستان جي تسليم ڪرڻ کان پوءِ ٻين
اسلامي ملڪن به تسليم ڪيو هو. سڀني ملڪن جي سربراهن اجلاس دوران جمعي نماز لاهور
جي بادشاهي مسجد ۾ گڏ ادا ڪئي. ان روح پرور منظر کي ڏسڻ واريون اکيون آليون هيون.
ان تاريخي اجلاس کي
خطاب ڪندي ان ٽن نقطن واري قرارداد کي پڙهي ٻڌايو ويو هو، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون:
* اردن، شام،
مصر ۽ فلسطين کي پنهنجي زمين کي آزاد ڪرائڻ جي حمايت.
* فلسطين جي
مسئلي جي حل کي يقيني بڻائڻ جو عهد ڪيو ويو.
* اسلامي،
ثقافت، يڪجهتي ۽ تعليم جي وڌاري لاءِ اسلامي گڏيل فنڊ جي قيام جو اعلان ڪيو ويو.
ذوالفقار علي ڀٽو
اهم ملڪن جي سربراهن کي چيو ته هو غريب مسلم ملڪن جي مالي مدد ڪري انهن ملڪن جي
حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ تنظيم جي مدد ڪندا. اسلامي بينڪ جي تصور جو جنم به انهي اجلاس
۾ ٿيو هو. پر ان اجلاس اولهه جي دنيا کي لوڏي ڇڏيو، هينئر تائين عرب ملڪ پنهنجي
دولت اولهه جي مالي ادارن يا بينڪن ۾ رکندا هئا، اولهه دنيا جي معاشي صحت جي لاءِ
پيٽرو ڊالر (تيل مان ڪمايل ڊالر) جي مرڪزي اهميت کان باخبر اولهه جا ملڪ جلد ئي
متحرڪ ٿي ويا. وڏين وڏين ڳجهين ايجنسين خطرناڪ سازش ڪرڻ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾
ان اجلاس ۾ شامل اهم ترين سربراهه شاهه فيصل کي ۲۵ مارچ ۱۹۷۵ع هڪ سال کانپوءِ هن جي ڀائٽيي فيصل بن مسيد
پستول سان گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. قاتل ڪجهه ڏينهن اڳ ئي امريڪا مان پنهنجي تعليم
مڪمل ڪري سعودي عرب پهتو هو. الجزائر جي هواري بومدين به ۱۹۷۸ع ۾ ۴۸ سالن جي ننڍي عمر ۾ پراسرار حالت ۾ فوت ٿي ويو. ۱۹۷۹ع جي ۴ اپريل تي پاڪستان جي مير صادق ضياءَ هڪ
سازش جي ذريعي پنهنجي آقائن جي خواهش جي مطابق اسلامي ڪانفرنس سربراهه اجلاس جي
صدر ذوالفقار علي ڀٽو کي تخته دار تي پهچائي ڇڏيو. ۱۹۸۱ع ۾ انور سادات کي پنهنجي فوج جي هٿان گولي
هڻي ماريو ويو. پر گهڻي دٻاءُ جي باوجود ذوالفقار علي ڀٽو ان اجلاس جي شريڪن جي
تعاون سان اسلامي دنيا جي پهرين ايٽمي طاقت رکڻ واري ملڪ جو اعزاز به پاڪستان کي
حاصل ڪرايو. اهو جرم به هن جي قتل جو سبب بڻيو. جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏهه
سال به ملي وڃن ها ته هو پاڪستان کي هڪ ناقابل تسخير قلعو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي
ها. ڀٽو مزدورن، هارين کي عزت نفس جو احساس ڏنو، پنهنجي حقن جي لاءِ جدوجهد جو
رستو ڏيکاريو، روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو منشور ڏنو. ۽ اڄ جي حڪمرانن جو ٽولو اٽو ۽ کنڊ
چورن تي مشتمل آهي. وزيراعظم جي سياست ۾ مالي مدد ڪرڻ وارا دوست کنڊ مافيا جا ڊان
آهن. ائين لڳي ٿو ڄڻ ته پاڪستان کي ڦورن جي حوالي ڪيو ويو آهي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
استاد لغاري
ذوالفقارعلي ڀٽو
ولد سر شاهنواز ڀٽو، ۰۵جنوري ۱۹۲۸ع تي، سنڌ جي مشهور شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو ۽ ۰۴ اپريل ۱۹۷۹ع جي رات جو ۱۲ وڳي شهيد ٿي ويو. سندس ڪل ٽوٽل عمر ۵۱ سال ٿي. تحت الشعور جي کاڻ کوٽيندي، مون کي
ياد اچي ٿو، ته ذوالفقارعلي ڀٽو صاحب، سال ۱۹۶۵ع ۾، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي ڪيبنٽ ۾ وزيرِ خارجه
هيو. جنهن پاڪ ڀارت جنگ دوران، اقوامِ متحده ۾ زوردار تقريرون ڪيون، جنهن جي نتيجي
۾، روس جي شهر تاشقند ۾ هندوستان جي وزيرِاعظم لال بهادر شاستري ۽ ايوب خان جي وچ
۾، جنگ بنديءَ تي اتفاق ٿيو ۽ لڙائيءَ بند ٿي ويئي.
۱۹۶۸ع ۾، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌائين ۽ ۱۹۷۰ع واري اليڪشن ۾، اولھ پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ
سيٽون کٽيائين. اوڀر پاڪستان ۽ اولھ پاڪستان ۾، شيخ مجيب الرحمٰن مجموعي طور تي، سڀ
کان وڌيڪ سيٽون کٽيون، پر کيس اقتدار نه ڏنو ويو. نتيجي ۾ بنگال ٽُٽي ويو ۽ باقي
بچيل پاڪستان جو وزيرِ اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي بنايو ويو. جنهن ايندي
شرط هندوستان جي قبضي هيٺ آيل، اولھ پاڪستان جا علائقا ۽ ۹۳ ھزار پاڪستاني جنگي قيدي آزاد ڪرائي، باقي بچيل پاڪستان کي، ترقيءَ جي روشن
راھ تي وٺي ھليو.
پاڪستان ۾ موجود
رجعت پرست قوتن کي، ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي روشن خيالي پسند نه آئي، جنهن جي
نتيجي ۾، ملڪ انتشار جو شڪار ٿيڻ لڳو. ان وچ ۾، ڀٽي صاحب پنهنجي پاڻ کي مستحڪم ۽
مضبوط بنائڻ جي خيال سان، ڏهن سينيئر جنرلن جي سينارٽي ختم ڪري، هڪ بنھ جونيئر
جنرل کي پنهنجو وفادار ۽ ايماندار سمجھي، چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو، جنهن جو
نالو هيو جنرل ضياءُالحق. ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي انهيءَ عظيم احسان ۽ اعليٰ رتبي
تي آڻڻ جي بدلي ۾، ضياءُالحق ۰۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع جي رات جو، سندس تختو اونڌو ڪري، اقتدار تي قبضو ڪري
ورتو. پر ضياءُالحق اڃان اتي بس ڪو نه ڪئي، هن جي من ۾، اڃان ڪا ٻي رٿ رٿيل هئي،
جيڪا ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي خلاف، قتل جي ڪُوڙي ڪيس جي صورت ۾ ظاهر ٿي. لاهور
هاءِ ڪورٽ، مولوي مشتاق جي اڳواڻيءَ ۾، انتهائيءَ اُجلت ۾ سزاءِ موت جو فيصلو ٻُڌايو.
ڀٽو صاحب فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ويو، ليڪن سپريم ڪورٽ، ايس انوارالحق جي اڳواڻيءَ
۾، انتهائي مختصر مدت ۾، سندس اپيل نامنظور ڪري ڇڏي. ڀٽي صاحب کي لاهور ڊسٽرڪ جيل
مان کڻي، راولپنڊي ڊسٽرڪ جيل منتقل ڪيو ويو. جتي سندس خانگي ڪپڙا لهرائي، قيدين وارا
ڪپڙا پارايا ويا. هاڻي پوري دنيا کي پڪ ٿي ويئي، ته ڀٽو صاحب وڃڻ وارو آهي. مون کي
ياد آهي، ته پوري دنيا سان گڏ، آمريڪا، انڊيا، اسرائيل ۽ اقوامِ متحده به رحم جون
اپيلون ڪيون، ليڪن ضياءُالحق چيو، “وُهي ھوگا، جو عدالت ڪهيگي”. عدالت ته پنهنجو
فيصلو ٻڌائي چڪي هئي.
مون کي چڱي ۽ چٽيءَ
طرح سان ياد آهي اها رات، جڏهن بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي
(جيڪي ان وقت جيل ۾ بند هيون) رات جو آخري ملاقات لاءِ آندو ويو. اڌ ڪلاڪ جي ملاقات
کان پوءِ، انهن کي واپس روانو ڪيو ويو. ان کان فورن پوءِ، چار ڄڻا ڀٽي صاحب وٽ آيا،
جن آخري وصيت نامي تي اچي صحيح ورتي. ان کان پوءِ کيس مطمئن ڪرڻ جي لاءِ چيائون: “ڀٽا
صاحب! اسين تنهنجا سڀ کان وڏا سڄڻ ۽ خيرخواھ آهيون. انڊيا، اسرائيل يا آمريڪا کي ڪا
به طاقت ناهي، جو اهي تنهنجو وار به ونگو ڪري سگھن، يا توکي ڪو نقصان پهچائي سگھن.
اسان کي خوف آهي، ته متان ڪو ٻيو اندروني دشمن حملو ڪري، توکي ڇڏائي وڃي ۽ پوءِ
توسان سراسر ناانصافي ٿئي، ان ڪري تون جلدي جلدي غسل ڪري وٺ، جو ٿورڙي دير کان
پوءِ، توسان عدالتي انصاف ڪيو ويندو.”
ھاءِ افسوس! اسان
پنهنجن ھٿن سان، عالمِ اسلام کي ڪهڙيءَ ريت مضبوط ڪري رهيا آهيون؟
منصور کي ڦاسي،
انوارالسادات کي گولي.
عدنان ميندرس کي ڦاسي،
شاھ فيصل کي گولي.
سُورهيه بادشاھ کي ڦاسي،
لياقت علي خان کي گولي.
ذوالفقارعلي ڀٽي کي
ڦاسي، شيخ مجيب الرحمٰن کي گولي.
صدام حسين کي ڦاسي،
شهيد راڻيءَ کي گولي.
ڊاڪٽر نجيب الله کي
ڦاسي، ڪرنل قذافي کي گولي.
ياسر عرفات کي زھر،
رفيق ھريري کي گولي.
دارا شڪوھ، سرمد ۽
صوفي شاھ عنايت کي تلوارون.
ڇا رڳو ڦاسيون،
گوليون ۽ تلوارون ئي عالمِ اسلام جي مضبوطيءَ جون ضامن آهن؟ رحم دلي، سلامتي ۽
مهربانيءَ جو عالمِ اسلام سان ڪوئي تعلق ڪونهي؟ نورالهديٰ شاھ هڪ هنڌ لکي ٿي، “ھر
دور ۾ هڪ حُسين ھوندو آهي ۽ هڪ يزيد. حق ۽ ناحق جي جنگ ۾، حُسين ھميشه شهادت جو رتبو
ماڻي سُرخرو ٿيندو آهي ۽ يذيد سدائين ديوارن سان سر ٽڪرائيندو رهندو آهي”.
راولپنڊي جيل جو
سابق سيڪورٽي سپرنٽنڊنٽ ڪرنل رفيع الدين پنهنجي ڪتاب “ڀٽي جا آخري ۳۲۳ ڏينهن ۾ لکي ٿو، ته “۰۴ اپريل ۱۹۷۹ع جي رات جو ۱۲ وڳي، چار ڄڻا (جلاد) مسٽر ڀٽي صاحب وٽ آيا ۽ سندس
کولِيءَ کي کوليائون. کيس چيائون، “ڀٽا صاحب! تون ڦاسيءَ گھاٽ تائين پيدل ھلندين
يا اسان توکي کڻي ھلون؟” ڀٽي صاحب جو چهرو بلڪل زرد ۽ پيلو ٿي ويو ۽ ھُو زبان مان
هڪ لفظ به ڪڇي ڪو نه سگھيو. پوءِ ڀٽي صاحب جون ٻيئي ٻانهون پٺيان کان ورائي، زور
سان ڇڪي ٻَڌائون. کيس اسٽريچر تي ليٽائي، تڙ تڪڙ ۾ ڦاسيءَ گھاٽ تي پهتا، جتي تارا
مسيح نالي هڪ جلاد اڳيئي تيار بيٺو ھيو. اتي ڀٽي صاحب جا ٻيئي پير ڇڪي ٻَڌائون ۽
جلاد کي چيائون “اسي في الفور ڦانسي لگا دو”. جلاد تختي جو گھوڙو دٻايو ۽ ڀٽو صاحب
هيٺ کوھ ۾ ھليو ويو. آئون ڏاڪڻ تان ھيٺ لهي ويس، ڀٽي صاحب جو جسم جھٽڪي سببان لُڏي
رهيو هو. ڀٽي صاحب جي لُڏندڙ جسم جي آڱر مان، جلاد تارا مسيح سونِي مُنڊِي لاهي، پنهنجي
کيسي ۾ وجھي ڇڏي هئي. اسان پنهنجي پوري پوري ايمانداري ۽ انصاف جي تقاضائن کي آڏو
رکندي، اها مُنڊيءَ واپس ورتي، ته جيئن امانت باسلامت پهچائي سگھجي، ڇو جو اسان ھن
ملڪ جا ماڻهو، بيحد وفادار، ايماندار ۽ انصاف پسند آهيون”.
چون ٿا، ته ڀٽي
صاحب جي جسد خاڪيءَ جون، ڳجھيون ۽ اعتراض جوڳيون تصويرون به ڪڍيائون. هڪ مولوي ۽
چار پنج ماڻهو ٻيا به جيل ۾ موجود هئا، جن جنازي نماز پڙهائي، پوءِ ميت کي کڻي، ڳڙهي
خدابخش ۾ آڻي، راتو رات دفن ڪري ڇڏيائون. اها آهي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي
آخري ڪهاڻي. جيڪا سندس شهادت جي ٻائيتاليهن سالن کان پوءِ آئون لکي سگھيو آهيان.
ان کان اڳ ۾، مون کي جرئت ۽ ھمت نه ٿيندي هئي، ته آئون ڇا لکان؟ ۽ ڪيئن لکان؟ لکڻ
مهل آئون ڏڪي ويندو هوس، پين ۽ پنو ھٿن مان ڇڏائي ويندا هئا. مون کي ۱۹۷۰ع کان وٺي، ۰۴ اپريل ۱۹۷۹ع تائين، ذوالفقارعلي ڀٽي صاحب جي زندگيءَ
جو احوال ۽ ڪهاڻي، لمحه به لمحه ۽ اکر به اکر ياد آهي. آئون سندس يادگيرين تي آڌاريل،
هڪ عدد ناول يا مڪمل ڪتاب لکان ته لکي ٿو سگھان.
شيخ اياز هڪ ھنڌ
لکيو ھو: “رات جو پويون پهر آهي، ھُو ڦاسيءَ جي رسيءَ ۾ لڙڪي رهيو آهي. لُريءَ ۾
ھُن جا پير اگھاڙا آهن. پير، جي تخت تان لهي، تختي تائين پهتا آهن ۽ ھاڻي مُڙي ويا
آهن ۽ ڪنهن سوڙهي گھٽيءَ جو رستو ڏيکارن ٿا. مان انهن ٿڌن پيرن تي، پنهنجا ڪوسا ھٿ
رکي سوچيان ٿو، جي مان هن کي جاڳايان، ته ڇا ھو پنهنجو منهن مون کان لڪائيندو؟ هو
جو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، ڇا ھو اهو مڃيندو، ته رڍون ۽ بگھڙ گڏ نه پالبا آهن؟”.
آ بگھڙ جيئن،
پر بگھڙ ناهي،
آدمي نيٺ ڀاءُ
ڪنهن جو آ ؟
ٿو سُڪي ئي نه خُون خنجر
تي،
غور سان ڏِس، ته گھاءُ ڪنهن جو آ؟
(شيخ اياز)
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
صاحب جي ياد ۾، اڄ صرف ايترو ئي لکي سگھيو آهيان. اگر وقت مون کي مهلت ڏني، ته
شايد هن کان وڌيڪ بهتر، ڪو ڪتاب لکي سگھجي ٿو. عراق جي صدر صدام حسين ۽ سنڌ جي
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خاندانن سان،
تاريخ ۾ جيڪي ستم ظرفيون ٿيون آهن، انهن جو حساب هڪ نه هڪ ڏينهن تاريخ کي ضروي ڏيڻو
پوندو. “همين چراغ سمجھ ڪر، بُجھا نه پائو گي، هم اپني گھر ۾، ڪئي آفتاب رکتي هي.”
ڊيلي ھلال پاڪستان
جي ٿورن سان.
آچر ۴ اپريل ۲۰۲۱ع
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
قائد عوام جي ورسيءَ تي
سرخ سلام
محمد سليمان وساڻ
تاريخ ۾ جڏهن به انهن
شخصيتن جو ذڪر ٿيندو جن پنهنجي ديو مالائي ڪردار ۽ سحر انگيز شخصيت ڪري ماڻهن جي
دلين تي راڄ ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو ذڪر ضرور نڪرندو جنهن پنهنجي ذهانيت، سحر
انگيز شخصيت، اعلى فن خطابت ۽ عوام سان هڪ ٿي وڃڻ ڪري هڪ عرصي تائين ماڻهن جي دلين
تي راڄ ڪيو آهي۔
پنهنجا ته پنهنجا
پر دشمن به سندس ساراه ڪرڻ کان رهي نه ٿا سگهن۔ اڄ سندس ورسي جي موقعي تي سڄي پاڪستان
جو رخ ڳڙهي خدا بخش ڏانهن آهي ۽ ماڻهو پنهنجي محبوب قائد کي سلامي ڏيڻ لاء ڪي ايئرڪنڊيشنڊ
گاڏين ته وري ڪي پيرين پنڌ اتي پهتا آهن۔ هتي گڏ ٿيندڙ ماڻهن مان گهڻائي انهن جي
آهي جيڪي پنهنجي محبوب اڳواڻ کي سلام پيش ڪرڻ لاء پهتا آهن۔ هي اهي ماڻهو آهن جن
کي زوريء گاڏين ۾ چاڙهي هتي ڪونه آندو ويو آهي۔
ذوالفقار علي ڀٽو
جي شخصيت ۽ سندس پاليسين سان ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اختلاف هو پر سندس ذهانت ۽ سحر
انگيزي کي سندس ڪٽر دشمن به مڃين ٿا۔ ڀٽي صاحب جي اها وڏي خوبي هئي جو هن سياست کي
بنگلن ۽ ڊرائئنگ روم مان ٻاهر ڪڍي عوام ۽ جهڳين تائين پهچايو ۽ عام ماڻهن کي زبان
۽ شعور ڏنو۔ اها سندس قابليت ۽ ذهانيت ئي هئي جو هن شملا ۾ هارايل ڪيس باوجود
هندستان جي وزيراعظم کان پاڪستان جي زمين ۽ فوجون بغير ڪنهن اصافي شرطن جي واپس ڪرايون۔
هن پارٽي ته عوام، مزدور ۽ هاريء لاء ٺاهي هئي پر پوء وري جاگيردارن جي ڄار ۾ ڦاسي
پيو جتان ڪوششن باوجود به سازشي ماڻهن جي ڦندي ۾ ڦاسي پيو۔ پر پوء به هن هر سازش
جو مقابلو ڪيو ۽ وڙهندو رهيو۔ هن نه ته ڪنهن سان مفاهمت ڪئي ۽ نه وري اصولن تي
سوديبازي ڪئي۔ هن اياز جي هنن سٽن کي ڄڻ ته سمجهي ڇڏيو هو:
جي تون وڙهندين ماريو ويندين،
هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،
ماڻهن جو ويساهه نه ويندو.
ڀٽو صاحب لاء جيڪي
به مشڪلاتون پيدا ڪيون وين، هن کي ڪيڏو نه ايذايو ويو پر پوء به هن جو حوصلو بلند
هو، ڪنهن صحافيء لکيو آهي:
ڪورٽ ۾ جڏهن پهرئين
ڏينهن ڀٽو صاحب عدالت کي خطاب ڪرڻ لاءِ آيو ۽ ڪٽهڙي ۾ اچي، عدالت کي مخاطب ٿيو ته هو
هڏائون پڃرو لڳي رهيو هو، هو فل سوٽ پائي آيو هو، پر ائين ٿي لڳو ته ڪوٽ ڪاٺين تي ٽنگيل
آهي، هنن دوست صحافين ٻڌايو ته جڏهن پهرئين ڏينهن ڀٽي صاحب عدالت کي خطاب ڪرڻ شروع
ڪيو ته هو بار بار سهڪڻ لڳو ٿي ۽ ڪنهن ڪنهن وقت ڪٽهڙي ۾ هٿ وجهي پاڻ کي ڪرڻ کان
بچايائين. پر هنن جو چوڻ هو ته ايتري ڪمزوري جي باوجود هن پهرئين ڏينهن عدالت ۾ تاريخي
خطاب ڪيو، بهرحال هنن ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن ڀٽو صاحب مڪمل فارم ۾ هو، جو جتي تاريخ مان
مثال ڏئي رهيو هو، اتي جاگرافي مان به حوالا ڏئي رهيو هو، پر ڀٽي صاحب جي ٽئين ڏينهن
جي خطاب جو ذڪر ڪندي ٻنهي صحافين جي اکين ۾ پاڻي تري ايندو هو، هنن چيو ته توهين يقين
ڪريو ته ٽئين ڏينهن جي خطاب ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کلايو ته کلندڙن ۾ چيف جسٽس ۽ مخالف وڪيل
به شامل هئا ۽ هنن کي اها خبر نه هئي ته هو کلي رهيا آهن، اهڙي طرح هنن چيو ته جڏهن
ڀٽي صاحب روئاريو ته جن جي اکين ۾ لڙڪ تري پئي آيا تن ۾ چيف جسٽس ۽ مخالف وڪيل به
شامل هئا ۽ هنن کي اها خبر نه هئي ته هنن جي ڪيفيت ڪهڙي آهي. هنن ٻنهي صحافين ٻڌايو
ته پنهنجي تقرير ختم ڪرڻ کان پوءِ ڀٽي صاحب عدالت کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون
توهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان ٽي ڏينهن لڳاتار مونکي انتهائي صبر سان ٻڌو آهي،
اهو چئي ڀٽي صاحب اهي تاريخي لفظ چيا ته اوهان جيڪڏهن مون کي ڦاسي به ڏئي ڇڏيندا
ته مون کي ڪو افسوس نه ٿيندو. اهو چئي ڀٽي صاحب چيو ته جيڪڏهن مون کي ڦاسي ڏني وئي
ته آئون ايترو ضرور چوندس ته زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي.
(محمد سليمان وساڻ
جي فيسبڪ ٽائيم وال تي رکيل پوسٽ ۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي کنيل)
ذوالفقار علي ڀٽو
سنڌ جو راڻو
ڊاڪٽر بخت جمال شيخ
اهو اربع ۴ اپريل ۱۹۷۹ع جو ڏينهن هو ۽ اسين قمبر ۾ پنهنجي دوست
فدا لاکو جي اوطاق ۾ انٽر جي امتحان جي تياري ڪري رهيا هئاسون جتي سائين معشوق
بلوچ اسانکي فزڪس جون پيچيدگيون سولي نموني سمجهائيندو هو. ايتري ۾ صبح جو يارهين
بجي ريڊيو پاڪستان جي خبرن ۾ ٻڌايو ويو ته ۵۱ سالن جي سابق وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي پنڊي جيل ۾
رات جو ٻين بجي ڦاسي تي چاڙهيو ويو آهي ۽ سندس لاش جهاز ۾ چئين بجي کڻي جيڪب آباد
جي هوائي اڏي ۽ بعد ۾ اتان هيلي ڪاپٽر تي کڻي ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾
دفنايو ويو. شهر ۾ فوج جو گشت شروع ٿي ويو ۽ ماڻهو سڪتي ۾ اچي ويا.
ڀٽي صاحب جي آخري ADC سندس حڪومتي
تختي اونڌي ٿيڻ بعد مري ۾ نظربندي دوران ساڻس پهرين ملاقات بابت ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو
هو ته ان ملاقات ۾ ڀٽي صاحب پنهنجي وصعيت ۾ تبديلي ڪري لاهور بجاءِ کيس موهن جو دڙي
۾ دفن ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ هن چواڻي جي آثار قديمه وارا ان جي اجازت نه ڏين ته
کيس لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ دفنايو وڃي. سندس والد زميندار ۽ سياستدان سرشاهنواز خان
ڀٽو جي ٻي زال مهاراشٽر جي شهر پونا ڄائي لکوٻائي جنهن کي هن پهريون دفعو سکر ۾
پنهنجي ڀيڻ جي گهر ڏٺو هو جيڪا کيس پهرين نظر ۾ ئي وڻي وئي هئي ۽ هوءَ بعد ۾ مذهب مٽائي
مسلمان خورشيد بيگم بڻجي سندس زال بڻي. ذوالفقار علي جي ڄمڻ سان خورشيد بيگم ممبئي
جي ٻاون کان سندس جنتر ڪڍرايو ته خبر پئي ته هو وڏو ماڻهو ٿيندو پر ۵۰ سالن کان اڳتي ٻائي کي ڪجھه نظر نه پئي آيو. بعد ۾ ڇپجندڙ آتم ڪٿائن ۽ انٽرويو
۾ جيل سپريٽنڊنٽ انڪشاف ڪيو ته ڦاسي بعد مٿين هدايتن تحت پهريون ڪم اهو ڪيو ويو ته
ان حقيقت جي خاطري ڪئي وئي ته سندس سنت ٿيل آهي. ۵ هزار سال پراڻي تهذيب سان واسطو رکندڙ سنڌو
ماٿري جي سنڌين بابت ٻيون به ڪيتريون ڪٿائون مشهور آهن. سپريم ڪورٽ جي پهرين چيف
جسٽس ڪارنيليس جيڪو خود ئي انڊيا ڄائو عيسائي هو تنهن ڀٽي صاحب جي زندگي جي ڪٿا
لکندڙ آميريڪي ليکڪ اسٽينلي وولپرٽ کي لاهور جي هوٽل فليٽيز ۾ ۱۹۸۹ع ۾ ٻڌايو هو ته هو انڊيا ۾ جيوڊيشل آفيسر
هو ۽ سندس پاڪستاني مسلمان دوستن جي چوڻ تي هو لاهور آيو ۽ جلدي پروموٽ ٿي چيف جسٽس
ٿيو ورنه انڊيا ۾ بنا ڪنهن قانوني تربيت جي اهو ممڪن نه هجي ها. هن چيو ته سندس سنڌين
تي ڀروسو نه هو انڪري هو لاهور جو ٿي ويو ڇوته اتي هڪ پهاڪو مشهور آهي ته “اڪيلو
رستي ويندي جي توهان جو واسطو نانگ ۽ سنڌي سان پوي ۽ توهانجي بندوق ۾ فقط هڪ گولي
هجي ته پهريائين سنڌي کي هڻي ڪڍو.” اهو جسٽس ڪارنيليس ئي هو جنهن جسٽس انوار الحق
کي قائدن جي ڀڃڪڙي ڪندي لاهور جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ مقرر ڪرايو هو جنهن کي بعد
۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس يعقوب علي
خان کي زوري لاهڻ بعد سيپٽمبر ۱۹۷۷ع ۾ چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو هو جنهن ڀٽي کي نواب محمد
احمد قصوري جي قتل جي مقدمي ۾ ڦاسي جي سزا ڏني هئي. اتفاق سان چار ئي سزا جا حمايتي
لاهوري ۽ ٽئي ڦاسي جي سزا جا مخالف ٻين صوبن جا هئا.
سنڌين ۽ خاص طور
ذوالفقار علي ڀٽو کان اهو خوف انڪري به هو جو سندس پاڙون سنڌو جي ۵ هزار سال پراڻي تهذيب جي گهرائين ۾ کتل هيون
جنهن ڪري هو نه فقط ڪمتري ۾ مبتلا هئا پر انهن کان هو خائف به هئا. ۳۱ سالن جي عمر ۾ جڏهن هن گڏيل پاڪستان جي پرڏيهي
وزير طور۴ آڪٽوبر۱۹۶۳ع تي شام جو ۴ وڳي تڏهوڪي آميريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي سان وائيٽ هائوس جي اوول هائوس ۾
ملاقات ڪئي تڏهن ڀٽي کيس چين کي تسليم ڪرڻ لاءِ چيو پر ڪينيڊي چيو ته هو اهو تڏهن ئي
ڪري سگهندو جڏهن آميريڪي عوام کيس ٻيهر چونڊيندو. صدر ڪينيڊي ان پهرين ملاقات ۾ کانئس
ايترو ته متاثر ٿيو جو موڪلاڻي مهل ڀٽي صاحب سان زور سان هٿ ملائيندي کيس پرجوش انداز
۾ چيائين ته “جي تون آميريڪي شهري هجين ها ته تون منهنجي ڪابينا ۾ هجين ها!” ڀٽي صاحب
کيس مرڪي وراڻيو ته “صدر صاحب خيال سان! جي مان آميريڪي شهري هجان ها ته مان
تنهنجي ڪرسي تي هجان ها!” جنهن تي ٻنهي ليڊرن وچ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
پر بدقسمتي سان ۵۰ ڏينهن بعد ئي ۲۲ نومبر ۱۹۶۳ع تي هڪ سازش هيٺ ۴۶ سالن جي صدر ڪينيڊي کي دلاس ٽئڪساس ۾ گولي هڻي ماريو ويو
۽ سندس قاتل به ٻن ڏينهن بعد مارجي ويو. هو پهريون ۽ هن وقت تائين آخري آمريڪي صدر
آهي جنهن کي صدارت دوران ماريوويو هجي پر ڪينيڊي خاندان جا لڳ ڀڳ هڪ درجن ماڻهون
گولين، جهاز حادثن ۾ مارجي ويا. ڀٽي صاحب سندس ياد ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪينيڊي مارڪيٽ ٺهرايو
۽ عجب اتفاق آهي ته ڀٽو صاحب ۽ سندس خاندان جا ٽي ٻيا ڀاتي به غيرفطري طور فرانس
جي شهر نيس، ڪراچي ۽ پنڊي ۾ ماريا ويا.سنڌوماٿري جي هن ماڻهو جي ۱۳ سالن جي عمر۾ پهرين شادي پاڻ کان وڏي عمر واري سوٽ
شيرين سان ٿي جنهن کي هني مون لاءِ هو سريننگر وٺي ويو جنهن جو نالو موروثي خانداني
مال ملڪيت ملڻ سبب مٽائي امير بيگم رکيو ويو. ان شادي سبب سندس چاچي ۽ سهري خان بهادر
احمد خان ڀٽي جي مرڻ بعد سندس جاگير جو ٽيون حصو ڀٽي صاحب کي مليو ۽ ايراني نصرت ڀٽو
سان ٻي شادي مهل هن کيس يقين ڏياريو هو ته سندس پهرين شادي ملڪيت سان ٿي هئي. پر ڳالھه
ٻي شادي تي ختم نه ٿي. ننڍائپ ۾ شادي ٿيڻ سبب سندس زندگي ۾ پيار جو اهو خال ڀرجي
نه سگهيو هو جيئن سنڌ جي ٻن ٻين اڳواڻن جناب محمد علي جناح ۽ محترم رسول بخش پليجي
سان ٿيو.محمد علي جناح جي پهرين شادي تڏهن ٿي جڏهن هو سنڌ مدرسي ۾ پنجين جماعت ۾ پڙهندو
هو تڏهن سندس والده مٺي ٻائي حڪم ڪيو ته هو پنهنجي ۱۴ سالن جي گجراتي سوٽ ايمي ٻائي سان شادي ڪري
جڏهن سندس عمر ۱۰ سالن جي هئي ۽ هن فرمانبردار پٽ ماءَ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءَ پاڻ کان چار
سال وڏي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري پاڻ اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو ۽ پويان ڪجھه
مهينن بعد سندس زال وفات ڪري وئي. انڪري ۴۲ سالن جي عمر ۾ سندس ٻي شادي پنهنجي اڌ کان به گهٽ عمر
واري ممبئي جي خوبصوت پارسي ڇوڪري رتنا ٻائي سان ٿي جيڪا سندس شخصيت ۽ لباس کان
متاثر هئي پر جناح قانوندان هئڻ سبب ساڻس تڏهن سندس مائٽن جي مرضي خلاف ڪورٽ ۾
شادي ڪئي جڏهن هوءَ قانوني طور ۱۸ سالن جي وات وڪيل ٿي هئي پر رتنا ٻائي شاديء جي ۱۱ سالن بعد ئي ۲۹ سالن جي عمر ۾ فوت ٿي وئي ۽ ان مان جناح کي
هڪ ڌيءَ دينا ڄائي جنهن ورهاڱي وقت پنهنجي فليٽ جي ٽئيرس تي پاڪستان ۽ انڊيا ٻنهي
ملڪن جا جهنڊا هڻي ڇڏيا ۽ سندس خاندان انڊيا ۾ ئي رهجي پيو. پليجي صاحب جي به
پهرين شادي ننڍپڻ ۾ جڏهن هو چوٿين جماعت پڙهندو هو تڏهن سندس والده محترمه لاڏ
خاتون جي فرمان تي سندس پڦاٽ شريفان خاتون سان ٿي جنهن کان فرمانبردار پٽ انڪار ته
نه ڪري سگهيو پر بعد ۾ ان خال کي ڀرڻ لاءِ هن کي جواني ۽ پيريءَ ۾ پنهنجن اصيلين ۽
شاگردياڻين سان ڪيئي شاديون ڪرڻيون پيون. منهنجو خيال آهي ته جي سنڌي ننڍپڻ جي فرسٽ
ڪزن يا سوٽن، ماساتن، ماروٽن ۽ پڦاٽن سان شاديون ڪرڻ بند ڪن ته سندن قسمت تبديل ٿي
ويندي. بهرحال خوبصوت ايراني نصرت سان شاديءَ بعد به ڀٽي صاحب جي اها مهم جاري رهي
۽ سندس نظر ڪلڪتي ڄائي بنگالي شادي شده عورت حسينا شيخ تي پئي جيڪا نه فقط ڀٽي کان
عمر ۾ وڏي هئي ۽ ۵۰ جي ڏهاڪي ۾ داخل ٿي چڪي هئي پر چئن ٻارن جي ماءَ به هئي
۽ سندس پيءَ هاڻوڪي پاڪستاني هريپور جو هزارو هو جيڪو روزگار سبب ۱۹۳۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڪلڪتي لڏي ويو هو.
ڀٽو صاحب کيس “بليڪ
بيوٽي” چوندو هو ۽ اهو به تاريخ جو عجب اسرار آهي ته سندس مڙس عبدالاحد جيڪو وڪيل
۽ شيخ مجيب جو دوست هو سو انهن پهرين بنگالي دانشورن ۾ شامل هو جنهن کي ۱۹۷۱ع جي فوجي آپريشن ۾ گولي جو کاڄ بڻايو ويو هو. ملڪان ملڪ گهمندي ڀٽي کي حسينا شيخ جسماني
سونهن کان وڌيڪ سندس سوچ ۽ سياست تي ڳالهائڻ سبب پسند آئي هئي ۽ هو ڍاڪا ۾ هڪ وڏي
پارٽي ۾ ساڻس ملي جتي پهرين ئي ملاقات ۾ صبح جو ۴ وڳي تائين سياست تي هو گفتگو ڪندا رهيا
جنهنکي ان زماني ۾ مردن جو ڌنڌو سمجهيو ويندو هو. حسينا شيخ ڀٽي بابت چوندي هئي ته
هو نه فقط وڏو ماڻهو پر وڏو ليڊر ۽ وڏو عاشق آهي ۽ عاشق ڀٽي کي هر وقت اهو کٽڪو
رهندو هو ته وٽس ٿورڙو وقت آهي جنهنجو اظهار هو ساڻس هر ملاقات ۾ ڪندو رهندو هو جيڪي
ڍاڪا کان سواءِ لنڊن ۽ ڪراچي ۾ ٿينديون رهنديون هيون۽ جنهن جي مقناطيسيت سندس اکين
۾ نصرت کي نظر ايندي هئي.
جيتوڻيڪ مٿس تنقيد ڪندڙ
هر هنڌ موجود آهن پر زندگي جي ان ٿورڙي وقت ۾ هو ملڪ ۽ سنڌ لاءِ گهڻو ڪجھه ڪري
ويو.
سنڌ مٿان سڀ کان وڏو
ٿورو هن جيڪو ڪيو سو پروفيشنل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ڪرڻ هو جنهن سان سنڌي مڊل ڪلاس
ٻيهر اسريو ۽ شهر ڀريا جيڪي ورهاڱي وقت سنڌي هندن جي زوري لڏائڻ سبب خالي ٿي ويا
هئا. بقول ڀٽي صاحب جي هو ڄمندي زميندار ۽ تعليمي طور وڪيل هو پر سندس عشق سياست هئي.
هن جو چوڻ هو ته “سياست سائنس ۽ آرٽ آهي بدقسمتي
سان اسان سياست سان سياست ڪئي آهي. سياست صاف هجڻ گهرجي. سياستدان کي صابر
سان گڏ بهادر هجڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن صبر کان وڌيڪ همت ۽ خطرا کڻڻ ضروري هوندوآهي.
پر بهادري ۽ خطرا کڻڻ جو مقصد adventurism نه هئڻ گهرجي. ڇوته اهو عوام سان کيڏڻ برابر
آهي. ” ڀٽي ڦاسي کان پهريائين جيل مان لکيو ته “صوفي ازم هندن ۽ مسلمانن وچ۾ پل
آهي. .. منهنجون پاڙون هن ڌرتي ۾ کتل آهن ۽ اهي انهن کان گهڻيون گهريون آهن جيڪي سرحد
پار کان بدامني يا انجي خوف کان هتي آيا آهن. منهنجو سياسي طور آسمان ۾ ٽمڪڻ
منهنجي ستارن ۾ لکيل آهي. اسٽيج تي هر اداڪار جا آخري ڏينهن ايندا آهن. بروٽس به
ته سيزر کي ڇرو هنيو هو. هن ڏيڍ سال کان قيد تنهائي ۾ سج جو ڪرڻو ۽ تازي هوا
گهلندي ناهي ڏٺي. انڪري هو شاهه لطيف جو راڻو آهي ۽ هو نه فقط لاڙڪاڻي جو پر پوري
پاڪستان جو راڻو آهي، ۽ جي هو ڪڏهن پاڪستان جو راڻو نه به رهيو ته يقينن سنڌ جو راڻو
هميشه رهندو.” ڀٽي جو اهو ويساهه ۴۲ سال گذرڻ بعد سندس پارٽي جي ڪارڪردگي باوجود اڄ به قائم
آهي جنهنڪري هرسنڌيءَ جي دل ۾ سنڌ جو راڻو اڄ به زنده آهي.
(ڏھاڙي پنھنجي
اخبار ڪراچي ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو
تنھنجي منھنجي جنگ ازل کان
غضنفر سولنگي
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
جيڪو پاڪستان جي سياسي تاريخ جو نه وسرندڙ ۽ نه مٽجندڙ باب آهي راجنيتي جا رکولا جڏهن
جڏهن به سياسي لاهن چاڙهن جو تذڪرو ڪندا ته يقينن شهيد ڀٽو کي نه چاهيندي به ياد
ضرور ڪندا، ڇو ته هن شخص ئي پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي قوم جو بخت بالا ڪيو هو پنهنجي
شخصي اسٽائيل ۽ نرالي ڊزائين جي لباس جي ڪري هي هڪ شهزادو لڳندو هو، سندس شخصيت،
نرالي ۽ پروقار هئي هن جو پُرڪشش هلڻ ۽ ڳالهائڻ
جو انداز ماڻهن کي متاثر ڪندڙ هو.
برصغير جي به تاريخ
نرالي ۽ منفرد رهي آهي هتي ئي ڀُٽي خاندان ۽ نهرو خاندان پنهنجي حيثيت مڃرائي ۽
دنيا جي اڳيان ثابت ڪيو هو ته سندن هٿ عوام جي نبض تي آهي ۽ عوام جي واضح اڪثريت
ساڻن گڏ آهي. پاڪستان ۾ واحد ڀٽو ئي ليڊر هو، جنهن تي ملڪي ۽ غير ملڪي صحافين، ليکڪن
۽ سياستدانن گهڻي ۾ گهڻو لکيو. غير ملڪي ليکڪن ۾ ڀٽي تي لکندڙ هونئن ته ڪيترائي
ليکڪ آهن پر هتي لکندڙن مان پاڻ اٽالين صحافڻ اوريانا فلاسي جو ذڪر ڪنداسين جنهن هڪ
هنڌ لکيو هو ته مون آمريڪا جي وزير خارجه هينري ڪسنجر کان انٽرويو ورتو، ته پاڻ
مون کان هڪ سوال ڪيائين، ته توهان سڄي دنيا جي اهم ماڻهن کان انٽرويو ورتا آهن،
انهن سڀني ليڊرن مان توهان کي وڌيڪ ذهين ڪير لڳو هو؟ ته مون چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو،
جنهن تي ڪسنجر چيو ته واقعي ڀٽو دنيا جو ذهين ترين ليڊر آهي. عالمي سياست جو اهو وڏو
نالو هينري ڪسنجر وري جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو هو، تڏهن لاهور ۾ پنهنجي مانَ ۾
ڏنل آجياڻي ۾ تقرير ڪندي چيو هئائين ته “مان دنيا جي اٽڪل سڀني ملڪن جي سربراهن
سان مليو آهيان. ملڪي سربراهن ۽ حڪومتي سربراهن جون تقريرون ٻڌيون به اٿم ۽ انهن
جي آڏو سندن موجودگيءَ ۾ تقريرون ڪيون به اٿم، پر ايمانداريءَ جي ڳالهه هيءَ آهي ته
دنيا جي سڀني ملڪي ۽ حڪومتي سربراهن مان ڀٽو صاحب واحد ماڻهو آهي، جنهن جي موجودگيءَ
۾ تقرير ڪندي، مون کي ڊپ پيو ٿيندو هو ته ههڙي قابل ترين شخص جي اڳيان سندس موجودگيءَ
۾ مان ڇا ڳالهايان؟ سندس خوبصورت لهجي واري مدلل انگريزي ٻڌي مون کان ته پنهنجا
لفظ به وسري وڃن ٿا. چون ٿا ته ڀٽو جڏهن وزير خارجه هو، تڏهن آمريڪا جي دوري دوران
تنهن وقت جي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي
کانئس متاثر ٿي کيس چيو ته تون جيڪڏهن آمريڪي شهري هجين ها ته آئون توکي پنهنجو
وزير خارجه ڪريان ها! جنهن تي ڀٽي کيس چيو ته جيڪڏهن آئون آمريڪا جو شهري هجان ها،
ته اڄ آمريڪا جو صدر تون نه پر آئون هجان ها ۽ توکي وزير خارجه طور کڻان ها! ڀٽي
جي جواب تي ڪينيڊي ڏاڍو کليو. سنڌ جي هن بي مثال ۽ بهادر سپوت جو شمار پاڪستان جي
انهن سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، جنهن تي نه رڳو سنڌ پر ننڍي کنڊ کي فخر آهي.
ذوالفقار علي ڀُٽي ۱۹۵۶ع ۾ قلم کڻي لکڻ جي شروعات ڪئي. ايس ايم ڪاليج
جي شاگردن کي، جيڪي ان وقت ون يونٽ خلاف متحرڪ ھئا جيڪي ڪراچيءَ ۾ اسڪولي دَور کان
ئي سياست سان واڳيل هئا ان کان پوءِ “مِٿ آف انڊيپينڊنٽس” ۽ پنهنجي زندگيءَ جي
آخري سالن سان ملندڙ ۽ ٺهڪندڙ نالي وارو ڪتاب
“گريٽ ٽريجڊي” جي نالي سان لکيائين.
ذوالفقار علي ڀُٽو
هڪ عوامي ليڊر هو جنهن سياست جو نئون رخ موڙيو محلاتن کي مجبور ڪيو ته اهي عوام ڏانهن
منهن ڪري پنهنجو قبلو درست ڪن جمهيوريت سندس روح ۾ سمايل هئي
شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊيءَ جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان محترمه بينظير ڀٽو
شهيد جي نالي پنهنجي هڪ خط ۾ هڪ پيغام موڪليو هو ته: “پياري ڌيءُ، آئون تو کي صرف
هڪ پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو. هيءُ پيغام مستقبل جو پيغام آهي ۽ تاريخ جو پيغام آهي ته
صرف عوام تي ئي يقين رکجانءِ، عوام جي مساوات ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ ڪم ڪجانءِ. الله تعاليٰ
جي جنت تنهنجي ماءُ جي قدمن هيٺان آهي، پر سياست جي جنت عوام جي قدمن هيٺان آهي.”
قائد عوام ڀٽي صاحب
جو اهو نظريو دنياوي ۽ سياسي زندگيءَ جي پيچيده ۽ مشڪل مرحلن کي طئي ڪرڻ ۾ پيپلز
پارٽي جي ڪيترين ئي ڪارڪنن جي ڪم اچڻ ضرور گهرجي جيڪا وقت جي نزاڪت ۽ اشد ضرورت پڻ
آهي. تاريخ عظيم ليڊرن کي ماري نٿي سگهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا ڪردار ته هميشه
زنده رهي وري وري ورڻا آهن ڪڏهن لفظن ۾ ته ڪڏهن وري ڪردارن ۾ جيئن بقول شيخ اياز
جي ته؛
نانءُ نئين سان،
ويس بدل سان
تنهنجي منهنجي جنگ
ازل کان،
جاري آهي، جاري رهندي.
(ڏھاڙي پنھنجي
اخبار ڪراچي ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو
قائد عوام پنھنجن سڌارن
جي آئيني ۾
راز علي گل ڀٽو
پنج جنوري اوڻويھ سؤ اٺاويھ جي
سڀاڳي صبح جو سر شاھنواز ڀٽو ۽ محترمه خورشيد بيگم جي گھر ۾ ھڪ اھڙي سٻاجھي ٻار
جنم ورتو، جيڪو شڪل صورت ۾ته حسين ھيو ئي ھيو، پر مستقبل ۾ ملڪ جو سياسي وارث بڻجڻو
ھيو، سندس ڄم تي مٺايون ورھايون ويون، پرورش لاڏ ڪوڏ سان ٿي، جڏھن ته اخلاقي۽سياسي
تربيت تي جوڳو ڌيان ڏنو ويو، ھڪ سياستدان جي اولاد ھجڻ ڪري منجھس سياسي صلاحيتون
اتم موجود ھيون، پندرھن سالن جي عمر ۾قائد اعظم کي خط لکڻ واري ذوالفقار علي ڀٽو
کي شايد اھا خبر ته نه ھئي ته اڳتي ھلي سندس سياسي صلاحيتن جي مڃتا طور ملڪ جو
عوام کيس اتساه مان قائد عوام جي لقب سان نوازيندو.
پڙھائيءَ دؤران سندس علم سان
دلچسپي۽سياسي معاملن ڏي توجھ ٻڌائي رھيو ھيو ته ھي ڪو عام نه پر ھڪ غير معمولي
انسان ٿيڻ وڃي رھيو آھي، جڏھن والدين کيس اعلي تعليم لاءِ ٻاھر برطانيه موڪليو ته
ھن پڙھائي دؤران به پنھنجن استادن۽ھم جماعتن کان پنھنجن صلاحيتن کي مڃرايو، ننڍي
ھوندي کان ئي سياست سندس پسنديده موضوع ھئي، ھن آزاديءَ جي جدوجھد۽ان جي اڳواڻن کي
نھايت ويجھو کان ڏٺو۽انھن جو مشاھدو ڪيو، پڙھائيءَ دؤران پنھنجو پورو پورو ڌيان علم تي ڏنائين، ان وقت جي وڏن وڏن مدبرن
۽سياستدانن کي پڙھيائين۽ڪيترن سان روبرو مليو.
اسڪندر مرزا جي حڪومت۾ھي نوجوان
وزير جي حيثيت۾شامل ٿي، ايوب خان سان اوڻيهھ سؤ پنجھٺ تائين حڪومتي ڏانءُ کان ڪافي
حد تائين واقف ٿي چڪو ھيو هو، تاشقند معاھدي تي اختلاف رکي ايوبي اقتدار کان الڳ ٿي
ويو ۽ اوڻويھ سئو ستھٺ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاھي ١٩٧٠جي عام چونڊن ۾حصو ورتو ۽
اولھه پاڪستان ۾شاندار ڪاميابي ماڻي، پر ملڪي صدر يحي خان طرفان اقتدار چونڊيل
نمائندن کي منتقل نه ڪرڻ ڪري ١٩٧١سورنھن ڊسمبر تي اوڀر پاڪستان الڳ ٿي بنگلا ديش بڻجي
ويو، ھاڻي يحي خان ۽ سندس ساٿارين وٽ ان کانسواءِ ٻيو رستو نه بچيو ته باقي بچيل
ملڪ جو اقتدار جناب ڀٽي جي حوالي ڪن، ان لاءِ ايئر مارشل رحيم خان ايئر فورس جو
جھاز پاڻ اڏائي نيو يارڪ جي ھوائي اڏي تان ھنگامي طور جناب ڀٽي کي اسلام آباد کڻي
آيو، جيڪو ان وقت اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ملڪ جي نامزد نائب وزير اعظم۽وزير
خارجه طور ملڪ جي نمائندگي ڪري رھيو ھيو۔ملڪ پھچڻ شرط يحي خان ڀڳل ٽٽل ملڪ جو
اقتدار جناب ڀٽي جي حوالي ڪيو، يحي خان جيڪڏھن اھو ڪم سورنھن ڊسمبر کان اڳ ڪري ھا
ته ملڪ ٻه ٽڪر نه ٿئي ھا، اھڙي ريت جناب ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي صدر۽ چيف مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾قسم کنيو.
ان وقت ملڪ۾اھڙيون ھنگامي
حالتون ھيون جو جناب ڀٽي کي پنھنجي پارٽيءَ جي منشور اسلامي مساوات تي عمل ڪرڻ لاءِ
غير معمولي اختيارن جي ضرورت ھئي، جيڪا طاقت عوامي ڀلائيءَ لاءِ کيس مارشل لا ئي
مھيا ڪري پئي سگھي، انھن اختيارن سان ئي ١٩٧٣جو متفق آئين قومي اسيمبليءَ مان منظور
ڪرايائين، ملڪ ۾انتظامي ۽ معاشي سڌارن سان گڏوگڏ ڀارتي وزير اعظم مسز اندرا گانڌي
سان شملا معاھدو ڪري ڀارتي قيد مان بنا ڪنھن شرط جي نوي ھزار جنگي قيدي۽ پنج ھزار
مربع ميل زمين آزاد ڪرايائين، جنگي قيدين جي با عزت واپسيءَ کانپوءِ پاڻ ملڪ جي اندرون
سڌارن ڏي ڌيان ڏنائين، جنھن۾سڀ کان اول انتظامي سڌارا آندائين، جنھن۾اول ٽي
سؤ۽پوءِتيرنھن سؤ راشي آفيسر لاٿائين۽نوڪريءَ
جي نئين سر جوڙ جڪ۽ درجه بندي ڪيائين۽صحيح ماڻھو صحيح جاءِ تي رکڻ جو آغاز ڪيائين،
ڀرتي۽ترقيءَ جا نوان قائدا ۽قانون جوڙيائين۽نوڪرين
کي قانوني تحفظ ڏيئي پگھارن۾وڇوٽيون ختم ڪيائين، ملڪ۾صدارتي بجاءِ پارلياماني نظام
رائج ڪيائين، غريب ملڪ ھوندي به ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايائين، ملڪ جي سموري نظام کي
پارليامينٽ ڏانھن جوابدار ڪيائين، ان سان گڏوگڏ معاشي سڌارن تحت ملڪ جي سڀني
مالياتي ادارن کي قومي ملڪيت۾وٺي ننڍن ادارن کي وڏن مالياتي ادارن ۾ضم ڪري کين
مالي خودمختياري ڏني، ملڪ جي ٽن انشورنس ڪمپنين کي ملائي ھڪ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن
آف پاڪستان نالي سان جوڙيائين، مالياتي ادارن۾ ڀرتيءَ جو نظام جوڙيائين۔ان کان پوءِ تعليمي سڌارن تحت
سڀني ننڍن وڏن خانگي تعليمي ادارن کي قومي ملڪيت ۾وٺي ھڪ نصاب لاڳو ڪري مئٽرڪ
تائين تعليم بلڪل مفت ۽ لازمي ڪيائين، ملڪ ۾نيون يونيورسٽيون، ڪاليج، ميڊيڪل ڪاليج،
ھنري ڪاليج، ڪيڊٽ ڪاليج، زرعي ڪاليج قائم ڪري تعليمي ادارن ۾شاگرد يونينون بحال ڪري
۽ شاگردن کي مثبت سياسي سرگرمين ۾حصو وٺڻ جو موقعو ڏنائين.
ملڪي تاريخ جا وڏي۾وڏا زرعي سڌارا
به جناب ڀٽي ئي آندا، جن۾زرعي زمين باراني پنجاهه ايڪڙ، نھري زمين پنجويھه ايڪڙ حد
مقرر ڪري ڇڏي، جنھن سان جاگيردارن ۽ وڏن زميندارن جي چيلھه چٻي ٿي پئي ان ڪري ئي
ھو اندروني طور جناب ڀٽي جا سخت مخالف ٿي پيا هو، فالتو ۽سرڪاري زمين بي زمين
ھارين ۾ورھائي جو کيڙي سو کائي تي عمل ڪرڻ کي اچي پھتو، ان کان علاوه ٻج ڀاڻ جي
خريداريءَ لاءِ ھارين کي بنئڪن مان بنا وياج قرض ڏياريائين.
زراعت کي فائدو ڏيارڻ لاءِ نوان
واهه ۽شاخون کوٽرايائين۽ سم ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سرڪاري ٽيوب ويل لڳرايائين، ننڍن آبادگارن
تان ڍل معاف ڪري ڇڏيائين، ملڪ ۾ آئيني سڌارا آڻي ملڪي ايڪائين کي خود مختياري ڏنائين،
جنھن جي سگھارين قوتن وڏي مخالفت ڪئي، پوليس کاتي ۾به ڪافي سڌارا آندائين، جنھن
تحت پوليس کي ڪافي سھوليتون ڏنائين، جنھن ۾پوليس کي عوام جو خادم ھجڻ قرار ڏنائين،
دفترن۾عملدارن کي عوامي کليون ڪچھريون قائم ڪرڻ جا حڪم ڏنائين، وزيرن۽ميمبرن کي ننڍن
وڏن شھرن۾عملدارن سان گڏجي کليون ڪچھريون ڪرڻ جو پابند ڪيا ئين، ملڪ ۾موجود ڪارخانن
کي قومي ملڪيت۾وٺي مزدورن کي انھن جو حصيدار بڻائي کين يونين سازيءَ جو حق ڏنائين.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جو سمورو
دؤر ڄڻ ته سڌارن جو دؤر ھيو، پر سندس شھادت کان پوءِ ابتو ڦيٿو ڦيرائي سندس ڪيل سڀ
سڌارا ختم ڪيا ويا، اڄ وري پيپلز پارٽيءَ لاءِ اھو لازم ٿي ويو آھي ته عوامي
مفاد۾پارٽي۽شھيد ڀٽي جي منشور تي سختيءَ سان عمل ڪري،
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
صدين تائين ياد رهندڙ
شخصيت
عبدالمجيد ملاح
سنڌو ماٿري جي ڪپ تي جنم ڏينهن
کان وٺي زندگي جي هنج ۾ سدا حيات رهندڙ شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو اڄ سنڌ ڄائي
ايشيا جي عظيم ليڊر ٽئين دنيا جو تصور ڏيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو جي ۹۴ جنم ڏينهن آهي. اچو ته سندس عظمت کي سلام پيش ڪريون.
هونئن ته سندس سياسي بصيرت جي مڃتا
ان وقت ٿي جڏهن ايوب خان جي حڪومت ۾ هو ننڍڙي عمر وارو وزير خارجه ٿيو هو. جڏهن هن
تاشقند ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هڪ جوشيلي انداز ۾
تقرير ڪئي ۽ ان تقرير ۾ پنهنجي اختلافي راءِ رکي ڪري ان ايجنڊا جي ڪاغذن کي ڦاڙي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي
اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري هليو ويو ان وقت
عوام لاءِ رسائي جو ذريعو صرف پرنٽ ميڊيا ۽ ريڊيو هئا جڏهن اها خبر نشر ٿي ۽
اخبارن ۾ شايع ٿي ته پوري ملڪ توڙي دنيا ليول تي ڀٽي صاحب جي اهڙي دليري کي
ساراهيو ويو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن کي
پيار مان ”ذوالفي“ به سڏيو ويندو هو. سندس ذهانت سبب سڀ کان وڌيڪ مضبوط ۽ بهادر پاڪستان
جو نمائندو ليکيو ويو. ان وقت سياسي حلقن ۾ هر طرف کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو
نالو اخبارن جون سرخيون بڻجندو هو ۽ سندس ڳالهين کي وزن ملندو هو. آخرڪار ان وقت ۾
پاڪستان جي حڪمران جنرل ايوب خان سان سندن جا سخت اختلاف ٿي پيا جيڪي وڃي سياسي
دشمني جو ڪارڻ بڻيا. جڏهن ته ايوب خان کي وڌيڪ خوار خراب ڪرڻ ۾ سندس فرزند گوهر
ايوب خان جو وڏو هٿ هو جنهن ملڪ اندر مداخلت ڪئي جنهن جي خبر ان وقت جي ماڻهن کي
هوندي، جنهن سان جنرل ايوب خان کي آخرڪار استعفيٰ ڏيڻي پئي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
باقاعده ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد
وڌو ۽ ملڪ ۾ عوام جي حقن جي لاءِ جاکوڙيو.
جڏهن ته ايوب خان جي مخالفت اڳ
۾ به هئي جڏهن صدارتي اليڪشن ٿي ته ان ۾ محترمه فاطمه جناح ايوب خان سان مقابلو ڪيو.
جنهن ۾ ڌانڌليون ٿيون ۽ ايوب خان اها اليڪشن کٽي ويو. بهرحال جڏهن ايوب خان ۽ ڀٽي
صاحب جا اختلاف ٿيا ۽ ڀٽي صاحب پاڪستان
پيپلز پارٽي نالي نئين سياسي جماعت ٺاهي ته سياسي ماحول ڪجهه اهڙو ٿي ويو جو ايوب خان اقتدار يحيٰ خان جي حوالي ڪري استعفيٰ
ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو .
يحيٰ خان جنهن صرف هڪ ئي چڱو ڪم
ڪيو ته ۱۹۷۰ع واري اليڪشن تمام فيئر (شفاف)
ڪرائي ان وقت اوڀر پاڪستان پڻ گڏ هو، اتي اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ شيخ مجيب
الرحمان ڪاميابي ماڻي ۽ اولهه پاڪستان ۾
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳواڻي ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي.
انهي دوران اقتداري ڪشمڪش واري صورتحال ۾ هندستان نازڪ سياسي حالتن مان فائدو وٺندي
پاڪستان سان جنگ شروع ڪري ڏني جنهن ۾ اسان کان اوڀر پاڪستان جدا ٿي ويو. هڪ لک
فوجي هٿيار ڦٽا ڪري هندستان جي جيلن ۾ قيدي ٿي ويا. اهڙي طرح سان اولهه پاڪستان ۽
اوڀر پاڪستان ۾ ٻه حڪومتون قائم ٿيون.
يحيٰ خان جنگ هارائڻ بعد حڪومت
ذوالفقار علي ڀٽو جي حوالي ڪئي ۽ ان وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صدر پاڪستان ۽ مارشل
لا ايڊمنسٽريٽر پڻ رهيو. ان وقت قانون ساز اسيمبلي ۱۹۷۳ع جو ملڪ کي متفقه طور هڪ آئين ڏنو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي وزيراعظم
چونڊيو ويو. هن لاءِ وڏو مسئلو پاڪستان جي هڪ لک فوجي قيدين جي آزادي جو هو ۽ هن ڳالهين
ذريعي هندستان سان شملا معاهدو ڪيو. ان ۾
جنگي قيدي جيڪي هڪ جنرل جي هٿان قيد ٿيا هئا. اهي به آزاد ٿي اچي ويا.
سال ۱۹۷۰ع جي اليڪشن ۾ ڪاميابي کانپوءِ سڄي صورتحال وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي
سر تي اچي وئي انهي دوران جنگي قيدين جي آزادي، متفقه آئين ٺاهڻ، مسلمان ملڪن جواسلامي
بلاڪ تشڪيل ڏيڻ، ختم نبوت جي مسئلي تي قاديانين کي غير مسلم قرار ڏيڻ جهڙن اهم
مسئلن کي ڀٽي صاحب نهايت ئي هوشياري ۽ ڏاهپ سان حل ڪيو ۽ ملڪ ۾ غريب هارين کي پنهنجا
حق ڏنا، اسلام ۾ جمعي جي ڏينهن جي تقدس کي خيال ۾ رکندي جمعي جي ڏينهن سرڪاري طور
عام موڪل ڪئي ۽ هن پاڪستان جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ايٽمي طاقت بنائڻ ڏانهن
وک وڌائي ۽ ڪاميابي ماڻي. جيڪا ڳالهه آمريڪي سامراجي حڪمرانن کي ڏاڍي ڏکي لڳي ۽
هنن ڏٺو ته جيڪڏهن اهڙو مدبر ليڊر ٽئين دنيا ۾ اڃان وڌيڪ وقت رهيو ته پوءِ انهن جي
مسلمان ۽ ٽئين دنيا جي غريب ملڪ تي اجاراداري ختم ٿي ويندي جنهن ڪري ذوالفقار علي ڀٽو
جي حڪومت خلاف آمريڪي سازشون وڌي چڪيون هيون ۽ انهيءَ جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ
جڙتو قتل ڪيس مڙهي، کيس ڦاهي جي تختي تي چاڙهڻ ۽ سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ جي سازش رٿي
وئي. آخرڪار اها سازش ڪامياب ٿي ۽ انهيءَ کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي
انهيءَ بهادري ۽ اصولي سياست ڪرڻ ۽ سامراجي قوتن جي آڻ نه مڃڻ ڪري تاريخ جو حصو بڻجي
چڪو آهي. سندس ڏنل نعرو ”جيئي ڀٽو“ اڄ به
عوام جي دلين ۾ موجود آهي. سندس شهادت کي ڪيترائي سال ٿي چڪا آهن. پر اڄ به ماڻهن
جي دلين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي محبت آهي، اچو ته اسين سڀ گڏجي ۰۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي سندس جي عظمت کي سرخ سلام
پيش ڪريون. سندس قرباني جي ڪري اڄ پاڪستان دنيا ۾ نالو آهي اهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو
۽ ڀٽو خاندان جي بي مثال قربانين جو نتيجو آهي اهڙو عظيم ليڊر جيڪو ايندڙ ڪيئي صدين
عوام جي دلين ۾ زنده جاويد رهندو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ذوالفقار علي ڀٽو
جيون ڪٿا
حميد ڀٽو
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن کي
ملڪ جي عوام سميت ايشيا ۽ اسلامي بلاڪ جو اڄ به هيرو تسليم ڪيو ٿو وڃي اهڙي عظيم
شخصيت شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي خاندان لاءِ تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ڀٽو خاندان اصل
۾ هندستان جي جيسلمير راجستان جو رهاڪو هو، جنهن مان هڪ شخص سهتو خان ڀٽو لڏ پلاڻ ڪري
لاڙڪاڻي ضلعي جي نئون ديرو لڳ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي هاڻوڪي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيو ۽ اتي
نئون ڳوٺ جوڙايو، جنهن ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش جي نالي سان مشهوري ماڻي ڇاڪاڻ ته سر
شاهنوازخان ڀٽو جي ڏاڏي مرحوم وڏيري خدابخش ڀٽو جي نالي سان ئي ڳوٺ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي.
سر شاهنواز خان ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه شاديون ڪيون پهرين گهرواري مان ٻه پٽ امداد
علي خان ڀٽو۽ سڪندر علي خان پيدا ٿيا، جڏهن ته ٻي گهرواري مان ذوالفقار علي ڀٽو۵ جنوري ۱۹۲۸ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والده
محترمه جو نالو خورشيده بيگم هو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽوجي تعليمي
ڪيريئر مطابق ڪيٿڊرل اسڪول بمبئي ۾سن ۱۹۳۷ع..کان
۱۹۴۷ع تائين، ان بعد يونيورسٽي آف
سدرن ڪيليفورنيا آمريڪا مان ۱۹۴۷ع
دوران تعليمي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي برڪلي ڪيمپس ۾۱۹۴۹ع دوران پوليٽيڪل سائنس ( آنرز) ۾ گريجوئيشن حاصل ڪرڻ بعد ۱۹۵۰ع دوران ڪرائسٽ چرچ ڪاليج (آڪسفورڊ) برطانيه ۾ ۱۹۵۰ع دوران داخلا ورتي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي برطانيه مان(آنرز گريجوئيشن )۱۹۵۲ع جي ڊگري حاصل ڪئي. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو تعليمي سرگرميون مڪمل ڪرڻ
بعد ايشا کنڊ سان تعلق رکندڙپهرئين شاگرد جي حيثيت سان برڪلي اسٽوڊنٽ ڪائونسل ۾ ۱۹۵۴ع دوران شامل ٿيو۽ ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۵۷ع دوران گڏيل قومن جي ڇهين ڪانفرنس
کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي اڳواڻي ڪئي ۽ سمنڊ جي قانون
۽ ان جي آزادي جي عنوان تحت ليڪچرڏنو، ان کان سواءِ ۱۹۵۸ع ۾ شاگردي واري عرصي دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هڪ
يادگار تقريرڪئي اهڙي تاريخي خطاب دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽوپنهنجي اصولن تي ڪاربند
رهندي پنهنجي ملڪ، خطي ۽ اسلامي دنيا سان ٿيندڙناجائزين تي چٽو موقف اختيار ڪندي ڪاوڙ
۾ اجلاس دوران ڪاغذ ڦاڙيندي اهو چئي اٿيو هو ته ”اسان هزار سال جنگ وڙهنداسين“، جڏهن
ته شاگردي واري دور ۾ پنهنجي ڌرتي سان بي حد پيار ڪندي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽوپنهنجي
ذهانت تحت ننڍي کنڊ جي آزادي لاءِ هلندڙ تحريڪ دوران قائد اعظم محمد علي جناح ڏانهن
خط لکيو هيو، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجو موقف اختيار ڪندي لکيو هيو ته” جيئن
ته مان هينئر اڃان اسڪولنگ ڪري رهيو آهيان ۽ پاڪستان ٺاهڻ ۾ مان ڪابه مدد ڪري نه ٿو
سگهان پر ايندڙ وقت ۾ مان پنهنجي ملڪ لاءِ جان به قربان ڪندس“ذوالفقار علي ڀٽو
قائد اعظم کي لکيل پنهنجي اظهار کي عملي طور تي ثابت ڪري تاريخ جي ورقن ۾ امر بڻجي
ويو. ذوالفقار علي ڀٽو ڪجهه عرصو سنڌ مسلم ڪاليج ۾ بحيثيت ليڪچرار۱۹۵۴ع رهيو جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو وڪيل رام چنداڻي سان وڪالت پڻ ڪئي.
ڀٽي سياست جي باقائده شروعات اسڪندر
مرزا جي دور ۾ ڪئي هئي.ذوالفقار علي ڀٽو وزارت خارجه تان استيفعا ڏئي ۽ لاهور ۾
پارٽي ٺاهڻ لاءِ ڪنوينشن گهرايو پر ان وقت صدر ايوب خان ۱۴۴ جو قلم لاڳو ڪري ڇڏيو جنهن ڪري لاهور ۾ عام جلسو ڪرڻ جي اجازت نه هجڻ جي ڪري
ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر ۾ ۳۰ نومبر
۱۹۶۷ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاهي
وئي. ( جڏهن ته پارٽي لاءِ ٽي نالا تجويز ڪيا ويا هئا. نمبر پهريو پيپلز پروگريسو
پارٽي نمبر ٻيون پيپلز سوشل پارٽي. نمبر ٽيون پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پوءِ آخري
نالو چونڊيو ويو۽ پارٽي جوجيڪومنشور ڏنو ويو ان ۾ اسلام اسان جو دين يقين، جمهوريت
اسان جي پاليسي، طاقت جو محور، سرچشمو عوام، آهي ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت ۾واپار جو
وفاقي وزير ۱۹۵۸ع انفارميشن جو وفاقي وزير ۱۹۵۹ع پيٽرول ۽ توانائي جو وفاقي وزير ۱۹۶۰ع وزير خاجه ۱۹۶۳ع تا ۱۹۶۶ع صدر پاڪستان ۲۰ڊسمبر ۱۹۷۱ع تا ۱۳ آگسٽ ۱۹۷۳ع وزيراعظم پاڪستان ..۱۴ آگسٽ ۱۹۷۳ع تا ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع ڀٽي جي دور حڪومت جا اهم ڪارناما اهم صنعتي ادارن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ
جو فيصلو ۳جنوري ۱۹۷۲ع مزدور جي حقن لاءِ پاليسين جو اعلان ۱۰فيبروري ۱۹۷۲ع اولڊ ايج بينيفٽ وغيره سوشل
سيڪيورتي اسپتال جو قيام لينڊ ريفارمز ۱مارچ۱۹۷۳ع شملعه معادي تي دستخط مارشل
لاءِ ختم ڪرڻ جو علان ۲۱اپريل ۱۹۷۲ع ۱۹۷۱ع جي جنگ ۾ ۹۰هزار پاڪستاني فوجين کي هندستان جي قيد مان آزاد ڪرائڻ ۽ قبضو ڪيل ايريا
واپس ڪرائڻ ( جنهن ايريا جي ڪري ۱۰لک ماڻهون
اسان جا پاڪستاني هندستان وٽ وڃن پيا ) نيشنل بوڪ فائونڊيشن جو قيام ۲۴سيپٽمبر ۱۹۷۲ع، ڪراچي ۾ پاڪستان جي وڏي نيو ڪليئر
پاور پلانٽ جو افتتاح ۲۸نومبر ۱۹۷۲ع، اين ڊي ايف سي جو بنياد ۵فيبروري
۱۹۷۳ع، قائداعظم يونيورسٽي جو بنياد
۹فيبروري ۱۹۷۳ع، پاڪستان جي آئين جي گڏيل منظوري ۱۲اپريل ۱۹۷۳ع، پورٽ قاسم اٿارٽي جو بنياد ۲۷جون ۱۹۷۳ع، پاڪستان اسٽيل مل جو بنياد ۳۰دسمبر ۱۹۷۳ع، بينڪن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ
جو علان۱جنوري ۱۹۷۳ع، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو بنياد ۲۱مئي ۱۹۷۴ع، لاهور ۾ اسلامي سربراهه
قانفرنس سڏائڻ ۲۲فيبروري ۱۹۷۵ع ( جنهن ۾ پوري دنيا جا مسلم حڪمران هت پاڪستان ۾ گڏ ٿيا هئا ) پاڪستان ۾
پهرين سيرت ڪانفرنس جو بنياد ۳مارچ ڊسمبر
۱۹۷۴ع ۾ ڊاڪٽر قدير خان کي فيملي
سميت گهرائڻ ۽ ايٽمي پروگرام لاءِ ڪم شروع ڪرائڻ. شلوار قميص کي قومي لباس جو درجو
ڏيارڻ ( جڏهن ڪراچي جي فائيو اسٽار هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ شلوار قميص ۾ اچڻ منع هو پر ڀٽي
ان کي قومي لباس جو درجو ڏياريو ) ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي ڪرائڻ
شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻو ۽ ميڊيڪل ڪاليج نوابشاه قائم ڪرائڻ قطر، لبيا، ۽ سعودي عرب
۾ پاڪستانين جي روزگار لاءِ آسانيون پيدا ڪرائڻ ذوالفقار علي ڀٽو جو نعرو. روٽي ڪپڙا
اور مڪان هو ڀٽي جو دور حڪومت سان ماڻهن جو اميدون هيون.
پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي
ته ڀٽو جي حڪومت ايترو وقت نه هلي سگهي جو ڀٽو عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ها، دشمنن
کيس عوام کان پري ٿي رکڻ چاهيو ان ڪري کيس گهڻو وقت هلڻ نه ڏنو ويو ۽ ڀٽي جو اهيو
نعرو روٽي ڪپڙا اور مڪان پورو ٿئي نه
سگهيو.ذوالفقار علي ڀٽو ذهين هجڻ جي باوجود به هڪ تمام وڏي غلطي ڪئي ۽ هڪ چالاق، ۽
ڌوڪيباز شخص جنرل ضيا کي پنج سينئرماڻهن کان ڪراس ڪرائي کيس پاڪ فوج جو چيف مقرر ڪيو.
۽ کيس مٿان اعتبار ڪيو پر انهيءَ شخص ذوالفقار علي ڀٽو کي ڌوڪو ڏنو ۽ ڀٽي جي زندگي
ختم ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽوکي ملڪ ڇڏڻ جي آڇ يا موت قبولڻ جو چيوويوپر ڀٽو جيل ۾ هو
ته اتي هڪ فوجي جنرل پڻ موڪليو ويو، جنهن ڀٽي صاحب کي اهو چيو ته جيڪڏهن تون ملڪ ڇڏي
وڃين ته ان جو بندو بست ڪيو وڃي ۽ تون اهڙي ريت زنده بچي ويندين، پر ذوالفقار علي ڀٽي
ان جنرل کي اهيو چئي واپس ڪري ڇڏيو ته پاڪسان منهنجو ملڪ آهي. منهنجي ڌرتي آهي مان
مرندس به هتي ۽ جيئندس به هتي توهان کي جيڪي ڪرڻو آهي سو ڪيو مان پنهنجي ڌرتي، پنهنجو
ملڪ، پنهنجو وطن نه ڇڏيندس ۽ ڀٽي پنهنجي جان ته قربان ڪئي پر پنهنجي ڌرتي نه ڇڏي.
(جيئن ٻيا ڇڏي ويا هئا) ذوالفقار علي ڀٽو جون گرفتاريون: پهرين گرفتاري. ۱۲نومبر ۱۹۶۸ع تي حڪومت خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ
جي الزام هيٺ ڪئي وئي. جولاءِ ۱۹۷۷ع تي
ملڪ ۾ جنرل ضياءَ مارشل لا لڳائي قومي اسيمبليون، صوبائي اسيمبليون ختم ڪري پاڻ
چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر صدر مقرر ٿئي ۽ ڀٽوکي گرفتار ڪرايو. تنهن کان پوءِ ۲۸ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.ان کان
پوءِ ۳ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي کيس ڪلفٽن ڪراچي واري رهائش گاه تان گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس مٿان ڪوڙو ڪيس
مڙهيو ويو ۽ ۱۳سيپٽمبر تي ۱۹۷۷ع تي وري ٻيهر آزاد ڪيو ويو. ۱۷سيپٽمبر۱۹۷۷ع تي وري ڀٽو کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو ويو، ۽ انهي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان
جسٽس يعقوب علي خان کي پڻ ان ڪري هٽايو ويو جو هن نصرت ڀٽو جي مارشل لا لڳائڻ خلاف
درخواست جي ٻڌڻي منظور ڪري ورتي هئي. ۽ ۹ آڪٽوبر۱۹۷۷ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ضمانت
جي درخوست رد ڪئي وئي. ۽ سپريم ڪورٽ جي ڦل بينچ جو سربراه رٽائر جج مولوي مشتاق کي
بنايو ويو. (جيڪو ڀٽي سان اصل ڪو نه ٺهندو هو جنهن ڀٽي کي چيو هو ته سپريم ڪپرٽ جو
چيف جسٽس مون کي مقرر ڪر۽ ڀٽي هن کي اهيو چئي انڪار ڪيو هو ته تون ان جو اهل ناهين
۽ مولوي کي اها به وڏي باهه هئي ڀٽي جي مٿان) ۽ ان ڇهه مهينن جي ڪاروائي اندر ڀٽي
صاحب کي ۱۸ مارچ ۱۹۷۸ع تي ڦاسي جي سزا ٻڌائي. پوءِ ۲۵ مارچ ۱۹۷۸ع تي سزا معاف ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي، انهيءَ دوران ٻه جج رٽائر ٿئي ويا.
۽ ست ججن مان ٽن ججن ڀٽي جي سزا کي رد ڪري ۽ معافي جي درخواست کي منظور ڪري ڇڏيو، پر
چار ججن ڀٽي جي ڦاسي جي سزا کي بحال رکيو ۽ معافي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. ۲۴ فيبروري ۱۹۷۹ تي ملڪ جي صدر فضل الاهي کان پڻ
ان ڪري استيعفا ڏياريو ويو جو هن ڀٽو جي ڦاسي واري سزا تي دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو هو، ڀٽي کي سزا کانپوءِ ۲۴ فيبروري
۱۹۷۹ع کان ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تائين ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو.
۽ کيس طرحين طرحين جو تڪليفون ڏنيون ويون. ذوالفقار علي ڀٽوجي آخري ملاقات ۳اپريل ۱۹۷۹ع تي سندس گهرواري نصرت ڀٽو ۽
نياڻي بينظير ڀٽو سان ڪرايي ويي، جڏهن ڀٽي ٻنهيءَ کي ملاقات تي گڏ ڏٺو ته هڪ دم
انهن کان پڇيائين ته اڄ آخري ملاقات آهي ڇا جو توهان ٻئي گڏ آيون آهيو، ۽ هنن جڏهن
چيو ته ها ته ڀٽي جيلر کان تصديق ڪئي ۽ جڏهن جيلر کيس اهيو يقين ڏياريو ته ها اڄ
اها آخري ملاقات آهي. ۽ سڀاڻي ڦاهي ڏني ويندي، تنهن کان پوءِ ڀٽي صاحب پنهنجون ڪجهه
شيون سگار، ۽ ڪتاب وغيره هنن کي ڏنا، ۽ جيلر کي چيو ته منهنجي شيو جو بندوبست ڪيو
وڃي۔ ڇو جو هي دنيا هڪ خوبصورت دنيا آهي، ۽ مان خوبصورت واري حالت ۾ هي دنيا ڇڏڻ
چاهيان ٿو۔ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل ڪيس جي الزام ۾ ۴ اپريل ۱۹۷۹ تي ڦاهي ڏني وئي ڀٽو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
قائد عوام شهيد ذوالفقار
علي ڀٽي جي سالگرهه
ڊاڪٽر امانت علي
جلباڻي
ذولفي ڀٽو، شعور سنڀالڻ کان وٺي
ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻ تائين هن جي سموري زندگي جو هڪ هڪ ڏينهن
هڪ عظيم داستان رقم ڪري ويو آهي. هو جيڪو ديس جو اهڙو جادو جنتر هو جنهن جي لفظ
لفظ ۾ بارود جا شعلا هئا، جنهن جي لفظ لفظ ۾ معصوم ادا هئي ۽ جنهن جي لفظ لفظ ۾
صدين جي ڪا اهڙي صدا هئي جنهن تي ماڻهو ماڻهو فدا ٿيڻ ٿي چاهيو.ان وقت جي ٿر جهڙي
پوئتي پيل علائقي کي عام معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ضرورتمند عام شهرين ۾ ريڊيو
ورهائيندڙ قائد عوام، لڙوگي؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي“: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي
ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هيا ۽ موٽ ۾ ان
ئي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو.
پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد
رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام
جي نالي سان قائم ڪندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي روٽي ڪپڙا
اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ۽
وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ
ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي، هن جي طلسماتي شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾
عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت
جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي
تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪارڪنن هزارين قربانيون ڪن قيد جون
عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني، ڪن موت جي ڦاهيءَ کي چميو ته ڪن وري پنهنجي سينن
تي گوليون کاڌيون ۽ ڀٽي صاحب جي مٿين نعري ۽ ان جي موٽ ۾ ڪيل واعدي تي پنهنجي ثابت
قدم هجڻ جو ثبوت ڏنو.
”مون کي ڪوبه جلاوطن نٿو ڪري
سگھي، مان ھن مٽيءَ جي پيدائش آھيان ۽ ھتي ئي دفن ٿيڻ پسند ڪندس“ جا جملا اچاريندڙ
۵ جنوري ۱۹۲۸ ۾ مٺن زيتونن جي سرسبز باغن جي وچ ۾ اک کوليندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي تعليم
۽ سياسي تربيت جو آغاز ڪجهه اهڙي طرح ٿي ته المرتضيٰ هائوس جي فضا ۾ ان کي ٻڌايو
ويو ته ڊڄڻو صرف خدا جي ذات کان آهي باقي دنيا جي فرعونن ۽ نمرودن سان وڙهي عوام
جا حق بازياب ڪرائڻا آهن. سنڌ، ڪئليفورنيا يونيورسٽي، برڪلي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾
تعليم حاصل ڪندڙ ۽ لنڪنز انورڊ ۾ بارسٽر جي حيثيت سان تربيت حاصل ڪندڙ ڀٽي صاحب ننڍي
عمر ۾ قائد اعظم سان خطن ذريعي، اعليٰ تعليم جي حاصلات سان گڏو گڏ دنيا جي معيشت ۽
سياست جي لاهن چاڙهن کي به معلوم ڪيو. اسلام ۽ اولهه مان ڄاڻ حاصل ڪئي. هن سوشلزم
۽ جمهوريت جا راز کوليا ۽ ننڍي عمر ۾ جڏهن ان سياسي بلوغت حاصل ڪئي تڏهن کان وٺي
هن عملي طور تي عوام سان اڻٽٽ رشتو جوڙيو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوامي
طبقن مزدورن، صحافين، وڪيلن، استادن، پروفيسرن، شاگردن، هنرمندن ۽ قلم ڌڻين جي
تمام ويجهو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جهڙي مضبوط طاقت کي اڃا به وڌيڪ
مضبوط ڪيو ۽ پهريون ڀيرو سياست کي ايئرڪنڊيشن ايوانن مان ڪڍي عوام جي جهوپڙين تائين
پهچايو. هن انساني حقن مرد، عورتن ۽ اقليتن جي مسئلن، تعليم، صحت ۽ زراعت جي ترقي
تي خاص ڌيان ڏياريو. ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، جنگي قيدين کي ڀارت جي چنگل مان
آزاد ڪرايو. وطن کي آئين جو تحفو ڏنو. اسلامي ملڪن جي عالمي ڪانفرنس منعقد ڪئي. ٻهراڙي
جي آبادي کي مراعتن، تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعي موقعا فراهم ڪيا. سندس هر تقرير
۾ غريبن ۽ مسڪينن جي ڳالهه ڪيل هوندي هئي يعني هارين توڙي مزدورن جو ذڪر لازمي
هوندو هو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي هر تقرير ۾ غريب عوام کي اهو احساس ڏيارڻ
جي ڪوشش ڪئي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. دوست توڙي دشمن اها ڳالهه ضرور مڃيندا
ته عوام ۾ سياسي سجاڳيءَ وارو انقلاب صرف ۽ صرف شهيد ڀٽي جي ڪوششن جو نتيجو آهي نه
ته ان کان اڳ، عوام سياست ۾ سرگرم حصو ڪونه وٺندو هو ۽ نه ئي اميدوار عوام ۾ اچي ڳالهائڻ
پسند ڪندا هئا جڏهن ته ماڻهن جي، ووٽن وجھڻ ۾ ڪا خاص دلچسپي به ڪانه هوندي هئي، ٻين
جا ڪوڙا ووٽ وجھڻ جو ته عام رواج هوندو هو. پوءِ، شهيد ڀٽي سياسي سجاڳي وارو طوفان
ملڪ اندر آندو جيڪو ڏسنديَ ڏسنديَ ساري ملڪ اندر ڇانئجي ويو جڏهن ته غريبن، هارين
۽ پورهيتن کي احساس ٿيو ته هو پنهنجي قسمت ووٽن ذريعي بدلائي سگھن ٿا.
ذولفي ڀٽو هڪ عوامي شخص ۽ عوامي
ليدر هو ( اها ڀٽي خاندان جي وڏي خوبي آهي جو هن خاندان جا ماڻهو هميشه عوام سان رهندا
آهن پوء ڇو نه موت اچي ورائي محترمه جي شهادت به عوام جي وچ ۾ ٿي.) ڀٽو صاحب عوام
سان هميشه عوامي ٻولي ۽ عوامي انداز سان ڳالهائيندو هو. ۽ انهن ۾ رلي ملي ويندو هو
۽ هر ماڻهون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسان جو ڪو پنهنجو گهر جو ڀاتي آهي. اهيو
شايد ڀٽي صاحب جو ڀاڳ چئبو جو مرد عورتون ننڍا وڏا پوڙها ۽ ٻار کيس ساڳي محبت سان
ياد ڪندا آهن، توهان ڏٺو هوندو ته سنڌ ۾ جيڪو ٻار اهيو به نه ٿو ڄاڻي ته سياست ڇا
آهي حڪومت ڇا آهي پارٽي ڇا ٿيندي آهي، پر اهو ٻار به پيو چوندو آهي جيئي ڀٽو. قائد
عوام جا جلوس جلسا ۽ عوام جو سمنڊ شايد ڀٽو
صاحب اهو پهريون ليڊر هو جنهن جا ايڏا وڏا جلوس جلسا ٿيندا هئا ۽ ڀٽي صاحب جي جلسي
۾ عوام جو سمنڊ نظر ايندو هو توهان کي يقين نه اچي ته توهان پاڻ ڀٽو صاحب جي جلسن
جون وڊيو ڏسي سگهو ٿا. ڀٽو صاحب اهو واحد ليڊر هو جنهن سياست کي بند ڪمرن مان ٻاهر
ڪڍي کليل روڊ رستن تي آندو ۽ عوام کي ڳالهائن جو حق ڏنو ۽ شعور ڏنو.
ذوالفقار علي ڀٽو نه صرف ملڪي
وحدت جو مرڪزي نقطو ھو پر هن مملڪت خداداد پاڪستان جي ضمانت به ھو. پوءِ به جيڪڏهن
سندس قائم ڪيل پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ نين ڪيترن ئي قومي صنعتي، ترقياتي،
تعليمي، طبي ۽ تحقيقي ادارن طرف ڌيان ڏنو وڃي ته اهو معلوم ٿيندو ته ايشيا جو هي
ذهين ترين انسان ملڪ کي ڪنهن انقلابي ترقي طرف وٺي وڃي رهيو هو. جتي خوشحالي، امن
۽ احساس ذمه داري ظاهر ٿيندي هجي. نه صرف هن پاڪستان کي خوشحالي ڏني پر عالمي
انساني برادري وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي. اسلامي ملڪن جي ٻڌي
طرف توجهه ڏني. فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن کي باقاعده اجاگر ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي
ڀٽو کي سڄي دنيا ۾ زيادتي، بک، جهالت، ڪنهن فرق ۽ تنگ نظري نظر آئي ته هو رڙ ڪري اٿيو.
ملڪ جي ايوانن اندر آواز بلند ڪيو. عالمي سطح جي هر محاذ تي جنگ وڙهي مظلوم عوام
کي رليف ڏنو. هُو هيو ئي ذوالفقار.....! جهالت ۽ گمراهي جي وچ ۾ ٽپي پيو، هر جڳهه
تي حب الوطني، روشن خيالي ۽ ترقي پسندي کي عام ڪيو. هن ڪيترن ئي ادارن کي قومي
تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هن اصل ۾ ڪجهه گهرن جي حاڪميت کي ختم ڪري هڪ اهڙو خوشگوار ماحول
پيدا ڪرڻ چاهيو جنهن ۾ رياست عوام جي سمورن حق جي حفاظت جي ضمانت ڏئي سگهي. ان
لاءِ ايوانن کي عزت ۽ وقار کي مرڪز بڻائي ڇڏيو. ملڪي تاريخ جي نشيب و فراز ۾ عالمي
طاقتن جي رسا ڪشي ڪنهن کي ڳجهي ناهي؟ ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ بدترين خون خرابي جي شروعات
افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي آمد ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ايران اندر شهنشاهيت جي خاتمي
کانپوءِ اسلامي انقلاب ڪاميابي ماڻي.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت
کي ختم ٿئي تقريبن ۴۲ سال
گذري چڪا آهن پر شهيد ڀٽي جي محبت ۾ ڪابه ڪمي ناهي آئي، جڏهن ته آمر ضياءَ کي ماڻهو
خراب نالن سان ياد ڪندا آهن. جنرل ضياءَ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي تختي
تي چاڙهي وڏو ظلم ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ويو جو ڀٽي صاحب جي وارثن يعني
مرحوم بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد سميت ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڀٽي
صاحب جو آخري ديدار نه ڪرايو ويو. بهرحال الله تعاليٰ وٽ به انصاف آهي. جڏهن ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي جنرل ضياءُ جو جهاز تباهه ٿيو
ته هن جا هڏا به مالڪن کي نه مليا. جڏهن جنرل ضياءَ جي تابوت کي ان جي گهر وارن جي
سامهون رکيو ويو ته ان جا وارث فقط روئيندا ۽ پٽيندا رهيا، پر ان جو آخري ديداربه ڪري
نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته قدرت ان جو اهڙو حشر ڪري ڇڏيو جو ڪوبه شخص ان جي ”ميت“ کي ڏسڻ
لاءِ تيار نه هو.
اڄ وطن کي قائد عوام شھيد
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي شخصيت، ۽ ان جي نظرين جي وڌيڪ ضرورت آهي. ڪاش! تاريخ ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي رياستي دهشتگردي ۽ شامي ۽ ڪوفي
حڪومت جي بدترين عمل جو نوٽيس ورتو وڃي ها ۽ قاتلن کي سرعام سزا ڏني وڃي ها ته شايد
اسان جي قوم کي ايترو ناقابل تلافي نقصان نه پهچي ها. پشاور جا ٻارڙا شهيد نه ٿين
ها. هزارين شهرين جا گهر نه اجڙن ها. امڙيون بيواهه نه ٿين ها. ذلفي هڪ نظريي، هڪ
مشن، هڪ حسين جذبي، هڪ جهد مسلسل، ۽ روايت ٽوڙيندڙ هڪ عزم جو نالو آهي، روٽي ڪپڙا
اور مڪان” هن جو نعرو هو ۽ هن عوام کي طاقت جو سرچشمو، سوشلزم کي معيشت ۽ جمهوريت
کي منزل ڪوٺيندي اسلام کي پنهنجو عظيم دين قرار ڏنو ۽ چيو ته، مون سين هلي سا، جا
جيءَ مٺو نه ڪري.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ذوالفقار علي ڀٽو
مقبول ترين ليڊر
اسحاق سومرو
ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به پاڪستان
جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده ليڊر آهي، جنهن کي صرف ۵۱
سالن جي عمر ۾ ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاسي ڏني
وئي. هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ تمام وڏيون ڪاميابيون ماڻيون. هن پنهنجي ۵۱ سالن جي مختصر زندگيءَ ۾ جيتري مقبوليت ۽ شُهرت ماڻي ايتري مقبوليت شايد
ئي دنيا جي ڪنهن ليڊر کي نصيب ٿي هجي. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي والد سر شاهنواز ڀٽي
جي ٻيو نمبر گهرواري لکي ٻائي عرف خورشيد بيگم مان ۵ جنوري ۱۹۲۸ع تي پيدا ٿيو. لکي ٻائي پونا
هندستان جي هڪ عام گهراڻي جي عورت هئي ۽ هو هڪ غريب ماءُ جو عظيم پٽ هو. سندس
والده کي ڀٽن جي جاگيردار قبيلي ۾ سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو هو، اهو ئي سبب هو جو
ذوالفقار علي ڀُٽي کي پنهنجي ماءُ سان بيحد پيار ۽ سندس خيال ۽ اونو رهندو هو ۽
انهيءَ جي ئي ڪري هو هن ملڪ جي غريبن ۽ اٻوجهه عوام جو ليڊر بڻيو.
هن پنهنجي روايتي سنڌي
جاگيرداريءَ واري طاقت جي سهاري اقتدار نه ماڻيو، پر هو پنهنجي ئي طبقي جو غير روايتي
فرد ثابت ٿيو، جنهن پنهنجي سياسي بصيرت سان جاگيرداري نظام ۾ انتشار پيدا ڪري
اقتدار حاصل ڪيو ۽ سندس ڦاسي تي چڙهڻ ۽ آمر حڪمران جي آڻ نه مڃڻ واري عمل کيس تاريخ
جي ورقن ۾ امر بڻائي ڇڏيو. اڄ به ملڪ ۾ هڪ طرف ڀٽو دشمني ۽ ٻئي طرف ڀٽو دوستيءَ
واري فضا آهي. ڀٽي جو خوف واري مرض يعني (ڀٽو فوبيا) جنهن ۾ ڀٽو جا مخالف مبتلا
آهن. ٻئي طرف ڀٽو جو جنون يا) ڀٽو فيليا (ڀٽي جي عشق ۾ ديوانا آهن. پاڪستان جي
سياست کي سمجهڻ لاءِ به ڀٽو کي ئي سمجهڻو پوندو. ان جي شخصيت ۽ ڪردار کي سمجهڻ لاءِ
ان جي چوڌاري تاريخي ۽ سماجي پهلوئن کي به سمجهڻو پوندو ته ڀٽو ۽ سندس پارٽي اڄ به
مقبول ڇو آهي؟ جو ملڪ جون فسطائي، بنيادپرست قوتون ان جون مخالف آهن.
ذوالفقار علي ڀٽو جيڪڏهن صرف
جاگيردار يا وڏيرو هو ته پوءِ اڄ به عام ماڻهو ۽ هاري کيس ڇو ٿا ياد ڪن ۽ ان سان
پيار ڪن؟ انهيءَ لاءِ ته ڀٽي ماڻهن کي زبان ڏني. کين سندن عزت جو احساس ڏياريو.
ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دؤر ۾ کليل ڪچهرين جو رواج وڌو انهن کليل ڪچهرين ۾ ڀٽو
انهيءَ عوام جي اڳيان انهن جاگيردارن ۽ ڪامورن کان پڇاڻو ڪندو هو، جنهن سان صدين
کان پيڙهيل هاريءَ کي خوشي ٿيندي هئي ته اسان جون بيعزتيون ڪندڙن لاءِ ڪو ته آهي، جيڪو
انهن کي بيعزتو ڪري ٿو، جيڪا عوام لاءِ هڪ نفسياتي برتري هئي. ان سان کين نجات جو
احساس پيدا ٿيو ۽ اُهي کليون ڪچهريون مقبول عام سياسي فورم هونديون هيون، جنهن ذريعي
وري فڪري انقلاب شروع ٿيو ۽ ماڻهن اُهو علامتي نعرو هڻڻ شروع ڪيو ته ڀَتُ وڏيري جو
۽ ووٽ ڀٽي جو، جنهن درحقيقت ان وقت جي جڙتو قوتن جي خلاف عوامي مزاحمت جو اظهار ۽ ڀٽي
کي پنهنجي مزاحمت جي علامت بنائي ڇڏيو.
ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي بنياد وجهڻ ۱۹۶۷ع کان
وٺي ۱۹۷۹ع تائين صرف ۱۲ سال مليا، جنهن ۾ هن عوام کي زبان ڏيڻ سان گڏ اقتدار به ماڻيو. ملڪ کي
ترقي ۽ خوشحالي ڏني ۽ پنهنجي پارٽي ٺاهڻ کانپوءِ جي ۱۲ سالن جي مختصر عرصي ۾ عالمي قوتن، جنرلن ۽ ججن جي گڏيل سازشن ذريعي نه رڳو
کيس اقتدار کان محروم ڪيو ويو، پر کيس سوليءَ تي چاڙهيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو جو ڄم
ته سنڌ جي هڪ جاگيردار گهراڻي ۾ ٿيو پر سندس والده جي غريب هجڻ واري احساس ۽ پيءُ
جي تربيت کيس روايتي جاگيرداراڻي سياست کان پاسيرو رکيو ۽ هو پنهنجي طبقي جي هڪ
باغي سياستدان جي حيثيت سان سامهون آيو. هن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ته آئون دولت جو
لالچي نه آهيان، مون قومي خزاني مان هڪ روپيو به غير ضروري خرچ نه ڪيو آهي، زرعي سڌارن
۾ منهنجي خاندان جي هزارين ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي وئي آهي.
مون وٽ ايٽم بم جي طاقت کان به
وڌيڪ عوام جي طاقت آهي، مون جمهوريت ۽ سوشلزم لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. ان لاءِ مون
پنهنجي جاگيرداريءَ واري حيثيت کي ٿڏي ڇڏيو آهي. آئون سوشلسٽ آهيان، هڪ ايماندار
سوشلسٽ جيڪو پنهنجي آخري ساهه تائين هتان جي غريبن لاءِ لڙندو. آئون هر قرباني ڏيڻ
لاءِ تيار آهيان، پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جون زندگيون به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان،
آئون قتل ٿيڻ کان هرگز نٿو ڊڄان ۽ ائين چوندي هن پنهنجي شرٽ جا بٽڻ کولي ڇڏيا ۽ للڪاريندي
چيو ته اچو گوليون هلايو، آئون تيار آهيان، ماڻهن جي خاطر جيڪڏهن هڪڙو ڀٽو قتل به ٿي
ويو ته هزارين ڀٽا پيدا ٿيندا. ۽ آخرڪار هن جا اُهي لفظ ۽ تقريرون سچ ثابت ٿيون، هن
نه رڳو پنهنجي جان قربان ڪئي پر سندس عوام سان ڪيل واعدو به پورو ٿيو، سندس اولاد
به سندس پيروي ڪندي ۽ انهن ساڳين ئي قوتن سان ويڙهاند ڪندي ماريو ويو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي اُها
مقبوليت ۽ ارڏائي طاقتور اسٽيبلشمينٽ، فوجي جنرلن، مذهبي جماعتن ۽ ججن کان به
برداشت نه ٿي سگهي جو کيس ۵ جولاءِ
تي فوجي بغاوت جي ذريعي اقتدار تان هٽايو ويو. هن کي قتل جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ جيل ۾ وڌو
ويو. سندس مٿان ڪيس ڪنهن ننڍي عدالت جي بجاءِ سڌو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هلايو ويو، سندس
ضمانت منظور ڪندڙ جج جسٽس صمدانيءَ کي لاهور هاءِ ڪورٽ مان هٽائي جنرل ضياءُ الحق
پنهنجي ويجهي دوست مولوي مشتاق کي مقرر ڪرايو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي مولوي مشتاق
سميت سڀني ججن ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي. اپيل سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي ته ٻن ججن کي
جبري طور تي هٽايو ويو. ڀٽي کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائيندڙ ۷ ججن مان ٽن غير پنجابي ججن جسٽس دوراب پٽيل، جسٽس صفدر علي شاهه ۽ جسٽس حليم
کيس بري قرار ڏنو.
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي
راولپنڊيءَ جي جيل ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو هو ته جنرل ضياءُ الحق پنهنجي ٽن سنڌي
همدرد سياستدانن سان مشورو ڪيو هو ۽ کانئن صلاح ورتي هئي ته مون ڀُٽي کي ڦاسي ڏيڻ
جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي مشورو ڏيو ته ڀُٽي جي لاش کي ڪنهن اڻڄاڻايل هنڌ تي
دفن ڪيو وڃي، سندس لاش کي سمنڊ حوالي ڪيو وڃي، يا وري وارثن جي حوالي ڪيو وڃي، جنهن
تي سندس ٻن دوستن کيس لاش مائٽن حوالي ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، جڏهن ته سندس ٽئين گهڻ
گهري دوست کيس صلاح ڏني هئي ته ڀُٽي جي لاش کي سنڌ کان ٻاهر پشاور ۾ دفنايو وڃي.
تنهن ڪري ملڪي ليول توڙي سنڌ ۾
به اڄ ڀٽو دوستي ۽ ڀٽو دشمني واري سياست آهي، ڀٽي جي قرباني ۽ سندس خاندان جون
قربانيون ۽ عوام کي زبان ۽ سياسي شعور ۽ سگهه ڏيڻ واريون خوبيون پاڪستاني سياست جو
محور آهن. ذوالفقار علي ڀُٽي يقينن پنهنجي دؤر ۾ چڱن ڪمن سان گڏ غلطيون به ڪيون، جيڪي
پڻ تاريخ جو حصو آهن، پر ڀٽو فيڪٽر اڄ به هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي حقيقت آهي، جيستائين
هيءُ ملڪ قائم آهي، تيستائين اُهو فيڪٽر موجود رهندو، جنهن ڀٽي کي جسماني طور تي ڳڙهي
خدا بخش جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو پر اڄ به هن جي چاهيندڙن ۾ ڪا به ڪمي نه
آئي آهي
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
مون شھيد ذوالفقار علي ڀٽي بابت سنڌي اخبارن ۾ کوڙ آرٽيڪل لکيا آھن خاص ڪري روزاني سوڀ ۽ سنڌ ايڪسپريس ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۾.افسوس اوھان ڪنھن جو بہ حوالو ناھي ڏنو.
ReplyDeletemksial@gmail.com
ReplyDelete